ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

1

هر طرف رنگ برنگي لباس اوڍيل ناريون ڪن جي هٿن ۾ برش ڪينواس ۽ ايزل جي سامهون پنهنجي ٺاهيل تصوير جي نوڪ پلڪ سنوارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ته ڪي پٿر ۽ ميڻ جي تراشڻ جا قلم کنيو پنهنجي پنهنجي گھڙيل مورتن کي غور سان نهاريندي انهن جي نقش و نگار کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي پنهنجي پنهنجي ڪاوشن ۾ رڌل هيون.
لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ غزل شفيع فائن آرٽ جي تربيت لاءِ هتي آيل هئي . غزل ڇويهن ستاويهن سالن جي هڪ نازڪ نفيس، من موهڻي صورت جي مالڪ ناري جنهن جو تعلق وچولي درجي جي خاندان سان آهي جنهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فائن آرٽ جي تعليم حاصل ڪئي. کيس مجسمه سازي جو شوق جنون جي حد تائين هو ۽ هن ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ٿي چاهي، هن جي ان شوق کي آڏو رکندي سندس والد کيس وڌيڪ سکيا لاءِ لاهور اماڻيو. جتي هوءِ نهايت لڳاو ۽ شوق سان مجسمه سازي جي سکيا لاءِ ڪوشان آهي. هن پنهنجي تربيت دوران ڪئي مجسمه گھڙيا، هن جو هٿ آهستي آهستي صاف ٿيندو پئي ويو. فائينل سال ۾ کيس هڪ نوجوان جو مجسمو گھڙڻ جي اسائنمينٽ ملي، ڪاليج ۾ هن جي ساٿي فنڪارن کي پڻ مختلف قسم جون اسائنمينٽس ڏنيون ويون هيون جن تي هرڪو گھڻي کان گھڻي محنت ۽ فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهائڻ جا جتن ڪري رهيو هئو. هر هڪ جي اهائي ڪوشش هئي ته هن ڪاليج کي الوداع ڪرڻ وقت هو پنهنجي سکيا جا شاهڪار نشان ڇڏي وڃي.
غزل شفيع به جنهن مجسمي تي ڪم پئي ڪيو سندس هر ممڪن سعي هئي ته سندس تراشيل مورت فن جي معراج جي بلندين کي ڇهي. ان ڪري هوءَ باقي سڀني جيان پنهنجي اندر جي تمام تر اونهائين سان ان جي نوڪ پلڪ سنوارڻ ۾ پنهنجو گھڻو وقت صرف ڪرڻ لڳي ۽ جيئن جيئن هن جي گھڙيل مورت جا نيڻ و نقش اجاگر ٿيڻ لڳا ته هوءَ اهو ڏسي دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳندي هئي،
”هيء صورت ته منهنجي ڄاتل سڃاتل ٿي لڳي، هو بهو منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ وسندڙ ان آدرش جهڙي. ڀلا اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي، شايد منهنجي سالها سال اندر جي اونهاين م پلجندڙ ان تخيل کي منهنجي هٿن حقيقت جي روپ ۾ گھڙي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.“
هن مورت کي پسندي ڪنهن ڪنهن پل هن جي دل ۾ هڪ بي معنى خواهش ڪر کڻڻ لڳندي هئي،
”ڪاش! هن دنيا ۾ هن مجسمي جهڙو جيئرو جاڳندو ڪو وجود ظاهر ٿي پوي جيئن منهنجي هٿن هن ميڻ کي صورت ڏني آهي.“
پنهنجي ..ئي خيال ۽ بيوقوفاڻي سوچ تي کيس شرمساري ٿيندي هئي. ليڪن جيئن جيئن ان شڪل جا خد و خال وڌيڪ واضع ٿيندا ويا هن جي اها لا حاصل خواهش به پختي ٿيندي پئي وئي. هڪ ڏينهن هن جي ساٿي فنڪاره پارس، جيڪا هن سان گڏ هاسٽل جي روم ميٽ هئي، سندس واسطوسنڌ جي حيدرآباد ضلعي سان هو ۽ ان دوران هن سان ڪافي گھرائپ ۽ ويجهڙائي ٿي وئي هئي، هن جي ڀر ۾ اچي بيٺي، غزل ان وقت مجسمي جي آڏو اهڙي انداز ۾ بيٺي هئي ڄڻ ڪا پوڄارڻ پنهنجي ديوتا آڏو بيٺي هجي.
پارس هن کي اهڙي ڳوڙهي سوچ ۽ انهماڪ ۾ غلطان ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ سندس نگاهن جي مرڪز ڏانهن سندس نظرون کڄي ويون ته رڙ ڪندي چوڻ لڳي.
”اومس غزل شفيع !پنهنجي ئي تراشيل شاهڪار ۾ ايڏي گم ٿي وئي آهين جو دنيا ومافيها کان بي خبر الائي ڪهڙن ويچارن ۾ غرق ٿي وئي آهين. مجسمي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جو پروگرام آهي ڇا.؟“
غزل اچانڪ هن جي ائين تبصرو ڪرڻ تي ڇرڪجي هِن طرف نهاريو۽ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ کانئس پڇڻ لڳي،
”ڏس پارس! هيء مورت ڪيڏي نه پرڪشش ۽ حقيقت جي ويجھو پئي لڳي، بلڪل منهنجي تصورات وانگيان. سوچيان پئي ته ڇا هيء صورت حادثاتي طور وجود ۾ اچي وئي آهي يا ان ۾ منهنجي اندر جي ڪنهن دٻيل خواهش جو اظهار پوشيده آهي.
پارس هن جي اهڙي فلسفيانه انداز گفتگو تي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي.
”واه غزل بيگم واه ! ڪاٿي ائين نه ٿئي جو تون هن مجسمي کي زنده -سلامت ڏسڻ جي تمنا دل ۾ پالي ويهين۽ شهر شهر گائون گائون نڪري پوين ان پنهونء جي تلاش ۾ ۽ وتين سسئي جيان پنهون پنهون ڪندي جبل جھاڳيندي. منهنجي دوست ڪڏهن ڪڏهن مصور پنهنجي خيالي تصويرن ۾ اهڙا ته رنگ ڀريندو آهي جو ان تي حقيقت هجڻ جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي، پر اهو صرف ان مصور جي تخيلاتي ڪاوشن جو ڪمال هوندو آهي. مصور هجي يا مجسمه ساز ، هو پنهنجي آڱرين جي جنبش سان اهڙا حسين يا ڀيانڪ چِٽ چِٽيندا آهن جو اهي فن جي دنيا جا عظيم شاهڪار بنجي ويندا آهن، جيئن مونالزا جي مُرڪ جيڪا ڪنهن مصور جو اهو عظيم شاهڪار آهي جنهن رهندي دنيا لاءِ ان مُرڪ کي مثالي بنائي ڇڏيو. ۽ اڄ به ڪنهن حسين مسڪراهٽ کي ان سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهي خيالي ئي هوندا آهن. ۽ فنڪار جي اندر جي گهراين ۾ ڪٿي ضرور موجود هوندا آهن ، اهي هن ڌرتيء تي موجود ڪنهن شخص جي شبيهه به ٿي سگھن ٿا، يا جيڪڏهن ڪوانهن کي ڪنهن زنده شخص سان مشابهت ڏيڻ چاهي ته اهو ان فنڪار جي تصور جو حقيقي روپ ٿي سگھي ٿو..“
غزل سندس ڳالهيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪندي سندس هٿ جھلي ٽيبل تي رکيل ان مجسمي جي آڏو آڻي بيهاريو،
”پر مونکي الائي ڇو ائين پيو لڳي ته هي صورت منهنجي لاءِ اجنبي ناهي بلڪه هن سان ورهين جي شناسائي آهي. بار بار منهنجي اندر مان هڪ آواز اڀري ٿو ته هن مورت جو منهنجي جيون سان ڪو گهرو ناتوآهي. “
پارس هن جي اهڙين تخيلاتي ڳالهين تي زچ ٿي وڃي ٿي ۽ چڙ مان چوڻ لڳي،
”بس ڪر غزل پليز! ڪنهن ٻڌي ورتو ته تنهنجي ذهئي حالت تي شڪ ڪرڻ لڳندو. اٿي ته هاسٽل هلون، گھڻي دير هتي ويٺينء ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ پهچي ويندينء. “
ائين چئي کيس ٻانهن کان جھليائين ته هوء بي دليء سان اتان هٽي پارس سان گڏ هاسٽل هلي آئي.
غزل ننڍپڻ کان ئي فنڪاراڻه طبعيت ماڻي هئي، گڏين راند ڪندي هئي ته اهڙيون خوبصورت گڏيون ٺاهيندي هئي جو انهن کي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. سندس اهو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. هاءِ اسڪول ۾ پهتي ته مٽيء جا خوبصورت مجسما جوڙڻ هن جو خاص مشغلو بنجي ويو.
گھر ۾ سڀني شروع ۾ ته هن جي ان شوق تي ڪافي اعتراض واريا، ماء جا هر وقت دڙڪا کائيندي هئي ته،
”کيس ڪو ڌياڻو ارڪان ڪونهي نه سلائي ڪڙهائيء جو ڌيان نه رڌ پچاء سان ڪو لڳاءُ ۽ نه وري گھر جي سجاوٽ جو ڪو سليقو،” اَن جو منهن جنڊ ڏانهن“ آخر ته کيس پرائي گھر وداع ٿيڻو آهي. اتي وڃي هن کي ڏينهن رات طعنه تُنڪا ٻڌڻا پوندا ته واه جو مائٽن کيس ارڪان سيکاريو آهي. اتي مائٽ پيا پُڻبا، خاص طرح ويچاري ماءُ جي شآمت آيل هوندي، ڪجھ ته ڌيڻپو به سِک. پر هن هميشه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي پيئي ڇڏيو ۽ پنهنجي ئي ڌُن ۾ مست مگن رهي. سندس شوق ويو وڌندو. سندس پيء هن جو جنون جي حد تائين پهتل شوق ڏسي پهرين ته کيس فائن آرٽ جي ٿعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺرائي . جتي هن فنِ مجسمه سازي ۾ سکيا ورتي. پر اتي به هن جي شوق جو پورائو نه ٿيو ته هن لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ مزيد سکيا لاءِ پيء کي مجبور ڪيو. پڻس کيس پنهنجي مالي مجبوري ٻڌائي ته،
”هو کيس ايترو پري نٿو موڪلي سگھي. هن جا ٻيا ڀاءُ ڀيڻ به زير تعليم آهن هو هڪ سترهين گريڊ جو سرڪاري آفيسرآهي، جنهن وٽ ايڏا وسيلا ڪونهن جو هو لاهور جي پڙهائي جو خرچ برداشت ڪري سگھي.“
پر هوء پنهنجي ضد تي ڳنڍ ڏئي بيهي رهي،
”بابا مان ڪوشش ڪنديس ته شام جا ڪلاس جوائن ڪريان ۽ ڏينهن جو ڪا ننڍي وڏي نوڪري ڪري پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھان.يقين ڪريو مان توهان تي وڌيڪ بار بنجڻ به نه ٿي چاهيان. “
”ٺيڪ آ، جيئن تنهنجي مرضي، مان تنهنجي شوق آڏو رڪاوٽ بنجڻ نه ٿو چاهيان .“
ماءُ گھڻوئي سمجھايس، دڙڪا دهمان ڏنائينس، پر هوء نه مڙي ۽ هڪ تي ٿي بيٺي. اهڙي طرح هن آن لائين ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڇڏي. گذريل ٻن سالن کان هوء اتي سکيا وٺي رهي هئي.
مجسمي تي ڪم ڪندي غزل جي محويت جو اهو عالم هوندو هوجو هوءَ ارد گرد جي ماحول کان بيخبر ٿي ويندي هئي. ڪير آيو ڪير ويو، هن کي ان سان ڪا غرض نه هئي. هن تي ته بس اهو جنون سوار هو ته هي مجسمو ڪنهن به طرح سندس تخليق جو اڻ وسرندڙ شاهڪار بنجي وڃي.جيئن جيئن مجسمي جا نقش و نيڻ چٽا ٿيندا پئي ويا، هن جي اندر جي آنڌ مانڌ وڌندي پئي وئي. من اندر هڪ مانڌاڻ متل هو. ڇا هي هنجي انهن خوابن جو شهزادو آهي جنهن جي تصوير من اندر ورهين کان سانڍيو پئي وتي. ڏينهون ڏينهن اها صورت واضع ٿيندي پئي وئي، اهي احمقانه سوچون کيس بيچين ڪنديون رهيون. ڪنهن ڪنهن مهل کيس پنهنجي ذهني حالت تي شڪ ٿيڻ لڳندو هو، ڪاٿي هوء ديوانگي طرف ته نه پئي وڃي.
آخر اهو مرحلو به اچي پهتو، جڏهن سندس اهو مجسمو جُڙي راس ٿي ويو، پر ان دوران اها صورت هن جي من مندر ۾ اهڙو ته واسو ڪري وئي جو ڏينهون ڏينهن هن جي اها خواهش شديد کان شديد تر ٿيندي وئي ته ڪاش! اهو سڀ ساڀيان ٿي وڃي ۽ سندس من مندر جو هي ديوتا حقيقت جو روپ ڌاري هن جي آڏو اچي بيهي، پر جتي ڪاش! جو لفظ هجي ته اتي ڪڏهن نائون پايه تڪميل تي پهچي سگھنديون آهن. ڀلا ڏينهن جا ڏٺل خواب به تعبير ماڻي سگھندا آهن . اهو سڀ ڪجھ ڄاڻ رکڻ جي باوجود، انسان ڪيڏو نه ڀورڙو ۽ احمق ٿئي ٿو جيڪو انهن ناحاصل آشائن جي تقاضا ۾ پنهنجن ئي آرزوئن جي رسواين جو سامان بڻجي ٿو.
هن پنهنجي ڪيمرا سان ان مورت جون ڪئي زاوين کان تصويرون ڪڍيون، سندس استادن هن جي ڪم کي تمام گھڻو ساراهيو. کيس تمام گھڻو داد ته وصول ٿيو پر اندر جي اها تشنگي گھٽ نه ٿي سگھي ۽ اها اڃ اندر ۾ کڻي هن لاهور جي آرٽ ڪاليج کي الوداع چيو.



هوءَ جڏهن گھر واپس پهتي هئي ته کيس خبر پئي ته سندس پرپُٺ سندس ننڍي ڀيڻ جو رشتو طئي ٿي ويو هو ۽ گھر ۾ زور شور سان سندس شاديء جون تياريون ٿي رهيون هيون . جڏهن هوء اڃان لاهور ۾ ئي هئي ته کيس ٻڌايو ويو هو ته هڪ سٺو رشتو سندس ڀيڻ لاءِ آيو آهي جيڪو هو وڃائڻ نه ٿا چاهن. اهو ٻڌي سندس اندر ڄڻ ڪا شي ڀورا ڀورا ٿي پئي هئي. ڪومل هن کان عمر ۾ ڇهه ست سال ننڍي هئي وچ ۾ ٻه ڀائر هئا، ته پوءِ گھر وارن کي کيس نظرانداز ڪري هُن جي ڪاج جي ڪهڙي ڳڻتي اچي ورايو هو. پر پوءِ بغير ڪا شڪايت ڪرڻ جي، رب جي رضا تي راضي ٿي خاموش ٿي وئي هئي.
گھر ۾ شادمانه ڏسي هوءَ بلڪل وسامجي وئي. ڪنوار بنجڻ جو وارو ته هن جو هو، ته پوءِ امان ائين ڇو ڪيو؟ بابا ئي کڻي اميء کي منع ڪري ها، ته وڏي کي ويهاري ننڍي جو گھر وسائڻ ، هن سان نا انصافي ٿيندي. پر ڪنهن به هن جي دل جي دکن ۽ محرومين جو نه سوچيو. ڪومل جي شاديء کان پوءِ هوء گھر ۾ اڪيلي ڀيڻ رهجي وئي. ائين زندگي بغير ڪنهن خاص مصروفيت جي گذرڻ لڳي، ٽي سال بغير ڪنهن مقصد جي گذري ويا هن تعليمي سلسلي ۾ اهڙي فيلڊ جي چونڊ ڪئي هئي. جنهن کي عملي شڪل ۾ استعمال ڪرڻ جي سندس شهر ۾ ته ڪا گنجائش ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ صبح جي وقت اخبار جي ورق گرداني ڪري رهي هئي ته سندس نگاه هڪ اشتهار تي پئي. ڪراچيء ۾ هڪ پرائيويٽ آرٽ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ جاب جي آفر هئي، جيڪا هن جي تعليمي قابليت سان بلڪل ٺهڪي پئي آئي. هن جي اندر م اها نوڪري ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. ڪو ته ڀلا مصروفيت جو سامان هجي، اهو سوچي هن ڪاغذ قلم کڻي نوڪريء لاءِ اپلاءِ ڪيو . ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ کيس انٽرويو لاءِ سڏايوويو ته هن گھر وارن کان اجازت گھري. پهرين ته سندس والد اعتراض واريو ته کيس ايترو پري نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،جي ڪرڻر ئي آهي ته هتي پنهنجي شهر ۾ ئي ڪا ننڍي وڏي ڪري وٺي. احمد شفيع ( والد )صاحب ته اهو به اعتراض ڪيو ته جي کيس اها نوڪري ملي به وڃي ٿي ته هوء ڪٿي رهائش اختيار ڪندي.
احمد شفيع صاحب جو اهو دليل خاصو وزنائتو هو. هوء سوچ ۾ پئجي وئي ته واقعي جيڪڏهن نوڪري ملي ٿي ته ايڏي وڏي شهر ۾ هوء ڪٿي رهندي. اُتي ڪو ويجھو مائٽ عزيز به ڪونهي، سوچيندي سوچيندي اچانڪ کيس پنهنجي يونيورسٽي فيلو ماريه جو خيال اچي ويو، جيڪا فائن آرٽ ۾ آنرز ڪرڻ آئي هئي ۽ حيدرآباد شهر ۾ رهندي هئي. ليڪن سال کان پوءِ هن جي شادي ٿي وئي هئي ۽ هوء ڪراچي هلي وئي هئي. ماريه سان اڪثر فون تي سندس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. اهو سوچي کيس ڪجھ اطمينان ٿيو ۽ پيء کي به اطمينان ڏياريائين ته ماريه هڪ سلجھيل ڇوڪري آهي، هن جي فيمليء ۾ ستن اٺن سالن جو پُٽ عاشر ۽ گھر وارو آهي جيڪو جاب جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ رهندو آهي. اهڙي حالت ۾ هوءَ ماريه سان گڏ پي اِنگ گيسٽ جي حيثيت سان رهي سگھي ٿي. ماريه پاڻ به ڪراچيء ۾ نوڪري ڪندي آهي ۽ پُٽ جي تعليم جي ڪري مڙس سان گڏ اسلام آباد نه ٿي وڃي سگھي. سندس سمورا دليل سندس ڀا.ئرن ۽ ماءُ کي قائل ڪرڻ لاءِ بلڪل به ڪافي نه هئا، هُن گھڻو ٻاهر رهي ورتو هو، هاڻي کيس گھر رهي گھر داريء ۾ ٻين جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ کپي. اهي سڀ گھر کان فراريت جا بهانا آهن، پر سندس بابا هميشه هن جي خواهشن آڏو بيوس بنجي ويندو هو، هوء گھر ۾ سڀني کان وڏي هئڻ ناتي پيء جي لاڏلي رهي هئي،ان ڪري به سندس ماء هن تي خارون کائيندي رهندي هئي.
نه چاهڻ جي باوجود به کيس اجازت ملي ئي وئي، ۽ هن وڃڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. انٽرويو کان پوءِ خوش قسمتيء يا بدقسمتيء سان کيس اها جاب ملي وئي، هوءَ تمام گھڻي خوش هئي. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي هنر ڏيکارڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو موقعو جو ملي رهيو هو. ماريه کي هن اڳواٽ ئي فون ڪري ٻڌائي ڇڏيو هو. جنهن کيس گھر جي ائڊريس سمجھائي ڇڏي هئي.
جڏهن هوء ماريه جي فليٽ تي پهتي ته کيس ڄاڻ پئي ته ماريه جو گھر وارو ڇوته اسلام آباد پئي رهيو ان ڪري ماريه پنهنجي ننڍي ڀاءُ افراز کي حيدرآباد مان گھرائي پاڻ وٽ اچي رهايو هو، هو ايم بي اي جو شاگرد هو. پهرين ته هوء پريشان ٿي وئي ليڪن جڏهن هن سان سربستي ڳالهه ٻولهه ٿي ته افراز به کيس ماريه جيان انتهائي بردبار ۽ سلجھيل نوجوان لڳو ، هو عمر ۾ به کانئس چار پنج سال ننڍو هو ۽ هميشه احترام جي دائري ۾ رهي ساڻس ملندو هو، انڪري غزل کي ان طرف کان به اطمينان ٿي ويو ۽ هوء پاڻ کي پرسڪون ۽مطمئن محسوس ڪرڻ لڳي.


.
غزل انسٽيٽيوٽ جوائن ڪيو. نئون ڪم نئون ماحول نوان ساٿي، هن جو وقت تمام سٺو گذرڻ لڳو، ليڪن هن کي هميشه هڪ خلش بيچين ڪندي رهندي هئي ته هن جي مائٽن هن سان زيادتي ڪئي آهي. هن جي ڪراچي وڃڻ کان پوءِ ته هن جو ڪو اونو ڪو اوسيئڙو ئي نه رهيو هئن. هن جي ڪم جي ساٿين ۾ پارس فاطمه ۽ ناصر صاحب جيڪي ٻه ته ڪافي سينئر هئا ۽ ٻنهي جو تعلق مصوري جي شعبي سان هئو، هو ٻئي غزل سان ڪافي ڪو آپريٽو هئا. هن جو گھر کان پري هجڻ جي ڪري تمام گھڻو خيال رکندا هئا. پارس فاطمه ته ڪئي دفعه بلڪ تقريبا“ روزانه گھران لنچ کڻي ايندي هئي ۽ غزل کي پاڻ سان ضرور شيئر ڪرائيندي هئي. پارس فاطمه شادي شده ۽ ٻن ٻارن جي ماء هجڻ باوجود نهايت سمارٽ ۽ ايڪٽو رهندي هئي کيس اهڙو چاڪ و چوبند ڏسي غزل جي به ڪافي همت افزائي ٿيندي هئي. ۽ کيس حيرت پڻ ٿيندي هئي ته هوء فيملي لائيف ۽ نوڪري کي ڪيئن گڏ کڻي هلي پئي پارس فاطمه هڪ تمام سٺي مصوره هئي ۽ اهڙيون ته خوبصورت پينٽنگس ٺاهيندي هئي جو ڏسي دل خوش ٿي وڃي. ان سڀ جي باوجود هوء تصوراتي دنيا ۾ رهڻ جي بجاء تمام گھڻي پريڪٽيڪل هئي ۽ زندگي کي ان جي اصلي معني ۾ جيئڻ کي ترجيح ڏيندي هئي هن سان رهندي غزل ۾ به حوصلو پيدا ٿي پوندو هو. پر وري ازل کان تصوراتي دنيا ۾ رهڻ واري غزل الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويندي هئي. ائين هوء پنهنجي عملي زندگي کي بس گهليندي رهي.
ماريه سان گڏ رهندي کيس ٻه سال گذري ويا. ان سڄي عرصي دوران هوء صرف عيد تهوار تي ئي ڳوٺ ويندي هئي، گھر وارن به آهسته آهسته هن جي چنتا ڪرڻ ڇڏي ڏني بلڪه بي فڪر ٿي ويا. نياڻي جڏهن وڏي ٿيندي آهي ته والدين جي خواهش هوندي آهي ته ڪو سٺو سڱ ٿئي ته جيئن نياڻي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي ۽ ماء پيءُ جو بار هلڪو ٿئي ۽ هوسک جو ساه کڻن ته هنن خير خوبي سان پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو. پر انهن نياڻين جو اهو الميو هوندو آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن ڪرت سان لڳي ويون ته گھر وارن جو بوجھ به گھٽجي ويو ۽ آهستي آهستي هو به شايد ان ڳالهه جا عادي ٿي ويندا آهن ته هنن جو فرض ادا ٿي ويو. ائين هو انهن جي طرف کان بي الڪا ٿي ويندا آهن، يا جي ڪنهن کين احساس ڏياريو به کڻي ته کلي چوندا ته.
”الله مالڪ آ نياڻيء جو جڏهن نصيب هوندو ته ڪو نه ڪو وسيلو ٿي پوندو، موت ۽ پرڻي جو وقت قدرت طرفان طئي هوندو آهي ڀلا قدرت جي ڪمن ۾ ڪنهن جو دخل. خدا چڱي قسمت ڪندس. “
غزل گھر کان ڇا دور ٿي ڄڻ سڀني ان جو اوسيئڙو ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو. ڪجھ ڏينهن لاءِ آئي خوش ٿي ويا. مهمان وانگر خاطرداري ڪيائون ۽ جيئن وڃڻ لڳندي هئي ته موڪلائي چوندا هئس،
”ڪجھه ڏينهن ٻيا رهي پوين ها اڃان دل ئي ڪونه ڀري هئي. پر توکي وڌيڪ روڪي به نه ٿو سگھجي، نوڪري جو معاملو آهي. پرائي بزاگيري آهي.“
هوء هميشه سوچڻ لڳندي هئي ،
”ڪاش! امي ئي زور ڀري ها ته کڏ ۾ وڃي پوي اها نوڪري جيڪا تنهنجي قدمن جي زنجير بنجي وئي آهي. ڦٽي ڪرينس، پرائي گھر آخر ڪيترو جاليندينء يا ائين کڻي چون، اسان کي تنهنجي آئيندي جي ڳڻتي سمهڻ نه ٿي ڏئي، اڄ آهيون صبحاڻي نه هونداسين پوءِ تون ڇا ڪندينء. ڀائرن ڀيڻن جو ڪهڙو آسرو. پر نه ، هو ته صرف رسمي جملا چئي،
”ڇا ڪجي نوڪري ٽوڪري آ، پرائي بزاگيري آ،“
ائين صرف رسمي جملا ادا ڪري کيس پنهنجي هجڻ جو نالي ماتر احساس ڏياريندا هئا ۽ جڏهن هلي ويندي هئي ته مهيني ماسي فون ڪري حال احوال وٺندا هئا، بس هاڻي ايترو ئي گھر وارن سان واسطو تعلق رهجي ويو هئو.




ماريه پنهنجي دوستي جو حق خوب نڀايو هو، هونئن به غزل سندس ڏک سک جي ساٿياڻي بنجي وئي هئي ٻئي نوڪري پيشه هيون ان ڪري صبح جو نيرن پاڻي ڪري سڀ پنهنجي پنهنجي ڪمين ڪارئين نڪرندا هئا ته شام جو اچي گڏجندا هئا. ماريه جي ننڍي ڀيڻ مرينه جيڪا نائين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، ان جي به غزل سان ڪافي انسيت ٿي وئي هئي، پنهنجي اسٽڊيز جي باري ۾ کانئس مدد وٺڻ نيون، نيون ڊشز ٺاهڻ ۽ سکڻ، جيڪي هوء پارس فاطمه کان سکي ايندي هئي. ۽ گھر اچي هو ٻئي ڪوشش ڪنديون هيون ،اهڙي طرح هوء گھڻو وقت غزل سان گڏ هوندي هئي..
هڪ ڏينهن سڀني جي موڪل هئي، رات جي ماني تي افراز تجويز ڏني ته ڇونه صبحاڻي ڪيڏانهن آئوٽنگ لاءِ هلجي. هن اڃان چيوئي مس ته مرينه ۽ عاشر جي ته ڄڻ لاٽري نڪري آئي، ٻئي هڪ آواز ٿي چوڻ لڳا،
”واقعي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، ڪيڏانهن گھمڻ ناهيون ويا، آپي غزل ڇا خيال آ، هاڪس بي تي هلون.“
ماريه ٻارن جي دل رکڻ لاءِ چوڻ لڳي،
”ٺيڪ آ هلون ٿا هاڪس بي، غزل ٺيڪ آهي نه.“
غزل جيڪا هميشه اهڙن پروگرامن کان گھبرائيندي هئي، هڪدم چوڻ لڳي،
”توهان گھمي اچو نه، مان گھر ۾ آرام ڪنديس.“
اهو ٻڌي عاشر بضد ٿي ويو،
”آنٽي پليز ! هلو نه، نه ته امي ڪونه وٺي ويندي.“
انهي سموري گفتگو دوران افراز چپ چاپ غور سان غزل ڏانهن نهاري رهيو هو، جڏهن کان غزل هنن سان گڏ رهڻ لڳي هئي، هو پنهنجي دل ۾ هن لاءِ عجيب قسم جي انسيت محسوس ڪرڻ لڳو هو، هن جي دل چوندي هئي ته هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو کيس ٻڌندو رهي. جڏهن هن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته هن جي اندر ۾ عجيب بيچينيء جو احساس پيدا ٿيو.
”هي مونکي اچانڪ ڇا پيو ٿئي هن کان اڳ ته مون هن لاءِ اهڙا احساس ڪڏهن به ڪونه محسوس ڪيا هئا ته پوءِ اڄ مونکي هن جي ايتري اهميت ڇوپئي محسوس ٿئي. هن جو ائين انڪار مونکي ڇو بيچين ڪري رهيو آهي“.

افراز چوويهن پنجويهن ورهين جو هڪ پُرڪشش شخصيت جو مالڪ نوجوان هو، ذهانت هن جي چهري تي هميشه پئي بکندي هئي هن ۾ صنف مخالف کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ جي پوري خاصيت موجود هئي ۽ سندس اهڙي پُر ڪشش شخصيت جي ڪري يونيورسٽي جون ڪئي جذباتي ڇوڪريون سدائين هن جي توجه حاصل ڪرڻ لاءِ اڳيان پويان پيون ڦرنديون هيون، ليڪن هو نهايت بردبار ۽ سنجيده طبعيت جو مالڪ نوجوان هو، هن جو رويو انهن سڀني لاءِ سدائين غير جذباتي رهيو، هو اتي صرف تعليم جي حاصلات لاءِ ويندو هو ۽ اهڙي ڪنهن به فضوليات ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو. ته پوءِ اڄ هو غزل لاءِ ائين ڇو پيو سمجھي ته هوء نه هلي ته پوءِ هنجي تفريح جو سڄو پروگرام ضايع ٿي ويندو. آئسڪريم تي ئي ٽرکائي ڇڏيندي ۽ سندن ويڪ اينڊ بيڪار ٿي ويندو. ان ڪري هو ٻئي کيس منٿون، ايلاز ڪرڻ لڳا، آخر سندن گھڻو ضد ڪرڻ کان پوءِ هن هلڻ جو راضپو ڏيکاريو.ته افراز جي چهري تي به رونق اچي وئي. ڊنر ختم ڪرڻ کان پوءِ هو صبح جي پروگرام لاءِ سوچڻ لڳا، طئي ٿيو ته صبح جو نماز کان پوءِ چانهه پي نڪرندا ناشتو به اُتي وڃي ڪندا، جيئن هاڪس بي تي سوير ئي پهچي سج نڪرڻ جو نظارو ڪجي.

صبح جو سوير جڏهن هو نيلم پوائنٽ تي پهتا ته آسمان تي هلڪا هلڪا بادل ڇانيل هئا ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھُلي رهي هئي، ڏور پري سمنڊ جي ڇولين تي سج جا هلڪا هلڪا ڪرڻا پئجي رهيا هئا، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن چاندي جي چادر وڇائي ڇڏي هجي. جيئن جيئن هوائون تيز گھلڻ لڳيو ته سمنڊ جون لهرون هوا جي زور تي تمام اوچائي تي پهچي رهيون هيون ۽ آس پاس موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب پُر اسرار آواز پيدا ڪري رهيون هيون.
ننڍڙو عاشر ۽ مرينه واريء ۾ پيل سپين جا خول ۽ گھونگھا گڏ ڪرڻ لڳا، هر طرف هنن جون خوشيء ڀريون رڙيون ٻڌي ماريه کين پيار ڀرين نگاهن سان نهاري رهي هئي، کيس ائين پئي لڳو ڄڻ هن پنهنجي ٻارن آڏو دنيا جهان جو خزانو آڻي رکيو هجي.
غزل هڪ ننڍڙي ٽڪريء تي وڃي ويٺي ۽ بي مقصد خلائن ۾ گھوريندي رهي ڄڻ پنهنجي وجود جي ڪنهن وڃايل حصي کي ڳولهيندي هجي. هوا تيز ٿيندي پئي وئي ۽ سمنڊ جو لهرون هوا جي زور تي تمام بلندي تي وڃي رهيون هيون، هوا جا تيز زوزاٽ ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب ڀوا ئتا آواز پيدا ڪري رهيا هئا.
افراز نيلم پوائنٽ طرف وڌي ويو هو. ۽ ان ٽڪري ڏانهن وڃڻ لڳو جنهن کي هوا جي ڇولين پنهنجو مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ان جي اندر ۾ هڪ وڏو خلا ٺاهي ڇڏيو هو. اها ٽڪري ايڏو ته خوبصورت هئي جو اڪثر پاڪستائي فلم ڊئريڪٽر هيرو هيروئن تي رومانوي منظر هتي رڪارڊ ڪرڻ ايندا رهندا هئا.
اتي پهچي افراز به گھڙي پل لاءِ پاڻ کي اهڙي ئي فلمي سچوئيشن ۾ محسوس ڪرڻ لڳو ۽ تصور ئي تصور ۾ پاڻ سان گڏ غزل کي ڏسي رهيو هو. پر غزل هن جي دلي ڪيفيتن کان بيخبر ٽڪري تان لهي هيٺ واري تي اچي ويٺي ۽ هٿ جي آڱرين سان واريء تي آڏا ابتا ليڪا پائڻ لڳي ۽ اهو ڏسي هن کي حيرت لڳي ته ان تصوير جا خد و خال هوبهو ان مورت جيان اجاگر ٿيندا پئي ويا، جيڪا ڪئين سال پهرين هن لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ ٺاهي هئي ۽ هميشه هن جون نگاهون هڪ بيسود تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لڳنديون هيون.

ڪجھه ئي دير کانپوءِ جڏهن سج پنهنجي پوري آب و تاب سان نڪري نروار ٿيو ته سمند جون لهرون به تيز ٿينديون ويون. ۽ جلدئي جتي ٻارن سپيون ۽ گھونگھا پئي ڳولهيا. ۽ ماريه ۽ غزل واري تي پير پساري ويٺيون هيون ته پاڻي جي هڪ تيز ڇولي سندن هيٺان گذري وئي ۽ سندن ڪپڙا ڀڄي ويا ته ٻئي اثي کڙيون ٿيون، ٿڌو ٿڌو پاڻي به غزل جي اندر جي آڳ اُجھائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. البته ماريه ان صورتحال کي ڏاڍو انجواء ڪيو،
”غزل ڏس نه، صبح جي وقت سمنڊ جو پاڻي ڪيڏو نه يخ ٿڌو پيو لڳي. سچ پچ مزو اچي ويو. “
”واقعي سچ پئي چوين، ورهين کان پوءِ مان ائين پاڻيء ۾ ڀِڳي آهيان، نه ته مونکي هميشه پاڻيء کان ڊپ لڳندوآهي، سمنڊ جون تيز ڇوليون واري تي آڏا ابتا نشان ڇڏي واپس سمنڊ جي اندر موٽي وينديون آهن ته ڪڏهن واري تي چٽيل انهن تصويرن کي به ميساري ڇڏينديون آهن جيڪي ڪنهن وڏي محبت ۽ عقيدت سان اتي چٽيون هونديون آهن. “
ماريه نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان سندس هٿ جھليو،
”تون اهڙي پُر فضا ۽ خوبصورت ماحول ۾ ڇو اهڙي قنوطي پئي ٿين، جيڪي لمحه اسان کي خوشيون سهيڙڻ لاءِ ميسر ٿين انهن کي تلخ ۽ بيجا قسم جي سوچن جي ڪري ضايع ڪرڻ نه گھرجي. جيڪي پل انجواء ڪرڻ لاءِ ملي وڃن انهن مان ڀر پور مزو ماڻڻ گھرجي. هيڏانهن نهار! آشر ۽ مرينه دنيا جي سڀني فريبن، دکن ۽ پريشانين کان بيخبر ڪيئن نه موج مستيون پيا ڪن. کين ائين خوش ڏسي منهنجو ته سيرن جي حساب سان خون وڌي ويو آهي. وري هوڏانهن نظر ڪر! افراز نيلم پوائنٽ جي اندر بيهي پاڻ کي ڪنهن فلم جو هيرو پيو ڀانئي، اچ ته اوڏانهن ٿا هلون.“
ماريه مرينه کي عاشر جو خيال رکڻ جو چئي غزل کي ساڻ ڪري افراز ڏانهن وڌي وئي. کين پاڻ طرف ايندو ڏسي افراز جي چهري تي رونق اچي وئي، نه ته هو اهڙي حسين منظر ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڏسي بور ٿي رهيو هو.
”زهي نصيب! گھڻي دير کان پوءِ خواتين کي احساس ٿيو ته هڪ عدد مرد حضرت به توهان سان گڏجي هتي آيو آهي، ورنه مون ته سمجھو هو ته منهنجو هي پروگرام هنن بي زبان پهاڙين سان مٿو هڻي ائين بي مزه ئي گذري ويندو.“
ماريه سندس ان شڪايتي تبصري تي کلندي کيس پيار ڀرين نگاهن سان ڏسندي چوڻ لڳي،
”واه! اسان ته سمجھو ته اسان جو ننڍڙو ڀاء شايد ڪنهن فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جو سندس نظر اسان تي ٻڏي ئي ڪونه ٿي، ڪيئن غزل سچ پئي چوان نه. “
غزل ڪو جواب ڏيڻ بجاء مرڪي چپ ٿي وئي. افراز م خيز نگاهن سان هن طرف نهارڻ لڳو. ليڪن غزل هن جي احساسات کان بي خبر پنهنجي ئي ڌُن ۾ مگن نيلم پوائنٽ جي هن پار کان اچي داخل ٿيندڙ ڇولين کي گھرين نگاهن سان گھوري رهي هئي.
ڪجھه دير کان پوءِ هو هڪ ڇانوري ۾ چادر پکيڙي اچي ويٺا ۽ گھران آندل لنچ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا.