2
رات جو ڪڏهن ڪڏهن جنهن مهل ننڊ کانئس رُسي ويندي هئي ته مايوس ڪندڙ سوچون اچي گھيرو تنگ ڪنديون هيس. گھر وارن جون بي اعتنايون کيس ڏکارو ڪري وجھنديون هيون، ڪڏهن والدين به پنهنجي ڪنهن هڪ اولاد کي ائين نظرانداز ڪندا آهن ، ٻين سڀني ڀائرن ڀينرن جا رشته ناتا طئي ٿي ويا ته شاديون به ٿي ويون۽ هوء به مهمانن وانگر شريڪ ٿي ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بزرگ رشتيدار کيس ائين ويڳاڻو ڦرندو ڏسي از راه همدردي يا پنهنجي عادت کان مجبور ٿي ماڻس کان پڇي ورتو ته،
” ڇو ڀلا غزل جي لاءِ ڪجھ نه ٿا سوچيو .“
ته امي سندس مٿي تي هٿ رکي ڏُکاري لهجي ۾ چوندي هئي،
” رب سائين ڀاڳ ڀلا ڪندس، جڏهن جُڙي ايندي ته وڃي شينهن ڪلهي چڙهندي. هونئن به ڀلا هن کي ڪهڙي گھٽتائي آهي سٺي پگھار اٿس، عيش سان زندگي پئي ٿي گذريس، ٻيو ڪو گھر گھاٽ جو نه اُلڪو نه اوسيئڙو، ٻيو اسان کي ڇا کپي.“
اهڙي ڳالهه ٻڌي اها بزرگ عورت منهن کي موڙو ڏئي چوندي هئي،
” واه جي ڳالهه ڪيئي ثمينه ! نياڻيون پنهنجي گھرن ۾ ئي سونهن ٿيون ، سڄي حياتي نوڪري ڪري ته نه گذاريندي، وڃيس ٿي عمر ڳرندي.“
” پڦي ڳڻتي ته مونکي به آهي پر هڪ ته اسان کان پري وڃي رهي آهي، ماڻهن کي ته خبر ئي ڪونهي ته اسان جي ڪا وڏي نياڻي به آهي، الله ضرور سندس واه ڪندو. هونئن به رشته آسمانن ۾ طئي ٿيل هوندا آهن، اسان جي نياڻي لاءِ به رب سائين ضرور ڪو ور لکيو هوندو، هر ڳالهه وقت ۾ ڳهه پيل هوندي آهي.“
هنن جون ڳالهيون ٻڌي دل تي وڏو بوجھ کڻي واپس موٽي ايندي هئي. هميشه اهو فيصلو ڪري ورندي هئي ته ٻيهر هتي نه ايندي ، ليڪن وري پنهنجن جي ڪمي جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳندو هيس، دل رڙيون ڪري سڏڪا ڀري روئڻ چاهيندي هئي، ليڪن اهو به هن جي وس ۾ نه هو ٻين کي ائين پريشان ڪرڻ ڀلا ڪيئن مناسب هو.وري جڏهن اهڙي آسيس ماڻڻ لاءِ پنهنجن جي ماڳ رسندي هئي ته اتي به شدت سان کيس اوپرائپ جو احساس ٿيندو هو. هو به کيس مهمانن جيان پيش ايندا هئا ۽ اتي به کيس ان حجت ان محبت جنهنجي هوء آس کڻي ايندي هئي کيس حاصل نه ٿي سگھندي هئي بلڪه هوء پاڻ سمجھندي هئي ته متان منهنجي ڪا حجت گھر وارن لاءِ پسنديده نه هجي. ائين هوءَ هر هنڌ پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي ڄاڻندي هئي.عجيب طبعيت ٿي وئي هئس. هر وقت ڪنهن خلوص سان ڀرپور پيار جي متلاشي بس پئي ٿي ڏوريائين.
ماريه جو پيڪاڻو گھر ته حيدرآباد ۾ هو، هو پاڻ ۾ پنج ڀاء ڀيڻ هئا، سڀ کان وڏن ٻن ڀائرن کان پوءِ ماريه جو نمبر هو. هوء يونيورسٽي ۾ فائن آرٽ ۾ آنرز ڪري رهي هئي ٽئين سال ۾ هئي ته اتي سندس ملاقات ڪراچي سان تعلق رکندڙ ارسلان سان ٿي جيڪو پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي ڪنهن ڪم سانگي يونيورسٽي آيو هو. ماريه کيس پهرين نظر ۾ ئي دل کي ايڏو وڻي جو هو پنهنجي دوست کان سندس باري ۾ تفصيل سان پڇي ويٺو . سندس ماء پيء ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس ڇڏي ويا هئا، هن کي سندس چاچي جيڪو پڻ ميرپورخاص ۾ رهندو هو، پڙهائي لکائي وڏو ڪيو پاڻ ان وقت هڪ وفاقي سرڪاري اداري ۾ ارڙهين گريڊ ۾ نوڪري ڪندو هو. هن جلد ئي چاچي چاچيء کي ماريه جي گھر سڱ ڇڪرائن لاءِ موڪليو، ماريه جي گھر وارن کي اهو سڱ گھڻو پسند آيو، جو هنن سندس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏرائي شادي ڪري ڇڏي. ۽ ائين هوء شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ارسلان سان گڏ ڪراچي اچي وئي. ارسلان ڪرايه تي هڪ فليٽ ۾ رهائش پذير هو. جلد ئي سندن گھر ۾ ننڍڙو آشر اچي ويو، انهي دوران ماريه به پرائيويٽ گريجويشن ڪري ڇڏي هئي. ۽ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئائين پهرين ته آشر کي سنڀالڻ لاءِ هڪ آيا رکي هئائون ليڪن هو جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته ان کي هڪ ويجھڙائيء واري اسڪول ۾ داخل ڪري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن هوء اڃان آفيس مان گھرمس پهتي هئي، ته ارسلان ٿڪل ٽُٽل گھر ۾ داخل ٿيو. سندس چهري تي فڪر ۽ پريشانيء جا آثار هئا. ماريه کيس ائين ملول ڏسي پڇڻ لڳي،
”ڇا ٿيو آ ڏاڍا منڌل منڌل پيا لڳو، خير ته آهي نه ؟“
ڦڪي مرڪ مرڪندي ارسلان وراڻيو،
”مان به ڪيڏو نه ناشڪرو آهيان، جو منهنجو اوڻويهن گريڊ ۾ پروموشن ٿيو آهي ۽ مان پيو پريشان ٿيان.“
”ڪمال پيا ڪيو اهڙي خوشخبري ۽ اهڙو پاروٿو منهن، حد ٿا ڪريو.“
”خبر ته خوشيء جي آهي، پر پريشاني اها آهي ته مونکي اهو پروموشن ڏئي اسلام آباد پيو موڪليو وڃي، سوچيان پيو ته فورگو ڪري ڇڏيان،“
”پر ڇو، ؟ اسلام آباد وڃڻ ۾ ڇا آهي.“
”چري توهان جي ڳڻتي اٿم توهان هتي اڪيلا ڪيئن رهندئو، توکي جاب ڇڏڻي پوندي ۽ مان اهو نه ٿو چاهيان، توهان وڏي شوق سان اها نوڪري ڪئي هئي.“
”ته ڇا ٿي پيو ڇڏي ٿي ڏيان.“
”نه، نه، اهو ممڪن ناهي، ٻيو ته عاشر کي مشڪل سان هڪ سُٺي اسڪول ۾ داخلا ملي آهي ۽ مس مس وڃي هريو آهي. “
ماريه سوچ ۾ پئجي وئي، چئي ته ٺيڪ ٿو، ڪافي غور و فڪر کان پوءِ کيس ان مسئلي جو هڪڙو حل سمجھ ۾ آيو، ڇونه مرينا ۽ افراز کي گھرائي وٺجي. هو هتي پنهنجي تعليم به جاري رکي سگھندا ۽ اسان جي اڪيلائي جو مسئلو به حل ٿي ويندو، اهو سوچي مڙس سان صلاح ڪيائين ته ان جي چهري تي به رونق اچي وئي. پر وري ڪجھ سوچي چوڻ لڳو،
”بابا ۽ امي کين ان جي اجازت ڏيندا. ؟
”مان ڳالهائي ٿي ڏسانِ، بلڪه هيئن ٿا ڪيون، صبحاڻي ڇنڇر آهي، منهنجي به موڪل آهي ته پوءِ ڇونه حيدرآباد هلجي، روبرو ڳالهائڻ درست ٿيندو.“
اهو ٻڌي ارسلان مطمئن ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي ته پوءِ تياري ڪري وٺو، صبحاڻي مان جلدي آفيس مان اچي ويندس ته پوءِ هليا هلنداسين. “
ائين ارسلان ته خير سان اسلام آباد روانو ٿي ويو ۽ مرينه ۽ افراز ماريه سان گڏ رهڻ لڳا. ٻنهي جون داخلائون به ڪراچي جي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٿي ويون. ائين ڪيترو عرصو گذري ويو ته هڪ ڏينهن غزل به ماريه جا پار پته پڇائيندي اچي اُتي پڳي ۽ گذريل ٻن سالن کان ماريه سان گڏ رهندي پئي آئي.
افراز حيدرآباد مان ڪراچي آيو ته هن پنهنجي ڪاليج جي پڙهائي مڪمل ڪري ايم بي اي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا، جتي سندس دوستي فهد سان ٿي وئي. هن جي ۽ فهد جي دوستي ايتري ته گھاٽي ٿي وئي جو هڪ ڏينهن به هڪ ٻئي کانسواء نه سرندي هئن. ڪلاسز کانپوءِ هو اڪثر گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. هڪ ڏينهن فهد کيس پنهنجي جنم ڏينهن تي گھر اچڻ جي دعوت ڏني. هنن جي دوستي جيتوڻيڪ سال کن کان هئي پر افراز هن کان پهرين ڪڏهن به فهد جي گھر نه ويو هو. فهد جو والد هڪ تاجر پيشه شخص هو ۽ ڪلفٽن جي گلف مارڪيٽ ۾ هن جو وڏو بزنس هو، سندن رهائش به ڪلفٽن جي پوش علائقي ۾ هئي.
گھر اچي تيار ٿي ڀيڻ کان گاڏي جي اجازت وٺي سندس ننڍڙي مهراڻ ڪار کڻي هو ٻڌايل ائڊريس تي ڪاشيانه سرفراز پهتو. فهد جو هڪ ننڍڙو خوبصورت بنگلو هو. ٻاهران اهو ننڍڙو پئي لڳو پر اندر داخل ٿيڻ سان ڪافي ڪشادو هو. فهد کيس وٺي ڊرائينگ روم ۾ آيو ڊرائينگ روم خوبصورت فرنيچر سان سينگاريل هو. جنهن مان گھر وارن جي خوش ذوقي جو اندازو ٿي رهيو هو. افراز کي ڪارنر جي هڪ صوفي تي ويهڻ جو چئي فهد اندر هليو ويو ۽ ڪجھ گھڙين کان پوءِ ڪولڊ ڊرنڪس کڻي واپس آيو، ٻئي ڪولڊ ڊرنڪس سان شغل ڪرڻ لڳا.
ڪجھه دير کان پوءِ ملازمه فهد کي اچي چيو ته،
”بيگم صاحبه چوي ٿي ته ڪيڪ ڪٽڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“
ٻئي اٿي گھر جي داخلي دروازي جي ذريعي لائونج ۾ پهتا، لائونج ڪافي ڪشادو هو ۽ موقعي مناسبت سان سينگاريل هو، ليڪن اتي مهمان صرف اڪيلو افراز هو باقي سڀ گھر جا فرد هئا. اهو ڏسي هو نه صرف پريشان ٿي ويو پر دل ئي دل ۾ شرمسار به ٿي ويو، سوچڻ لڳو ته گھر وارا ڇا سوچيندا هوندا ته هي ڪٿان ڪباب ۾ هڏي بنجي پهتو آهي.
فهد اچڻ شرط پنهنجي والده ۽ پيء سان هن جو تعارف ڪرايو.
”بابا هي منهنجو گھاٽو دوست افراز، جنهن جو ذڪر مان اڪثر ڪندو رهندو آهيان. “
فهد جو والد سرفراز گرمجوشيء سان ساڻس مليو، هن فهد جي والده کي سلام ڪيو هن به کيس دعائون ڏنيون، تمام ڊيسينٽ ۽ سلجھيل خاندان هو. فهد جو ننڍو ڀاء فاران منهن مان گھڻو شرارتي پئي لڳو. هو ڪيڪ تي ميڻ بتيون سينگاري رهيو هو، فهد کي ڏسي شرارتي انداز ۾ چوڻ لڳو،
”ادا ڪيڏو نه سُٺو ٿئي ها جو منهنجو جنم ڏينهن به توهان سان گڏ هجي ها بلڪه مان هر مهيني پنهنجو برٿ ڊي سيليبريٽ ڪيان ها. ريئلي آء لو برٿڊي ڪيڪ اينڊ پارٽيز. “
پٽ جي اهڙي ڳالهه تي سرفراز صاحب ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، انهيءَ وقت هڪ نازڪ نفيس ڇوڪري جيڪا ماڊرن لباس اوڍيل هئي ٻنهي هٿن ۾ گلاب جي پنکڙين سان ڀريل پليٽ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي، ان ڳالهه کان بيخبر ته ڪو اجنبي مهمان به هنن جي هن فيملي دعوت ۾ شريڪ آهي. اچڻ شرط پنکڙين جون مٺيون ڀري ڀاء جي مٿان نڇاور ڪرڻ لڳي. هوء بلو جينز ۽ وڏن گلن واري زرد شارٽ شرٽ ۾ تمام گھڻي خوبصورت لڳي رهي هئي خاص طور تي هن جا سلڪي سونهري وار جيڪي چيلهه تائين پئي پيا گلابي چهرو هلڪي ميڪ اپ سان سينگاريل هن کي وڌيڪ حسين بنائي رهيو هو.فهد ڀرسان بيٺل افراز کي آهسته آواز ۾ ٻڌايو،
”هيء عرشيه آهي منهنجي ننڍي ڀيڻ فيشن ڊزائيننگ ۾ ڊپلومه پئي ڪري.“
افراز هڪ سرسري نگاه مٿس وڌي ۽ وري نظرون ٻئي طرف ڪري ڇڏيون . انهي وقت عريشه کي به احساس ٿي ويو ته اسان جي وچ ۾ ڪو مهمان شخص به موجود آهي ۽ جيئن ئي هن نظر ڀري افراز ڏانهن نهاريو ته بس نهاريندي ئي رهجي وئي. افراز مردانه وجاهت جو مڪمل نمونو هو گهري سائي رنگ جي پٽاپٽي قميص ۽ ڪاري پينٽ ۾ هو تمام هينڊسم ۽ ڊيشنگ پئي لڳو. پهرين نظر ۾ هن جي شخصيت ۾ اهڙي ته گم ٿي وئي جو کيس هوش ئي نه رهيو.۽ هوش ان وقت آيس جڏهن ماء جو آواز ڪن تي پيس،
”عريشه ڪيڏانهن گم ٿي وئينء. ڇري کڻي ڀاء کي ڏي ته ڪيڪ ڪٽي سج لهڻ وارو آهي. “
هوء شرمسار ٿي وئي ڄڻ ڪنهن سندس چوري پڪڙي ورتي هجي. ليڪن باقي سڀ هن جي احساسات کان بيخبر خوش گپين ۾ مصروف هئا. تاڙين ۽ جنم ڏينهن مبارڪ جي پڙلاءِ ۾ ڪيڪ ڪٽجي ويو. رفريشمينٽ جو دور هليو، فارغ ٿي افراز موڪلائي اٿڻ لڳو ته عريشه کان رهيو نه ٿيو ۽ اٿي اچي ڀاء جي ڀر ۾ صوفي تي ويٺي ۽رازداراڻه انداز ۾ پڇڻ لڳي،
” ادا توهان اڳ۾ ته ڪڏهن پنهنجي دوست جو گھر ۾ ذڪر نه ڪيو ۽ اڄ اچانڪ فيملي گيدرنگ ۾ مدعو ڪري ورتو ۽ هاڻي وري بغير تعارف جي وڃڻ پيا ڏيوس. “
فهد ڀيڻ جي شرارت کي سمجھي ويو،
”اوهه سوري ماء ينگ ليڊي ! آئينده ڪنهن کي مدعو ڪرڻ وقت اوهان کان ضرور اجازت طلب ڪبي. باء دي وي ، هي افراز آهي منهنجو پيارو دوست ۽ يونيورسٽي فيلو. ٿي ويو تعارف يا اڃان ڪجھ باقي رهي ٿو. “
ڀاء ڀيڻ جي بحث تي افراز زيرِ لب مسڪرائيندو رهيو. ڪجھ دير
کانپوءِ هو سڀني کان موڪلائي هليو ويو.
عرشيه پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ڌڙام سان پاڻ کي بيڊ تي اچي سٽيو. ۽ هڪ رومانوي ڌن جھونگارڻ لڳي. افراز پهرين نظر ۾ هن جي اندر ۾ گھڙي ويو هو. هن اهڙي ئي ڪنهن پرڪشش شخصيت جي مالڪ شخص کي پنهنجو آدرش بنائي رکيو هو. ۽ ائين اچانڪ سامهون اچي هن جي اندر ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. هوء هن سان ملڻ، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻ، اندر جو حال اورڻ لاءِ بيچين ٿي وئي هئي.
افراز هن جي جذبات کان بيخبر پنهنجي ئي ڌن ۾ مگن ٿڪل ٽٽل گھر ۾ داخل ٿيو ته ماريه سندس انتظار ڪري رهي هئي. ماريه کي پنهنجي انتظار ۾ جاڳندو ڏسي هو دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي ويو ،
” آپا اڃان تائين ويٺا آهيو. “
” تنهنجو ئي انتظار پئي ڪيم. “
” ڇو؟ خير ته آهي نه .......... “
” ها، ها، خير آهي، فواد شارجه مان موٽي آيو آهي، فون ڪئي هئائين، مون صبحاڻي ڊنر تي کيس سڏيو آهي، تنهنجو ڇا خيال آ. “
”ويل ڪم! مونکي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي ٿو سگھي..... صبحاڻي موڪل به آهي ۽ ٻي ڪا مصروفيت به ڪونهي. “
”ته پوءِ صبحاڻي گھر ۾ ئي هججانء ۽ ها ان باري ۾ في الحال غزل سان ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هوء شايد ڪمفرٽيبل فيل نه ڪري. “
”توهانجي مرضي... “
اهو چئي هو اٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
صبح ساڻ موسم جھڙالي ٿي وئي هئي، سرد هوا گھلي رهي هئي. ڪراچي ۾ عام طرح ته موسم هميشه معتدل هوندي آهي، نه گھڻي گرمي نه گھڻي سردي، البته ڪنهن ڏينهن جيڪڏهن ٿڌ پوندي آهي ته ساه ئي سڪائي ڇڏيندي آهي. سرد هوائون ماڻهن کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏينديون آهن. اڄ به صبح ساڻ آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر ٺهي آيا، هوائن سان رانديون ڪندي تيز تيز ڊوڙي رهيا هئا ڄڻ لٺ کڻي ڪو پويان پيو هجين، منظر ايترو ته دلفريب هو جو غزل جيڪا هونئن سدائين اهڙي موسم ۾ اداس ٿي ويندي هئي، اڄ سندس دل چاهيو ته ڇونه ان خوبصورت موسم مان ڪجھ حِظ حاصل ڪجي، هوء چانهه جو مڳو کڻي اچي گيلريء ۾ بيٺي هئي ۽ ڪڪرن کي هوائن ۾ ترندي ڏسي رهي هئي هوء کوڙ دير تائين ائين بي مقصد خلائن ۾ نهاريندي رهي، اچانڪ هوا جو سرد جھوٽو هن جي چهري سان ٽڪرايو ته سردي وچان کيس ڏڪڻي وٺي وئي، ليڪن پوءِ به هوء اتان نه هٽي ۽ بادلن کي هڪ ٻئي سان رانديون ڪندي ڏسندي رهي. سندس محويت جو اهو عالم هو جو کيس خبر ئي نه پئي ته افراز ڪيڏي مهل هن جي پويان اچي بيٺو ۽ کيس ائين گم سم بادلن ۾ ڪجھ تلاش ڪندو ڏسندو رهيو. هن کيس ڊسٽرب ڪرڻ نه ٿي چاهيو، هوء ان لمحي کيس دنيا جي حسين ترين عورت لڳي رهي هئي، ڄڻ ڪا اپسرا هجي. سندس چهري جي گرد وکريل وار جيڪي هوا جي جھوٽن وڌيڪ وکيري ڇڏيا هئا. افراز کي ائين لڳو ڄڻ چنڊ ڪارن ڪڪرن جي اوڍر مان جھاتي پائيندو هجي. سندس نگاهن جي تپش هئي يا ٻيو ڪو سبب، غزل اچانڪ گيلريء کان هٽي واپس مُڙي ته اتي افراز کي بيٺل ڏسي حيرت مان پڇڻ لڳي،
”هيلو ينگ مئن ! توهان ڪيڏي مهل کان هتي آهيو.“
افراز شڪي ٿي ويو، پر پاڻ سنڀاليندي چيائين ،
”بس هينئر ئي آيو آهيان، در اصل آپا توهان کي سڏيو پئي، مرينه ۽ عاشر اڃان ننڊ پيا آهن نه، ان ڪري مونکي موڪليائين.“
”ٺيڪ آ، توهان هلو مان بس ڏهن منٽن ۾ اچان پئي.“
افراز اتان هليو ويو ته وري بي سرو پا خيالن ۾ گم ٿي وئي.
شام جو چانهه کان پوءِ حسبِ معمول هو رات جي ماني لاءِ ماريه جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪچن ۾ وئي ته ماريه ڏاڍي اهتمام سان هڪ ٻه وڌيڪ ڊشز پئي تيار ڪيون.
”ڇو ڀلا اڄ ڊنر تي ڏاڍو اهتمام پيو ٿئي، ڪي خاص مهمان اچڻا آهن ڇا.؟
ماريه کلندي سندس ئي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ڇو ڀلا، اسان کي موڪل ڏهاڙي کي انجواء نه ڪرڻ کپي.....؟ “
”بلڪل ڪرڻ کپي، ڀلا ان ۾ قباحت به ڪهڙي ٿي سگھي ٿي. “
ائين ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ڊنر تيار ڪري هوء پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
غزل جڏهن کان ماريه جي گھر اچي رهي هئي، هن جي ڪوشش هوندي هئي ته هوء ڪنهن جي ذاتي زندگي يا پرائيويسي ۾ ڪنهن به نموني مُخل نه ٿئي ۽ هر وقت گھر وارن جي سر تي سوار نه رهي. پنهنجي ڪمري مان ايندي هئي گھڙي سوا سڀني سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪو نه ڪو ڪم ڪار ڪندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن مرينه، عاشر يا افراز گھڙي ساعت لاءِ سندس ڪمري ۾ ايندا هئا، افراز ته صرف ان مهل جڏهن هو ٻاهر وڃي رهيو هوندو هو ته پڇڻ ايندو هو ته ٻاهران ڪنهن شيء جي ضرورت ته ناهي. ائين سڀني جي زندگي سولائي سان پئي گذري.
رات جو ڊنر تي مرينه کيس سڏڻ آئي،
”آپي ڊنر لڳائي ڇڏي آهي سڀ انتظار پيا ڪن.“
”ٺيڪ آ توهان هلو مان اچان پئي.“
مرينه جي وڃڻ کان پوءِ هوء بيڊ تان اٿي بي مقصد هلندي ڀت ۾ لڳل آئيني جي آڏو اچي بيٺي ۽ ڦڻي کڻي وکريل وارن کي سنواريائين، رئو ٺيڪ ڪري ڪمري مان نڪري آئي لائونج ۾ رکيل ڊائيننگ ميز وٽ اچي پنهنجي لاءِ مخصوص ٿيل ڪرسي سرڪائي ويهڻ واري هئي ته کيس لڳو ته گھر ڀاتين کان علاوه به ڪير ميز تي موجود آهي، اچانڪ سندس نگاهون اوڏانهن کڄي ويون، جيئن ئي هن جي نگاه ان اجنبي شخص جي چهري تي پئي، حيرت ۽ صدمي وچان هوء اکيون ڇينڀڻ جھپڪائڻ ئي وسري ويس. ذري گھٽ رڙ ڪندي ڪندي پاڻ تي قابوپائي ورتائين. هوء وائڙن وانگي اوڏانهن ڏسندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوڻ لڳي ،
”حيرت انگيز..............!“
سندس سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل افراز جيڪو چور نگاهن سان سندس جائزو وٺي رهيو هو، هن جو آواز ٻڌي ڏانهس نهارڻ لڳو، هن جي نگاهن جي تپش محسوس ڪندي غزل پنهنجي بيساختگيء تي دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي جلدي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ سواليه نگاهن سان ماريه ڏي ڏسڻ لڳي ، ماريه سندس نگاهن جو مطلب سمجھندي،
”هي فواد آهي احمد فواد ! منهنجو ڪزن.... “
”حيرت آ..... ! مون ٻن سالن ۾ توهان جي ڪزن کي پهرين ته ڪڏهن به هتي ناهي ڏٺو، اڄ اچانڪ...... “
.”اصل ۾ فواد امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهي...... مذاقيه انداز ۾ ڇا امپورٽ ايڪسپورٽ ڪندو آهي ان جي ڄاڻ ڪونه اٿم پر هو ان سلسلي ۾ ڪڏهن دبئي ڪڏهن شارجه ، پيو ملڪ گھمندو آهي. سال کن پهرين جڏهن اسان اسلام آباد ويا هئاسين اتي مليو هو ته وري اڄ آيو آهي.“
غزل حيران هئي، من اندر سجايل مورت هيئن سندس آڏو اچي بيٺي هئي . ورهين کان هوء جنهن تصوير کي پنهنجي اندر ۾ سجايو سانڍيو پئي وتي، اها هيئن حقيقت جو روپ وٺي زنده سلامت هن جي سامهون موجود هئي. کيس يقين نه پئي آيو ائين پئي لڳو ڄڻ هوء جاڳندي جو خواب پئي ڏسي. باقي سڀ هن جي اندروني ڪيفيت کان بي خبرهئا، ماريه فواد سان سندس تعارف ڪرائي رهي هئي.
”هي غزل آهي، منهنجي يونيورسٽي جي دوست . سندس گھر وارا اتر سنڌ ۾ رهن ٿا، پاڻ جاب جي سلسلي ۾ ڪراچي آئي ۽ منهنجي بيحد اصرار تي مون وٽ رهي پئي. غزل منهنجي تمام پياري دوست آهي. “
فواد هن جي ذهني حالت کان بيخبر صرف اخلاقي تقاضا تحت کانئس سرسري انداز ۾ پڇيو،
”توهان هتي ڪهڙي جاب پيا ڪيو. “
غزل پنهنجي ذهني ڪيفيت تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي هٻڪندي چيو
”جي مان هڪ آرٽ انسٽيٽيوٽ ۾ مجسمه سازي جي سکيا ڏيندي آهيان.“
”واه ! ان جو مطلب ته سنگ تراش آهيو، پوءِ ته دل به پٿر جي رکندا هوندا . فواد خوشدلي جو مظاهرو ڪندي چيو. فواد جي شخصيت ۽ ڳالهيون هن جي دل کي بيچين ڪري رهيون هيون، من اندر مانڌاڻ متل هو، پوءِ به پنهنجي انهي حالت کي لڪائڻ خاطر سندس ئي نموني ڪيل سوال جو ساڳئي انداز ۾ جواب ڏيڻ ضروري سمجھو يا هن کي ڏسي هن جي اندر جي خوشدلي جاڳي پئي هئي،
”نه جناب ! نه ته مان سنگتراش آهيان ۽ نه پٿر جي دل رکان ٿي، ميڻ جا مجسمه ٺاهيندي آهيان ۽ ميڻ جهڙي ئي نرم و نازڪ دل جي مالڪ آهيان، خيال رهي گھڻي تپش تي رجي پاڻي ٿي ويندي آهيان. “
پنهنجي ئي جواب تي کيس حيرت ٿي رهي هئي. هوڏانهن سندس اهڙي ٺهه پهه جواب تي فواد گھڙي ساعت لاءِ ته لا جواب ٿي ويو، پر پوءِ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
افراز ٻن سالن ۾ پهريون ڀيرو غزل کي اهڙي خوش دلي جو مظاهرو ڪندي ڏٺو هو. هو سوچي رهيو هو ته اڄ ته هن گھٽ ڳالهائيندڙ عورت ، فواد جهڙي گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پئندڙ گھاگھ انسان کي واه جو ٺهه پهه جواب ڏنو آهي جو في الحال ته فواد صاحب جي ٻولتي ئي بند ٿي وئي هئي.
فواد، غزل جي حاضر جوابي کان ڪافي متاثر ٿيو هو. ڊنر کان پوءِ ڪافيء جو دور شروع ٿيو ته سڀ اچي صوفن تي ويٺا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، شارجه جا حال احوال ، سڀ پنهنجي پنهنجي ڌُن ۾ مگن هئا. غزل جي بيچيني سوائي ٿيندي پئي وئي، انڪري هوء جلدي جلدي ڪافي ختم ڪري اجازت وٺي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي، هن نه ٿي چاهيو ته ڪو هن جي اندروني ڀڃ ڊاه واري حالت جي ڪنهن کي کڻڪ به پئي.
فواد سندس وڃڻ کان پوءِ ماريه کي چوڻ لڳو،
”لڳي ٿو توهان جي گيسٽ کي اسان جي ڪمپني پسند نه آئي. “
ماريه جي جواب ڏيڻ کان پهرين ئي افراز چوڻ لڳو،
”اهڙي ڳالهه ناهي، مس غزل ڪافي محتاط طبعيت جي مالڪ آهي،اسان سان به گھڻي بي تڪلف ناهي ٿيندي ۽ صرف خاص ٽائيمنگس تي پنهنجي ڪمري کان ٻاهرايندي آهي . “
”پوءِ ته توهان کي به ڪافي محتاط رهڻو پوندو هوندو. “
اهو ٻڌي مرينه وچ ۾ ٽپڪو کاڌو،
”نه لاله نه ، ! اهڙي به ڳالهه ناهي آپي منهنجي ته پڪي سهيلي آهي، پڙهائي ۾ منهنجي مدد ڪرڻ، نيون نيون ڊشز ٺاهڻ جي ماهر، مون به کوڙ ساريون شيون ٺاهڻ هن کان سکيون آهن. “
”اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو، ان بهاني اسان کي به نوان سواد چکڻ جو موقعو ملندو، چڱو مان هاڻي هلندس. “
اهو چئي فواد اٿي موڪلائي هليو ويو.
غزل ڪمري ۾ هلي ته وئي پر هن جي دل ٻاهر ئي اٽڪيل رهي. هن جي منزل مقصود ائين اچانڪ هن جي آڏو ساڀيان جي شڪل ۾ اچي بيهندي ، هن ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، ۽ اهو به هن جي پنهنجي دوست جي گھر ۾، جن وٽ گذريل ٻن سالن کان هوء موجود هئي ماريه ڪڏهن اهڙو ڪو ذڪر به نه ڪيو. پر ماريه پنهنجي ڪنهن اهڙي ڪزن جو ذڪر ڀلا ڪري به ڇو ها، جنهن سان هن جو نه وڙ نه واسطو. هو پنهنجو وقت ٻاهرين ملڪن ۾ گذاريندو هو، هو ڪير هو، ڇو هو، ڀلا ماريه هن کي ان جي باري ۾ ڇو ٻڌائي ها. کيس پارس جا چيل اهي لفظ ياد اچڻ لڳا،
”منهنجي مٺڙي غزل ! ڪيپچر ضرور ڪيو پر پرستش لاءِ نه ، بت ڀلي جوڙجن پر انهن کي پوڄيو نه ، بت هميشه ٽُٽڻ لاءِ هوندا آهن ۽ اهو ئي سندن مقدر هوندو آهي. “
فواد کي ڏسي هن جي دل ۾ کوڙ ساري خوشي ۽ سرشاري ڀرجي وئي هئي.اڄ پارس جا اهي لفظ کيس بي معنى لڳي رهيا هئا. اڄ ته هن جي ورهين جي تپسيه پوري ٿي هئي، کيس ائين پئي لڳو ڄن اچانڪ سندس اهو وڃايل خزانو هٿ اچي ويو هجي جنهنجي آس ئي ڇڏي ڏني هئائين. ايترن سالن ۾ ته هوء ان مجسمي کي ئي وساري ويٺي هئي، جيڪو هن جي مخروطي آڱرين جي جنبش سان جُڙي راس ٿيوهو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي هئي. ڇو جو اهو هوبهو هن جي آدرش جو پرتوو هو. ڪڏهن ڪڏهن انسان جا تصورات ۽ تخيلات ايترا ته طاقتور ٿي ويندا اهن جو اهي حقيقت جو روپ وٺي ان جي سامهون اچي بيهندا اهن. غزل سان به اڄ اهڙوئي واقعو ٿيو هو يا ته هوء قنوطيت ۽ غير يقينيء جو شڪار ٿي وئي هئي.
”ٿي سگھي ٿو ته اهو شخص هروڀرو مونکي ان مجسمي جيان لڳندو هجي، يا اها منهنجي خام خيالي هجي. ڀلا ڪو شخص جيڪو مون زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو نه هن سان مليس، اهو منهنجي خيالن ۾ ڪيئن اچي ٿو سگھي. يقينا“ مون ئي ان اجنبي شخص ۾ پنهنجي من مندر جي ديوتا جي تصوير ڪيپچر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، تڏهن هو مون کي پنهنجي تصورات جيان لڳو هوندو، ورنه هن جي، منهنجي ان اوچتو ٺهي ويل مورت سان ڪهڙي مشابهت... شايد وڌندڙ عمر ۽ احساس محرومي مونکي هن ڏانهن راغب ڪرڻ چاهيو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي اهڙي سوچ جي ڄاڻ پئي ته هو مونکي يا ته ديواني سمجھندو يا بيوقوف يا هو اهو سمجھندو ته مان خوش فهميءَ جو شڪار ٿيندي پئي وڃان.. “
انهن ئي سوچن ۾ خبر ناهي ڪيڏي مهل ننڊ جي ديوي کيس خوابن جي دنيا ۾ وٺي وئي.
سڄي رات خواب کيس بيچين ڪندا رهيا، ڪڏهن هوءَ سمنڊ ڪناري ٿڌي واريء تي پيرين اگھاڙي فواد سان هٿ هٿ ۾ ڏئي پسار ڪري رهي هئي، ته ڪڏهن تاج محل جي سفيد چمڪندڙ مَر مَرين فرش تي هلندي فواد سان پيار و محبت جون ٻوليون ٻوليندي نظر آئي. سڄي رات ائين وهامي وئي، صبح جو سجاڳ ٿي ته طبعيت ۾ عجيب بيقراري ۽ڳوراڻ محسوس ڪري رهي هئي. دل نه پئي چاهيس ته اٿي نوڪري تي وڃڻ جي تياري ڪري. ليڪن ماريه جي پريشانيء جو سوچي بي دليو اٿي تيار ٿيڻ لاءِ هلي وئي.
ماريه ناشتي تي سندس اننتظار پئي ڪيو، البته افراز، مرينه ۽ عاشر پڙهڻ لاءِ وڃي چڪا هئا. غزل ٿڪل ٿڪل قدمن سان ڊائننگ ميز ڏانهن وڌي ۽ ڪرسي سيري ويهي رهي . ماريه غور سان کيس ڏسندي چيو،
”لڳي ٿو ته رات پوري طرح ننڊ نه ڪئي اٿئي، اکيون ٿڪل ٿڪل پيون لڳني. “
”نه ، نه، ننڊ ته ڏاڍي سٺي آئي، پر عجيب وغريب خوابن سڄي رات بيچين رکيو. ان ڪري طبعيت وساميل وساميل پئي محسوس ٿئي.“
ماريه کلندي،
”ته پوءِ اهڙا خواب نه ڏسندي ڪر نه . “
غزل جي لبن تي هڪ اداس مرڪ ڇانئجي وئي،
”ڀلا خواب به ڪنهنجي وس ۾ هوندا آهن، انسان به عجيب مخلوق آهي، هر اها خواهش جيڪا عام زندگيء ۾ سندس دسترس ۾ نه اچي سگھي، اها اوتري ئي شدت سان لاشعور جي ڪنهن گوشي ۾ موجود هجي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن نامڪمل خواهشون لاشعور جا بند ٽوڙي خوابن جي شڪل ۾ تڪميل جا سڀ مرحلا طئي ڪري وٺنديون آهن.“
ماريه غور سان سندس چهري جي اڀرندڙ لهندڙ تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سندس ڳالهه وچ ۾ ڪاٽي مسڪرائي چوڻ لڳي،
”ائين ئي سهي، انسان پوءِ به خوش نصيب آهي، ڪير کيس پنهنجي مرضيء جا خواب ڏسڻ کان ته روڪي نه ٿو سگھي نه، گھڙي کن لاءِ ئي سهي ماڻهو پنهنجي خوابن جي حسين ۽ دلڪش وادين ۾ بغير ڪنهن ڊپ ڊاء ۽ روڪ ٽوڪ جي مزا ماڻي سگھي ٿو. “
غزل جي منهن تي اداس مرڪ ڇانئچي وئي،
هوءَ وساڻل انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ماريه تون به عجيب آهين ، توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ. توکي ته بنا سپنا
پَسڻ جي سڀ ڪجھ ساڀيان ۾ ملي ويو، تشنه آرزوئون جڏهن خوابن ۾ پوريون ٿيڻ لڳنديون آهن نه، ته سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ اهو درد اڃان به سوايو ٿي ويندو آهي، هر شيء اسان جي پهچ کان پري جو هوندي آهي.“
”صبح ساڻ ڪهڙي فلسفي ۾ اچي منجھيا آهيون، ڇڏ انهن ڳالهين کي نيرن ڪري وٺ ته هلي ڪيون ڪا جر جي. “
ٻئي تڪڙ ۾ ناشتو ڪرڻ لڳيون.