ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

10

ائين ڏينهن گذرندا ويا، فواد جو نه ڪو فون آيو ۽ نه ڪا خبر چار. ڇهه مهينه هن فواد جي بغير ڪيئن گذاريا، رڳو آهن ۽ دانهن ۾ پرين پرڀات ڪيئن گُذري، جي مصداق. هوء هاڻي بلڪل مايوس ٿي وئي هئي. فواد ڪو واعدو به ته ڪونه ڪري ويو هوجو ان تي بيوفائي جو الزام ڌرجي. بس انتظار ڪرڻ جو چيو هئائين، ۽ هوء انتظار ڪري ڪري مايوس ٿي وئي هئي. هن وٽ دل بهلائڻ لاءِ ٻيو ڪجھ هيو به ته ڪونه، اڪيلايون ۽ صرف اڪيلايون. ڪڏهن ڪڏهن گھران فون اچي ويندي هئس ته گھڙي پل لاءِ دل جو ڪجھ درمان ٿي ويندو هئس. هڪ ڏينهن اهڙين ئي سوچن م اُداس ويٺي هئي، ته اچانڪ فون جي گھنٽي وڳي ته بي دلي سان فون کڻي ڏٺائين.، نامعلوم نمبر هو، پهرين ته دل چيس ته فون نه کڻي پر مسلسل گھنٽي وڄندي رهي ته مجبور ٿي کنيائين ته ٻئي طرف فواد جو آواز ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس، فواد وڌيڪ ڪجھ ڳالهائڻ کان گريز ڪندي صرف ايترو چيو ته هو ٻاهر سندس انتظار پيو ڪري جلدي اچي. اهو چوندي فون بند ڪري ڇڏيائين هوء حيران پريشان فون سيٽ ڏي ڏسندي رهي، کيس يقين نه پئي آيو ته فواد ائين اچانڪ فون ڪئي آهي. ڪاٿي اهو هن جو وهم ته ناهي، ڪاٿي ڪنهن فواد جي آواز ۾ مذاق ته ناهي ڪئي. اڄ ڏينهن تائين فواد ڪڏهن به سندس رهائش گاه تائين نه آيو هو ۽ اڄ اوچتو ايتري عرصي کان پوءِ ۽ اهو به سندس رهائش گاه تي. بي يقينيء جي ڪيفيت ۾ هن اهو نمبر بيڪ رِنگ ڪيو ته ٻئي طرف فواد ئي هو.
”ڇو ؟ ڇا ٿيو، اچو ڪونه ٿا ڇا. ؟ “
”دراصل مونکي يقين نه پئي ايو ته ائين اچانڪ ۽ اهو به هتي منهنجي گھر تائين توهان ڪيئن پهچي ويا. “
”اڃان پڇو پيا، مان ساڳي گھٽيء ۾ پاسي تي بيٺو آهيان جتي هميشه توهان کي ڇڏيندو آهيان. جلدي نڪري اچو، ڊنر ڪرڻ لاءِ هلڻو آهي “ .
غزل جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري وئي، گھٽيء جي پاسي تي فواد سلور ڪلر جي ڪرولا کي ٽيڪ ڏيو هن جو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي پري کان ايندو ڏسي هٿ لوڏي اشارو ڪيائين، هوء سڌي گاڏيء ڏانهن وڌي وئي، نگاهن ۾ هزارين شڪوه شڪايتون سانڍيو در کولي گاڏيء ۾ وڃي ويٺي. ته فواد به ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي، ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌي ويو. هوءَ ناراضگي جي انداز ۾ چپ چاپ رئي جي پلوَ کي مروڙي رهي هئي، هڪ لفظ به نه ڳالهايائين ته فواد ئي خاموشيء کي ٽوڙيو،
”نه حال نه احوال، ايتري عرصي کان پوءِ مليا آهيون، ڪجھ ته آدابِ ملاقات ٿيندا آهن.“
هوء پوءِ به خاموش، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي بي مقصد ڏسندي رهي. ناراضگي جتائڻ جو اهو به هڪ خوبصورت انداز آهي. کيس چيڙائڻ خاطر رومانٽڪ انداز ۾ چوڻ لڳو.
”ڀلا انهن ڇهن مهينن ۾ توهان اسان جي ڪا حسين مورت ته ضرور گھڙي هوندي. پهرين ته خيالن جي دنيا ۾ رهي، اسان کي وجود ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻي ته اسان جي زنده جاويد موجودگي ضرور انسپائريشن ڏني هوندي ۽ يقيناَ توهان جي هنن مخروطي آڱرين جي جنبش سان اسان جو ڪو نهايت دلڪش شاهڪار سرجي تيار ٿيو هوندو، پوءِ ڪڏهن ٿا اسان کي اسانجو پاڻ تحفي ۾ ڏيو.“
اهو ٻڌي غزل جي صبر جو مادو لبريز ٿي ويو. اکين مان نير لارون ڪري وهڻ لڳا. ايتري عرصي جو اندر ۾ سانڍيل غُبار سڏڪا بنجي ٻاهر نڪتو ، ڊيش بورڊ تي مٿو رکي سڏڪندي رهي، فواد به هن کي اندر جو اوٻر ڪڍڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. هوء به سڏڪندي سڏڪندي چپ ٿي وئي ڪجھ ئي دير ۾ هن پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي مٿو مٿي کنيو ۽ رئي جي پلوَ سان ڳوڙها اُگھندي سڌي ٿي ويهي رهي. پر پوءِ به ڪجھ نه چيائين، فواد به چپ چاپ گاڏي ڊرائيو ڪندو رهيو. هن گاڏي هڪ چائنيز ريسٽورينٽ جي سامهون روڪي. گاڏيء مان لهي ٻئي پاسي اچي هن جو در کوليو،
”بس هاڻي معافي، اچو ٻاهر اچو، ريئلي آءِ ايم سوري. “
غزل نه چاهڻ باوجود ٻاهر نڪري آئي ۽ هو ريسٽورينٽ طرف وڌي ويا. ريسٽوران ۾ ڪافي رش هئي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڪنڊ ۾ پيل هڪ خالي ميز ڏانهن وڌي ويا. هنن جي ويهڻ جي ڪجھ دير کان پوءِ ويٽر آرڊر وٺڻ آيو، ته فواد پنهنجي پسند جا هڪ ٻه آئٽم آڻڻ لاءِ چيا، رکيل بوتل مان گلاس ڀري غزل ڏانهن وڌايو،
”ڇڏيو ڪاوڙ کي، هي وٺو پاڻي پيو، اهو ڪافي ناهي ته مان واپس اچي ويو آهيان ۽ توهان سان گڏ ويٺو آهيان. “
غزل پاڻي پي ڪجھ سامت ۾ آئي ۽ ڏکاري لهجي ۾ چيائين،
”توهان آخر ڪيستائين منهنجي صبر کي آزمائش ۾ وجھندئو، ٺيڪ آ توهان مصروف هوندئو، ليڪن فون جو نمبر به مٽائي ڇڏيندا، اهو ڪٿان جو انصاف آهي. توهان جي جھلڻ جي باوجود مون ڪئي دفعه توهان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن هر دفعي نمبر بند مليو.“
”جناب اهو ان ڪري جو مان هتان جو نمبر هتي ئي بند ڪرائي ويندو آهيان. تڏهن ئي توهان کي جھليندو آهيان ته فون نه ڪندا ڪيو.“ غزل کي سندس اها منطق سمجھ ۾ نه آئي، ليڪن بحث فضول سمجھندي اهو سوچي ماٺ ٿي وئي ته آخر هن سان ڪهڙي حق سان باز پُرس ( پڇاڻو) ڪيان. هن جي ۽ منهنجي وچ م ڪهڙو ناتو آهي، جنهن مونکي اهو حق ڏنو هجي. مون جڏهن به مستقبل جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيو، هن منهنجي حوصلا افزائي ڪانه ڪئي. ڪو واعدو ڪو عهد و پيمان، ڪجھ به ته نه ٿيو آ اسان جي درميان ، پوءِ ڪنهن ماڻهوء کي زور بار ڪرڻ مان ڇا حاصل. پر اهو به ته درست ناهي ته مان هڪ اهڙي آسري ۾ انتظار ڪندي رهان، ته نيٺ ته هو اسان جي آئيندي جي باري ۾ ڪو سنجيده فيصلو ڪندو، ڇا هو هر دفعي ايندو مونسان چند مهينا وقت گذاريندو ۽ پوءِ هڪ نئين آس، واپس ورڻ جي ڏئي، گم ٿي ويندو ۽ پوءِ ڪئي مهينن کان پوءِ پيو منهن ڏيکاريندو.“
عورت به ڪهڙي نه لاچار ۽ بيوس آهي، جو چاهڻ باوجود پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجي خواهشن جو اظهار ايستائين نه ٿي ڪري سگھي، جيستائين مرد پيش قدمي نه ڪري. قدرت اهو حق صرف مرد کي ڇو ڏنو آهي، وڻيس ته عورت جي نه چاهڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏهن به سندس رستا روڪ ڪري پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري، ڀلي عورت اهو سڀ ڪجھ نه به چاهيندي هجي، ۽ هن جي خواهشن آڏو جيڪڏهن هوء جرئت ڪري بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ته هو برهم ٿي ڪو نه ڪو انتهائي قدم کڻي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ آتو ٿي وڃي،ڪڏهن زور زبردستي ته ڪڏهن وس نه هلڻ جي صورت ۾ کيس تباه و برباد ڪري ڇڏي. پر عورت پنهنجي چاهتن پنهنجي خواهشن جي اظهار ۾ خود مختيار ناهي هوندي. هوء دل ئي دل ۾ ڀَڄندي ڀُرندي ، سڙندي پڄرندي رهندي آهي،حيا رڪاوٽ هوندو آهي ۽ دل جو سور دل ۾ ئي سانڍيو ماٺ ڪيو ان وقت جو انتظار ڪندي رهندي آهي، جڏهن سندس چاهتن جو مرڪز پاڻ اڳتي وڌي هن جو هٿ نه جھلي وٺي. اسان جي هن معاشري ڪيڏا نه ٻٽا معيار ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته مذهب عورت ۽ مرد ٻنهي کي جيون ساٿي جو انتخاب ڪرن جو هڪ جيترو حق ڏنو آهي. اهو سڀ سوچيندي غزل جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي. هوء انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته فواد هٿ وڌائي سندس هٿ جھلي چوڻ لڳو،
”ڪهڙين سوچن ۾ گم ٿي ويا آهيو، جيڪو وقت مليوآهي ان کي کوٽو ڇو ٿا ڪريو، پليز! زندگيء کي انجواء ڪرڻ سکو. جيترو وقت ملي انسان خوش گذاري، هروڀرو قنوطيت(مايوسي) ظاري ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو.“
فواد جي اهڙي ڳالهه تي غزل جي اندر ۾ عجيب بي وسيء جو احساس پيدا ٿيو. فواد ۽ هوء ايترو ويجھا هوندي به هڪ ٻئي کان احساساتي طور ڪيترا دور هئا. جو نه هو هن جي دل جي حالت کي محسوس ڪري رهيو هو ۽ نه سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
انهي وقت ويٽر اسٽارٽر طور گرم گرم پران سُوپ ۽ ڪريڪرس سندن آڏو آڻي رکيا، ته غزل به پنهنجي جذباتي ڪيفيت کي قابو ڪرڻ لاءِ بوتل مان پاڻي کڻي پيڻ لڳي. سوپ پئندي ٻئي رسمي طور ڳالهائيندا به رهيا. ڊنر آئي ۽ غزل بي دليو کائيندي رهي، البته فواد ڪافي هشاش بشاش پئي لڳو. ماني کائي بل ادا ڪري ٻئي ٻاهر نڪري آيا.
زندگي پنهنجي عام رواجي انداز سان روان دوان هئي، هر هفتي جي خاتمي تي فواد غزل جي اداري جي گيٽ تي ايندو هو ٻئي پنهنجون شامون پُر لطف ۽ پُر تڪلف انداز ۾ گُذاريندا هئا، ڪڏهن ڪنهن ريسٽوران ۾ شام جي چانهه يا رات جي ماني گڏجي کاڌائون جنهن جو بل اڪثر ڪري غزل ادا ڪندي هئي، ڪڏهن ڪنهن تفريحي مقام تي وقت گذاريندا هئا. انهي دوران نه فواد جي طرفان ڪا پيشبندي ٿي، ڪا آس ڏياري وئي، نه ئي غزل مستقبل جي باري ۾ ڪجھ چوڻ مناسب سمجھيو،نه همٿ ٿي جيتوڻيڪ هوء سمجهي رهي هئي ته وقت مُٺ جي واريء وانگر سندس هٿن مان نڪرندو پيو وڃي.ليڪن هوء پنهنجي محبت آڏو بيوس هئي، هوء فواد کان علحدگي جو تصور به ڪري نه ٿي سگھي، هن نه ٿي چاهيو ته فواد گھڻو زور ڀرڻ تي متان چڙي اهو ملڻ به ڇڏي ڏئي، ان بيوسيء جي عالم ۾ بس زندگي جا ڏهاڙا جيئن تيئن گذرندا پئي ويا. البته هن دفعي ايترو ضرور ٿيو جو اهو پُر اسرار فون آيو ٿي ته فواد پريشان ڪونه پئي ٿيو، بس ٿورو پر ڀرو وڃي ڳالهائي موٽي آيو ٿي، ائين پئي لڳو ته هن دفعي فون ڪرڻ واري ۽ فواد ۾ معاملا طيء ٿي ويا هجن يا ڪو سمجھوتو ٿي ويو هجي. فواد به ڪافي مطمئن لڳو ٿي. ائين وقت پر لڳائي گذري ويو ۽ اها گھڙي به اچي پهتي جڏهن فواد جي واپسي ٿيڻي هئي. هڪ ڏينهن شام جو هوء جيئن ئي گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته فواد گاڏيء کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، ليڪن هن جي چهري تي پريشانيء جا آثار نمايان هئا. فواد کي اهڙي موڊ ۾ غزل هن کان اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هو ته هميشه کلندو مسڪرائيندو رهندو هو. يقينا” ڪا ڳالهه ضرور آهي جنهن کيس ائين ملول ڪري وڌو آهي. پر ڪهڙي ڳالهه ٿي هوندي، کيس پُڇڻ گھرجي الائي نه. اهو سڀ سوچيندي هوء سندس ويجھو اچي پهتي ته فواد ڪجھ چئي بغير ڦري اچي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ته هوء به بئي طرف در کولي ويهي رهي. انهيء دوران فواد خاموش رهيو ته هن جي اها حالت غزل کان سَٺي نه ٿي ۽ همٿ ڪري پڇي ويٺي،
”ڪجھه منڌل منڌل پيا ڀاسيو، ڪجھ ٿيو آهي ڇا. “
”نه ، ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، بس ائين ئي ڪجھه ڪاروباري معاملا پيا ٿيندا آهن . “
”پر توهان اڳ۾ ته ڪڏهن ائين پريشان ناهيو ٿيندا، ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي ڇا، توهان مونسان شيئر ڪندا ته مونکي اطمينان ٿيندو.“
”نه غزل اهڙو ڪو مسئلو ناهي، توهان اطمينان رکو، مان سيٽل ڪري وٺندس. توهان هروڀرو پيا پريشان ٿيو. “
”ايترو عرصو گڏ رهڻ باوجود به توهان شايد مونکي پنهنجو نه ٿا سمجھو، مون هن کان پهرين ڪڏهن به توهان کي اهڙي موڊَ ۾ ناهي ڏٺو، ان ڪري ئي من ۾ عجيب هورا کورا پئي ٿئي.“
فواد ته دل سان چاهيو پئي ته غزل پاڻ اڳتي وڌي کيس مدد جي آفر ڏئي، پر هن پنهنجي دل جي ڳالهه ظاهر ڪرڻ نه ٿي چاهي، البته هن جي موڊ ۾ ڪابه تبديلي ڪونه آئي ۽ خاموشيء سان ڊرائيونگ ڪندو رهيو. آخرڪار هن سمنڊ ڪناري هڪ نسبتا” الڳ ٿلڳ جڳهه تي اچي گاڏي روڪي، ليڪن ڪافي دير تائين سوچن ۾ گم گاڏيء ۾ ويٺو رهيو، ۽ بي مقصد سمنڊ جي ايندڙ ويندڙ ڇولين کي گھوريندو رهيو، غزل غور سان سندس ان ڪيفيت جو مشاهدو ڪندي رهي، هن جي دل ۾ ڪئي قسمن جا انديشا ۽ وسوسا جنم وٺي رهيا هئا. هميشه خوش باش رهڻ وارو شخص آخر ڪهڙي مشڪل جي وَرِ چڙهي ويو آهي. گھڻي دير گذري وئي ليڪن فواد جي خاموشي برقرار رهي ته غزل کان رهيو نه ٿيو، زندگيء ۾ پهريون ڀيرو نهايت پنهنجائپ ڀرئي انداز ۾ هن جو هٿ جھلي چوڻ لڳي.
”فواد ڏسو ! اسان هاڻي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ناهيون رهيا، گھٽ ۾ گھٽ ان ناتي توهان مونکي ايترو حق ته ڏئي سگھو ٿا، ته مان توهانجي ڪنهن مشڪل گھڙيء ۾ توهان جو ساٿ ڏئي سگھان. پر جيڪڏهن اها منهنجي وس ۾ نه به هجي، تڏهن به چوندا آهن ته ٻه ته ٻارنهن، پنهنجي تڪليف مونسان شيئر ڪندا ته ٿي سگھي ٿو ته توهان جي دل جو بار هلڪو ٿي پوي.“
فواد به اصل ۾ اهوئي چاهيو پئي ته هوء کيس پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪري. آخر گھڻي پس و پيش کان پوءِ هن هٻڪندي چوڻ شروع ڪيو،
”دراصل مون توهان کي پنهنجي ڪاروباري الجھنن کان دور رکڻ پئي چاهيو، پر جي توهان ايتروئي بضد آهيو ته مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس ته ڪجھ ڏينهن پهرين مون جيڪا ڪنسائنمينٽ شارجه موڪلي هئي، اها مال ناقص هجن جو چئي رجيڪٽ ڪئي وئي آهي، مان حيران آهيان ته ائين ڇو ٿيو، ليڪن مونکي هاڻي اهو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هڪ وڏي رقم درڪار آهي. منهنجا پئسه ڪئي هنڌن تي ڦاٿل آهن، جيڪي جلدي ملڻ مشڪل آهن ۽ ڪاروباري ساک کي قائم رکڻ لاءِ مونکي ڪنهن به نموني نئون مال ڊليور ڪرڻوپوندو جنهن لاءِ وڏي رقم جي ضرورت پوندي، ان لاءِ ڪجھ پريشان هوس. ٿڌو سان ڀريندي ڦڪي مرڪ مرڪندي، خير توهان فڪر نه ڪيو، مان ڪوشش ڪيان پيو، ٿي ويندو ڪو نه ڪو بندوبست. “
غزل جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته فواد کي ڪا مالي اُلجھن ٿي سگھي ٿي. هوء ته هميشه کيس سُکيو ستابو ۽ خوش حال سمجھندي هئي، پر ڪاروباري دنيا ۾ اهڙا لاها چاڙها ايندا رهندا آهن ۽ اهڙا ڪاوباري ماڻهو ڪڏهن ڀريء ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندا آهن، پر اهڙي صورت حال ۾ هوء فواد لاءِ ڇا ٿي ڪري سگھي. هو عجيب ٻڏ تر ۾ اچي ڦاٿي هئي، ڊاڙ ته هڻي ويٺي هئي ته هوء فواد جي پريشانيء ۾ سندس مدد ڪرڻ ٿي چاهي، پر فواد کي الائي ڪيتري رقم جي گھرج آهي. ان جو کيس ڪو اندازو ڪونه هئو. آخر گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ هوء فواد جو هٿ جھلي نهايت نرميء سان دٻائيندي چوڻ لڳي،
”ڪيتري رقم مان توهان جو اهو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، شايد مان ان ۾ ڪجھ شيئر ڪري سگھان. “
اهو ٻڌي فواد فورا” پنهنجو هٿ سندس هٿ تي رکي چوڻ لڳو،
”اهو ڇا پئي چوين ، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، مان توکان اهڙي ڪابه مدد قبول نه ٿو سگھان، توهان ڳڻتي نه ڪيو، ڪٿان نه ڪٿان بندوبست ٿي ئي ويندو. “
غزل جيڪا ورهين کان پنهنجي من مندر ۾ هڪ مورت سجايو ان جي پرستش ڪندي رهي هئي، اها ڀلا هن مشڪل گھڙِي ۾ پنهنجي ديوتا جهڙي محب جو ساٿ ڏيڻ کان پاڻ کي ڪيئن پوئتي رکي پئي سگھي. نهايت ڳنڀير لهجي ۾ چوڻ لڳي.
”ڏسو فواد !اهڙي وقت ۾ هڪ دوست، هڪ محبت ڪرڻ وارو ئي ساٿ ڏئي سگھي ٿو. مان توهان جي ڪجھ گھڻي ته نه پر جيڪو منهنجو حال آهي، مان توهان جي ڪم آيس ته پاڻ کي نصيبن واري سمجھنديس. پليز ٻڌايو........... “
فواد ڏٺو ته هوء نهايت سولائي سان هن جي بنا گھرڻ جي ئي هن جي دلي مراد پوري ڪرڻ لاءِ آتي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ واري ناهي ته همٿ ڪندي چئي ڏنو ته کيس فوري طور تي ڏهه لک روپيه گھربل آهن.
ايتري رقم جو ٻڌي غزل جون ته وايون بتال ٿي ويون، دل ٻڏڻ لڳي. هن سوچيو به نه هو ته هُن کي ايڏي وڏي رقم جي ضرورت پئجي سگھي ٿي، هوء سوچ ۾ پئجي وئي، هن وٽ وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي لک روپيه اڪائونٽ ۾ هوندا، جيڪي ڪئي سالن کان هن بچت ڪري ڏک سُک ۾ ڪم اچڻ لاءِ پاسيرا ڪري رکيا هئا، ڪجھ زيور هئا جيڪي به ٻن لکن کان مٿي نه ٿيندا. جذبات ۾ اچي هوء وڏي هام ته هڻي ويٺي هئي پر کيس اندازو نه هو ته فواد کي ايڏي گھڻي لاچاري هوندي.
فواد چور نگاهن سان هن جي چهري جي لاهن چاڙهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو هن جي لٿل منهن کي ڏسندي هن کي پنهنجو داءُ ناڪام ٿيندي لڳي رهيو هو. آخر گھڻي دير ٿي وئي ته هن ئي خاموشيء کي ٽوڙيو،
”غزل ڪهڙي مونجھاري ۾ اچي پيا آهيو، مون توهان کي چيو به هو نه، ته فڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، مان ڪوشش ڪريان پيو رب سڻائي ڪندو. “
اهو ٻڌي غزل اندر ئي اندر ۾ شرمساري محسوس ڪري رهي هئي هاڻي ته اهو مثال صادق پئي ٿيو ته ” نه ڳهيو وڃي نه اوڳاڇيو وڃي.“ جيڪڏهن هوء انڪاري ٿي ٿئي ته ڪانياري ٿي ٿئي، ۽ چاهڻ جي باوجود به هن وٽ ايترو پس انداز ٿيل ڪونه هو جو پنهنجي پرستش ڪرڻ جهڙي محبوب جي پريشانيء جو سامان ڪري سگھي، آخر گھڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ وچ وارو رستو ڪڍڻ ۾ ئي عافيت ڀانيائين.
”نه فواد ! اهڙي ڳالهه ناهي، در اصل مونکي اندازو نه هو ته ڪو توهان کي ايتري رقم جي گھرج آهي، مان ايتري رقم جو بندوبست ته نه ڪري سگھنديس، ها البته ٽي کان چار تائين شايد ٿي ويندا، جيڪڏهن توهان چئو ته مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ توهان کي ڏئي سگھان ٿي. بلڪه چئو به ڇو، توهان جي مدد ڪندي مان پاڻ کي خوش نصيب سمجھنديس، محبتون ڪرڻ وارن لاءِ هميشه پنهنجي دل کي ڪشادو رکڻ گھرجي، مونکي ته ان ڳالهه جو ڏک پيو ٿئي ته مان توهان جو مسئلو پوري طرح حل ڪرڻ جي قابل ڇو ڪونه آهيان .“
فواد ايترو به غنيمت سمجھيو،
”ٺيڪ آ توهان دل نه لاهيو، جيڪڏهن توهان ايترو ئي بضد آهيو ته پوءِ توهان پنهنجي دل جي خوشيء لاءِ جيترو ممڪن آهي انتظام ڪري وٺجو باقي مان پاڻ ڪونه ڪو بِلو ڪري وٺندس. اهو به مان توهان جي دل جي خوشيء لاءِ ئي چوان پيو، ورنه ڪا مجبوري ناهي، ڪونه ڪو بندوبست ڪري وٺان ها.“
غزل شرمساري واري لهجي ۾ چوڻ لڳي،
”توهان يقين ڪيو مان چاهڻ جي باوجود توهان جي پريشاني جو مڪمل طور تي ازالو ڪرڻ کان قاصر آهيان، جنهن لاءِ مان شرمسار آهيان.“
فواد سندس ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھلي جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳو،
”غزل تون اهو ڇا پئي چوين، شرمساري ته مونکي پئي ٿئي، دوستيء ۾ اوڌر وٺڻ دوستي جي قينچي هوندي آهي، بهرحال مان جلد توهان جي اها اوڌر لاهڻ جي ڪوشش ڪندس. “
اهو طئي ٿي ويو ته جيئن بئنڪون کلنديون غزل رقم ڪڍرائي کيس ڏيندي. ان کان پوءِ فواد جي چهري تي به ڪجھ رونق اچي وئي ، ٻئي ڄڻا گھڻي دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا، غزل کي محسوس ٿي رهيو هو ته اڃ فواد جي لهجي ۾ هن لاءِ کوڙ ساري محبت جي چاشني هئي، پنهنجائپ ڀريو انداز هو. نگاهن جو بدليل انداز هو، جنهن ۾ عجب سرشاري هئي. هوء سوچي رهي هئي ته جيڪڏهن هوء ڪجھ ڏئي پنهنجي لاءِ محبتون حاصل ڪري سگھي ٿي ته اهو گھاٽي جو سودو ناهي، هوء ته سدائين محبتن جي متلاشي رهي هئي، پر ڪنهن ڪڏهن کيس نه سمجھيو هو هوء سدائين ان اوسيئڙي ۾ رهندي پئي آئي تن ڪو ته هوندو جيڪو هڪ ڏينهن هن جي آڏو اچي بيهندو ۽ کيس چوندو ڏس غزل ! اهو مان ئي ته آهيان تنهنجا سڀ ڏک سور، تنهنجون ازلي تنهايون، تنهنجون اُداسيون تنهنجون آرزوئون، تنهنجي سڀني جذبن کي پنهنجي سيني اندر سانڍڻ لاءِ، تنهنجي زندگي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو آهيان. هوء ته ازل کان محبتن جي متلاشي هئي. پنهنجن کان دور، پنهنجائپ جي احساسن کان محروم، زندگيء کيس محرومين کان سواء ڏنو ئي ڇا هو. عورت ته هونئن به مجبورين ۽ محرومين جو ٻيو نالو آهي، جيڪڏهن ڪنهن گھڙي پل لاءِ هن کي اهو احساس ڏياريو ته هوء به ڪنهن لاءِ اهم آهي، ته ان گھڙيء هوء سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ ۽ ان مٿان نڇاور ڪرڻ لاءِ بيچين ٿي ويندي آهي. غزل به اڄ فواد جي اکين جي ان والهانه انداز ۽ تپش کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي جِي پئي هئي، هن جون محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي دنيا جي خوش نصيب هستي سمجهي رهي هئي. انهن محبت ڀرين گھڙين جي گذرندي کيس وقت جي ڪل ئي ڪانه پئي ۽ جڏهن هوء هوش جي دنيا ۾ واپس آئي ته ڪافي دير ٿي وئي هئي. هن پريشان ٿي فواد کي واپس هلڻ لاءِ ڇيو ته فواد کي به احساس ٿيو ته ڪافي ٽائيم ٿي ويو آهي، جلدي جلدي اتان نڪري هڪ برگر شاپ تان برگر ۽ ڪولڊ ڊرنڪ خريد ڪري گاڏيء ۾ ئي ڊنر ڪندا گھر طرف روانه ٿي ويا.