3
ڪئي ڏينهن پڄاڻا هڪ ڏينهن هوء جيئن صبح جو سڄاڳ ٿي، اٿي دريء جو پردو هٽايائين ته سامهون آسمان تي گھنگھور گھٽائون ، ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. موسم ڏاڍي دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ پئي لڳي. ٿڌڙي هوا جي جھوٽي جيئن ئي سندس مُک کي ڇهيوته هن جي دل کي فرحت ۽ آسودگي محسوس ٿيڻ لڳي. ڪجھ دير لاءِ هو دريء مان آسمان ۾ ڊوڙندڙ بادلن کي نهاريندي رهي جيڪي هوا جي تيز جھوٽن تي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا پئي وتيا، بادلن کي ائين هڪ ٻئي پويان ترندي ۽ ڊوڙندي ڏسي هن جي چپن تي هڪ آسوده مرڪ ڇانئجي وئي. ڪافي دير تائين هوء ان حسين نظاري ۾ گم هئي ته اوچتو کيس خيال ايو ته نوڪريء تي به وڃڻو آهي، ماريه سندس انتظار ڪندي هوندي. هوء جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري آئي ته ماريه ناشتي تي هن جو انتظار پئي ڪيو اڄ هن موسم جي مناسبت سان سرمائي سلڪ جو جوڙو پهريو هو ڊگها ڪارا گھٽائن جهڙا وار، جنکي ڦڻي ڏئي، صرف ٻه پنون هڻي پُٺاڙن تي کولي ڇڏيو هئائين. هلڪي لپ اسٽڪ لڳل تمام خوبصورت لڳي رهي هئي رنگ ته اڳ۾ ئي ڳورو چٽو هئس وهنجڻ سان وڌيڪ فريش ٿي وئي هئي. ماريه مٿس سرسري نگاه وجھندي زيرِ لب مسڪرائيندي شوخ انداز ۾ ڇيڙڻ لڳي .
”اڄ ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو پورو پورو اهتمام ڪيو اٿئي خير ته آهي نه.، واقعي اڄ تون ڏاڍي پياري پئي لڳين.“
”بس اڄ موسم اهڙي ته خوبصورت آهي، جو دل چيو ته موسم جي حساب سان هلجي. سوري مونکي ڪجھ دير ٿي وئي.“
”اونو ! توکي ائين سينگارجڻ سنورجڻ جو پورو پورو حق آهي، بس تون سدائين سادي رهندي آهين نه، ان ڪري پئي چيم ، چڱو تون ويهه اڄ مون به موسم جي حساب سان ناشتو ٺاهيو آ، حلوو پوريون ۽ آمليٽ ، گھه گرم لڳو پيو آ تولاءِ ٻه گرم گرم پوريون تري ٿي اچان.“
”ماريه پليز ! تون منهنجي لاءِ ايتري تڪليف نه ڪندي ڪر، ٺاهي ڇڏين ها سڀني سان گڏ، ڇڏ مان پاڻ ٿي تري اچان . “
”نه نه ويليون پيون اهن صرف گهه ۾ وجھڻيون آهن گرم گرم پوري جو مزو ئي پنهنجو هوندو اهي. “
ائين چئي پوريون تري کڻي آئي ٻنهي ناشتو ڪيو ۽ آفيس لاءِ نڪري ويون.
شام جي وقت ڪڪر ڪارونڀار ٿي ويا، آسمان لس پٽ ٿي ويو، ڏور پري اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ تي وڄن جا چمڪاٽ هجن، بس اجھو ڪي وسيو، غزل ۽ ٻين اهڙي موسم ڏسندي پنهنجا ڪم سهيڙڻ شروع ڪيا ان نيت سان ته مينهن وسڻ کان پهرين پنهنجي پنهنجي اسٽاپن تي پهچي سوارين جو وڃي پاسو وٺن ، جو کين خبر هئي ته ٿورو مينهن وسيو ناهي سواريون غائب ٿيون ناهن ۽ پوءِ رستن تي باقي بچيل سوارين جا ته ماڻا ئي پنهنجا هوندا آهن . ڪم سهيڙي سڀ ٻاهر نڪتا ته جيڪو انديشو هو اهو ٿيو هلڪو هلڪو وسڪارو شروع ٿي ويو.سڀئي جلدي جلدي پنهنجي پنهنجي بس اسٽاپن ڏانهن وڌي ويا . غزل جيڪا گھڻو ڪري رڪشه ٽيڪسي ۾ گھر ويندي هئي، ڇو ته سندس گھر گھڻو پري ڪونه هئو جو هوء بيهي روٽ بسن جو انتظار ڪري . پر اڄ ته برسات سندس نڪرندي ئي وسڻ شروع ٿي وئي جيئن هوء گيٽ کان نڪتي ته مختلف گاڏيون تيز رفتاريء سان پنهنجي پنهنجي منزلن طرف روان دوان هيون. هلڪو هلڪو مينهن موسم کي ڏاڍو دلفريب ۽ رومانوي بنائي رهيو هو. هونئن به جيڪڏهن روڊ رستا صاف سٿرا هجن پاڻيء جو نيڪال سولو هجي ته موسم جو مزو به ماڻي سگھجي ٿو، پر جي روڊ رستا ڀڳل ٽٽل ڪنهن برباد ٿيل وسندي جو ڏيک ڏيڻ لڳن پاڻي تلائن جي شڪل ۾ بيهي وڃي ۽ گھرن جي گندگي گٽرن مان اٻري انهن تلائن ۾ شامل ٿي وڃي ته پوءِ اهڙيون حسين موسمون به ماڻهن لاءِ بجاءِ رحمت جي زحمت ۽ عذاب بنجي وينديون آهن جيئن اسان جي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ٿوڙي مينهن وسڻ سان ماڻهن لاءِ مصيبت جو باعث ٿي ويندا آهن ان ڪري اڃان آسمان ۾ ڪڪر ڏسبا ناهن دل ئي دل ۾ پيون دعائون گھربيون آهن ته مولا مينهن ڀلي وساء پر اسان جا جھوپا جھڻ نه ٿين.
غزل جون نگاهون رڪشه ٽيڪسي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجھائي رهيون هيون پر هر رڪشه ٽيڪسي ماڻهن سان سٿي پئي آئي. هڪ اڌ رڪشه بيٺي به پر ويجھڙو ڀاڙو ٻڌي انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي هلي پئي وئي. هاڻي ته غزل ڪجھ پريشان ٿيڻ لڳي هئي، ان وقت هڪ ميڊيان سلور ڪلر جي ڪرولا ڪار تيز رفتاريء سان سندس ڀر مان گذري اڳتي نڪري وئي، غزل ان طرف ڪو ڌيان ڪونه ڏنو، ڇو ته هن گذريل ٻن سالن دوران هتي رهندي ڪنهن به سچوئيشن ۾ ڪنهن کان لفٽ وٺڻ جو سوچيو به ڪونه هو. هوء اڃان اتي بيٺي ئي هئي ته هڪ گاڏي اچانڪ سندس سامهون اچي بريڪ هنئي.، هن سمجھو ته ڪا ٽيڪسي آهي ، پر جيئن سندس نظر سلور ڪار تي پئي ته بيساخته سندس نگاه ڊرائيونگ سيٽ ڏانهن کڄي وئي.نگاه پوندي ئي هن جي دل اهڙي ته زور سان ڌڙڪي ڄڻ ڪجھ دير کان پوءِ ڌڙڪڻ ئي ڇڏي ڏيندي. سامهون سيٽ تي ٻيو ڪير نه سندس خوابن ۽ خيالن تي قبضو ڪندڙ فواد موجود هو ۽ خوبصورت انداز ۾ مرڪندي سندس ڪيفيت کان لطف اندوز ٿي رهيو هو هونئن به فواد سحر انگيز شخصيت جو مالڪ شخص هو، هوڪڻڪ رنگو، مردانه وجاهت جو هڪ مڪمل نمونو هو هن جي پُر ڪشش ۽ پُر فريب مسڪراهٽ صنف مخالف کي پاڻ طرف راغب ڪرڻ ۽ پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪرڻ جي مڪمل طاقت رکندي هئي ۽ ان جو کيس ڀلي ڀت احساس به هئو. سندس نگاهن ۾ اهڙي ته بي باڪي ۽ چمڪ هئي جو غزل هڪدم شرمائي نظرون جھڪائي ڇڏيون. هوء ته اڃان ان سحر مان ئي آزاد نه ٿي هئي ته هن جو مطلوبِ نگاه ائين اچانڪ اهڙي سچوئيشن ۾ آڏو اچي بيهندو ، ۽ وري اهڙين بي باڪ نگاهن جو تاب ڀلا ڪٿان پئي سهي سگھي،هن جو ائين نطرون جھڪايون ته سندس ان ادا تي فواد ڄڻ ته فدا پئي ٿيو، پر پوءِ جلدئي پنهنجي جذباتي ڪيفيت تي ضابطو آڻي ورتائين ۽ جھڪي ڀر واري سيٽ جو دروازو کوليائين،
”اچو مان توهان کي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان ، نه ته ماريه آپي چوندي ته سندس پياري سهيلي وچ رستي تي پريشان حال مينهن ۾ پئي ڀِني ۽ مون سندس خيال نه ڪيو. “
غزل ته پاڻ ڪيترن ڏينهن کان فواد سان ملڻ پئي چاهيو، انڌو ته هڪڙي اک ئي غنيمت ڄاڻندو آهي ۽ ائين جي کيس اچانڪ ٻئي اکيون ملي وڃن ته هو ڀلا قدرت جي اهڙي سخاوت تي شڪر گذاري جي ٻيو ڇا ٿو گھري سگھي. هوء قدرت جي فراهم ڪيل موقعي کي ڀلا ڪيئن وڃائي پئي سگھي، پر هن اهو به نه ٿي چاهيو ته فواد هن جي دل جي حالت کي ڄاڻي وٺي ان ڪري مصنوعي طرح تڪلف ڪندي چوڻ لڳي،
”توهان کي هروڀرو تڪليف ٿيندي، مان ته روز ڪنهن نه ڪنهن رڪشه ٽيڪسيء ۾ هلي ويندي آهيان. “
”تڪلف ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، موسم حسين آهي ان ۾ ڪو خوبصورت ساٿي هجي ته آسودگي جو باعث بنجي ويندو آهي هن جي انداز گفتگو ۾ بي تڪلفي ۽ بي ساختگي هئي، هن کي پس وپيش ڪندو ڏسي ،
”جلدي ڪيو ڏسو ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. “
پويان هارن ٻڌي ڪجھ توقف ڪندي هوء گاڏيء ۾ اچي ويٺي هن جو ڀنل ڀنل مک شرمايل انداز فواد جي دل کي لڀائي رهيو هو، هن گاڏي کي گيئر ۾ وڌو ته رفتار تيز ٿي وئي. هواڃان ٿورو ئي اڳتي ويا هوندا ته برسات ايڏي ته تيز ٿي وئي جو سامهون واري هر شيء ڌنڌلي ٿي وئي گاڏين جا وائيپر مشيني انداز ۾ ونڊ اسڪرينن تي گردش ڪري وسندڙ پاڻي کي هٽاائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا. فواد گاڏيء جي رفتار گھٽائي ڇڏي. ان جي باوجود سامهون ونڊ اسڪرين تي ڪجھ به نظر نه پئي آيو، اهو ڏسي فواد هڪ ڪٽ کان گاڏي آهسته رفتار سان يو ٽرن وٺندي گاڏي سروس روڊ طرف موڙي ڇڏي ۽ هڪ ريسٽورنٽ جي سامهون اچي بريڪ هئين. ۽ غزل ڏانهن منهن ڪندي،
”ڇا خيال آ، ڪجھ دير برسات جھڪي ٿيڻ جو انتظار ڪجي، سامهون ريسٽورنٽ ۾ هلي ڪافي ٿا پيون، ايستائين برسات به خدا ڪندو ته گھٽجي ويندي. “
غزل جي ته دل جي مراد پوري ٿي رهي هئي. ڀلا ماريه وارن جي موجودگيء ۾ هوء فواد متعلق ايڏي ڄاڻ ڪيئن حاصل ڪري سگھي ها، پر هوء فواد آڏو پنهنجي ان ڪيفيت کي هڪدم ظاهر به نه پئي ڪرڻ چاهي. ان ڪري خاموش ٿي وئي. فواد سندس خاموشيء کي روائتي تڪلف سمجھندي بي تڪلفانا انداز اختيار ڪندي چوڻ لڳو.
”ڏسو غزل صاحبه توهان وٽ ٻه آپشن آهن، يا ته هتي گاڏيء ۾ ويهي چپ چاپ برسات گھٽجڻ جو انتظار ڪجي، يا اندر هلي گرما گرم ڪافيء سان لطف اندوز ٿجي. شام جو پهر آ، ڪافيء جي خواهش شدت اختيار ڪري رهي آهي. “
غزل ڪجھه جواب ڏيڻ بجاء ٿوري پس و پيش ڪندي پنهنجي طرف جو دروازو کوليو ته فواد به مسڪرائيندو ٻاهر نڪري آيو۽ گاڏي لاڪ ڪري ريسٽورنٽ طرف تيزيء سان وڌيا، پر پوءِ به سندن ڪپڙا چڱا خاصا ڀڄي ويا. تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا اندر داخل ٿي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري دروازي جي ڀر واري ٽيبل تي اچي ويٺا . ان وقت ريسٽورنٽ اندر ايڪڙ ٻيڪڙ ميزون ڀريل هيون . هنن جي ويهندي ئي ويٽر ميز جي ويجھو پهچي ويو ته فواد سواليه انداز ۾ غزل ڏانهن نهاريو جيئن هن جي مرضي معلوم ڪري سگھي پر هوء لا تعلق بني ويٺي رهي، فواد اهو ڏسي پاڻ ئي ڪافي ۽ سينڊوچ جو آرڊر ڏنو، ويٽر جي وڃڻ کان پوءِ هو رسمي انداز ۾ گفتگو ڪرڻ لاءِ کيس مخاطب ٿيو،
”توهان ڪڏهن کان ادي ماريه وارن سان گڏ آهيو. “
”ٻه سال کن ٿي ويا هوندا. “ هن مختصر جواب ڏنو.
”جاب کان علاوه به ڪا مصروفيت آهي.“
”نه ڪا خاص ته نه ، ڪڏهن ڪڏهن شاعريء ۾ طبع آزمائي ڪري وٺندي آهيان، پر فقط پنهنجي شوق جي خاطر آڏيون ابتيون چند سٽون. “
فواد وڌيڪ بي تڪلفانه لهجو اختيار ڪندي سندس حوصلو وڌائڻ خاطر،
”ان جو مطلب ته فنونِ لطيفه جي سڀني صنفن جو شغف رکو ٿا، سٺي ڳالهه آهي، حسن سان گڏ جيڪڏهن شوق به حسين هجن ته اهو ته سون تي سهاڳو ٿيو نه.“
آهسته آهسته غزل جو حجاب به گھٽجندو پئي ويو، هوء ڪا الهڙ دوشيزه ته هئي ڪونه، عمر جي جنهن سنجيده دور مان هوء گذري پئي، اتي حجاب گھڻي دير قائم رهي ناهي سگھندو. فواد به ذري گھٽ سندس ئي هم عمر ٿي لڳو ۽ وڌيڪ اهو ته ورهين کان هن جي من مندر جو ديوتا هو. جنهن سان هن پنهنجي اڪيلاين ۾ ڪيتريون ئي پيار محبت جون ڳالهيون سليون هيون، خيالن ۽ خوابن ۾ هو هميشه ساڻس گڏ رهيو هو اهوئي سبب هو ته غزل کي پهرين دفعي ملڻ مهل به اجنبي نه لڳو هو، اڄ قدرت جي طرفان جيڪو موقعو کيس مليو هو هوء انکي فضول ۽ فرسوده قسم جي حجاب جي نذر ڪرڻ نه پئي چاهي، ان ڪري هن پڪو پهه ڪري ورتو ته، اڄوڪي هن اوچتي ملاقات ۾ هوء کيس اهو سڀ ڪجھ ٻڌائيندي جيڪو هن جي باري ۾ محسوس ڪندي آئي آهي. اچانڪ کيس ڪجھ ياد اچي ويو، جنهن کيس اهو سڀ ڪجھ ٻڌائڻ جو سبب پيدا ڪيو. فواد ان دوران کيس ائين سوچن جي گھري سمنڊ ۾ گم ڏسي هن جي لمحي به لمحي بدلجندڙ تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ان وقت ويٽر سندن آرڊر سرو ڪري هليو ويو ته غزل پنهنجي پرس مان موبائيل فون ڪڍيو، فواد سمجھو ته هوء گھر وارن کي پنهنجي دير ٿيڻ بابت ٻڌائڻ پئي چاهي،
”ٺيڪ آ توهان ڀلي ادي ماريه کي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان برسات ۾ ڦاسي ويا آهيو، هو هروڀرو پيا ڳڻتي ڪندا. “
نه نه مون گھر فون نه پئي ڪئي، در اصل مون توهان کي ڪجھ ڏيکارڻ پئي چاهيو، فواد صاحب منهنجي شاعري ته ضرور بي ربط هوندي آهي پر مان توهان کي پنهنجو ٺاهيل هڪ مجسمو ضرور ڏيکارڻ چاهيندس، جيڪو منهنجي خيال ۾ منهنجي هن سڄي ڪيريئر جو شاهڪار هو. “
فواد حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ از راهِ مذاق چوڻ لڳو،
”يقينا“ توهان جي خوبصورت مخروطي آڱرين ڪو نه ڪو شاهڪار ضرور گھڙيو هوندو، پر هتي ته ڪجھ نظر نه ٿو اچي، ڇا توهان جي شولڊ بيگ ۾ آهي. “
”نه، نه، اهو ته لاهور آرٽ ڪاليج جي پراپرٽي هو، پر مون ان جون مختلف زاوين کان ڪجھ تصويرون ضرور ڪڍيون هيون، جن کي وقت به وقت ڏسي، پنهنجي ،ئي تراشيل ان مورت سان دل وندرائيندي رهندي هيس، ۽ پوءِ دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ اهو شغل به ختم ٿي ويو هو. توهان ڏسڻ پسند ڪندئو.“
”واء ناٽ ! “
هن ايستائين موبائيل مان سرچ ڪري اهو پيج ڪڍي ورتو ۽ فواد ڏي وڌايو.
”توهان ڪلڪ ڪندا وڃجو، ڪئي تصويرون آهن، پوءِ فيصلو ڪري ٻڌائجو ته منهنجو ورڪ آئوٽ توهان کي ڪيئن لڳو. ،“
فواد پهرين تصوير ڏٺي پر هن جي چهري تي ڪو خاص تاثر ڪونه اڀريو، غزل غور سان سندس چهري جي تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.، فواد جيئن جيئن تصويرون ڏسندو ويو، سندس چهري جا تاثرات بدلجندا ويا، حيرت سندس منهن مان صاف بکي رهي هئي. محويت جو اهو عالم هو جو سندس ڪافي ۽ سينڊوچ ٿڌا پئي ٿيا، پر هو ته بس تصويرن کي ڪڏهن زوم ته ڪڏهن نارمل ڏسندو پئي ويو. آخر جڏهن سڀ فوٽو ختم ٿي ويا ته هن جي چهري جا تاثرات ڏسڻ جهڙا هئا، بي ساخته سندس زبان مان نڪتو،
”حيرت انگيز،! حيرت انگيز ! ايڏي مشابهت. ڇا ڪو شخص ايڏو وڏو فنڪار ٿي سگھي ٿو، جيڪو هو بهو اهڙي تصوير چِٽي يا ڪو اهڙو فن پارو گھڙي سگھي، جيڪو وجود اختيار ڪري وٺي، ناممڪن ! ڪنهن تصوير ۾ ڪنهن ماڻهو جي ٿوري گھڻي شبيهه ته مماثلت رکي سگھي ٿي، ليڪن ڪنهن جئري جاڳندي شخص جي مڪمل شبيهه، ڀلا ڪنهن جي تصور ۾ ڪيئن اجاگر ٿي سگھي ٿي. يقينا“ ڪڏهن ماريه جي ڪنهن آلبم ۾ منهنجي ڪا تصوير اوهان جي نظر مان گذري هوندي ۽ اها لاشعور جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهجي وئي هوندي.پوءِ جڏهن توهان هي مجسمو گھڙي رهيا هوندئو ته ان جا خد وخال توهان جي لاشعور جي ان گوشي مان نڪري نروار ٿيا هوندا ۽ ان مجسمي کي گھڙڻ ۾ توهان جي مدد ڪئي هوندي. “
”نه، بلڪل نه، اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي هئي، ماريه سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يونيورسٽي ۾ ٿوري وقت لاءِ رهي هئي، ان کان پوءِ هن جي شادي ٿي وئي. مان لاهور هلي ويس، اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي سان ڪي فوٽوگراف شيئر نه ڪيا هئا، نه تڏهن، نه وري هن سان گڏ رهائش اختيار ڪرڻ دوران. حيرت ته مونکي به ٿي هئي جڏهن مون توهان کي ماريه وٽ ڏٺو هو. ماريه کي ته اڃان تائين به منهنجي هن تخليق بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽، ۽ حقيقت اها آهي ته مان انهن گذريل ٽن چئن سالن ۾ ان متعلق ذري گھٽ وسري ئي وئي هئس. اهو ته جڏهن توهان منهنجي روبرو آيا ته ذهن هڪ جھٽڪو کاڌو هو.“
”پوءِ ته داد ڏيڻو پوندو توهان جي ان تصوراتي دنيا کي، جيڪا ايڏي ته طاقتور آهي جيڪا پنهنجي ان تخئيلاتي قوت سان هڪ اهڙو شاهڪار گھڙي وٺي، جنهن جو وجود هن دنيا ۾ موجود هجي. ڪمال آهي، ! مس غزل توهان بهترين مجسمه ساز آهيو، نه صرف بهترين مورت گھڙيندڙ، بلڪه نهايت طاقتور تخليق ڪار پڻ، جنهنجي مخروتي آڱرين جي جنبش سان اهڙو شاهڪار سرجي وڃي جيڪو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو هڪ حقيقي وجود رکندو هجي. ان جو ته ا مطلب ٿيو ته اسان جو ماريه وٽ ملڻ به ڪو اتفاق نه هو، پر اها به توهان جي لاشعور ۾ دٻيل خواهش جي شدت هئي، جنهن ان حقيقي وجود کي اوهان جي آڏو آڻي بيهاريو.۽ اهو سڀ موجوده دور جي ماديت پرست دنيا ۾ ، جتي انسان انسان جي رت جو پياسوهجي،هر طرف نهاريو صرف نفسا نفسي ڪر کنيو بيٺي آهي هر ماڻهو ٻئي لاءِ منفي سوچ، ساڙ ۽ حسد کنيو پيو موقعا تلاش ڪندو وتي ته ڪيئن هن کي تڪليف پهچائي سگھجي ٿي، رُڃ هر طرف واڪا پئي ڪري، جتي لطيف جذبن ۽ خوبصورت خواهشن جي متعلق سوچڻ کي وقت جو زيان سمجھيو وڃي، اهڙي ڪم ظرفي جي ماحول ۾ ڪو شخص پنهنجي ان حسين تصوراتي دنيا کي ائين سجايو سنواريو وتي جو آخر ڪار سندس تخيل حقيقي روپ ڌاري وٺي . مونکي ته اهو سڀ ان دور جي خيالي ڪهاڻي پيو لڳي، جڏهن ڪو شهزادو ڪنهن سونهري مڇيء جي پيٽ مان نڪتل سونهري وار ڏسي ضد ڪري ويهندو هو ته جنهن ڇوڪريء جو هي خوبصورت وار آهي ان سان شادي ڪندو ۽ پوءِ سندس تلاش، آخر ان ڇوڪريء تائين پهچي ئي تڪميل تي پهچندي هئي. “
”ڇڏيو فواد صاحب توهان به ڪهڙين پرين ۽ شهزادين جي ديس وڃي پهتا آهيو، ڪافي پيو، ڏسو نه برسات به بيهي وئي آهي. هاڻي گھر هلڻ گھرجي نه ته ماريه پريشان ٿيندي. “
ٻئي ڪافي ختم ڪري بي دليو اٿن ٿا،نه ته ٻنهي جي دل نه پئي چاهيو ته هي حسين قربت ائين ختم ٿي وڃي.
رستي ۾ غزل فهد کي هڪ گذارش ڪئي ته هوان مجسمي جي حقيقت جي متعلق ماريه يا ڪنهن ٻئي سان ان جو ڪوبه ذڪرنه ڪري ته بهتر ٿيندو.گھر پهتا ته ماريه افراز ۽ ٻار غزل جو انتظار ڪري رهيا هئا، کيس ڏسندي ئي ماريه پريشانيء مان کانئس پڇيو ته هوء اهڙي برسات ۾ ايتري ديرڪٿي رهجي وئي هئي، ليڪن پويان ايندڙ فواد کي ڏسي خاموش ٿي وئي ، البته افراز جي چهري تي عجيب قسم جي شڪايت ۽ ناگواري جا مليل جليل تاثرات اڀري آيا هئا، فواد ماريه ۽ افراز جي معني خيز تاثرات کي هڪدم تاڙي ورتو، ۽ ڳالهه کي نباهيندي خوشدليء سان ماريه کي مخاطب ٿي،
”هي توهان جي غزل صاحبه ، برسات ۾ پسار ڪرڻ جو شوق فرمائي رهي هئي ته اچانڪ منهنجي نگاه مٿس پئجي وئي ته از راهِ همدردي مون کيس گھر تائين لفٽ جي دعوت ڏني، پر همدردي اهڙي ته ڳچيء ۾ پئجي وئي جو محترمه جي گاڏيء ۾ ويهندي ئي برسات ايڏي ته تيز ٿي وئي جو ڪجھ به نظر نه پئي آيو. مجبورا“ سامهون واري هڪ ريسٽورينٽ ۾ پناه وٺڻي پئي ۽ پوءِ برسات رڪجندي ئي توهان جي غزل صاحبه کي گھر پهچائڻ جو فرض پورو ڪرڻو پيو. بس اهائي ڪل ڪهاڻي آهي . “
ماريه ايڏي وضاحت پيش ڪرڻ تي کلي ڏنو، ليڪن افراز کي غزل جو ائين بي تڪلف ٿي فواد سان گڏجي اچڻ دل کي بيچين ڪري ويو. هن کي فواد سان عجيب طرح جي بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي، پر دل جو سور دل ۾ ئي پي ويو. چو ته هو چڱي پر ڄاڻي پيو ته هن کي اهو سڀ سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي ۽ نه وري ڪو حق. هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي پنهنجي انداز سان جيئڻ جو پورو حق آهي.
غزل ڪپڙا تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ته فواد به موڪلائڻ لڳو پر ماريه اهو مناسب نه سمجھندي کيس اهو چئي روڪي ورتو، ته هاڻي جي موقعي سان اچي ئي ويو آهي ته رات جي ماني کائي پوءِ وڃي.
ڪجھه ڏينهن لاڳيتو وقفي وقفي سان برسات پوندي رهي، سڄو ماحول ڌوپي صاف سٿرو ٿي ويو هو برسات ختم ٿي ته موسم ڪافي خوشگوار ٿي وئي هئي گھٽ ٻوسٽ ۽ گھميل موسم کانپوءِ ڪراچيء ۾ جڏهن ڪڪر کُلي وسندا آهن ته آسپاس جي هر شيء ڌوپي نکري پوندي آهي،گاڏين جي اوڳاڇيل دونهين ۾ ڪاراٽيل وڻ ٽڻ ڌوپجي چهچ ساوا پيا لڳندا آهن، فضا ۾ عجيب قسم جي هٻڪار مَن کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي موسم ۾ ڪهڙي ڪافر جي دل نه چاهيندي ته ڪنهن پُر فضا مقام تي وڃي موسم کي انجواء ڪري.
هوڏانهن غزل به ان ڏينهن کانپوءِ نهايت پُر جوش، خوشگوار ۽ پُر بهار موڊ ۾ رهڻ لڳي هئي سندس ان تبديلي کي ٻئي ڪنهن نوٽ ڪيو يا نه، ليڪن افراز کي الائي ڇو ائين لڳي رهيو هو ته هوء ڪافي بدلجي وئي آهي، روزانه سٺي نموني ڊريس اپ ٿيڻ ، هر وقت شاعراڻه ڳالهيون، ڳالهه ڳالهه تي لبن تي دلفريب مرڪ، هر ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ، رڌ پچاءُ ڪندي جھونگارڻ ، ڀلا غزل جي فطرت ۾ اهي سڀ ڳالهيون افراز گذريل ٻن سالن ۾ ڪٿي محسوس ڪيون هيون . بجاءِ خوش ٿيڻ جي، هن جي بيچيني ۽ بيقراري وڌندي پئي وئي. ڇا فواد ۽ غزل جو ان ڏينهن ملڻ محض اتفاق هو ؟ اهي شڪ شبها هن جي اندر ۾ وڍ وجھي رهيا هئا.
اڄ موڪل جو ڏينهن هو، سڀئي ڪجھ دير ڪري اٿيا، غزل هلڪو ڦلڪو تيار ٿي ٻاهر نڪري آئي، هوء ڪافي فريش پئي لڳي، افراز کيس چور نگاهن سان نهاريندو رهيو. ليڪن هوء سندس احساسن کان بيخبر سڌو ڪچن ڏانهن هلي وئي. ۽ بيضا کير ۾ کنڊ مڪس ڪري فرينچ ٽوش ٺاهڻ لڳي، ماريه آمليٽ ۽ اوڦراٽا پئي ٺاهيا، کيس ٽوسٽ ٺاهيندو ڏسي کلندي چيائين،
”لڳي ٿو اڄ مٺو کائڻ جو موڊ آهي.“
”بس جسٽ فار سم چينج.“
”ڇو ڪونه، ڪڏهن ڪڏهن معمول کان هٽي به ڪجھ ڪرڻ گھرجي.“
هي ٻئي اڃان اهي ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته ٻاهريون در کڙڪيو، ماريه جي نگاه فورا“ سامهون لڳل گھڙيال ڏي وئي، وقت ڏسي چوڻ لڳي،
”هينئر ڀلا ڪير آيو هوندو.“
آواز تي افراز بي دليو اٿيو، هن جي چهري تي بيزاري صاف بکي رهي هئي آهستي آواز ۾ ڪجھ ڀڻڪندو دروازي ڏانهن ويو، جيئن ئي دروازو کوليائين ته سامهون فواد تي نظر پوندي ئي اندر ۾ ٻه ٽي ٻُلتار ڏيندي بظاهر خوشدلي ڏيکاريندي، سلام ڪري کيس اندر وٺي آيو. فواد اندر داخل ٿيندي ئي بورچيخاني ۾ موجود خواتين تي نظر وجھي مسڪرائيندي چوڻ لڳو،
”خوشبو ته واه جي پئي اچي، لڳي ٿو ته ماريه بيبي آمليٽ پئي ٺاهي، واه جو وقت تي پهتو آهيان، اڄ جيئن سجاڳ ٿيس ته سوچيم ڇونه ناشتو توهان سان ڪجي.“
اهو ٻڌي افراز جو ته هانو ئي سڙي ويو پر هو ننڍو هئڻ جي ناتي ۽ اخلاقي تقاضائن جي پيشِ نظر ڪُڇي پُڇي نه ٿي سگھيو. ماريه البته ساڳي خوشدلي سان چوڻ لڳي ،
”خبر اٿم توکي آمليٽ ۽ گرم گرم اوڦراٽو۽ اهو به منهنجي هٿن جو بيحد پسند آهي، “
فواد به ريءَ سڏئي مهمان وانگر بي تڪلفي سان ڊا.ننگ ميز تي ڪرسي سرڪائي اچي ويٺو، ته افراز قهر آلود نگاهن سان کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.
خوشگوار ڳالهين ۾ ناشتو ختم ٿيو ته سڀ اچي لائونج ۾ ويٺا. غزل جيڪا هونئن ته فورا“ پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي، اڄ چانهه جو مڳو کڻي اچي هڪ صوفي تي ويٺي. فواد کي ڏسندي ئي سندس دل ڊانوان ڊول پئي ٿي، پر وڏي مشڪل سان پنهنجي احساسات کي لڪايو ويٺي هئي ۽ جھڪيل نگاهن سان بار بار فواد ڏي پئي نهاريائين. فواد هن جي اهڙن جذبات کان بي خبر ماريه مرينه ۽ آشر سان کل ڀوڳ ۾ رُڌو پيو هو. ان وقت مرينه کي الائي ڇا سجھيو چوڻ لڳي،
”ڀائو، مينهوڳيء کان پوءِ موسم ڪهڙي نه پياري ٿي وئي آهي هلو نه، اسانکي ڪٿي گھمائي اچو، ڪافي عرصو ٿي ويو آهي ڪيڏانهن گھمڻ ڪونه نڪتا آهيون. “
اهو ٻڌي عاشر به لاڳ وٺرايس، ” ها ماما وٺي هلو نه اسان کي ، سمنڊ تي ٿا هلون، خاله ٺيڪ آ نه. “
ماريه گھڻوئي اشارن ۾ کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جو اڄ ڪيڏانهن به وڃڻ جو موڊ نه هو، ويتر افراز جي ڦوڪيل شڪل کي به محسوس ڪري ورتو هئائين، ان ڪري به نٽايائين پئي. پر ان گھڙِيء اچانڪ غزل کي ڇا ٿيو، هڪدم ٻارن جي ها ۾ ها ملائيندي ،ماريه جي اشاري کي سمجھڻ جي باوجود به چوڻ کان نه رهي،
”ماريه ڇا ٿي پيو ٻار سهي ته چون پيا، ڏس نه موسم ڪهڙي خوشگوار پئي لڳي، آسمان تي هلڪا هلڪا بادل ۽ ٿڌڙي هوا اسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي، واقعي ڪنهن پُر فضا هنڌ تي هلي سڄو ڏينهن گذارجي.“
افراز ۽ ماريه وائڙا ٿي کيس ڏسڻ لڳا، هي اها غزل آهي، هر وقت قنوطيت جو شڪار رهڻ واري، ڪيڏانهن هلڻ لاءِ منٿون ايلاز ڪبا اٿس ته سوين بهانا پئي ڪندي آهي ۽ اڄ ٻارن جي ها ۾ ها پئي ملائي. فواد به غزل جو به راضپو ڏٺو ته بظاهر ان کي نظر انداز ڪندي مرينه کي چوڻ لڳو،
”سوچيون ٿا ته اڄ موڪل جو ڏينهن ڪيئن گذارجي، چڱو هيئن ٿا ڪيون جو ڪيرم ٿا کيڏون، ڇا خيال آ. “
”پر ماما ، مان ته ڪمپيوٽر تي روز گيم کيڏندو آهيان، مونکي ڪيرم ناهي کيڏڻو. “
ماريه افراز جي موڊ کي سمجھندي ان جو هڪڙو حل ڪڍيو،
”فواد ! ٻارن کي تون ۽ افراز وڃي ڪٿان چڪر هڻائي اچو. “
.اهو ٻڌي افراز جيڪو الائي ڇو غزل جي ان بدليل رويي جي ڪري هڪ مرد هجڻ جي ناتي گھڻو ڪجھ سمجھي ويو هو، ۽ هڪ اڻ ڄاتل وسوسو سندس اندر ۾ بيچينيء جو سبب بنجندو پئي ويو ۽ فواد جي اچڻ تي صبح کا تتو ويٺو هو، هڪدم انڪار ڪندي چيائين ته هن جو بلڪل موڊ ناهي، هوڏانهن ٻار ضد ڪري ويهي رهيا، اهو ڏسندي ماريه مجبورا“ حامي ڀريندي چوڻ لڳي ،
”ٺيڪ آ منجھند جي ماني کائي پوءِ هلون ٿا. هن جو مقصد هو ته ٿي سگھي ٿو ته ايتري دير ۾ افراز به فواد جو ائين اوچتو اچڻ کي سهسائي وڃي يا ٻارن جو آٽو ئي لهي وڃي. پر اڄ ته هن جي هر ڳالهه رد ٿيندي پئي وئي، فواد ماريه کي اڌو گابرو جو راضي ڏٺو ته کيس غزل جي سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ جي خواهش جو خيال آيو ،
”ڇڏيو رڌ پچاء کي هرو ڀرو پاڻ کي ٿڪائڻ مان ڪهڙو فائدو، منجھند جو ڪٿي هلڪي ڦلڪي لنچ ڪنداسين پوءِ نڪري هلنداسين سمنڊ طرف ۽ ڪنهن تنها گوشي ۾ هلي موسم جو لطف وٺنداسين، ٻار به چڱي طرح انجواء ڪن. “
غزل جي ته دلي مراد پوري ٿي هئي، هن کي اڄ سڄو ڏينهن فواد جي قربت ۾ گذارڻ جو موقعو جو مليو پئي، هڪدم چوڻ لڳي،
”واپسيء تي سمنڊ ڪناري ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ڊنر منهنجي کاتي ۾“.
”اڙي واه ! اڄ ته صبح کان سرپرائيز پيا ملن ،واه ! غزل بيگم ڏاڍي موج ۾ آهي. “
ماريه اهو سڀ مذاق ۾ کلندي چيو، ليڪن غزل گھٻرائجي وئي ڄڻ ڪنهن هن جي دل جو چور پڪڙي ورتو هجي.
بهرحال افراز به طوها“ قرها“ هنن جي پروگرام تي راضي ٿي ويو ۽ ائين سڀ پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن تيار ٿيڻ لاءِ هليا ويا ته فواد اخبار کڻي سرسري نگاه سان ڏسڻ لڳو.
ڪجھه دير کان پوءِ سڀئي موسم جي مناسبت سان تيار ٿي ٻاهر آيا، غزل هلڪي آسماني رنگ جي لانگ شرٽ ۽ ٽائيٽس پهريل هلڪي هلڪي ميڪ اپ ٽچ ۾ ڪافي گريس فل پئي لڳي، هونئن به عورت پخته عمر ۾، جڏهن سندس شخصيت ۾ مطانت، سنجيدگي ۽ بردباري به شامل ٿي ويندي آهي ان کان علاوه جيڪڏهن شڪل و صورت به من موهڻي هجي ته سندس خوبصورتي ۾ چار چنڊ لڳي ويندا آهن، اهوئي حال غزل سان به هو ڪڻڪ رنگي رنگت، کڙا نيڻ نقش، چهري تي موجود سنجيدگي، کيس ڪافي پُر ڪشش بنائي چڏيو هو، مٿان وري ڊريسنگ ڪرڻ جو رنگ ڍنگ، هوء هر لحاذ کان دل کي لڀائيندڙ شخصيت جي مالڪ بنجي وئي هئي، افراز ته کيس ڏسي دل ئي دل ۾ فدا پئي ٿيو، البته فواد جي احساسات جي ڪنهن کي ڪا پروڙ ڪانه پئي. هن هڪ سرسري نگاه سندس مٿان وڌي ۽ پوءِ نظرون هٽائي، هلڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو.
گھران نڪري هو ڪجھ دير لانگ ڊرائيو جو مزو وٺندا رهيا، ٻارن رستي ۾ جوس ورتا، ائين گھمندي ڦرندي،ڪافي وقت گذري ويو ته ماريه صلاح ڏني ته ڇونه پهرين ڪٿي هلڪي ڦلڪي لنچ ڪري وٺجي سڀئي سندس ڳالهه سان متفق ٿي ويا ، جھڙالي موسم ۾ هونئن به بک ڪجھ سوائي ٿي ويندي آهي، ۽ ڪجھ چٽ پٽو کائڻ تي دل ڪڍندي آهي، ان ڪري هو هڪ اهڙي جاء تي اچي پهتا جتي کين موسم جي لحاظ کان سندن من پسند جون شيون ملي سگھن، لنچ کان پوءِ آئسڪريم کائي اتان روانا ٿيا ، ڪجھ دير لاءِ ٻارن کي جھولن ۽ پلي لينڊ تي وٺي ويا ائين اچي شام ٿي ته هو ڪلفٽن پهتا، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هو اهڙو هنڌ ڳولهي رهيا هئا، جتي رش ڪي قدر گھٽ هجي، موڪل جو ڏينهن ۽ گھڻن ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ خوشگوار موسم ۾ ماڻهو پنهنجي ڪٽنبن سان گڏجي گھرن مان کاڌي پيتي جون شيون تيار ڪري، سڄو ڏينهن کليل فضا ۾ گذارڻ لاءِ پهتل هئا. ان ڪري شام ٿيڻ کان پهرين ئي ڪافي رش ٿي وئي هئي. آسمان اڄ به بادلن سان ڍڪيو پيو هو. فواد ۽ ڪمپني به آخر ڪار هڪ اهڙي جاء تي گاڏي اچي بيهاري، جتي ڪجھ گھٽ ماڻهو هئا. هو سڀ گاڏيء مان لهي سمنڊ طرف وڌي ويا، انهي وقت افراز جي نگاه ڪجھ پرڀرو موجود فهد ۽ فيمليء تي پئجي وئي. اتفاق سان فهد به کيس ڏسي ورتو ۽ اتان ئي اشاري سان کيس پاڻ ڏي سڏيو، افراز ته هونئن ئي فواد جي موجودگي ۾ هن پروگرام کان بيزار پئي لڳو. هو فواد کان خبر ناهي ڇو هميشه خار کائيندو هو ويترجو غزل جي سڄي توجه بس اڄوڪي هن پڪنڪ کي وڌ کان وڌ خوشگوار ڪرڻ تي لڳي پئي هئي،ان ڪري افراز پنهنجو پاڻ کي هن سڄي ڪمپنيء ۾ اڪيلو ۽ فالتو محسوس ڪري رهيو هو، ان ڪري جيئن ئي فهد کيس اشارو ڪيو هن موقعو غنيمت ڄاتو ۽ چپ چاپ بغير ڪنهن کي ڪجھ ٻڌائڻ جي هنن ڏانهن وڌي ويو.