9
هڪ ڏينهن سڀ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هئا، شام جو وقت هو، ان وقت دروازي جي گھنٽي وڳي، ايوا اُٿي دروازو کوليو ته سامهون، اياز هڪ خوبصورت ڇوڪري، جنهن کي ڪنوار جو وڳو اوڍيل هو، ان سان گڏ بيٺو هو . ايوا هنن کي ڏسي حيران و پريشان ٿي وئي، هوء عجب شش و پنج ۾ هئي ته اياز کيس مخاطب ٿيو،
”ايوا....! اسان کي اندر اچڻ لاءِ نه چوندينء.“
هوء ٻڏ تر ۾ پئجي وئي ته کيس اندر اچڻ لاءِ چوڻ گھرجي يا نه، کيس ڀيڻ جي حالت جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، ننڍي عمر هجڻ باوجود هوء ان کان پوءِ جي صورتحال کي سمجھي رهي هئي، هوء اهو ته سمجھي وئي هئي ته اياز سان گڏ آيل ڪير ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن آپا کي ان جي ڄاڻ پئجي وئي، ته ان جو ردِ عمل ڪهڙو ٿي سگھي ٿو، هوء فيصلو نه پئي ڪري سگھي ته کين اندر اچڻ لاءِ چوي يا نه. دير ٿيڻ تي ماڻس ٻاهر نڪري آئي، هوء به اياز ۽ ڇوڪريء کي ڏسي ششدر ٿي وئي. اياز اڳتي وڌي کيس سلام ڪيو،
”آنٽي اڃان ناراض آهيو ڇا؟ توهان مونکي ٻي حيثيت ۾ ته قبول نه ڪيو، پر پُٽ ته چيو اٿو نه........ ان حيثيت سان مان پنهنجي امڙ کان دعائون وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان. “
آمنه اهو ٻڌي شرمسار ٿي وئي، ۽ کين اندر اچڻ لاءِ رستو ڏنو. ته ٻئي اندر داخل ٿيا. هوء کين وٺي ڊرائينگ روم ۾ آئي، ۽ کين ويهڻ لاءِ چيو. صوفي تي ويهندي اياز کين ٻڌايو ته ،
”آنٽي ! شانو.. منهنجو مطلب آ شبانه منهنجي پري جي ڪزن آهي، حيدرآباد ۾ رهندا آهن سندس والد اليڪٽريڪل انجينئر آهي. شانو گذريل سال ايم بي بي ايس ڪئي آهي توهان کي پنهنجي ننهن ڪيئن لڳي.“
آمنه جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا جن کي اکين ئي اکين ۾ پيئندي پنهنجي جاء تان اٿي ڪنوار کي مٿي تي هٿ رکي سدا سُکي رهڻ جي دعا ڏني،هوء اهو سوچي رهي هئي ته،
”هن سڄي صورتحال ۾ اياز جو ته ڪو قصور ڪونهي، عمران ان ڏينهن جيڪا بي عزتي هنن جي ڪئي هئي، ان کان پوءِ هن جو پنهنجي ونيء سان گڏجي اسان وٽ اچڻ هن جو ئي اعلى ظرف آهي.“
انهي وقت اهو ڪجھ ٿيو جنهن هن خاندان جي زندگيء ۾ زهر ڀري ڇڏيو، هنن جي گھر جو سڄو وايومنڊل ئي بدلجي ويو، ٿيو ائين جو، خبر ئي نه پئي ته زرتاج جيڪا ان پوري عرصي دوران ڪمري کان ٻاهر نه نڪرندي هئي، ڪيئن آهسته آهسته قدمن سان هلندي، ڄڻ هوء ننڊ ۾ هجي، يا ڪا غيبي قوت کيس اوڏانهن گهلي وٺي آئي هجي، هوء اچانڪ ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿي. سامهون ويٺل اياز تي نگاه وڌائين ته سندس اَک مان هڪ لڙڪ لڙي آيو، چهرو درد ۽ پيڙا سبب ڪاراٽجي ويو، ليڪن ٻئي لمحي ڪوري ڪاغذ جيان ٿي ويو. ماڻس کيس ڏٺو ته اُٿي سندس ڏي وڌي، ان وقت اچانڪ سندس نگاه اياز جي ڀر ۾ ويٺل ڪنوار جي وڳي ۾ سينگاريل ڇوڪريء تي پئي.ته ائين لڳو ڄڻ کيس بجلي جو ڪرنٽ لڳو هجي ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿي پئي هجي، هڪ زوردار رڙ ڪيائين ۽ ڊرائينگ روم ۾ رکيل شيون اُڇلائڻ لڳي، پوئتي مڙي زور سان دروازو بند ڪيائين ، وري کولي ڌڙام سان ٻيهر بند ڪيائين. ، سڀ حيران پريشان کيس ڏسندا رهيا ڪنوار ته هيسجي اٿي بيهي رهي، اياز جي حالت به تمام خراب ٿي وئي هئي، منهن ٽامڻي هڻي ويو هوس، هن کي ان سڄي عرصي دوران پوئتي جي حال جي ڪابه خبر نه هئي . هو پنهنجي انا جي جنگ وڙهڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو هو، جو هن ڪڏهن زرتاج جو حال به معلوم ڪرڻ جي ضرورت نه سمجھي هئي. ۽ اڄ هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي پاڻ کي مجرم محسوس ڪرڻ لڳو هو ته هو هن مظلوم ڇوڪريء جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ ڇو هتي پهچي ويو هو. هو اُتي جيتري دير موجود رهيا، زرتاج ڀنڃ ڊاهه ڪندي رهي. آمنه اُٿي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڌڪو ڏئي رڙيون ڪندي ٻاهر نڪري وئي. ٻاهر نڪري به هوء سامهون آيل هر شيء کي اڇلائيندي رڙيون ڪندي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي، ته اياز ڪنوار کي وٺي تيزيء سان ٻاهر نڪري ويو.
اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن سانده ٽي سال گذري ويا آهن زرتاج جي حالت ناهي سڌري، ڪنهن وقت ته بلڪل نارمل لڳندي آهي،ليڪن دورو پوندو اٿس ته وٺي رڙيون ڪري شيون اڇلائيندي آهي. ڪيترا علاج ڪرايا ويا دعا ڦڪيون ڦيڻا، هر حيلو هلايو ويو پر ڪو فرق نه پيو. ڪنهن سندس والد کي ٻڌايو ته ڪراچيء ۾ ذهني بيمارين جا وڏا ڊاڪٽر آهن ٿي، سگھي ٿو ته سندس علاج اُتي ٿي سگھي ان ڪري هو کيس هتي وٺي آيا آهن ۽ هڪ وڏي نفسياتي معالج کان سندس علاج شروع ڪرايو اٿن. “
جيئن جيئن نائله زرتاج جي زندگي جا حالات بيان ڪندي ٿي وئي تيئن تيئن غزل جي دل ڊانوان ڊول ٿيندي پئي وئي. اسان جي ارمانن جو خون ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اسان جا پنهنجا ئي هجن ته پوءِ الزام ڪنهن کي ڏجي. عورت ڪيتري به پڙهي لکي وڃي، ڪيڏي به آزاد ۽ خودمختيار پاڻ کي سمجھي، ليڪن سچ ته اهو آهي ته فيصلا ڪرڻ جو اختيار صرف مرد کي هجي ٿو. پوءِ اهو پيء هجي، ڀاءُ ، جيون ساٿي يا محبوب. عورت ته ڄمڻ کان مرڻ تائين بي اختيار بس هيڏانهن هوڏانهن لوڌجندي پئي وتندي آهي. بي اختيار سندس لبن تي هي شعر اچي ويو
سرجيس تان سور، سامائي تان سُک ويا،
اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا.
اکين ۾ آيل لڙڪن کي رئي جي پلوَ سان اُگھندي، بيد تان اُٿي. نائله اڃا ننڍي ٻار هئي ۽ ڪنهن به ڳالهه جي سنجيدگي کي محسوس نه پئي ڪيائين غزل جي اهڙي حالت کي ڏسي ڪافي پريشان ٿي وئي.
” آنڻي ! کيا هوا، آپ ڻهيک تو هين نا، زرتاج آپي کي روداد سن کر آپ بهت اُداس هوگئي هين نا. بس هم اس کي لئي صرف دعا هي کر سکتي هين که ڪوئي ايسا مسيحا ملي جو اس کو بلکل ڻهيک کردي.“
هوء صرف ايترو چئي سگھي.
” انشا الله “
نائله ته پنهنجي گھر هلي وئي ليڪن غزل جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي. کيس ڪنهن به رشتي تي اعتبار نه رهيو هو. جڏهن اسان پنهنجن جي خوشين جو احساس نه ڪيون، اهو نه سوچيون ته اسان جي هَٺ وڏائي ۽ ڪروڌ سان اسان جا پنهنجا عزيز رشتا اسان کان ائين دور ٿي ويندا، زنده هوندي به جيئڻ جي هر اُمنگ هر حوصلو هاري هن دنيا م رهندي به دنيا کان فراريت جي راه اختيار ڪري ڇڏيندا.. ته پوءِ اهڙن مطلبي ۽ خودغرض رشتن جي اسان جي زندگين ۾ ڪهڙي اهميت باقي رهجي وڃي ٿي. عمران جو به اهڙو ئي حال هو، اڄ زرتاج نه جيئرن م آهي نه مئلن ۾، جيڪڏهن هُن کي اياز جي صورت ۾ خوشيون ملن ها ته عمران جو ڪهڙو نقصان ٿي وڃي ها. ٻئي طرف اياز هو، جنهن زرتاج سان محبت جون دعوائون ڪيون هيون ساڻ جيئڻ ساڻ مرڻ جا وچن ڪيا هئا. ان هڪ گھڙيء لاءِ به اهو نه سوچيو هو ته ڄڃ موٽي وڃڻ سان صرف سندس اَنا مجروح ڪونه ٿي هئي، پر هن سا سلهاڙيل اُن نازڪ نفيس وجود جي به ارمانن جو خون ٿيو هو، سپنا ان جا به وکرجي ويا هئا. هُن ته اها خبر چار وٺڻ جي به ضرورت نه سمجھي هئي ته خواب اڌورا رهجي وڃڻ کان پوءِ زرتاج تي ڇا گذري هوندي. اهو سڀ ٻڌي هوء زنده به هوندي الائي نه، بجاء هن سان حال ڀائي ٿيڻ جي، پنهنجي اَنا جي توهين جو بدلو وٺڻ لاءِ پهچي ويو سندس گھر، ان جي زخمي وجود تي مزيد نمڪ پاشي ڪرڻ . هي صرف مردن جو معاشرو آهي، جنهن ۾ عزت به مردن جي آ، ته اَنا به انهن وٽ آهي، شل نه ان تي ڪو حرف اچي ائين تڙپي ڦٿڪي اُٿندا، ڄڻ ڪنهن سندن ڏکويل رڳ تي پير رکيو هجي. ويچاري عورت نرم و نازڪ وجود باوجود کيس پٿر جي بي جان مورتي سمجهيو ويندو آهي. جنهن وٽ نه احساس ٿي سگھن ٿا نه جذبات . هميشه ان جي ئي سهپ کي آزمائش ۾ وڌو وڃي ٿو.
زرتاج جي دماغي ڀڃ ڊاهه جو جيترو ذميدار سندس ڀاءُ آهي اوتروئي کيس چاهت جي راه ۾ روليندڙ سندس اهو نام نهاد محبوب آهي. وڏو ڏوهاري ڪير آهي. اسان جي هن سماج ۾ انا به صرف مرد جي مجروح ٿئي ٿي، عزت نفس کي ٺيس به اُن کي ئي پهچي ٿي ، عورت کي ته صرف انائن جي سُوريء تي چاڙهيو وڃي ٿو. هن کي هڪ بيجان مورت سمجھي ظلم ۽ دردن جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا. اهو سمجھندي ته نه هن وٽ دل آهي نه ان ۾ ڀريل احساس، ۽ نه هن کي درد به ٿيندو هوندو، جڏهن هن جي آرزوئن کي چيڀاٽيو ويندو. هوء ته بس صبر ۽ سهپ جو پيڪر سمجھي وڃي ٿي، ۽ پوءِ هوءَ پنهنجن ۽ پراون جي ڏنل سُور سهڻ جي شڪتيء جي آخري حد تي پهچي وڃي ٿي ته ان سڀ کان فراريت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ذهني توازن وڃائي پاڻ کي دنيا و مافيها کان دور وٺي وڃي ٿي. جيڪڏهن اياز جنهن زرتاج سان پيار جا پيچ پاتا هئا گڏجي زندگي گھارڻ جا عهد و پيمان ٻَڌا هئا.، ته پوءِ هُن ڇو عمران جي ڪيل زيادتيءَ جو بدلو زرتاج کان ائين ورتو. هوء ته آهستي آهستي زندگيء جي طرف موٽي رهي هئي. ڀلا اگر ڪنهن جي ارمانن جو خون ٿي وڃي، اهو زنده درگور ٿي وڃي، ته بجاءِ ان جي مرتئي تي دلداريء جو سبب بڻججي، ان سان عُذر خواهي ڪجي، نه ڪي پنهنجي شادمانين جي نويد کڻي، انهن جي ناڪامين ۽ نامرادين جو ائين مذاق اُڏائڻ جو سبب مهيا ڪجي.
جيڪڏهن اياز پنهنجي ڪنوار کي وٺي ائين زرتاج جي گھر نه پهچي ها، جيڪڏهن سندس اعلى تعليم يافته ڪنوار کيس ان جي اجازت نه ڏئي ها ته عورت جي نازڪ دل کي وڌيڪ ڀورا ڀورا ڪرڻ ڪيئن ٿو جُڳائي، ته اڄ زرتاج ائين ذهني توازن نه وڃائي ويهي ها، جو نه جيئرن ۾ رهي هئي نه مري ويلن ۾. نه صرف هوء بلڪه پورو خاندان به اڄ اهڙي پيڙا مان گذري رهيو هو. اهو ڪير انهن کان ئي پڇي.
اهڙين ئي سوچن، ۽ پنهنجي اڪيلاين جو عذاب ، غزل کان سَٺو نه ٿي ٿيو.الائي هُن جي زندگيء ۾ به ڇا لکيل آهي، فواد به ڪيتري عرصي کان فون نه ڪئي هئي. پوءِ به هوء سندس انتظار ڪري رهي هئي ته هڪ ڏينهن هو ضرور ايندو ۽ هن جون تنهايون ختم ٿي وينديون.
ڪئي ڏينهن تائين غزل زرتاج جي ان پيڙا کي محسوس ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي هئي هِن جو پنهنجو درد به سوايو ٿي ويو هو. زرتاج جون دانهون ڪوڪون هر وقت سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳنديون هيون ۽ جنهن ڏينهن زرتاج کي دورو پوندو هو، اهو ڏينهن گھارڻ ته هن لاءِ اذيت ناڪ بنجي ويندو هو. هوء هڪ محتاط طبعيت جي عورت هئي. ڪڏهن به ڪنهنجي ذاتي زندگيء ۾ دخل ڏيڻ پسند نه ڪندي هئي.ليڪن غير ارادي طور هوء ان درد ڪهاڻيء ۾ شامل ٿي وئي هئي. هن جي دل شدت سان چاهيو ٿي ته هوء زرتاج سان ملي هن جو ڏُک ونڊڻ جي ڪوشش ڪري پر ڪيئن ...... ؟
هڪ ڏينهن صبح ساڻ آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر ڇانيل هئا، بهار جي موسم ۾ ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھُلي رهي هئي. گھڻن ڏينهن کان پوءِ غزل پنهنجي اندر سرشاري ۽ فرحت محسوس ڪري رهي هئي. شام ڌاري جڏهن هوء انسٽيٽيوٽ کان ٻاهر نڪتي ته هلڪي هلڪي بوندا باندي شروع ٿي وئي، ته هن جي دل تي ڄڻ ڇنڊو پئجي ويو. هوء خوش خوش ٽيڪسي روڪرائي ان ۾ سوار ٿي گھر پهتي، ٽيڪسيء واري کي ڀاڙو ڏئي فارغ ڪري جيئن بنگلي جي گيٽ طرف وڌي، ان وقت گيٽ جي دروازي تي هڪ ٻي ٽيڪسي اچي بيٺي، جنهن مان اڳين سيٽ تان هڪ 15 _ 16 سالن جو نينگر لٿو ۽ پويان هڪ اڌ وهي عورت ۽ ٻي 26_ 27 سالن جي ڇوڪري نمودار ٿي. ڇوڪريء تي نگاه پوندي ئي غزل نظرون هٽائڻ ئي وسري وئي. ڳوري بگي رنگت تکا نيڻ و نقش، گلابي ڳل، البته اکين ۾ عجيب وحشت ۽ بيگانگي هئي، هوء ڇاڪاڻ ته آرٽسٽ هئي، خوبصورت چهرا هن جي ڪمزوري هئا، ان ڪري اهڙي حسين و وجيهه چهري کي ڏسي سندس دل چاهيو ته اُتي بيٺي بيٺي هن جي مورت گھڙي وٺي. ٻئي گيٽ تي موجود هيون. غزل سمجھي وئي هئي ته اهائي آمنه ۽ ڪمپني آهي. هن مرڪي آمنه کي سلام ڪيو، آمنه پهرين ته غور سان کيس ڏٺو، پوءِ سلام جو جواب ڏنو. غزل ويجھو اچي زرتاج سان هٿ ملايو،
”مان غزل ....... هن ئي بنگلي ۾ ايما آپيء جي پي اِنگ گيسٽ آهيان، ۽ ڪافي عرصي کان هتي رهائش پذير آهيان .“
زرتاج هٿ ته ملايو پر ان ۾ عجيب سرد مهري ۽ بي اعتنائيء جو احساس هو، البته آمنه نهايت گرم جوشيء سان ملي. هن پرديس ۽ مخدوش حالات ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ۽ پنهنجائپ جو انداز ، اهڙي ئي ڪنهن دوست جي ملڻ سان طمانيت جو احساس وڌي ويندو آهي. خوش دليء سان مسڪرائيندي چيائين،
”ايما ٻڌايو هو ته توهان سندس گيسٽ روم ۾ رهائش پذير آهيو. هي منهنجي ڌيء زرتاج آهي، توهان سان ملي واقعي طبعيت خوش ٿي وئي. “
”پوءِ ته آپا، اڄ موسم به خوشگوار آهي ۽ توهان سان خوش قسمتي سان ائين ملاقات به ٿي وئي آهي، ته پوءِ پليز ! مونکي خوشي ٿيندي ته توهان هڪ ڪوپ چانهه جو مونسان گڏ شيئر ڪيو. مان اڪيلي اڪيلي چانهه پي، يقين ڪيو سخت بيزار ٿي وئي آهيان.“
غزل جي لهجي ۽ صلاحڻ جي انداز م اهڙي ته پنهنجائپ ۽ خلوص هيو، ۽ هن شايد دل سان چاهيو پئي ته زرتاج جو هڪ جيڏين سان ميل ميلاپ ٿئي، ڇوته ڊاڪٽر هن جي ذهئي دٻاء کي گھٽ ڪرڻ لاءِ سماجي سرگرمين ۾ کيس مشغول رکڻ جي خاص هدايت ڪئي هئي. ان ڪري هن انڪار مناسب نه سمجھو ۽ خوش دليء سان چوڻ لڳي،
”ڇو ڪونه، ماڻهو، ماڻهوء جو کاڄ آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجي اڪيلاين کان بيزار ٿي ويون آهيو ته اسان کي به هتي ڪجھ دوستن جي ساٿ جي ضرورت آهي. ڌيءُ ڏي نهاريندي، زرتاج پُٽ ! ڇا خيال آهي غزل جي دعوت قبول ڪرڻ تي توهان کي ڪو اعتراض ته ڪونهي.“
زرتاج نهايت ئي سرد مهريء سان پهرين ماءُ ۽ پوءِ غزل ڏانهن نهاريو، هن جي نهار ۾ هزارين درد، پيڙائون ۽ حسرتون سمايل هيون غزل جي دل ٻڏڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن اندر ۾ ڪاتيء سان وڍ ڏئي وڌا هجن، هوء ته پاڻ دردن جي ماريل هئي. ليڪن هن همٿ ڪري هن من موهڻي ڇوڪريء جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليا ۽ نرم انداز سان مرڪي ڏانهس نهاريندي چوڻ لڳي،
”مس زرتاج سڀ چوندا آهن ته مان چانهه ڏاڍي سُٺي ٺاهيندي آهيان ڏسو نه، موسم ڪيڏي نه خوبصورت آهي، ان ۾ گرم گرم پڪوڙا ۽ چانهه جو مزو يقيناَ توهان کي ايندو.“
هوء سندس هٿن کي نرميء سان دٻائيندي سندس اکين ۾نهارڻ لڳي، ته زرتاج به هن جي هٿن جي نرم، دوستانه ۽ محبت ڀرئي ڇهاء کي محسوس ڪندي پاڻ کي بهتر محسوس ڪرڻ لڳي ۽ خبر ناهي ڪهڙي جذبي تحت غزل سان گڏ اڳتي هلڻ لڳي ته آمنه جي مُک تي اطمينان جي لهر ڊوڙي وئي. هن رضا کي چاٻيون ڏنيون ته گھر هلي ۽ پاڻ غزل جي پورشن طرف وڌڻ لڳي. غزل ٻاهريون در کوليو ۽ ٽئي ڪمري ۾ داخل ٿيون. زرتاج ڪمري ۾ داخل ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، غزل جو ڪمرو نهايت فنڪاراڻه انداز سان سينگاريل هو. جنهن کي ڏسي زرتاج جي چهري تي ٿوري دير لاءِ هڪ خوشگوار تبديلي جو تاثر اُجاگر ٿيو، ليڪن ٻئي لمحي غائب ٿي ويو. هوء اڳتي وڌي چپ چاپ صوفي تي ويهي رهي. غزل ، امنه کي به ويهڻ لاءِ چئي هينڊ بيگ ميز تي رکي، ڪچن ڏانهن وڌي وئي. جيڪو روم کان ٻاهر اوپن پئسيج ۾ هو. گرم گرم پڪوڙا ۽ ڪباب تري اچي ميز تي رکيائين، خالي پليٽون سندن هٿن ۾ ڏئي کين ڪجھ کڻڻ جي صلاح ڪئي، آمنه ڪجھ پڪوڙا ۽ ڪباب پليٽ ۾ وجھي زرتاج ڏي وڌايا ته هن پليٽ پري ڪندي پنهنجي هٿ ۾ جھليل پليٽ ۾ ڪباب کنيو ۽ کائڻ لڳي، هن ايتري دير ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. ليڪن ڪباب کائيندي چوڻ لڳي،
”توهان شايد پنهنجو نالو غزل ٻڌايو هو، ....... ها ته، غزل توهان ڪباب پاڻ ٺاهيا آهن ؟ واقعي ڏاڍا مزيدار آهن.“
اهو چوندي هن جو چهرو هر قسم جي احساسات کان وانجھيل هو. غزل هن جي تبصري تي مسڪرائي چوڻ لڳي،
”ها، اهي مون ئي ٺاهيا آهن، توهان کي پسند آيا، ان لاءِ مون کي خوشي ٿي، ڄڻ منهنجي محنت ساب ٿي . جڏهن ڪير ڪنهن جي ٺاهيل شين کي ائين ساراهيندو آهي نه، ته ، هُن جي حوصله افزائي ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن ساراهيندڙ توهان جهڙي حسين ۽ پياري هستي هجي، ته سون تي سهاڳو ٿي پوندو آهي. “
پنهنجي خوبصورتيء جي تعريف ٻڌي زرتاج جي چهري تي عجيب حسرت، ياسيت ۽ اُداسي ڇانئجي وئي، غزل هن جي چهري جي بدلجندڙ تاثرات کي محسوس ڪندي ڳالهه مٽائيندي چوڻ لڳي،
”آپا توهان جي زرتاج ڏاڍي پياري آهي، توهان سان مون پنهنجو مڪمل تعارف ته ڪرايو ئي نه.، دراصل مان هڪ فنڪاره آهيان ، هتي ڪراچي جي هڪ انسٽيٽيوٽ ۾گذريل ٽن سالن کان مجسمه سازي جي سکيا ڏيندي آهيان زرتاج اهڙي ته من موهڻي آهي جو کيس ڏسندي ئي دل چيو ته کيس آڏو ويهاري سندس مجسمو گھڙي وٺان. “
زرتاج هنن ڳالهين کان لاتعلق ٿيو ڪباب ۽ پڪوڙن سان شُغل ڪندي رهي، ڄڻ هن سڄي گفتگوء سان هن جو ڪو سروڪار ئي نه هجي. البته آمنه اهو ٻڌي لبن تي خوشگوار مرڪ آڻيندي چيو،
”واه ! ته توهان مجسمه ساز آهيو، پوءِ ته توهان پنهنجي ڪاليج ۾ کوڙ ساريون مورتيون گھڙيون هونديون. ڪڏهن اسان کي به توهان پنهنجا گھڙيل فن پاره ڏيکاريو نه.“
”ڇو ڪونه، جڏهن اوهان جي دل چوي اچي وڃجو مان توهان کي ائڊريس ڏئي ڇڏيندس.“
اهو چئي هوء چانهه ٺاهڻ لاءِ اٿي وئي ته آمنه پيار ڀرئي انداز ۾ زرتاج کي چوڻ لڳي،
”پوءِ ڪڏهن هلون نه غزل جا ٺهيل مجسمه ڏسڻ .“
زرتاج ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، پر هميشه جيان ڪو ردِ عمل به ظاهر نه ڪيو ڄڻ هوء نيم رضامند هجي.
آمنه به کيس وڌيڪ زور نه ڀريو، متان سندس ذهن تي ڪو دٻاء نه پوي. چانهه پئندي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون ، زرتاج به ڪنهن ڪنهن مهل هون هان ۾ جواب ڏيندي رهي، سج لهڻ مهل هو موڪلائي پنهنجي پورشن ڏانهن روانيون ٿيون.
ان ڏينهن کان پوءِ ڪابه قابلِ ذڪر ڳالهه ڪانه ٿي. زرتاج جو علاج هلي رهيو هو ۽ هاڻي سندن پورشن مان رڙين ۽ آوازن ۾ به وقفه وڌندا رهيا. ليڪن ائين به نه هو ته بلڪل ختم ٿي ويا هجن. غزل ڪڏهن ڪڏهن از راهِ همدردي آمنه وارن ڏانهن گھڙي ساعت لاءِ چڪر هڻندي هئي. پر زرتاج گھڙي سوا ساڻس ويهي اُٿي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي. مٿئين پورشن ۾ به ٻه ڪمرا ۽ لائونج هو. آمنه ئي هن لاءِ چانهه ٺاهي ايندي هئي.