ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

4

عرشيه ائين اچانڪ افراز کي پنهنجي قريب ڏٺو ته هن جي خوشيء جي انتها نه رهي. هوء پهرين ملاقات ۾ ئي افراز کي پسند ڪرڻ لڳي هئي ۽ هميشه دل ئي دل ۾ کيس ياد ڪندي رهندي هئي. اڄ ائين اچانڪ کيس ڏسي تمام گھڻي خوش هئي ۽ گھر وارن جو خيال نه ڪندي کيس هٿ کان جھلي، سمنڊ جي بيتاب ٿي ڪناري ڏانهن وڌندڙ ڇولين طرف وڌي وئي. سندس گھر وارا به ايترا آزاد خيال ضرور هئا جو هنن ڌيء جي ان حرڪت کي ٻاراڻي سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ۽ خوش گپين ۾ مصروف ٿي ويا البته افراز هن اچانڪ حملي لاءِ تيار نه هو. پهرين ته هو پريشان ٿي ويو، ليڪن عرشيه کيس اعتراض ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو هو، هو به صبح کان پاڻ کي نظر انداز ٿيندو محسوس ڪندي، دل ۾ گھڻو اداس ٿي ويو هو ۽ پاڻ کي هن ماحول کان پري رکڻ پئي چاهيائين. ان ڪري هن عرشيه جي ساٿ کي ئي غنيمت سمجھيو.
ماريه ۽ غزل هڪ تنها هنڌ تي اچي ويٺيون ۽ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇولين ڏانهن بي مقصد نهارينديون ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون رهيون، فواد کانئن لاتعلق بڻجي ٻارن سان گڏ سمنڊ ڏانهن اٿڻ وارين لهرن طرف وڌي ويو ته هو ٻئي کين انجواء ڪندي ڏسنديون رهيون.. غزل دل ۾ سوچي رهي هئي ته ڪاش! فواد هن کي به پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چوي ها، پر هو ته ان گھڙِي ائين لا تعلق بنجي ويو ڄڻ اسان جي وچ ۾ ڪا شناسائي ئي ڪونهي. مون کي نظر انداز ڪرڻ خاطر هو ماريه سان به تڪلف پيو ڪري، يا هو ڄاڻي واڻي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته مان هن لاءِ بلڪل به اهم ناهيان، ته پوءِ هو هتي صرف سمنڊ جون لهرون ڳڻڻ لاءِ آيون هيون ڇا، مون ڪيڏي نه چاهه سان پروگرام جوڙيو هو، صرف ان آسري ته اهي ڪجھ گھڙيون فواد جي قربت ۾ گذرنديون. هن کي پنهنجي ورهين جي اندر ۾ سانڍيل محبتن جو احساس ڏيارينديس.، پر هي ته مون کي سڃاڻي به ڪونه ٿو. هوء انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته ماريه هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته هوء ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان نڪري آئي،
”وري ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويئي، پروگرام ٺاهڻ مهل ته ڏاڍي پُرجوش هئينء“
”بس ماريه هاڻي گھڻي دير ٿي وئي آهي، مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، هاڻي واپسي ڪرڻ گھرجي.“
سندس ڳالهه ٻڌي ماريه کلڻ لڳي،
”دير... ! منهنجي راڻي! توهان جو پروگرام ته سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ جو هو، اڃان ته ڪاٿي ٿيو ڪوهيار، اڃان ته رات جي ڊنر جي دعوت آهي توهان جي طرفان، ته پوءِ ڇا ٿيو اڃان ته شام مس ٿي آهي، ها، جي هتي ويٺي ويٺي بور پئي ٿين ته اٿ ته پاڻ به هلي ٿا پير ٿڌا ڪيون، هتي ويٺي ويٺي ٽنگون ئي سُڪي ويون آهن..“
هوء زبردستي غزل جو هٿ جھلي هيٺ لهي وئي ۽ ٻئي پسار ڪنديون فواد، مرينه ۽ آشر وٽ اچي پهتيون، جيڪي پاڻيء ۾ لهرن کي جھلڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا. هنن کي ايندو ڏسي فواد مرڪندي چوڻ لڳو،
”ان جو مطلب ته ليڊيز کي خيال اچي ئي ويو ته هو هتي انجواء ڪرڻ آيون آهن، ورنه مون کي لڳو ته توهان اڪيلائي ۾ ويهي ڪنهن ڪهاڻي جو پلاٽ سوچڻ آيون آهيو يا عام عورتن جيان ڪنهن نه ڪنهن جون گلائون پيون ڪيو..“
غزل ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ليڪن ماريه به ساڳئي برجسته انداز ۾ وراڻيو،
”توهان به اسان کان ائين لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ لڳا، ڄڻ اسان توهان سان گڏ آيل ڪو فالتو سامان هجون، سڀني پنهنجون پنهنجون مشغوليون ڳولهي ورتيون، افراز ته ايندي ئي غائب ٿي ويو ۽ باقي اسان...... سواء لهرون ڳڻڻ جي ٻيو ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھياسين. شايد توکي غزل جي ڪري اوپرائپ جو احساس پيو ٿئي.“
”نه بابا ! اهڙي ڳالهه ڪانهي ، مس غزل جيتري توهان جي پنهنجي آهي، اوتري ئي منهنجي ..... ،” آء مينِ“ توهان جي ڪزن هجڻ جي ناتي ڀلا مونکي کانئس ڪهڙو حجاب ٿي ٿو سگھي. بس توهان جي پرائيويسي جي خيال کان مون مُخل ٿيڻ نه پئي چاهيو.“
”اوڪي بابا! زياده صفائي ڏيڻ جي ضرورت ناهي، اصل ۾ غزل سخت بور پئي ٿي ۽ واپس هلڻ لاءِ پئي پر سويائين.. ،
”ٺيڪ آهي ته پوءِ توهان جي سهيلي صاحبه جي بيزاريء کي ختم ڪرڻ لاءِ هلو ته هُن بيچ بگيء جي سواري ٿا ڪيون. “
ائين وري سڀئي مشغولين ۾ گم ٿي ويا، ڪو اٺ جي سواري پيو ڪري ته ڪنهن گھوڙي سواري کي ترجيح ڏني. جڏهن رات جي اونداهيء پنهنجا پر پکيڙيا ته هنن به واپسيء جي تياري پڪڙي، ان دوران افراز به اچي ساڻن گڏيو هو. رات جي ڊنر لاءِ سڀني عثمانيه جو انتخاب ڪيو. ڊنر کان پوءِ سڀ ٿڪجي هارجي اچي گھر پهتا. فواد موڪلائي هوٽل روانو ٿي ويو.



ان ڏينهن کان پوءِ غزل ۽ فواد اڪثر انسٽيٽيوٽ کان واپسي تي ملندا رهندا هئا، پر فواد تاڪيد ڪيو هو ته في الحال هنن ملاقاتن جو ذڪر گھر ۾ ڪنهن سان نه ڪيو وڃي، وقت اچڻ تي هو پاڻ ماريه کي سڀ ڪجھ ٻڌائيندو. ائين وقت گذرندو رهيو هنن ٻنهي جي دوستي ڪافي پختي ٿي وئي هئي ۽ غزل جون اهي سڀ آرزوئون تمنائون ماٺيون ٿينديون پئي ويون جن کي پوري ڪرڻ جي حسرت ۾ هن ڪئي خوبصورت ورهيه ائين گذاري ڇڏيا هئا، هو زندگي کي هاڻي ڀرپور انداز ۾ جي رهي هئي، ڪنهن کي سندس تخيلاتي آدرش ائين ملي سگھي ٿو، هوء ڪيڏي نه خوش قسمت آهي جو هن جيڪو چاهيو اهو نه صرف اڄ هن جي آڏو آهي بلڪه هو هن جو خيال به رکي ٿو هن تي ڀرپور توجه ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ هن ڪڏهن به پنهنجي پسند يا نا پسند جو کلي طرح اظهار نه ڪيو هو، پر هوء ڄاڻي پئي ته هر ڳالهه، هر جذبي هر احساس کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ضروري ناهي هوندو، جنهن کي توهان من جي گھراين سان چاهيو ٿا جيڪڏهن هو ڪجھ پلن لاءِ به توهان سان گڏ آهي ته اهائي توهان جي خوابن جي تڪميل آهي، عورت محبتن جي مامري ۾ هميشه اڪتفا پسند رهي آهي، ننڍپڻ کان ان جي تربيت اهڙي انداز ۾ ٿيندي آهي ته هوء ڀائرن توڙي گھر ۾ رهندڙ سڀني مردن جي مقابلي ۾ ڪمتر ليکي ويندي آهي، سڀ کان پهريون حق هر شيء تي مردن جو، باقي بچي کُچي سندس حصي ۾ ، ائين ڪڏهن ته هوء ان تي ئي صابر شاڪر رهندي آهي ۽ ڪڏهن وري احتجاجن سڀ ليڪا لتاڙي ويهندي آهي. اڪتفا پسندي يا صبر شڪر جي حالت ۾ جيڪو مليو اهو هوء پنهنجو نصيب سمجھي شڪر گذاريء جي احساس سان لبريز ٿي ويندي آهي.



وقت ائين گذرندو رهيو، افراز جي ايم بي اي به ڪڏهوڪي مڪمل ٿي وئي هئي ۽ هن پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري لاءِ اپلاءِ به ڪيو هو ۽ اتفاق سان کيس اسلام آباد ۾ ڪنهن ڪمپنيء ۾ نوڪري ملي وئي. ته ماريه به آشر ۽ مرينه جي وئڪيشن ۾ اسلام آباد وڃڻ جو پروگرام ٺاهڻ لڳي. پر هاڻي مسئلو هو غزل جو، هوء اڪيلي ڪيئن رهندي، گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن غزل کي صلاح ڏني ته يا ته هوء هنن سان گڏ ڪجھ عرصي لاءِ اسلام آباد هلي يا وري سکر ڪجھ ڏينهن لاءِ مائٽن وٽ رهي اچي. جيڪڏهن هن کي اهي ٻئي آپشنز قابلِ قبول نه لڳن ته پوءِ کيس فليٽ ۾ اڪيلو رهڻو پوندو. غزل اهو ٻڌي سخت پريشان ٿي وئي. اهي ٻئي آپشنز هن لاءِ قابلِ قبول نه هئا. انڪري هن ماريه کان سوچڻ جو وقت گھريو. ماريه کي وڃڻ ۾ اڃان ڏهه پندرهن ڏينهن هئا، انڪري هُن کيس اطمينان ڏياريو ته آرام سان فيصلو ڪري وٺي.
ان ڏينهن کان وٺي غزل پنهنجي انسٽيٽيوٽ جي اسٽاف ميمبرن کي رهائش لاءِ ڪو انتظام ڪري ڏيڻ لاءِ چيو. خوش قسمتي سان هڪ اهڙي رهائش جو آسرو مليو جيڪو هر لحاظ کان غزل لاءِ مناسب هو.
هڪ ننڍڙو پر ڊبل اسٽوري بنگلو هو جنهن ۾ هڪ پارسي عورت پنهنجي ٻن ٻارن ۽ هڪ ملازمه سان گڏ رهندي هئي، ان جو هيٺ هڪ پورشن جيڪو هڪ ڪمري ۽ باٿ وغيره تي مشتمل هو. شايد مهمانن لاءِ ٺهيو هو جيڪو بلڪل الڳ ٿلڳ هو اهو خالي هو. هوء چاهي ته گھر وارن سان ميل جول رکي نه چاهي ته وچ وارو دروازو بند ڪري ٻاهرين در کان اچ وڃ ڪري سگھي پئي. ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي ۽ مسواڙ به مناسب هئي. رهائش جو اهڙو محفوظ بندوبست ٿيڻ تي هن سک جو ساه کنيو ۽ ماريه کي اچي ٻڌايائين ، ماريه به هن سان ان رهائش گاه تي وڃي اطمينان ڪيو ته اها جاء غزل لاءِ بلڪل مناسب آهي، پر هوء ايستائين شفٽ نه ٿيندي جيستائين هو اسلام آباد لاءِ نه ٿا نڪرن.


ڪجھه ڏينهن کان پوءِ غزل پنهنجي مختصر سامان سان نئين گھر ۾ شفٽ ٿي وئي ۽ ماريه موڪل وٺي ٻارن سان گڏ اسلام آباد هلي وئي. افراز ته پهرين ئي نوڪري سانگي اتان هليو ويو هو. ماريه اتي وڃي اهڙي ته مصروف ٿي وئي جو هن جو غزل سان ڪوبه رابطونه رهيو. جلديء ۾ هن غزل جو فون نمبر به نه ورتو هو، گڏ رهندي هنن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي فون ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي ان وقت موبائيل فون جو ايترو رواج به نه هو گھر جي نمبر تي ئي هڪ ٻئي سان رابطو رهندو هو.
فواد ۽ غزل جي وچ ۾ هاڻي اهو اوپرائپ ۽ تڪلف وارو احساس گھٽجندو پئي ويو، هو ڏينهون ڏينهن هڪ ٻئي جي قريب ايندا ويا، هو ته صدين کان هن جي روح اندر موجود هو، هِن ته هُن سان خيالن خوابن ۾ پنهنجا حال اوريا هئا، ان ڪري هن ڪڏهن به هن کي اجنبي نه ڄاتو هو. هن جي لاءِ فواد جو قرب هن جو ساٿ، سندس سڀني دکن دردن، محرومين ۽ تنهاين جو احساس مٽائڻ جو سبب بڻجي ويو هو. کيس پاڻ سان گڏ ڏسي هوء پاڻ کي ڌرتيء جي خوش نصيب هستي سمجھڻ لڳي هئي. هن تصور به نه ڪيو هو ته هن جو آدرش، هن جي خيالن ۽ سپنن ۾ وسڻ وارو هڪ ڏينهن هن جي روبرو هوندو، نه صرف ايترو پر، هن جي محبت ۽ خلوص کي ائين قبول به ڪري وٺندو، جو هن جي محرومين جو علاج بڻجي ، هر طرح جي خوشي ڏيڻ، پنهنجي زندگيء جو مقصد بنائي ڇڏيندو. ماريه وارن جي وڃڻ جو به کيس احساس نه پئي ٿيو. ڇو ته هنن جي غير موجودگي ۾ هوء فواد سان بي اُلڪي ٿي ملڻ جو لڳي هئي. هوء ته بس هر وقت فواد جي تصور ۾ ئي پنهنجو وقت ڪاٽيندي هئي، جنهن ڏينهن هوء فواد سان ڪڏهن دو دريا جي ڪولاچي ريسٽورينٽ جي هلڪي روشنيء ۾ سمنڊ جي ڀر وارين سيٽن تي ويهي ماني کائيندي رهاڻيون ڪندي هئي، ان وقت هوء پاڻ کي الائي ڪٿان جي راڻي تصور ڪندي هئي، جنهن کي دنيا جهان جي دولت ملي وئي هجي. ڪڏهن هن سان گڏ ڪنهن پبلڪ پارڪ جي چهچ سائي نرم ڇٻر تي پسار ڪندي هن سان انٽيلڪچوئل قسم جي گفتگو ۾ محوَ، پاڻ کي دنيا جي ذهين ترين عورت جي روپ ۾ محسوس ڪندي هئي، جنهن پنهنجي ذهانت فطانت جا سڀ در فواد آڏو کولي رکيا هجن. سندس اهڙين ڳالهين کان متاثر ٿي فواد هميشه کيس ساراهڻ لڳندو هو ۽ هن کي ڄڻ دنيا جهان جو خزانو ملي ويندو هو. هونئن به ويچاري عورت ڪيتري به پڙهي لکي، ذهين هوشيار ڇونه هجي هوء ازل کان پنهنجي مرد جي ساراه جي بُکي هوندي آهي، ڪوڙ پچاڻي جي ئي سهي پر هن جي تعريف ٿي ته هوء ايتري ته خوش ٿي ويندي آهي جو ان جي جواب ۾ هوء ڪجھ به ڪرڻ کان رهي ناهي سگھندي.
ڪئي مهينا ائين گھمندي ڦرندي گذري ويا، هوء انهي انتظار ۾ رهي ته هڪ ڏينهن فواد کيس پروپوز ڪندو، پنهنجي محبتن جو کُلي اظهار ڪندو، کيس اهو يقين ڏياريندو ته هوبه هاڻي هِن جي بغير رهي نه ٿو سگھي، هاڻي هنن کي اهي سڀ دوريون نزديڪين ۾ بدلائڻ گھرجن، هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ گھرجي، پر اڄ ڏينهن تائين هُن ڪڏهن به غزل جي خواهشن ۽ آرزوئن پٽاندڙ ڪابه اهڙي حوصله افزا ڳالهه نه ويچاري، بس هو هِن جي حسن جي، ذهانت جي، شعر شاعري جي ڪنهن ڪنهن مهل سرسري انداز ۾ ساراهه ڪري وٺندو هو، ليڪن هر هفتي جي آخري ڏينهن تي هن سان سڄو ڏينهن گڏ گذارڻ پنهنجو معمول ٺاهي ڇڏيو هو. غزل پوءِ به هن جي ايتري ويجھڙائي کي ئي غنيمت سمجھي ورتو هو ۽ هن سان ملڻ ۾ کيس عجيب سڪون ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي، ليڪن هنن جي ان قربت ۾ به اخلاقي فاصلا پنهنجي حد اندر قائم هئا ۽ هنن ڪنهن به حالت ۾ هڪ ٻئي کي اهڙو ڪوبه موقعو نه ڏنو هو جنهن جو ڪو پڇتاء ٿئي. هڪ ڏينهن موقعو ڏسي غزل پاڻ ئي ساڻس پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
”فواد توهان جو اسان جي مستقبل جي باري ۾ ڇا خيال آهي.“
هو پهرين ته حيران ٿي سندس صورت تڪڻ لڳو، ليڪن ڪجھ دير سوچڻ کانپوءِ هن جي دل رکڻ لاءِ گول مول انداز ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳو،
”جنابِ من ! حال ۾ خوش آهيون، اهو ڪافي ناهي، زندگي خدا جو
ڏنل هڪ حسين تحفو آهي، ان کي جيترو انجوء ڪجي گھٽ آهي، ته پوءِ حال ۾ مست رهو، مستقبل، جڏهن حال بنجي ايندو ته ان تي به سوچي وٺبو. سو پليز ! ڊونٽ وري ابائوٽ اِٽ انجواء يوئر پريزنٽ. “
غزل اهو ٻڌي لاجواب ٿي وئي. هوء پخته عمر جي بردبار عورت هئي، ان ڪري الهڙ جذباتي ڇوڪرين جهڙو رويو ظاهر ڪرڻ نه ٿي چاهيو. هوء پنهنجي جذبن ۽ محبتن جي عزت ڪرڻ ڄاڻندي هئي، ان ڪري دل ۾ فيصلوڪري ورتائين ته جيستائين فواد ان سلسلي ۾ اڳڀرو نه ٿيندو، هوء ڪڏهن به پنهنجي احساسات کي ائين ڇُڙواڳ ۽ رسوا ٿيڻ نه ڏيندي.، محبتن جو ڀرم هميشه قائم رکندي.



افراز جي اسلام آباد هليو وڃڻ کانپوءِ جڏهن اها خبر فهد جي ذريعي عرشيه کي پئي ته هن جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، هوء اڻ ڄاڻائي ۾ افراز جي محبتن ۾ گھڻو اڳتي نڪري وئي هئي، ان جو احساس کيس به ان وقت ٿيو جڏهن کيس اهو معلوم ٿيو ته هو هتان کان ڪوهين ڏور هليو ويو آهي. هن کان اها دوري سَٺي نه پئي ٿي. افراز ان ڏينهن سمنڊ ڪناري پاڻي ۾ گھمندي، سرسري انداز ۾ هن سان زڪر ڪيو هو ته هن اسلام آباد ۾ نوڪريء لاءِ انٽرويو ڏنو آهي، پر ان وقت ته کيس به پڪ ڪونه هئي ته اها نوڪري ملي ويندي. ۽ جڏهن عرشيه کي اها خبر پئي ته نه فقط کيس اها نوڪري ملي به وئي پر هو هليو به ويو، ان گھڙيء اها خبر سندس دل تي کنوڻ جيان ڪري هئي ۽ هن جي تمنائن آرزوئن ۽ خواهشن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو هئائين. هن ته اڃان افراز سان پنهنجي دل جو حال اوريو ئي ڪونه هو، ته هو آزاد پکيئڙي جيان اُڏا.مي هليو ويو هو.
هاڻي ته ڏينهن رات اهائي جهوِرِي کيس جھوري رهي هئي، ته هوء ڇا ڪري. ان سان ملڻ جي آس دل اندر سانڍي ڪئي پهه پئي پچائيندي هئي، ته ڪهڙي ريت هوء اسلام آباد پهچي افراز سان ملي ۽ سندس آڏو پنهنجي اندر کي کولي رکي. ڪئي ڏينهن ان اڻ تڻ ۾ گذري ويا، روز پئي پروگرام سِٽيندي هئي، ڊاهيندي هئي. هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اچانڪ کيس ياد آيو ته اسلام آباد ۾ سندس ماء جي هڪ ڪزن رهندي آهي، جنهن ڪئي دفعه، جڏهن هوء خاندان جي دعوتن ۾ ڪراچي ايندي هئي ته اتي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ هر دفعي ماڻس کي زور ڀريندي هئي ته هو اسلام آباد اچي گھمي وڃن. پر ڪراچي جي گونا گون مصروفيتن واري زندگي ۾ ڪنهن کي مٿو کنهڻ جي به واندڪائي نه ملندي هجي، اُتي هو ايترو پري اهو به صرف گھمڻ خاطر ڪٿي ٿي نڪري سگھيا. اهو سڀ ياد ايندي هن جي دل ۾ هڪ اميد پيدا ٿي ۽ دل ئي دل ۾ اوڏانهن وڃڻ جا سانباها سِٽڻ لڳي، ته ڪيئن ماء کي راضي ڪري اوڏانهن هلڻ تي مجبور ڪري.
هڪ ڏينهن ماڻس خوشگوار موڊ ۾ هئي ۽ پنهنجي ڏور پري جي عزيزن جون ساروڻيون ساري رهي هئي ته عرشيه موقعو غنيمت ڄاتو ۽ چوڻ لڳي،
”امي جان! توهان جي هڪ ڪزن آنٽي ندرت، جيڪا اسلام آباد ۾ رهندي آهي، اها توهان جي فرسٽ ڪزن آهي يا دور پري جي . “
”چري ڇوڪري ! ندرت ته منهنجي سڳي ماسيء جي ڌيء آهي، ننڍپڻ ۾ اسان ٻئي گڏ پڙهنديون هيون سين ، بلڪه هڪ ئي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي هئي سين. پوءِ منهنجي شادي هتي ٿي وئي ۽ ندرت جي حيدرآباد، جتان پوءِ هن جي گھر واري جي نوڪري اسلام آباد ٿي وئي ته هو اوڏانهن هليا ويا. پر توکي اڄ ندرت جي ياد ڪيئن اچي وئي. “
”بس، ائين ئي پئي پڇيم، هو منهنجون فرينڊس آهن نه انا ۽ ڪائنات... اهي هنن سردين جي موڪلن ۾ ڪوهه مري جي برف باري ڏسڻ لاءِ اسلام آباد پنهنجي مائٽن ڏي پيون وڃن نه، ان ڪري منهنجي به دل ڪري پئي ته اسان به ڇونه اسلام آباد هلون، آنٽي ندرت سان به ملي اچون ۽ برف باري به ڏسي اچون.“
” دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي. ڀلا تنهنجي بابا کي آهي ڪا فرصت، جو اسان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي، ڪاروباري ماڻهو آهي.“
”ٺيڪ آ، ته پوءِ ادا فهد کي وٺي ٿا هلون، اهو منهنجي ڳالهه ضرور مڃندو“
هي اڃان اهي ڳالهيو ن پيون ڪن ته فهد جيڪو هاڻي ڪاروبار ۾ پيء جو ٻانهه ٻيلي ٿيو هو ٿڪل ٽٽل ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته ڀيڻ جي ڳالهه ٻڌي ورتائين.
”ڪهڙي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ پيا چئو. “
عرشيه سڄي ڳالهه ڀاء کي ٻڌائي، هو ڪجھ دير لاءِ چپ ٿي ويو، عرشيه هن کي تمام گھڻي عزيز هئي، وڏي مانَ سان فرمائش ڪئي هئائين ۽ هو چاهڻ جي باوجود به هنن سان نه ٿي وڃي سگھيو، هن هڪ نئون ڪم رٿيو هو، جنهن کي هر حالت ۾ وقت سر پورو ڪرڻو هو. هو ڪجھ دير سوچيندو رهيو،
” ٺيڪ آهي، منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي اها خواهش ضرور پوري ڪبي. مان ته نه وڃي سگھندس، البته امي جان! تنهنجي ۽ فاران لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرايان ٿو. هتان مان پاڻ توهان کي پلين تي ڇڏي ايندس، توهان هفتو پندرهن ڏينهن رهي گھمي ڦري اچي وڃجو. “
ائين چئي هو اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو، ته عرشيه ٻارن وانگر ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳي، ماڻس به هن جي خوشيء خاطر چپ ٿي وئي، ۽ هن سان گڏ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. ڪجھ ئي دير ۾ فهد کين ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ هنن جي بڪنگ ٿي وئي آهي.



عرفان اسلام آباد ۾ هڪ پرڏيهي ايمبسيء ۾ ملازمت ڪندو هو، ڪافي عرصو پهرين هو خاله سبين ۽ سندس ڪٽنب سان هڪ ويجھن عزيزن جي شادي جي تقريب دوران مليو هو، سندس ماء ندرت پنهنجي سڳي ماسات ۽ ننڍپڻ جي سهيلي سبين ۽ فهد سان سندس تعارف ڪرايو هو. عرفان کي فهد ڪافي سلجھيل ۽ پُر وقارقسم جو نوجوان لڳو هو ۽ ڪجھ ئي دير جي ڪچهري کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ڪافي انڊراسٽينڊنگ ٿي وئي هئي. تڏهن ئي هنن ٻنهي هڪ ٻئي جا موبائيل نمبر ورتا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن عيدن، خوشين يا غمين جهڙن موقعن تي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿي ويندا هئا. اڄ به کيس فهد جو ميسيج مليو ته امي جان وارا ايڏانهن اسلام اباد پيا اچن ۽ توهان وٽ ئي رهندا. اهو ٻڌي هن اها خوش خبري ماء کي ٻڌائي جيڪا اڪثر پنهنجي مائٽن کي ساريندي رهندي هئي. ندرت پنهنجي ننڍپڻ جي ساهيڙي ۽ ماسات جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي وئي ۽ هنن جي رهڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ملازمن کي هدايتون ڏيڻ لڳي، سندن کائڻ پيڻ جا مينيو ترتيب ڏيڻ لڳي مطلب ته هوء ايتري ته خوش هئي جو هن جي دل چاهيو پئي ته وقت کي پر لڳي وڃن ۽ هو هزارين ميلن جو مفاصلو لمحن ۾ پورو ڪري هتي پهچي وڃن. هوء پنهنجي ساهيڙيء سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿي وئي هئي، وس نه ٿي پڳس ته هنن لاءِ سڄي جهان جون نعمتون اچي ڪٺيون ڪري ها، پوءِ به هن وسان ڪونه گھٽايو هو. عرفان ماء جي اهڙي گرمجوشي ڏسي حيران به ٿيندو هو ۽ دل ئي دل ۾ مسڪرائيندو هو، ماڻس ٻارن وانگر خوش ٿي رهي هئي.هن پنهنجي نوڪري جي مصروفيتن ۾ ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته مٽ مائٽ عزيز رشتيدار ڇا ٿيندا آهن . هن ته جڏهن کان هوش سنڀاليو هو ته گھر ۾ ماء پيء ۽ نوڪرن کانسواء ڪنهن سان به هن جي ويجھڙا.ئپ نه ٿي هئي، ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا به حيدرآباد ۾ هئا، ايترو پري سالن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. اڄ عرصي کان پوءِ گھر ۾ ايڏي چهل پهل ڏسي عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪري رهيو هو، ڇهين حس بار بار کيس باور ڪرائي رهي هئي ته هن جي پرسڪون زندگيء ۾ ضرور ڪانه ڪا هلچل مچڻ واري آهي، والد صاحب به گذريل ٻن ٽن سالن کان دبئي ۾ ترسيل هو. ان ڪري صرف هو اڪيلو پنهنجي ماء سان هتي رهيل هو ۽ سندس امڙ به ان ڪري ئي گھڻي بيتاب هئي، ڇوته هوء اڪيلي زندگي گذاري بيزار ٿي پئي هئي. جڏهن عرفان به پنهنجي ڊيوٽي سانگي ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو، ته ايڏو وڏو بنگلو کيس کائڻ ايندو هو.
آخرڪار اها گھڙي اچي ويجھي ٿي، پر بدقسمتي سان جنهن ڏينهن عرشيه وارن جي فلائيٽ هئي، ان ڏينهن عرفان کي ڊيوٽيء سانگي لاهور وڃڻو پئجي ويو. ان ڪري هن ايئر پورٽ تي ڊرائيور کي وڃڻ جو چئي ڇڏيو هو. ڪجھ دير ۾ سبين عرشيه ۽ فاران سان گڏ پهچي وئي. گاڏيء جو آواز ڪن تي پوندي ئي ندرت تڪڙي تڪڙي مُک دروازي ڏانهن سندن آڌر ڀاء لاءِ وڃي پهتي. ٻئي ماساتيون ڀاڪر پائي مليون، عرشيه ۽ فاران به ادب سان نوڙي خاله کي سلام ڪري دعائون ورتيون. ندرت هنن کي سڌو سندن لاءِ تيار ڪيل ڪمري ڏانهن وٺي وئي، جيئن سفر جي ٿڪاوٽ کان پوءِ فريش ٿي وٺن. اهو ڪمرو مٿئين پورشن ۾ هو. ڪمرو گھڻو ڪشادو هو ۽ شايد بنگلي جو سڀ کان وڏو ڪمرو هو، جنهن ۾ ٻه ڊبل بيڊ ۽ سائيڊ تي هڪ سيٽي نما صوفه سيٽ رکيل هو، هڪ طرف ڊريسنگ ٽيبل ۽ وارڊ روب موجود هو، مطلب ته ضرورت جي هر شي ڪمري ۾ موجود هئي جيئن مهمانن کي ڪابه ڏکيائي نه ٿئي. سامهون پردا هٽائڻ سان هڪ کليل وڏي دري مان سرسبز پهاڙي سلسلي جو منظر دل کي لڀائيندڙ هو. سبين ۽ عرشيه وغيره جيڪي ڪراچيء جي ڪلفٽن واري پاسي جي گھميل هوا ۾ ساه کڻي کڻي جڏهن اهڙي پُر فضا ۽ کليل ماحول جو نظارو پسيو ته هنن کي عجب طرح جو سڪون ۽ فرحت جو احساس ٿيو.
” توهان فريش ٿي ڪجھ دير آرام ڪيو، ايستائين مان چانهه لڳرايان ٿي. عرفان به بس پهچڻ وارو آهي. هن کي توهان کي پاڻ وڃي نه وٺي اچڻ جو ڏاڍو ارمان ٿي پيو آهي، ان ڪري ڪيترا دفعا فون ڪري پڇي چڪو آهي.
”بس ڀيڻ ڇا ڪجي پرائي بزاگيري جا اهيئي مسئلا هوندا آهن، توهان فڪر نه ڪيو، خير سان پهچي وياسين. “

ڪجھه ئي دير ۾ عرفان ٿڪل ٽٽل گھر اچي پهتو، ندرت انهي دوران ملازمه کان چانهه ٽيبل تي لڳرائي ورتي هئي، هن چانهه تي لنچ جيترو اهتمام ڪيو هو. عرفان به سڌو پنهنجي ڪمري مان تازو توانو ٿيڻ لاءِ هليو ويو، ته ندرت به مهمانن کي وٺڻ لاءِ مٿي هلي وئي. ڪجھ ئي گھڙين کانپوءِ سبين ۽ فاران فريش ٿي هلڪي ڦلڪي لباس ۾ هيٺ لهي آيا. چانهه جي ٽيبل تي ايترو اهتمام ڏسي سبين کلي چوڻ لڳي،
”لڳي ٿو ته اڳو پوءِ ڊنر ڪري اٿنداسين، ڀلا ايترو تڪلف ڪرڻ ضروري هو......... ؟ اسان ته ڪجھ ڏينهن اڃان اوهان جي مهماني ۾ رهڻ وارا آهيون“
”ايترن ورهين کانپوءِ پهريون ڀيرو منهنجي پياري ڀيڻ مون وٽ آئي آهي، مان پنهنجا سڀ ارمان پورا ڪنديس، بس تون مونکي ٽوڪجانءِ نه ، ۽ ها تون بلڪل فڪر نه ڪر، ڪم از ڪم هي سڄو مهينو تون هتان وڃڻ واري ناهين .“
عرفان به ونهنجي سهنجي رنگين ليڪن واري ڪڙتي ۽ اڇي سلوار ۾ انتهائي پُروقار مسڪراهٽ چهري تي سجائي ٻاهر آيو ۽ سڀني کي سلام ڪري هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو ته ندرت سندس تجسس کي محسوس ڪندي چوڻ لڳي،
”عرشيه اچي پئي، بس تياري ۾ ٿوري دير ٿي ويس. “
ان وقت عرشيه ڊارڪ بلو پنڪ فلاورز واري شرٽ ۽ لائيٽ پنڪ ٽرائوزر ۾ چيلهه تائين ڊگھن کليل سلڪي وارن ۽ هلڪي ميڪ اپ ۾ خرامان خرامان ڏاڪڻون لهندي لائونج ۾ پهچي وئي. عرفان جي مٿس جيئن نظر پئي ته نگاهون هٽائڻ ئي وسري ويو. هن عرشيه کي ان وقت ڏٺو هو جڏهن هوء ڏهن يارهن سالن جي ٻارڙي هئي، ۽ اڄ اوڻويهن ويهن سالن جي ڀرپور جوان عرشيه عرفان جي حواسن تي وڄ بنجي ڪري ۽ سندس وجود کي جلائي خاڪستر ڪري وئي. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته عرشيه جو حسن جوان ٿي اهڙو نکارجي ويندو جو پهرين نظر ۾ ئي هن کي ائين پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪري ڇڏيندو، هوڏانهن عرشيه هن جي احساسات کان بي خبر پنهنجي ئي ڌن ۾ مگن آهسته آهسته قدمن سان هلندي هن جي ويجھو اچي سلام ڪري بي تڪلف انداز ۾ چوڻ لڳي،
”جيڪڏهن مان غلط ناهيان ته توهان ئي ڀاء عرفان آهيو، جيڪو پهرين ڏينهن ئي پنهنجو واعدو پاڙي نه سگھيو. “
عرفان اچانڪ اهڙي بيباڪ حملي لاءِ تيار نه هو، هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين،
”سوري! ليڪن آئينده خيال رکبو........ ٿوري توقف کان پوءِ مسڪرائي ،
” ته توهان آهيو، مس عرشيه سرفراز، فيشن ڊزائينر. “
انهن ئي هلڪين ڦلڪين ڳالهين دوران چانهه جو دور هلندو رهيو، چانهه ختم ٿيندي ئي هنن جي وچ ۾ ورهين جي دوريء ڪري پيدا ٿيل اجنبيت، بي تڪلفي ۾ بدلجي وئي. جڏهن سڀ چانهه جا ڪپ هٿن ۾ کڻي اچي صوفن تي ويٺا ته ائين پئي لڳو ڄڻ هو سالن کان هڪ ئي هنڌ رهندا پئي آيا.