ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

15

ان ڏينهن کان پوءِ غزل جو افراز سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ٿيو. البته ميلي جو سمورو انتظام، انتظامي عملدارن ساٿي گروپ سان گڏجي ڪيوهو. جنهن ۾ ڳوٺاڻا پڻ شامل هئا. نه صرف ان ڳوٺ جا بلڪه جتي به ساٿي گروپ ڪم ڪيو هو، اتان جي به ڪجھ ڪٽنبن هن ڳوٺ سڌار ميلي ۾ شرڪت ڪئي.
ائين ئي ڪافي ڏينهن گذري ويا هڪ ڏينهن غزل جي گھر جي لينڊ لائين فون جي گھنٽي وڳي، سندس ڀاء فون اٽينڊ ڪيو ته چيو ويو ته غزل صاحبه لاءِ ڊِي سي صاحب جي بنگلي تان فون آهي. غزل جيئن ئي فون کنئي ته پي اي فون ملائي. ته هڪ عورت جو ڄاتل سڃاتل آواز سندس سماعت سان ٽڪرايو،
”وڏا ماڻهو ڪٿي پيا هلندا وتو. “
هن اهو آواز هڪدم سڃاڻي ورتو جنهن لاءِ هن طويل عرصي کان واجھايو پئي. هوء ماريه هئي، هن جي پياري سهيلي، جنهن پنهنجو اتو پتو ئي گم ڪري ڇڏيو هو. سندس آواز ٻڌي هن جا ورهين جا ڦٽ ٻيهر اُڊڙِي پيا هئا . هن روئڻهارڪي آواز ۾ ۽ نهايت عجلت ڀرئي انداز ۾ چيو،
”ماريه ! تون ڪيڏانهن غائب ٿي وئي هئينء. نه خبر نه چار، نه اتو نه پتو. ڇا پنهنجن کي ائين وساري ڇڏبو آهي. اهو به نه سوچئي ته تنهنجي هيء ڀيڻ الائي اُتي اڪيلي ڪيئن هوندي. “
ٻئي طرف ماريه کي اهو اندازو به نه هو ته هوء هن کي ائين مِس ڪندي رهي هئي. هوء ته اسلام آباد جي مصروفيتن ۾ ايڏي ته مگن ٿي وئي هئي، جو هن کي پوئتي جي سار ئي نه رهي هئي. هن جو روئڻ هارڪو آواز ٻڌي ماريه کي بيچيني ٿيڻ لڳي. هِن کيس ٻڌايو ته هوء ڪجھ ڏينهن لاءِ هتي افراز وٽ رهڻ آئي آهي. هو ڪيترن ڏينهن کان کيس هتي اچڻ لاءِ چئي رهيو هو.
هوء غزل جي ڏکاري لهجي جي ڪري پريشان ٿي وئي هئي، هن کيس دلداري ڏيندي چيو ته،
”مان گاڏي موڪليان پئي، تون فورا” مونسان اچي ملي وڃ، يا پنهنجي ائڊريس ٻڌاء ته مان ٿي توسان ملڻ اچان. “
غزل اهو ٻڌي سوچڻ لڳي ته، جيڪڏهن هوء ماريه کي هتي سڏيندي ته گھر ۾ اڪيلائيء ۾ کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ملندو. ڇونه هوء سندس گھر وڃي ماريه سان ملي اچي. اهو فيصلو ڪري هن ماريه سان سندس گھر اچي ملڻ جو چئي کيس گاڏي موڪلڻ کان به جھليو، ته هوء پاڻهي اچي ويندي.



شام جو تيار ٿي پيء جي جيپ کڻي هوء ماريه سان ملڻ ڊي سي هائوس هلي وئي. جيئن هوء اتي پهتي، ته ماريه کي پنهنجو منتظر ڏٺائين، ٻئي ڊوڙي ڀاڪر پائي هڪ ٻئي سان مليون، ته غزل جي ضبط جا بند ڀَڄي پيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ايتري عرصي کان اندر ۾ سانڍيل درد ڳوڙها بنجي سندس چهري کي ڀِڄائيندو رهيو. ماريه هن جي اندر جي ڪيفيت کان بيخبر هن جي اهڙي حالت تي حيران و پريشان ٿي رهي هئي، کيس هٿ کان جھلي پنهنجي بيڊ روم ۾ وٺي آئي، جيڪو افراز سندس لاءِ مخصوص ڪيو هو. کيس بيڊ تي ويهاري ٿڌو پاڻي کڻي آئي. پاڻي پي غزل ڪجھ سامت ۾ آئي. هوء پنهنجي اهڙي ڪيفيت تي دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي رهي هئي. ماريه ڇا سوچيندي هوندي، ته مونکي ڇا ٿي ويو آهي، ڇو ائين ضبط جو دامن ڇڏي ڏنو اٿم. ماريه به ڪجھ دير لاءِ کيس نه ڇيڙيو. ڪجھ ئي دير ۾ هن پاڻ تي ضابطو آڻي ورتو هو ۽ ماريه کان حال احوال وٺڻ لڳي. ماريه کيس ٻڌايو ته،
” افراز اتي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندي سي ايس ايس جي به تياري ڪئي ۽ پوءِ چٽاڀيٽيء جو امتحان پاس ڪيو اڪيڊميء جي ٽريننگ کان پوءِ سندس پوسٽنگ بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٿيندي رهي. مرينه جي تعليم اڃان مڪمل ئي نه ٿي هئي ته هڪ سٺو رشتو آيو، ته ان جي شادي ڪري ڇڏي سين. ائين اسلام آباد ۾ صرف مان عاشر ۽ ارسلان رهجي وياسين، ان ڪري مون نوڪري به ڇڏي ڏني ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويس. سنڌ ۾ ڪڏهن اچڻ ٿيندو هو ته صرف حيدر آباد امان وارن سان ملي هليا ويندا هئاسين. مون سوچيو هو ته تون به ضرور پنهنجي زندگيء ۾ اڳتي وڌي وئي هوندينء. پر جڏهن افراز ٻڌايو ته تو پنهنجي زندگي سماجي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ته مان حيران ٿي ويس.“
ماريه کيس پنهنجي متعلق سڀ ڪجھ تفصيل سان ٻڌائيندي رهي.. آخر ماريه هن جي اهڙي ڪيفيت جي باري ۾ سوال ڪيو. پهرين ته هوء نٽائڻ لڳي، ليڪن پوءِ هن الف کان ي تائين سربستو احوال ماريه سان ڪيو.
هوء جيئن جيئن پنهنجي دکدائڪ وارتا ٻڌائي رهي هئي، ماريه حيرت ۽ صدمي ۾ وڪوڙجندي پئي وئي ، هن جي پياري سهيليء سان هن جي سادگي ۾ ايڏو وڏو فريب ٿي ويو ۽ کيس خبر ئي نه پئي. هوء کيس ٻڌائي رهي هئي ته هن ايترو عرصو ماريه جو انتظار صرف ۽ صرف ان ڪري پئي ڪيو، جيئن کانئس فواد جي پُراسرار شخصيت ۽ رويي جي متعلق ڄاڻي سگھي.
غزل جيئن جيئن فواد ۽ پنهنجي داستان متعلق ٻڌائي رهي هئي، ماريه هڪ ٽڪ سندس چهري کي تڪيندي رهي، هن کي غزل جي اُن مورت ۽ فواد جي صورت جي هڪجهڙائيء وارو قصو حيران ڪري رهيو هو. غزل هڪ پخته ذهن ۽ سنجيده عمر جي ڇوڪري هئي ، هن مان کيس اهڙي پاگل پڻي جي بلڪل اميد نه هئي. ڀلا ڪا ڇوڪري ان حد تائين به پنهنجي آئيڊئل جي جستجو ۾ وڃي سگھي ٿي، ان جو کيس ذرو به احساس نه هو. هن کي ان ڳالهه جو سخت افسوس ٿي رهيو هو، ته هن غزل کي فواد جهڙي گھاگھ ۽ شاطر شخص سان ڇو ملايو. ڪاش ! کيس ان مورتيء جي باري ۾ ٿوري به ڄاڻ هجي ها، ته هوء غزل کي اهڙي غلطي ڪرڻ ڪڏهن به نه ڏئي ها. پر ڇا ٿو ڪري سگھجي، قسمت يا شيطان غزل کي فواد سان ملائڻو هو، تڏهن ته هو سندس اسلام آباد وڃڻ کان چند مهينه پهرين اتي اچي ويو. غزل سان ايڏو دوکو ٿيندو. اهڙي پياري عورت، جيڪا اڳ۾ ئي پنهنجن جي ستايل هئي. اها به منهنجي ڪري اهڙي شخص جي ڄار ۾ ڦاسي وئي.
هوء دل ئي دل ۾ اهو سڀ سوچيندي رهي، شرمسار ٿيندي رهي، هن کي رکي رکي پنهنجو پاڻ تي ۽ فواد تي ڪاوڙ اچي رهي هئي وس نه ٿي پُڳس ته فواد سندس سامهون هجي، ته هن جو اهو حشر ڪري جو دنيا ڏسي. ڏائڻ به هڪڙو گھر ٽاري ويندي آهي، هن کي ڀيڻ جهڙي ڪزن جو به خيال نه ٿيو. آخر غزل منهنجي پياري سهيلي هئي، منهنجي گھر ۾ رهائش پذير هئي. ان جو ئي لحاظ پويس ها. .
غزل هن کي اهڙي گھري سوچ ۾ ٻڏل ڏٺو ته وري هڪ سوال ڪري ويٺي،
” ماريه آخر فواد اهو سڀ ڇو ڪيو. “
ماريه هن جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھلي نهايت ڳنڀيرتا مان چيو،
”چري ڇوڪري ! فواد بيشڪ منهنجو ڪزن آهي، پر هو انتهائي چالاڪ ۽ گھاگهه انسان آهي. اتي شارجه ۾ سندس زال ۽ ٻار آهن ۽ جنهن پراسرار فون جي ڳالهه ٿي ڪرين نه، اها ضرور سندس زال جي هوندي، هو زال کان تمام گھڻو ڊڄندو آهي، تڏهن سندس اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هوندي، ڇوته هوء به ڪي قدر هن جي ڪرتوتن کان واقف آهي ۽ کيس ڇڪي رکندي آهي، بلڪه هوء کيس حدن کا تجاوز ڪرڻ ناهي ڏيندي.
هن جڏهن ڏٺو هوندو ته تون هن سان گھڻي محبت ڪرڻ لڳي آهين ۽ هاڻي اهو سڄو سلسلو سندس ڳچيء پئجي رهيو آهي، ته هُن تومان جان ڇڏائڻ لاءِ پئسن جو ڊرامو ڪيو، يا ٿي سگھي ٿو ته هو پهرين به ماڻهن سان ائين فريب ڪندو رهيو هجي.مونکي ان جي ڄاڻ ناهي، هن سان اسان جو ملڻ ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو آهي، ان ڪري سندس سرگرمين جي مونکي ڪا خاص خبر ڪونهي.
جڏهن غزل جي سامهون ان شخص جي حقيقت کُلي ۽ سندس اصل چهرو سامهون آيو، ته هن جي وجود اندر ڪيترا ئي خوابن ۽ آرزوئن جا شيش محل ڊهي ڀورا ڀورا ٿي وڃي پَٽِ پيا هئا، هوء ڪنهن زخمي هرڻيء وانگيان بي وس، لاچار، لُڇي پُڇي ، پَڄري ۽ کامي رهي هئي. هن جي اندر جي آڳ کيس جلائي ڀسم ڪري رهي هئي، هن جو عزت نفس ايترو ته مجروح ٿيو هو، جو هن جي دل چاهيو پئي ته زمين ڦاٽي پوي ۽ هوء ان ۾ سمائجي وڃي. هر ڳالهه ياد ڪري هوء پاڻ کان ڪراهت محسوس ڪري رهي هئي. مان اهڙي شخص کي پنهنجي من مندر جو ديوتا سمجھي هن سان پرستش جي حد تائين محبت ڪري ويٺس، ايتري پخته عمر جي عورت هوندي، ڇوڪرين وانگر هن جي خوبصورت ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسندي ويس. ڀلا ان ۾ ڪنهن ٻئي جو ڪهڙو ڏوهه.
”پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نه طبيب.“
ڪجھ دير هو ٻئي پا. ۾ ڏک سور اورينديون رهيون. ڳالهين ڪندي غزل جي ذهن تي هڪ ڳالهه تري آئي ته هن ماريه کي ٻڌايو ته،
”ڪجھه عرصو اڳ۾ هوء پنهنجي اسٽاف سان منڇر ۽ پوءِ سيوهڻ گھمڻ وئي هئي، ڄامشورو پل ڪراس ڪندي هن هڪ شخص کي جيپ ۾ ويندي ڏٺو هو، ڪجھه لمحن لاءِ کيس لڳو هو ته اهو افراز هو، ليڪن ٻئي لمحي هن کي اها خام خيالي لڳي، ته ڀلا افراز جو هتي ڪهڙو ڪم ، ڇو ته مان ته اهوئي سمجھي رهي هئس ته هو اتي اسلام آباد ۾ هوندو. ها البته ان وقت دل چاهيو هو ته ڪاش اهو واقعي به افراز هجي ها ته کيس روڪي مان تنهنجو پتو ئي معلوم ڪري وٺان ها.“
سندس ڳالهه ٻڌي ماريه کلڻ لڳي،
”واه جي ڳالهه ٻڌايئي، افراز مونسان ذڪر ڪيو هو، ته هن توهان کي اسٽاف سان گڏ ڄامشورو پل تي ڏٺو هو، پر توهان کي روڪڻ مناسب نه سمجھائين. ان وقت سندس پوسٽنگ ايس ڊي ايم طور سيوهڻ ۾هئي..“
”ان جو مطلب ته سيوهڻ ۾ هن سان ان ڪري ملڻ نه ٿي سگھيو جو هو ڪنهن ميٽنگ ۾ حيدرآباد ويل هو. “
”اهو ته هُن ڪونه ٻڌايو هو. ڪاش توهان جو ملڻ ٿي وڃي ها ته گھٽ ۾ گھٽ منهنجو توسان رابطو ته ٿي پوي ها.۽ ائين تون اڪيلي ايڏو وڏو صدمو سهڻ کان بچي پوين ها. چوندا آهن ته دردن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سان اهي اڌو اڌ گھٽجي ويندا آهن، جيئن خوشي ۾ حصو ونڊائڻ سان اها ٻيڻي ٿي ويندي آهي.“
هو ٻئي اهڙيون دنيا جهان جون ڳالهيون ڪنديون رهيون جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو ۽ ملازم اچي چيو ته صاحب مانيء تي انتظار پيا ڪن.
غزل گھڻوئي نٽايو ته هوء ماني ڪونه کائيندي، پر ماريه سندس هڪ به نه ٻُڌي ۽ هو ٻئي ڊائننگ روم ۾ آيون، جتي افراز سندن انتظار ڪري رهيو هو. هو کين ايندو ڏسي آڌرڀاء لاءِ اٿي بيٺو، سلام دعا کان پوءِ ماني کائڻ لڳا. ڊنر ۾ ڪافي اهتمام ٿيل هو.ان دوران افراز جيڪو پهرين به ڪافي سنجيده مزاج هو، وڌيڪ مهذب ۽ متين ٿي ويو هو. بيشڪ هن جو رويو افيس جهڙو دٻدٻي وارو نه هو، ليڪن پوءِ به عمر ۽ عهدي جي لحاظ کان هن ۾ ڪافي رک رکاء اچي ويو هو.
ماني ختم ڪري هوء وڃڻ لاءِاُٿي کڙي ٿي ته ٻئي ڄڻا کيس دروازي تائين خداحافظ چوڻ لاءِ آيا.

 

غزل جي وڃڻ کان پوءِ، جڏهن ٻئي ڀاءُ ڀيڻ لائونج ۾ ڪافي پي رهيا هئا ته ماريه کيس غزل جي پوري بپتا تفصيل سان ٻڌائي ۽ اهو به ذڪر ڪيو ته فواد جي صورت ڪيئن سندس ٺاهيل ان مجسمه سان مشابهت پئي رکي، جنهن جي عرصي کان کيس تلاش هئي.
افراز غزل جهڙي ميچئور عورت کان اهڙي بيوقوفانه حرڪت جي توقع نه پئي رکي، ان ڪري هو ڀيڻ جي ٻڌايل ان ڳالهه تي مسڪرائي بغير رهي نه سگھيو.
ماريه کيس ان معني خيز انداز ۾ مسڪرائيندو ڏسي مصنوعي ناراضگي واري لهجي ۾ چيو،
“ توهان سڀ مرد هڪ جهڙا هوندا آهيون، عورت ويچاري پنهنجي سادگيء ۾ هميشه مردن جي چالاڪين جي فريب ۾ ڦاسي ويندي آهي“
ڀيڻ جي اهڙي تبصري تي هو مسڪرائي پهرين ته چپ ٿي ويو، ليڪن ڪجھ توقف کان پوءِ نهايت سنجيدگي سان چوڻ لڳو،
” ماڻهو بلڪل درست چوندا آهن ته عورت ڪيترو به پڙهي لکي وڃي، عمر جي سنجيدگي جي باوجود انهن کي سولائي سان بيوقوف بنائي سگھجي ٿو، ٻه ٻول همددردي يا پيار جا چئي هن جي سڄي توجهه پاڻ ڏانهن مبذول ڪرائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. “
” بس، بس، ڊي سي صاحب، عورت ايتري به ڀورڙي ڪونهي، پر رستي ۾ جو فواد جهڙا شاطر مرد پنهنجا ڄار پکيڙيو تاڪ ۾ بيٺا هجن، ته ويچاري عورت ڪٿي ٿي پاڻ بچائي سگھي. “
” مونکي ته توهان جو اهو نام نهاد فواد صاحب شروع کان پسند نه هو. توهان ئي ان کي ايتري لفٽ ڪرائيندا هئا. “
” بس اهو سڀ ڪجھ ائين ئي ٿيڻو هو، مان واقعي پنهنجي دوست لاءِ دکي آهيان، پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگھي. “
ڪجھ دير اهي ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ڪافي پئندا رهيا،پوءِ افراز اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. .



ائين ئي ڪجھه ڏينهن گذري ويا، غزل ۽ ماريه ڪنهن مهل موبائيل تي ڪچهري ڪري هڪ ٻئي کان حال احوال وٺنديون رهنديون هيون.
هڪ ڏينهن شام جو غزل وهنجي سهنجي ٻاهر نڪتي ۽ آئيني جي آڏو وارن کي برش ڪري رهي هئي ته دروازي جي گھنٽي وڳي، ته سندس ڀاء دروازي تي ويو ۽ انهن ئي پيرن تي موٽي آيو.، هن پنهنجي ننڍڙي پٽ کي مٿي موڪليو ته پڦو کي ٻڌائي ته ڊي سي صاحب جي گاڏي آئي آهي ۽ توهان جي باري ۾ ڊرائيور پڇي پيو. پٽ کي موڪلي پاڻ مهمانن جي آدرڀاء لاءِ ٻاهر نڪتو ته هن جي حيرت نه رهي ته هڪ عورت سان گڏ ستٽيهن اٺٽيهن سالن جو هڪ سنجيده صورت جوان شخص گاڏي مان لٿو. هو اڳتي وڌي ساڻس اچي مليو ۽ کيس ٻاهرين طرف کلندڙ اوطاق ڏانهن وٺي ويو.
ٻاهريون در کولي ماريه اندر داخل ٿي ته غزل ڊوڙ پائي اچي ساڻس ڀاڪر پائي ملي .
”تون واعدو ڪري ايترن ڏينهن ۾ وري نه آئينءَ ، ته مون ئي سوچيو ته پاڻ اچي توسان ملي وڃان.. “
غزل نٽائيندي چيو ته،
”بابا سائين جي طبعيت ٺيڪ نه هئي. “
اصل ۾ هوء ان ڏينهن جي ڳالهين کان پوءِ ٻيهر هنن سان نظرون ملائڻ جي پاڻ ۾ همت ساري نه پئي سگھي. هن کي هر وقت اهو خيال پريشان ڪندو رهيو ته ڪٿي ماريه افراز کي اهو سڀ نه ٻڌايو هجي. هوء سخت شرمندگي محسوس ڪري رهي هئي.
هوء ماريه کي ڊرائينگ روم ۾ وٺي آئي ۽ ڀاڀيء کي چانهه لاءِ به تاڪيد ڪندي آئي.
ماريه هڪ صوفي تي ويهندي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ڪمري ۾ هنن کان سواء ٻيو ڪير به ڪونه هو. ماريه بغير ڪنهن تمهيد جي چوڻ لڳي،
”غزل منهنجي هڪڙي صلاح مڃندينءَ . “
”ڪهڙي صلاح.........؟ “
”تون شادي ڪري وٺ، گھڻئي بيوقوفيون ڪيئي، جيڪي ڇوڪريون آدرشن جي تلاش ۾ ڀٽڪنديون وتنديون آهن انهن کي ڪجھ حاصل ناهي ٿيندو، سواءِ خوارين ۽ دوکن جي اهو ته تون خوش قسمت آهين جو ڪنهن وڏي دوکي کان خدا توکي پناهه ۾ رکيو، ورنه اٻوجھ قسم جون الهڙ ڇوڪريون پنهنجي غزت ناموس سڀ ڪجھ وڃائي رسواين جي گھري کاهيء ۾ وڃي ڪرنديون آهن. اهڙا مڪر و فريب سان ڀريل ماڻهو چَپي چَپي وِک وِک تي انهن جي تاڪ ۾ هوندا آهن.“
ڪجھ لمحن جي لاءِ خاموشي اختيار ڪندي، ماريه وري چوڻ لڳي،
”هاڻي گھڻو ٿيو، ڇڏ انهن سماجي خدمتن کي، تنهنجي اڪيلي سان سماج ڪونه سڌري پوندو. اسان پنهنجي دنيا ۽ عاقبت سنواري ته به کٽيو سين.“
غزل هن جون ڳالهيون غير سنجيدگيء سان ٻڌندي رهي ۽ زير لب مرڪندي رهي. جڏهن ماريه خاموش ٿي پنهنجي ڳالهه جي اثر ڏسڻ لاءِ کيس سواليه نگاهن سان ڏٺو ته هوء چوڻ لڳي،
”ماريه لڳي ٿو ته هاڻي تون چري ٿي پئي آهين. مان پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيان ۽ اهو ڪم ڪندي مونکي جيڪا ذهني آسودگي ۽ سرشاري حاصل ٿي آهي، اها شاديء جهڙي فضوليات ۾ ڀلا ڪٿي ملي سگھندي، ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي هيٺ مان باقي زندگي گذارڻ جو پاڻ سان ڪيل عهد ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قيمت تي ٽوڙي نه ٿي سگھان. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجي هينئر شاديء جي عمر به ناهي رهي.. “
”ڇو ناهي رهي، تون صرف ها ته ڪري ڏس، قطار ٺهي ويندي تنهنجي اميدوارن جي. “.
”ڇڏ ان ڳالهه کي، ڪا ٻي ڳالهه ڪر.“
هن نٽائيندي چيو.
ماريه کيس ٻانهن کان جھلي پنهنجي ويجھو ڪندي، سندس اکين ۾ پيار ۽ پاٻوهه ڀرين نگاهن سان نهاريندي،
”غزل منهنجي ڀيڻ ! ائين نٽاء نه، اڄ مان توکي هڪ حسين زندگي ڏانهن قدم وڌائن لاءِ تنهنجو ساٿ ڏيڻ جي نويد کڻي آئي آهيان، اڄ مان تنهنجو ڪوبه انڪار ڪونه ٻڌنديس، رهيو سوال توکي پاڻ سان ڪيل عهد نڀائڻ جو ته اهو شاديء کان پوءِ به نڀجي سگھي ٿو تون پوءِ به پنهنجي مرضيء جي زندگي جئِي سگھين ٿي.“
”ماريه پليز! ڇڏ نه، ان ڳالهه کي، عمر هئي ته ڪنهن منهنجي لاءِ سوچيو ڪونه، ته ڀلا هينئر ڪير سوچيندو. “
ماريه مسڪرائيندي چوڻ لڳي،
”۽ جي مان چوان ته، ڪنهن انسان ورهين کان صرف ۽ صرف تنهنجي باري ۾ سوچيو آهي، تنهنجي ساٿ جي آرزو ڪئي آهي. هو تنهنجي هن بي رونق ، بي رنگ ۽ نا اميد زندگيء ۾، اميدن، امنگن ۽ تمنائن جا اهي سڀئي رنگ ڀرڻ لاءِ هميشه کان تنهنجو منتظر رهيو آهي،بغير توکي احساس ڏيارڻ جي، توکي دل ئي دل ۾ چاهيو آهي، هن ڪنهن به موٽ جي تمنا نه ڪئي. هو اڄ به انهيء آس ۾ زندگيء جو سفر طئي ڪري رهيو آهي ته هڪ ڏينهن تون سندس جيون ۾ شامل ٿي هن جي زندگي کي خوبصورت بنائي ڇڏيندينء، ته پوءِ ان جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو جواب ٿي سگھي ٿو. “
اهو سڀ ٻڌي غزل هڪ دفعو وري ڏُکاري ٿي وئي، سندس نيڻن جا ڪنارا ڀِڄي ويا، ڀريل آواز سان چوڻ لڳي،
”ماريه پليز ! هڪ ڀيرو وري مان اهڙي ڪنهن خواب ۾ جيئڻ نه ٿي چاهيان، جنهن جي تعبير ماضيء جيان ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ هجي، مان خوش ۽ پرسڪون آهيان، منهنجي زندگي هاڻي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين جي خوشين لاءِ آهي. مون ته توکي پنهنجي ماضيء جي تڙپائيندڙ ۽ خوفائتي تصوير ان ڪري ڏيکاري هئي، جيئن مان ان جي حقيقت ۽ پس منظر پروڙي سگھان، جيئن مونکي سڪون حاصل ٿي سگھي، جيئن اها خلش دور ٿي سگھي ته ڪاٿي مون پنهنجي ڪنهن عمل سان پاڻ کي دکي ته ناهي ڪيو.ان کان علاوه منهنجو ڪوبه مقصد نه هو. نه ئي ڪنهن همدرديء جي ضرورت.“
ائين چوندي سندس لهجو ڪي قدر تلخ ٿي ويو هو. ماريه هن جي لهجي جي پرواه نه ڪندي ٻيهر چوڻ شروع ڪيو،
”جيڪڏهن ڪو انسان پوري زندگي هڪ آس، هڪ انتظار ۾ گذاري ڇڏي، ته ڪڏهن ته سندس اڌوري زندگي مڪمل ٿيندي، توکي ان جو به احساس ڪونه ٿيندو.“.
”تون غلط ٿي چوين، هينئر اگر ڪو شخص منهنجي طرف هٿ وڌائيندو به ته صرف همدرديء ۾ ۽ مونکي رحم، قياس جهڙن لفظن کان چڙ ٿي وئي آهي.......... ان ڪري پليز ماريه......... ! “
اهو چوندي هوء ڪجھ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي ته آخر اهو ڪير ٿي سگھي ٿو.ڪاٿي فواد ته واپس موٽي ناهي آيو ۽ کيس پنهنجي ڪئي تي پڇتاء هجي، پر هو هاڻي کڻي سون جو به ٿي پوي، هُن سان هاڻي منهنجو ڪوبه واسطو نه ٿو جُڙي سگھي. خير ڪير به هجي. منهنجو فيصلو اٽل آهي، ته پوءِ مان ان جي باري ۾ ڇو فڪرمند ٿيان.
ماريه کيس سوچيندو ڏسي سندس جواب جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن هن ڪوبه جواب نه ڏنو، ته ماريه وري سِرڪي سندس ويجهو ٿي ويٺي ۽ نهايت ئي نهٺائي ۽ سنجيدگيءَ سان چوڻ لڳي،
”تون آخر احساس ڪمتري ۽ خود رحميء جو شڪار ڇو ٿي رهي آهين، تون ڪنهنجي نگاهن ۾ اڳ۾ به سڀني کان وڌيڪ هئينءَ ۽ هاڻي به آهين.
غزل پليز! انڪار نه ڪر، مان هڪ آس کڻي پنهنجي پياري سهيليء جي جيون کي سنوارن چاهيان ٿي. شايد خداوند ڪريم کي تنهنجي صبر تي رحم اچي ويو هجي ۽ هن تنهنجي لاءِ هڪ خوبصورت زندگيء جو اهتمام ڪيو هجي.. مونکي به پنهنجي ڪيل هڪ غلطي جي تلافي ته ڪرڻ ڏي. “
”ماريه ! تون آخر ايڏو اصرار ڇا لاءِ پئي ڪرين. هونئن ته مونکي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ڪانهي، پر هاڻي ٿورو تجسس ضرور ٿيو آهي. ٻڌاء عمر جي هن حصي ۾ ڪير پيدا ٿي پيو آهي، منهنجي زندگي سنوارڻ لاءِ مونکي پنهنجي جيون ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ، ڀلا ڪنهن کي کُٽيء کنيو آهي..“
ماريه کي اهو ٻڌي ڪجھ اطمينان ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ غزل ان شخص کي ڄاڻڻ لاءِ تيار ته ٿي. نهايت پيار ڀرئي انداز ۾ هٿ پڪڙي چوڻ لڳي،
”پهرين ته مونکي به يقين نه آيو هو. مان به حيران ٿي وئي هئس. مون سمجھيو هو ته تنهنجي زندگي جي الميه تي رحم کائي توکي اپنائڻ ٿو چاهي. ليڪن جڏهن مونکي خبر پئي ته هو ته توکي ان وقت کان پنهنجي دل اندر هڪ اوچو مقام ڏئي ويٺو آهي، جڏهن کان هن توکي ڏٺو هو. هن تنهنجي خاطر پنهنجي دوست فهد جي ڀيڻ کي جيڪا اڻ ڄاڻائيء ۾ هن کي دل ڏئي ويٺي هئي ۽ اسلام آباد تائين هلي آئي هئي، ان کي انڪار ڪري ڇڏيو هو. مان پاڻ حيران ٿي وئي هئس ۽ سندس ئي اصرار تي ان سان گڏجي توهانجي گھر آئي آهيان، چاچا ۽ تنهنجي گھر وارن سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ئي مان سندس خوشين لاءِ تو وٽ سوالي بنجي آئي آهيان، توکي ان جو نالو ڄاڻڻ جو تجسس آهي نه، ته ٻڌ اهو ڪو ٻيو نه، پر ” افراز “ آهي منهنجو ڀاءُ.“
اهو چئي هوء خاموش ٿي وئي. پر اهو ٻڌي غزل جو ردِ عمل انتهائي شديد هو، هن کيس ذري گھٽ ڌونڌاڙيندي چيو،
”تون پاڳل آهين، ڪاٿي افراز ڪاٿي مان، اهو ڪيئن ممڪن آهي، نه اهو نه ٿو ٿي سگھي نه بلڪل به نه....... “
هن جي اکين آڏو اهي سڀ منظر هڪ هڪ ڪري ڦرڻ لڳا، فواد سان بي تڪلف ٿين تي هُن جو سخت ردِ عمل. سندس ڪمري جي دروازي تي بهاني بهاني اچڻ ، هن جون نظرون بچائي چوري چوري نهارڻ. هر منظر ٽي وي اسڪرين جيان هن جي سامهون اچي رهيو هو. هاڪس بي تي زوري سڀني کي وٺي وڃڻ، اتي معني خيز جملا ڳالهائڻ . ليڪن هن انهن ڳالهين کي ننڍو سمجھي ڪڏهن ڪا اهميت نه ڏني هئي. ۽ هو هو جو ورهين کان هينئر تائين ائين تنها پيو ڦري . هوء ڪيتري دير تائين صدمي هيٺ اهڙيون ئي ابتيون سبتيون ڳالهيون سوچندي رهي، ماريه به خاموشيء سان هن جي چهري جي بدلجندڙ تاثرات کي ڏسندي رهي، بهرحال هن ان دوران افراز کي هڪ ميسيج ڪري ورتو هو ته هوء نيم رضامند ٿي وئي آهي، هاڻي هن جي اچڻ جو وارو آهي. هو ته ڪافي دير کان اوطاق ۾ سندس والد احمد شفيع سان ڳالهين ۾ مصروف هو، جنهن کيس واضع لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڌيء ماريه کيس مڃرائي ورتو ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. ماريه به غزل کي ايستائين سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جو پورو پورو موقعو فراهم ڪيو هو، ان يقين سان ته هوء پڪ سان پنهنجي خوبصورت مستقبل جي باري ۾ ئي فيصلو ڪندي.
هوء اڃان انهن ئي ئي خيالن ۾ گم هئي ته هن جو ڀاء ڊرائينگ روم جو دروازو کڙڪائي، اندر گھڙي آيو ۽ ان سان گڏ ٻيو ڪيرنه پر افراز هو، گلن جو بُڪيٽ هٿن ۾ کنيو اندر داخل ٿيو ۽ اچي سندس هٿن ۾ ڏنائين.
غزل ان وقت هلڪي سبز رنگ جي لان جي سوٽ ۾ ان وقت به تمام حسين ۽ پُر ڪشش پئي لڳي. افراز کي پنهنجي سامهون هڪ نئين روپ ۾ ڏسي هوء شرم وچان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ ماريه سندس اها ڪيفيت ڏسي مطمئن ٿي وئي.