ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

13

غزل جي زندگي بي مقصد ۽ بي رونق بنجي وئي هئي، گھر کان انسٽيٽيوٽ ۽ اتان گھر. ڪئي دفعه کيس خيال آيو ته هتي ائين رهيو پيو هجڻ کان بهتر آهي ته ڳوٺ موٽي وڃجي ڪجھ به هجي اُتي سڀ پنهنجا آهن، انهن سان رت جا رشتا جڙيل آهن، پر بس هوء ڪنهن اڻڄاتل وقت جو انتظار ڪري رهي هئي، نه ڪو نياپو نه سنيهو، نه وري واپسيء لاءِ ڏياريل ڪا آس ڪا اميد. پوءِ به هوء انهن اڻ ڄاتل راهن تي هلندي پئي وئي. ته متان هڪ ڏينهن فواد پنهنجو سڀ ڪجھ ڇڏي واپس موٽي اچي، انسان به ڪهڙو عجيب جناور آهي، هر طرف اونداهين مايوسين جي گھور انڌيرن ۾ به اميد جو دامن ناهي ڇڏيندو، متان ڪو روشنيء جومڌم ڪرڻو ڪنهن جھروڪي مان ليئو پائي، ۽ مان ان گھڙيء موجود نه هجان. بس اها ئي آس لڳائي اُتي رهي پئي هئي.
هن جي مونيڪا جارج سان ڪافي ويجھڙائي ٿي وئي هئي. مونيڪا به هينئر تائين شادي نه ڪئي هئي، ليڪن هوء پنهنجي گھر وارن سان گڏ هڪ مطمئن زندگي بسر ڪري رهي هئي. هوء جڏهن غزل کي اهڙي ياس ۽ نراسائيء جي ڪيفيت ۾ ڏسندي هئي، ته کيس ڪافي دلاسا ڏيندي هئي، جيئڻ جي اميد جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ هميشه چوندي هئي،
”اور بهي دک هين زماني ۾ محبت ڪي سوا. “
هن کي غزل جي هنن اداسين جو ڪي قدر اندازو ٿي ويو هو، پر هن ۾ ڪُريد جي عادت نه هئئ پوءِ به هوء هر موقعي تي سندس دلجوئي ڪندي رهندي هئي.
هنن محرومين ۽ اداسين جي دنيا مان نڪري ڏس، ڇو نٿي ان ياسيت کي مِٽائڻ جي ڪوشش ڪرين. دنيا ايتري به بدصورت ناهي، بس اسان کي ان ۾ پنهنجي تسڪين جا رنگ ڀرڻ اچن. غزل جو ته هاڻي پنهنجي ان فن سان به ڪو چاهه نه رهيو هو، جنهن سان ڪنهن زماني ۾ سندس عشق هو تڏهن ئي ته هن جي هٿن جي جنبش سان شاهڪار مجسمه سرجي پوندا هئا. ڪنهن ڪنهن مهل ته ساڳيو ڪم سيکاريندي کيس سخت بيزاري ٿيندي هئي. بي جان مجسمن مان هاڻي دل ڀرجي وئي هئس.، جن ۾ نه احساس هئا، نه جذبه، ته پوءِ هوء چند سڪا ڪمائڻ ۾ وقت ڇو پئي وڃائي.

.

هڪ ڏينهن جڏهن موسم ڪافي خوشگوار هئي، هوء مونيڪا سان گڏ پيانو تي هڪ نئين ڌُن ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ۾ هئي ته اچانڪ مونيڪا ڪجھ ياد ڪندي چيو،
”اڄ شام جو اسان جي گھر هڪ ننڍڙي تقريب آهي، اصل ۾ منهنجي ڀاءُ جي برٿ ڊي آهي ۽ تون مونسان گڏ اسان جي گھر هلين پئي.“
غزل انهي سڄي عرصي ۾ جڏهن کان فواد ويو هو، تمام گھٽ ڪيڏانهن ايندي ويندي هئي، ان ڪري هن گھڻئي حيلا بهانا ڪيا، ڪيئن هلي سگھان ٿي، گھر وڃين تيار ٿيان ته سواري ناهي، اڪيلي واپس ڪيئن موٽنديس، وغيره وغيره. پر مونيڪا سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس سمجھايو ته هيء ڪا عام روائتي برٿ ڊي پارٽي ناهي، جتي بنجي سنورجي وڃڻ ضروري هجي ٿو. بس هيء ته هڪ رسم آهي ۽ ڪيڪ کائڻ جو بهانو. تون هلندينءَ ته توکي ضرور مزو ايندو. هن جي ايتري خلوص ۽ زور ڀرڻ تي هوء شام جو اُتان ئي مونيڪا سان گڏ سندس ننڍڙي فوڪسي ڪار ۾ سوار ٿي مونيڪا جي گھر پهتي. مونيڪا جو گھر ننڍو پر نهايت خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ انداز ۾ تعمير ٿيل هو. هوء مونيڪا سان گڏجي سندس بيڊ روم ۾ هلي آئي، جتي فريش ٿي هن جي بيڊ تي اچي ويٺي. ان وقت مونيڪا جي ننڍي ڀيڻ ٻارهن تيرهن سالن جي لانگ فراڪ ۽ لانگ ساڪس پهريل ٽري ۾ ٻه ڪوپ چانهه ۽ ڪجھ سنيڪس کڻي آئي. سادگيء سان سلام ڪري چانهه رکي هلي وئي. غزل ۽ مونيڪا چانهه پي، جلدي جلدي ڊريسنگ آڏو وار سنواري ٻاهر لائونج ۾ اچي ويٺيون. ڪجھ ئي دير ۾ هڪ اڌ وهي ڪڻڪ رنگي عورت سادي ساڙهي پهريل، نظر جو چشمو لڳل ڪمري ۾ داخل ٿي، ته غزل سمجھي وئي ته اها يقيناَ مونيڪا جي ماء هوندي. هن اٿي کيس سلام ڪيو، ته هن به وڌي نرڙ تي چمي ڏئي کيس دعا ڏني. خاتون انتهائي مهذب ۽ پُر خلوص هئي.. مونيڪا غزل کي ماءُ سان ويهاري پاڻ ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي. ڪجھه ئي دير ۾ سندس ڀاء جيڪو بلڪل مونيڪا جو هم عمر پئي لڳو، پنهنجي گھر واري ۽ ٻن پيارن ڌيء پُٽ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيو، غزل کي سلام ڪري هو هڪ طرف اچي ويٺا ته مونيڪا ۽ ڀيڻس ٽراليء ۾ هڪ گھر جو ٺهيل ڪيڪ ۽ ڪجھ پليٽون کڻي آيون، ڪيڪ سندس ڀاءُ چارلس سادگيء سان ڪٽي سڀني کي کارايو. ۽ هڪ پليٽ ۾ غزل ڏانهن به وڌايو. غزل اهڙي سادي سالگره تقريب پهرين ڪڏهن ڪونه ڏٺي هئي. ان کان علاوه ٻيو ڪوبه اهتمام ٿيل ڪونه هو.
ڪيڪ جي رسم کان فارغ ٿي چارلس ٻاهر نڪري ويو، ته مونيڪا غزل کي چيو ته هل ته توکي هڪ نئين دنيا ٿي ڏيکاريان. ائين چئي کيس ٻانهه کان جھلي ٻاهر نڪري آئي، جتي هڪ وين موجود هئي. ٻئي وين ۾ اچي ويٺيون ته ڪجھ ئي دير ۾ مسٽر ۽ مسز جارج، چارلس پنهنجي خاندان سان گڏ، سڀ اچي وين ۾ سوار ٿيا. وين جي باقي سيٽن تي کوڙ ساترا ننڍا ننڍا پئڪيٽ رکيل هئا. غزل وائڙي ٿي اهو سڀ ڪجھ پسي رهي هئي. مونيڪا هن جي حيرانگي دور ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌائڻ لڳي،
”چارلس منهنجو ٽوئينز ( جاڙو ڀاءُ ) آهي، هو هڪ بين الاقوامي اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ پنهنجي سالگره مونکان هڪ ڏينهن پوءِ الڳ سان اِن طريقي سان ملهائيندو آهي. “
انهي وقت هو هڪ اهڙي جاء تي پهتا، جتي هر طرف جھُڳيون ٺهيل هيون ۽ غريبن جا ٻارڙا اڌ اُگھاڙا هيڏانهن هوڏانهن راند رهي رهيا هئا. هو غربت باوجود به پنهنجي حال ۾ مست مگن هئا. گاڏيء کي پنهنجي گھرن جي طرف ايندو ڏسي سڀ راند ڇڏي تجسس مان گاڏيء جي ويجھو اچي بيٺا، ته گاڏيء جي آواز تي ڪجھ عورتون به جھڳين مان نڪري آيون. ڊرائيور گاڏي ڪجھ مفاصلي تي بيهاري ته سڄي جارج فيملي گاڏيء مان لهي آئي. ان وقت هنن سڀني کي تمام ساده لباس پهريل هئا، ايستائين جو ٻنهي ننڍڙن ٻارڙن کي به معمولي لباس پاتل هو. ڊرائيور ساڳي ٽرالي وين مان ٻاهر ڪڍي ته چارلس پاڻ هڪ وڏو دٻو کڻي آيو ۽ اهو اچي ٽراليء تي رکيائين. غريب وسنديء جا ٻرڙا تجسس سان اهو سڀ ڏسي رهيا هئا. جارج ۽ فيملي به اچي ڀرسان بيٺي. مونيڪا غزل کي پاڻ سان گڏ اڳتي وٺي آئي ۽ سڀني ننڍڙن ٻارڙن کي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيائين. سڀ ڊڄندا ڊڄندا پهرين مائرن ڏي ڏٺائون ۽ پوءِ اڳتي وڌي آيا، ته چارلس پنهنجي ٻارڙن کي انهن سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ڪيڪ ڪٽي آندل ڊسپوز ايبل پيالين ۾ وجهندو پنهنجي ٻارن کي ڏيندو ويو ۽ انهن سڀني ٻارن ۾ ڪيڪ ورهايو، ته مونيڪا ۽ غزل بيٺل عورتن ۾ پڻ ڪيڪ ورهايو. ۽ پوءِ پاڻ به کائڻ لڳا. ٻارڙن ۽ عورتن جي چهرن تي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ڪنهن گاڏيء مان لهندڙ خاندان پهريون دفعو هنن مسڪينن کي پنهنجي خوشين ۾ ائين شريڪ ڪيو هو، جو کين اهو احساس به ٿيڻ نه ڏنو هو، ته هو ڪپڙي لٽي ۾ هنن کان بهتر آهن ۽ اهو سڀ ڪندي سندن چهرن تي عجيب اطمينان، آسودگي ۽ خوشي بَکي رهي هئي. هنن کي بناوت کان پاڪ خوشي ۾ ٻهڪندو ڏسي، غزل جي به عجيب ڪيفيت هئي. هن پهريون ڀيرو اهڙي ڪا تقريب ڏٺي هئي ۽ انهن غريب وسنديء وارن جي چهرن تي به اهڙو اطمينان ظاهر هو جيئن هو پنهنجي رَب جي رضا تي راضي هجن. بس هو اڄ وڌيڪ خوش ان ڪري پئي لڳا جو ڪنهن خاندان پنهنجين خوشين ۾ هنن کي شريڪ ڪيو هو.
غزل جي ان گھڙِيء عجيب ڪيفيت هئي. هي اڌ اگھاڙا ٻارڙا ڦاٽل ڦوٽل لباس پهريل، ميرانجھڙيون عورتون هن حال ۾ به بي فڪر پئي لڳيون. نه حاصل ڪرڻ جي حسرت ۽ نه وڃائڻ جو خوف. بس جيڪا زندگي هنن کي هن معاشري گذارڻ تي مجبور ڪيو هو، بغير ڪو شڪوه شڪايت ڪئي، بس گذاريائون پئي. رب جي رضا تي راضي رهڻ سِکي ورتو هئائون ۽ اسان جن کي خدا جي هر نعمت حاصل آهي، پوءِ به خود ساخته حسرتون ۽ آشائون اندر ۾ پالي، هرو ڀرو پاڻ کي دڏکارو ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهون ٿا. ڄڻ زندگيء صرف اسان سان بيواجبي ۽ بي انصافي ڪئي هجي. اڄ هن زندگيء جو نئون سبق پِرايو هو. چارلس ۽ فيملي گھڙي پل لاءِ ئي سهي، هن وسنديء جي مڪينن ۾ اهو احساس ضرور روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته هو به باقي انسانن سان، جيڪي هنن جي خوابن جي دنيا کان ڪوهين دور رهن ٿا، هنن سان پنهنجو هجڻ جو احساس جاڳائڻ جي هڪ معمولي سهي،ڪوشش ضرور ڪئي اٿائون.
ٻارن ڪيڪ کائي ڪاغذ جو پياليون اڇلائڻ جي بجاء پنهنجي مائرن کي سانڍڻ لاءِ ڏنيون. ايتري ۾ جارج سمورا پئڪيٽ گاڏيء مان لهرائي سڀني ٻارن ۾ ورهايا نه صرف انهن ٻارن ۾ پر يڪجهتي طور ساڳيو هڪ هڪ پئڪيٽ پنهنجي ٻارن کي به ڏنو، متان ٻيا ٻار پاڻ کي هنن آڏو الڳ محسوس ڪن، ۽ ائين پنهنجون خوشيون انهيء وسنديء وارن سان ونڊي واپس موٽي آيا.
رستي ۾ مونيڪا غزل کي ٻڌايو ته هو شروع کان پنهنجون سالگرهون اهڙين ئي بستين ۾ ملهائيندا آهن ۽ شايد ائين هو پنهنجي لاءِ تسڪين جو سامان ڪندا آهن.



اڄوڪو ڏينهن غزل لاءِ ڪيترائي سرپرائيزز ۽ نياپا کڻي آيو هو. هوء پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ۽ هوائن ۾ محسوس ڪري رهي هئي. مهينن بلڪه ورهين جا ٿڪ ڄڻ لهي ويا هئس. هن کي زندگيء جيئڻ جو هڪ نئون حوصلو، هڪ نئون رُخ ملي ويو هو. هن ايترو عرصو رُڃ پويان ڊوڙندي ڊوڙندي پير پِٿون ڪري ڇڏيا هئا. اڄ کيس ڄاڻ پئي هئي ته اسان انسان ڪيڏا نه خودغرض مطلبي ۽ موقع پرست آهيون. پاڻ ئي خواب لهون ۽ وري انهن کي ساڀيان ٿيندو نه ڏسي پاڻ کي ئي لهولهانِ ڪري وجھون. ڇا اسان کي جيڪا زندگي صرف هڪ دفعو ملي آهي، اها بس ائين رُڃ ۽ سَرابن جو پيڇو ڪندي گذاري ڦٽي ڪيون. صرف ڪنهن سان محبت ڪري حاصل ڪرڻ جي تمنا ۾ پنهنجي ئي جذبن کي رسوا ڪري ڇڏيون. اطمينان ته تڏهن ملندو جڏهن اسان هڪ ڀيرو هن مليل جيون کي ڀرپور انداز ۾ جيئون ۽ زندگي جيئڻ ته آهي ئي ٻين سان گڏجي جيئڻ جو نالو. اهڙن انسانن سان پنهنجا حوصلا، پنهنجون تمنائون، گڏجي گھارڻ جو مزو باقي سڀني خوشين کان وڌيڪ اُتم ۽ سڪون ڏيندڙ آهي.
هوءَ اڄ ڪيتري عرصي کان پوءِ سڪون جي ننڊ سُمهي هئي، جنهن ۾ نه هن ڪو خواب لڌو هو ۽ نه بي چين ننڊ سمهي هئي. خواب ته هوندا ئي نا آسوده تمنائن ، اڻ پوريون ٿيندڙ خواهشن جو پرتوو ياعڪس.جڏهن انسان پنهنجي زندگي ۾ اهڙين آرزوئن کي جاء ڏئي ويهندو آهي جيڪي اڻ ٿيڻيون هونديون آهن ته انهن جو اسان جي لاشعور ۾ اهڙو ته گھرو عڪس رهجي ويندو آهي جو اسان جڏهن بي چين ننڊ سمهندا آهيون ته اهي عڪس لاشعور جو ديوارون ٽپي خوابن جي صورت ۾ اسان جي آڏو اچي ويندا آهن ۽ اسان انهن جي پنهنجي مرضيء جي تعبير ماڻڻ لاءِ سرگردان ٿي ويندا آهيون. ڀلا اهڙن خوابن جي ڪا تعبير به ماڻي سگھبي آهي.

موڪل هئڻ ڪري هوء صبح جو گھڻي دير تائين سمهي رهي ۽ جڏهن سُجاڳ ٿي ته صبح جا ڏهه پئي ٿيا. هوء اطمينان سان اٿي باٿ روم ۾ وڃي گھڻي دير تائين مٿي تي پاڻي نائيندي رهي، ۽ ورهين جي ٿڪ کي لاهي تازي تواني ٿي ٻاهر نڪري ڀرپور ناشتو ڪري اچي بيڊ تي ويٺي ڪالهوڪي واقعي هن جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي هئي. سوچ جو انداز ئي مَٽجي ويو هوس. کيس جيون گھارڻ جو هڪ نئون رستو، نئون ڏَس ملي ويو هو. هوء سوچي رهي هئي ته هاڻي ڪافي نوڪري ڪئي، گھڻئي پرديس ڪاٽيو. سڀ ڪجھ ڇڏي واپس پنهنجن ڏانهن ورجي. هن کي گھران ڪئي دفعا فون آئي هئي ته سندس بابا جي طبعيت ٺيڪ نه ٿي رهي.
بس اهو سڀ سوچي هن ٻئي ڏينهن انتظاميه سان ڳالهايو ۽ ڊگھي موڪل ورتي.
ٻئي ڏينهن هن واپس وڃڻ لاءِ سامان سهيڙيو پئي ته نائله وچون دروازو هلڪي آواز ۾ کڙڪائي اندر داخل ٿي، هن کي سامان سهيڙيندو ڏسي چوڻ لڳي،
”آپ ڪهين جارهي هئين“
”هان، مين ڪچهه دير مين آپ لوگون کو بتاني آني والي تهي. که مين ني لمبي چهڻي لي هي، اور واپس گھر جا رهي هون.“
اهو ٻڌي نائله اداس ٿي وئي، هنن جو ڪافي عرصي جو ساٿ هو،ان ڪري هن سان ڪافي انسيت ٿي وئي هئي،
”اب آپ بهي چلي جائين گي تو هم تو بلڪل اکيلي ره جائين گي. خير هر ايک کو جانا هي هوتا هي، ڪوئي جلدي چلا جاتا هي تو ڪوئي دير سي، الله آپ ڪو بهي اپني گهر جاکر ڍير ساري خوشيون سي همکنار کري. مين تو آپ سي ايک اچهي خبر شيئر کرني آئي تهي، ليکن آپ کي جاني کا سن کر ساري خوشخبري دهري رهه گئي.“
”نهين ، نهين سنائو نا کوئي اچهي خبر، مين آج ايسي هي خبرين سنني کي خواهان هون. “
”دراصل مين آپ کو يه بتاني آئي تهي که وه زرتاج آپي، جو چند دنون مين آپ کي اچهي دوست بن گئي تهي، اس کي اپني کسي کزن سي شادي هوگئي. اور وه بهي اس کي مرضي سي، اور وه کيناڊا چلي گئين. “
”اري واه ! يه تو واقعي بهت بڙي خبر هي، آج کا دن واقعي بهت اچها دن هي. ميرا رب بڙا کارساز هي، مجھي تو اب بهي اس کي روني چلاني کي آوازين کانون مين گونجتي رهتي هين. اچها هوا اس ني اپني آپ کو ڊهونڊ ليا. خدا اس کي خوشيون کو سلامت رکهي، آمين.“
اهڙيون ئي کوڙ ساتريون ڳالهيون ڪنديون ۽ پيڪنگ ڪنديون رهيون. ان ئي ڏينهن ايما وارن شام کان هن کي پنهنجي طرف سڏي ورتو هو، شام جي چانهه رات جي ماني هنن کيس ڪرڻ ئي نه ڏني هئي.هو گهڻي دير تائين ڪچهري ڪنديون رهيون.
ٻئي ڏينهن ايما آنٽي ۽ نائله کان موڪلائي ڳوٺ هلي آئي.



گھر وارن کيس ائين اچانڪ سامان سوڌو ايندي ڏٺو ته وائڙا ٿي ويا. ”هن کي ڇا ٿيو جو سڀ ڪجھ ميڙي سهيڙي اچي پهتي آهي. پهرين ته ڪڏهن به ائين نه آئي آهي. پڪ نوڪريء کان جواب مليو هوندس.“
هن به ڪنهن کي ٻڌائڻ ضروري نه سمجھو ۽ سڀني سان ملي پنهنجي ڪمري ۾ سامان کڻي هلي وئي. ڪجھ ڏينهن ائين ئي گذري ويا. هڪ ڏينهن ائين ڳالهين ڳالهين ۾ سرسري انداز ۾ ڀاڄاين کان پڇيائين ته هتي سکر ۾ ڪي اهڙيون سماجي تنظيمون ته ضرور هونديون جيڪي ٻين لاءِ پاڻ پتوڙينديون هجن.
هن جون ٻئي ڀاڄايون شهر جي پڙهيل ڳڙهيل گھرن جون هيون ۽ اٿڻ ويهڻ ڪافي سٺن گھرن سان هين. انهن کيس ڪجھ سماجي تنظيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن ڪجھ ڏينهن رکي، پاڻ مرادو انهن تنظيمن سان رابطو ڪيو ۽ روبرو سندن آفيسن ۾ وڃي ملي به، ليڪن هن کي ائين لڳو ڄڻ هر ماڻهو نام نهاد شهرت ۽ صرف پاڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِ اهڙين تنظيمن سان ڳانڍاپو رکيو پيو وتي. انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو بي لوث جذبو بس نالي ماتر آهي. هر تنظيم پنهنجي منشور ۾ بس چند ڪم ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ لڪير جون فقير بنجي پئي هليون.
هن کي اهڙي ڪنهن تنظيم جوحصو بنجڻ جو حوصلو نه ٿيو. هوء سوچ ۾ پئجي وئي ته اجايو نوڪري ڇڏي هتي هلي آئي. هن موقعي پرست دنيا جو هر ماڻهو مفاد پرست بنجي ويو آهي. زندگيء کي ان انداز سان جيئڻ جو ڪنهن ۾ جذبو ڏسڻ ۾ نه ٿواچي، جيڪو هن جارج فيمليء ۾ ڏٺو هو. ائين هوء ڪافي بد دل ٿيندي پئي وئي.
هاڻي هن پنهنجو وڌ کان وڌ وقت پيء سان گڏ گذارڻ شروع ڪيو هو، جيڪو پنهنجي عمر جي تقاضائن سبب ڪافي ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويو هو. هوء سندس ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪندي وتندي هئي.
مٿئين پورشن ۾ جتي ٻه ڪمرا هئا، هڪ ۾ سندس ماء پيء رهندا هئا ۽ ٻئي ۾ هاڻي هوء پاڻ اچي رهي هئي. سڄو وقت پيء جي ڀرسان ويهي کيس ڪراچيء جا احوال ڪندي رهندي هئي. هن زرتاج جي ڪهاڻي به پيء کي ٻڌائي ته مونيڪا جارج جي متعلق به احوال ڏنو، بلڪه پيء کي اهو ٻڌايائين ته هوء انهن کان متاثر ٿي سڀ ڪجھ ڇڏي هتي آئي آهي. هوء ته بس هاڻي ٻين لاءِ جيئڻ ، ٻين لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي آرزو پنهنجي اندر ۾ سانڍي هتي پهتي آهي.



احمد شفيع هڪ ديانت دار سرڪاري آفيسر ٿي رهيو هو ۽ هميشه حق حلال جي روزي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت مذدوري ڪري پنهنجي ڪٽنب جي ڪفالت ڪندو رهيو هو. ڌيء جي اهڙي جذبي کي ڏسي کيس فخر ۽ ستائش ڀرين نظرن سان ڏسندو رهيو.
غزل کيس ٻڌايو ته هوء هتي اچي ڪيترين نالي چڙهين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ سرڪرده اڳواڻن سان ملي آهي، ڪي صرف شهرت ماڻڻ خاطر سماجي ڪم پيون ڪن، ته ڪي نمائش ۽ نمود لاءِ نالي ماتر تنظيمون جوڙي غريبن جي علائقن ۾ وڃي اين جي اوز معرفت ملندڙ فنڊن مان ٻه چار کاڌي پيتي جون شيون ته ڪي ڪپڙا لٽا ورهايو، فوٽو سيشن ڪرايو سوشل ميڊيا تي يا اخبارن ۾ اهي تصويرون ڏئي پنهنجو اُلو سِڌو ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
پڻس مرڪندي چوڻ لڳو،
”پُٽ ! اهوئي ته اڄ جي دور جو طريقو ۽ وتيرو وڃي رهيو آهي. اهي نالي چڙهيا سماجي خدمتگار هجن يا سياستدان، ڪنهن کي به ڪنهن جي عملي ڀلائيء يا خدمت سان ڪو واسطو ڪونهي. بس اهي سڀ ڏيکاء خاطر اهو سڀ ڪري اسان جي هن معاشري جي اٻوجھ ماڻهن جي احساسن ۽ جذبات سان راند رهي رهيا آهن، هنن کي انهن انسانن جي نه غربت سان ڪو سروڪار آهي ۽ نه ئي عزت نفس سان. مان توهان کان هڪ ڳالهه معلوم ڪرڻ چاهيندس، توهان مونيڪا جارج ڪٽنب جي متعلق پئي ٻڌايو، ته هنن پنهنجو جنم ڏينهن ان غريب وسنديء جي ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏجي ملهايو. ڇا انهن اتي اهي تحفه يا ڪيڪ ڪٽيندي ڪجھ فوٽو به ڪڍرايا هئا. “
”نه بابا مون اتي اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونه ڏٺي هئي. “
”هنن ان غريب بستيء جي ماڻهن ۾ راشن پاڻي وغيره ورهايو، يا ٻارن کي ڪپڙا لٽا تحفي طور ڏنا هئا. “
”نه بابا اهڙي ڪا به ڳالهه اتي ڪونه ٿي هئي.، بس هنن اهو وڏو ڪيڪ ڪٽي ٽڪرا ڪري ٻارن جي پليٽن ۾ رکيا ۽ پوءِ جيڪي تحفه ڏنا، اهي به خاص قيمتي نه هئا. دٻن ۾ ننڍڙا جهاز، سائيڪلون، اسڪوٽر، هيلي ڪاپٽر، رڌ پچاء جا ٻاراڻا رانديڪا ۽ اهڙي ئي قسم جا پلاسٽڪ جا رانديڪا هئا. شايد 20_30 روپين تائين هوندا. جنهن کان پوءِ انڪل جارج مونيڪا ۽ چارلس پنهنجي ميوزڪ انسٽرومينٽ تي هڪ ٻاراڻي ڌن وڄائي ۽ سندن ننڍڙا ٻارڙا نچڻ لڳا، ته وسنديء جي ٻارن به سندن ساٿ ڏنو. هو سڀ ان گھڙِيء ڏاڍا خوش پئي لڳا. “
احمد شفيع صاحب هن جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيوهو ۽ انهن آڌار پنهنجي نياڻي جي پُرخلوص جذبي جي پوئواري لاءِ ڪنهن خاص سمت ڪنهن خاص جِهت جو تعين ڪرڻ جو سوچي رهيو هو .
”پُٽَ ! ان سموري وارتا مان توهان کي يقيناَ ڪو پيغام سمجھ ۾ آيو هوندو. تڏهن ته توهان سڀ ڪجھ ڇڏي واپسي جي رستي تي نڪري پيو“
” نه بابا سائين، مون کي ان وقت ته ڪا ڳالهه سمجھ ۾ ڪونه آئي هئي، ليڪن اتان جي ٻارن ۽ عورتن جي چهرن تي عجيب قسم جي رونق ۽ اطمينان ضرور محسوس ٿيو ۽ انهي احساس ئي منهنجي اندر ۾ هڪ آسودگي ۽ طمانيت جو احساس جاڳايو، لڳو ته ڪنهن ۾ لمحن لاءِ خوشيون ورهائڻ سان انسان پنهنجي اندر ۾ ڪيڏو نه آسودو ۽ سرشار محسوس ڪري ٿو ۽ اهو سڀ جارج فيملي جي چهرن کي ڏسي سمجھ ۾ آيو ٿي ۽ ان احساس ئي منهنجي اندر ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ مان ان طرف متوجه ٿي وئي هئس.“
احمد شفيع کيس سمجھائڻ لڳو ته جيڪي بقول سندس، نالي چڙهيون تنظيمون اسان جي هن سماج ۾ ڪم ڪن پيون، اهي به ايتريون غلط ناهن، اگر سُٺائي ۽ نيڪيء طرف ڪو قدم وڌائجي ٿو، پوءِ کڻي ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪو مقصد يا مفاد سلهاڙيل هجي ٿو. ڀلي اهو ڪم اسان ڏيکاء يا نمائش لاءِ ڪيون ٿا. بيشڪ اسان انهن سان نڪتل تصويرون اخبارن يا ٻي ميڊيا تي آڻيون ٿا، ان ۾ کڻي اسان جو ڪهڙو به مقصد ڪار فرما هجي، ليڪن اهي تصويرون ڏسندڙن کي اسان جي اندر جي حال جي پروڙ ته ڪانه ٿي پئجي سگھي نه. اهي فوٽو ڏسي ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ ٻين ماڻهن ۾ به ڀلائي ڪرڻ جو تحرڪ پيدا ٿئي. اها هڪ سُٺي ڳالهه آهي، پر ان سان اسان کي اهو به خيال رکڻ گھرجي ته ان ڀلائيء واري عمل سان ڪنهن جو عزتِ نفس ڪنهنجي خود داري ته مجروح ڪونه ٿي ٿئي، يا انهن جو قيمتي لباس يا وڏي گاڏي ڪنهن لاءِ احساس ڪمتريء جو سبب ته نه پئي بڻجي، يا اسان ماڻهن ۾ ڄاڻي واڻي ڪم چوري ، محتاجي ۽ پنڻ جي عادت ته نه پيا وجھون . هڪڙا ماڻهو واقعي دل سان محنت ڪري اڳتي وڌڻ چاهيندا آهن ليڪن هو ان جي طرف يا رُخ جو تعين ناهن ڪري سگھندا، ليڪن ڪجھ ڪم چور ڪاهل ۽ سست هجڻ ڪري به ٻين جي مدد لاءِ پيا واجھائيندا آهن، هو بس ايترو چاهيندا آهن ته اسان ويٺا رهون ۽ ڪو خدائي فوجدار اچي ۽ اسان جي هٿ تي چند سڪا يا مانيء ڳڀو رکي وڃي. اهڙا ماڻهو به اسان جي هن معاشري ۾ اڻ ڳڻيا ملندا .توهان جارج خاندان جي ان سڄي عمل کان صرف ان ڪري متاثر ٿيوَ ته هنن اصل ۾ اهڙين وسندين ۾ وڃي اتان جي رهاڪن کي سندن وجود جو، سندن هئڻ جو احساس ڏياريو، ته هو به سندن جهڙا آهن ۽ هنن سان گڏجي هنن جيان زندگي گھاري سگھن ٿا. ڪيڪ جي ننڍڙي ٽڪري سان ڪنهنجو پيٽ ته ڪونه ڀرجي سگھندو نه، پر هنن ۾ اهو تحرڪ ضرور پيدا ٿيندو ته هو به باقي دنيا جهڙا آهن تڏهن ته هنن جي خوشين ۾ شريڪ آهن. ننڍڙا رانديڪا هنن يقيناَ ان مقصد لاءِ چوند ڪيا هوندا ته مشينن ۽ جهازن ۽ ٻين رانديڪن کي ڏسي ٿي سگھي ٿو ته انهن ننڍڙن ذهنن ۾ اهو جهاز اُڏائڻ، اها مشين هلائڻ جي تمنا پيدا ٿئي ۽ ان تمنا کي پورو ڪرڻ لاءِ هنن ۾ ڪجھ ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿئي. عام طور تي اسان جا اهي نام نهاد ادارا اهڙن هنڌن تي وڃي ڪجھ ڪپڙا يا کاڌو تقسيم ڪري، انهن وسندين ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي نفسياتي طور اهڙو ته احساسِ ڪمتريء ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، جو هو اهو سمجھڻ لڳندا آهن ته بس اهي چند ٽڪا، اهي اَن جا ڪجھ داڻا ئي سندن مقدر آهي ڇو ته هو اهڙي هنڌ پيدا ٿيا آهن ۽ هو ته بس ان اوسيئڙي ۾ رهندا آهن ته ڪو ايندو ۽ سندن هٿ کان وٺي سندن نصيب تي لڳل تالا کوليندو، ۽ پوءِ بس هو ان فرشتي، ان مسيحا جي انتظار ۾ رهندي سڀ قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن، جي قسمت جي ديوي مهربان ٿي ته ڪير هنن جي بيمار ٻارن لاءِ مسيحا بنجي، چند دوائون ۽ خوراڪ جا ڪجھ داڻا کڻي سندن در تي پڄندو ۽ جي نه ٿي ته سندن معصوم ٻارڙو بِلڪي بِلڪي، سسڪي سسڪي يا ته هي جهان ڇڏي ويندو يا،معذور بنجي زندگي تي بوجھ بنجي ويندو. اسان جا نام نهاد مسيحا، اڳواڻ، سماجي ڀلائيء جا ٺيڪيدار اڄ ڪلهه بس اهوئي ته ڪن پيا. انسان کي اپاهج بنائيندا پيا وڃن. ماڻهن کي قطارن ۾ بيهاري، ڪڏهن راشن ۽ ڪپڙن ورهائڻ ۾ پنهنجي تسڪين جو سامان پيا ڳوليندا، ته ڪڏهن پنهنجو ووٽ بئنڪ پيا ٺاهيندا ۽ اسان جا اهي غربت جي چڪيء ۾ پيسجندڙ انسان ته ان ۾ ئي راضي ۽ خوش ٿي ويندا ته سندن ليڊرن خيرخواه بنجي هنن جي ڪيتري نه سار لڌي آهي. ائين اهي غريب بک جون ماريل هٿ سان وٺي معذور بنايل وسنديون، اسان جي اقتدار پرست ٽولن جي هوَس ۽ لالچ جو هميشه ٻارڻ بنجي انهن جي حرص جي مشينن ۽ فيڪٽرين کي هلائي رهيون آهن.
هاڻي اسان کي صرف اهو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته اسان اهڙن اٻوجھ ماڻهن جي ويجھو وڃون انهن سان گڏجي ويهون، انهن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هنن کي سندن وجود جو، سندن هئڻ جو احساس ۽ اُتساهه ڏيون. هنن کي ٻڌايون ته راشن جو ڪٽو، چند ڪپڙا ۽ چند پئسه سندن مقدر ڪڏهن ڪونه بدلائيندا، بلڪه هو جيستائين پنهنجو پاڻ کي انهن چند هزار ماڻهن جي مقابلي ۾ آڻي نه بيهاريندا، پنهنجي پاڻ کي محتاج بنجڻ کان نه بچائيندا، پنهنجو پاڻ کي ڳولي نه لهندا، تيستائين سندن مقدر، سندن نصيب جو ڪو علاج نه ٿيندو. هو اُٿن ۽ ڌرتيء جو سينو چيري پنهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ جي همٿ ۽ ڪوشش ڪن، جيڪا سندن ۽ سندن ايندڙ نسلن جي قسمت بدلائي سگھي ٿي. باقي رزق ڏيڻ ته رب سائين جو واعدو آهي، اهو پٿر جي اندر ڪيڙي کي به پهچائي سگھي ٿو، ته پوءِ هنن جي ڪيل محنت ۽ همٿ سان هنن جو مقدر ڇونه ٿو بدلائي سگھي. جيڪڏهن انهن انسانن جي ڀلائيء لاءِ سوچڻو آهي ته پوءِ ان لاءِ نه ڪنهن سرمائي جي، نه ڪنهن وڏي تنظيم يا جماعت جي ضرورت آهي، توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو، بس ڪري گذرو.“
غزل پيء جون اتساهيندڙ ڳالهيون غور سان ٻڌندي رهي پنهنجي مستقبل جو لائحه عمل سوچيندي ۽ ترتيب ڏيندي رهي، هوء ننڍپڻ ۾ به پيء جي ڀر ۾ ويهي اهڙيون ئي اتساهيندڙ ڳالهيون ٻڌي هنئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي پر سندس ڪچڙي معصوم ذهن ۾ ايڏيون وڏيون سمجھاڻيون سمائجي نه سگھنديون هيون،اڄ کيس اهو سڀ سمجھ ۾ آيو پئي ته ،کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿيندو. بس مسئلو صرف اهو هو ته هوء ڪٿان شروع ڪري.