ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

5

فواد ۽غزل جون ملاقاتون جيئن جيئن وڌنديون پئي ويون ، غزل پنهنجي ۽ فواد جي مستقبل جا خواب اُڻڻ شروع ڪيا. هوء فواد کي دل جي تمام تر شدتن سان چاهڻ لڳي هئي، فواد به هميشه ان معاملي ۾ سندس حوصله افزائي ڪندو رهندو هو، ليڪن هن کُلي ڪڏهن به پنهنجي محبتن جو اظهار نه ڪيو هو ۽ نه ڪي مستقبل جا محل اڏڻ ۾ معاون رهيو هو، البته ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڊنر ڪري رهيا هوندا هئا، يا پسار پيا ڪندا هئا ته اچانڪ هڪ فون ڪال فواد جي رويي کي تبديل ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هو هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ حيلا بهانا ڪرڻ لڳندو هو. ان وقت هن جو انداز عجيب پُر اسرار ۽ اجنبي بنجي ويندو هو، جيڪو غزل جي دل ۾ ڪيترن وهمن، انومانن ۽ انديشن کي جنم ڏيندو هو. هوء سوچيندي هئي ته فواد کي اهو ڇا ٿو ٿي وڃي جڏهن اها فون ڪال اچي ٿي ته سندس منهن ٽامڻي هڻي ٿو وڃي ۽ هو اتان پري وڃي ڳالهائي ٿو، جڏهن واپس موٽي ٿو ته هن جي مُک تي اجنبيت جو تاثر هجي ٿو ۽ هڪدم چوڻ لڳندو آهي،
”سوري غزل ! مان وڌيڪ توهان سان هتي رهي نه ٿو سگھان، پليز! توهان ٽيڪسي ڪري گھر هليا وڃو.“
اهڙي صورت حال م جڏهن هوء گھر پهچندي هئي ته سڄي رات هن جو سُک چين حرام ٿي ويندو هو. فواد جو اهڙو رُکو انداز هن جي دل ۾ نشتر بنجي چڀڻ لڳندو هو، فواد ڀلا هن کي ائين نظرانداز ڪيئن ٿو ڪري سگھي، آخر اها فون ڪنهنجي ٿي سگھي ٿي، ڇا فواد کي ڪو شخص بليڪ ميل پيو ڪري، پر ان بليڪ ميلنگ سان منهنجو ڪهڙو واسطو. ڇا ڪو شخص اسان جي ائين ميل جول تي اسان جو پيڇو ڪري فواد کي تنگ پيو ڪري. جي ائين آهي ته فواد کي مون سان شيئر ڪرڻ کپي. هاڻي جيڪڏهن ائين ٿيو ته مان سندس چوڻ تي ائين چپ چاپ هلي نه ايندس، بلڪه کانئس ان متعلق ضرور پڇنديس. ائين هڪ فون ڪال تي پاڻ کي ائين نظر انداز ڪرڻ ڪڏهن به نه ڏينديس، هن جي ائين ڪرڻ سان منهنجي دل کي ٺيس رسي ٿي، منهنجو عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿو، منهنجي ائين دل آزاري ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪوبه حق ناهي، مان فواد کي ڪيترو به چاهيندي هجان ليڪن مان پنهنجي عزت به ڪرڻ ڄاڻان ٿي، محبتن ۽ چاهتن جا منهنجي خيال موجب پنهنجا معيار ۽ ماڻ آهن جنهن ۾ ذري برابر به گھٽتائي اچي اهو مان ڪڏهن به نه چاهينديس، فواد مونسان اهڙو رويو ڪيئن ٿو اختيار ڪري سگھي. اهو سڀ سوچيندي کيس ننڊ کڄي ويندي هئي.صبح جو تيار ٿي انسٽيٽيوٽ هلي ويندي هئي، ڪجھ ڏينهن کا پوءِ اهي سڀ شڪوه شڪايتون وسري ويندا هئس. اهو ئي هر عورت جو ڪمزور پهلو آهي، ته هوء ڪجھ دير ته دماغ سان سوچي سگھي ٿي ليڪن سدائين نه ، هوء ته بس سدائين دل سان سوچيندي آهي، ان ڪري هن جا فيصلا عموما“ جذباتي هوندا آهن جيڪي هميشه مات ۽ شڪست جو سبب بڻجندا آهن، هوء ڪيڏي به پڙهيل لکيل سياڻي سيبتي سمجھدار ڇونه هجي ليڪن دل جي معاملن ۾ سدائين مار کائيندي آهي، هن جي اندر ۾ قدرت پاران يا فطرت ۾ هڪ عجيب جذبو هوندو آهي جيڪو ڪجھ دير جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي کان پوءِ ٻيهر پراڻي محبتن واري رويي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، اهوئي سندس شڪستن جو باعث بنجي ويندو آهي. ڇو ته عورت هميشه دماغ نه پر دل سان سوچيندي آهي ۽ دل ته عقل کان عاري صرف جذبن ۽ احساسن جي تابع ٿئي ٿي، ته پوءِ عقل ڀريا فيصلا ڪرڻ جي ان مان ڀلا توقع به ڪيئن ٿي ڪري سگھجي. هر ايندڙ ملاقات ۾ غزل به اهي سڀئي رويا وساري فواد لاءِ نوان احساس ۽ نوان جذبا کڻي ملندي هئي، هوء ته بس ان ڳالهه جي تمنائي هئي ته فواد جي محبت ۾ گھاريل اهي گھڙيون هن جي زندگي جو حاصل بنجي وڃن.



صبح جو عرفان تيار ٿي ناشتو ڪري پنهنجي ڊيوٽيء تي هليو ويو، ماء کي چئي ويو هو ته تيار ٿي وٺن ته ڊرائيور گاڏي کڻي ايندو ۽ مهمانن کي، جتي هو گھمڻ چاهن وٺي وڃجو، هو به موڪل وارن ڏينهن ۾ ساڻن ساٿ ڏيندو.
ڪجھه دير کان پوءِ سبين اٿي آئي ته ندرت ناشتو لڳرايو، فاران ۽ عرشيه اڃان آرام ۾ هئا. ٻنهي ماساتين گڏجي نيرن ڪئي، چانهه جا ڪوپ کڻي اچي صوفي تي ويٺيون، ورهين کان پوءِ مليون هيون ته هڪ ٻئي جا حال احوال وٺڻ ۽ اورڻ لاءِ آتيون پئي لڳيون. ڳالهين ۾ ايترو ته محو ٿي ويون جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿين. ان دوران عرشيه ۽ فاران به هيٺ لهي آيا، جن کي ملازم ناشتو ڪرايو. نيرن کان پوءِ فاران ته وڃي ڪمپيوٽر تي ويٺو، البته عرشيه پسار ڪندي مين ڊور کان ٻاهر نڪري بنگلي جي سامهون ننڍڙي لان ۾ هلي آئي ۽ هڪ وڻ جي پاڇولي ۾ رکيل لان چيئرز مان هڪ تي اچي ويٺي. هوء افراز کي فون ملائڻ لاءِ بيتاب هئي، ڪالهه کان کيس موقعو نه ملي سگھيو هو، هن جو اسلام آباد اچڻ جو ته مقصد ئي افراز کي تلاش ڪري ان سان ملڻ هو، هن بيچيني سان هن جو نمبر ملايو، ٻئي طرف عرصي کان پوءِ افراز جو آواز ٻڌي هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، وڏي مشڪل سان دل کي قابو ۾ ڪندي هن هيلو ڪئي، ٻئي طرف افراز شايد آفيس جي ڪم ۾ مصروف هو، هن عرشيه جي جذبن کان بيخبر، عام رواجي انداز ۾ سندس هيلو جو جواب ڏنو، ته هوء ڏکاري ٿي وئي، هوء جيڪا ايترو پري کان صرف ۽ صرف ساڻس ملڻ لاءِ آئي هئي ۽ هي صاحب موصوف آهي جو اهڙي رکائيء سان پيو ڳالهائي. دل تي پٿر رکي کيس ٻڌائڻو پيو،
”افراز توکي خبر آهي، مان ڪٿان پئي ڳالهايان.“
هن سمجھو هو ته هو اچانڪ هن جو آواز ٻڌي بيتاب ٿي ويندو. پر هن عام رواجي لهجي ۾ مختصر جواب ڏيندي چيو،
”مون کي ڀلا ڪهڙي خبر.“
اهڙي جواب جي عرشيه کي بلڪل به توقع نه هئي هوء ڄڻ ته وسامجي وئي هئي. پوءِ به شڪايتي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”جناب اهڙي به ڇا بي رخي، هتي حال برو ۽ توهان کي ڪا پرواه ئي ناهي. توهان ته ايتري عرصي ۾ ياد ڪونه ڪيو، اسان ئي رهي نه سگھياسين ۽ ڪچي ڌاڳي سان ٻڌجي اچي سرڪار جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون. “
ائين چوندي هن جو لهجو ڪافي شوخ ۽ پيار ڀريو ٿي ويو هو. هاڻي ته افراز جي پريشان ٿيڻ جو وارو هو.
”ڇو....... ؟ ڪٿي...... ؟ ڪنهن سان گڏ...... ؟ “
هوء سندس پريشان لهجي مان لطف اندوز ٿيندي شرارتي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”چو جي ته مونکي خبر ناهي، هوندو ڪو دل جو معاملو، ڪٿي لاءِ گذارش آهي ته توهان جي دل جي قريب، توهان جي گھر جي ويجھو، يعني اسلام آباد ۾ ..... ۽ ڪنهن سان .... ته جناب اڪيلي اڪيلي.... بقدم خود .“
افراز کي عرشيه جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪڏهن به توقع نه هئي. هو ته هميشه هن کي فهد جي ننڍي ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڀيڻ جيان سمجھندو هو، ۽ هن جي ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ حوصلا افزائي نه ڪئي هئي، نه هن جي دل ۾ هن لاءِ ڪو اهڙو احساس پيدا ٿيو هو، هن جو عرشيه سان هڪ ٻه دفعه سرسري طور ملڻ ٿيو هو ۽ پوءِ هنن ڇهن مهينن دوران هو پنهنجي نئين نوڪري جي سلسلي ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو هو، جو هن کي هڪ دفعو به اها ياد نه آئي هئي ته اتي هن جا واسطا فهد يا هن جي فيمليء سان به رهيا آهن، ته پوءِ اچانڪ عرشيه هن جي پويان ائين ڀلا ڪيئن اچي سگھي ٿي، فهد کي جيڪڏهن ان باري ۾ ذرو به کڻڪ پئي ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪهڙي عزت رهجي ويندي. هن ٿوري دير ۾ فيصلو ڪري ورتو ته عرشيه جي غلط فهمي هڪدم ختم ڪرڻ گھرجي، نه ته جيڪڏهن هوء معصوم ڇوڪري ناداني ۽ نادانستگيء ۾ ڪو روڳ پالي ويٺي ته نه صرف هن جي زندگي زهر بنجي ويندي، پر هو فهد جي نظرن ۾ به ڪانيارو ٿي پوندو.اهو سڀ خيال ڪندي هن پنهنجي لهجي ۾ نرمي ۽ نهٺائي پيدا ڪندي ،
”عرشيه منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ، توهان ڀوڳ پيون ڪيو نه، ڀلا منهنجي فهد سان ڳالهه ڪرايو، آهي نه توهان جي ويجھو، پوءِ ان سان گڏجي ٺاهيون ٿا ڪو گھمڻ ڦرڻ جو پروگرام، ظاهر آ فهد جي ننڍڙي ڀيڻ منهنجي به ته ننڍڙي ڀيڻ ٿي نه، آپا وارن کي ٻڌايان ٿو، پوءِ هلون ٿا ڪٿي. ٺيڪ آ نه، في الحال مونکي هڪ فائيل تيار ڪري باس کي پيش ڪرڻو آهي، ها پليز ! فون ڏجو فهد کي...... ،“
افراز جون اهڙيون ڳالهيون عرشيه جي دماغ ۾ هٿوڙن جيان لڳي رهيون هيون، هن جا خواب گھڙي پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا هئا. هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪري ، مان هيڏو هزارين ميلن جو مفاصلو طيء ڪري صرف هن جي چاهه ۾ هلي آئي آهيان ۽ هي اهڙيون غير جذباتي ڳالهيون پيو ڪري، مون جنهن کي پنهنجي جيون جو سڀ کان حسين سڀ کان پيارو ساٿي پئي تصور ڪيو، هو ننڍڙي ڀيڻ چئي منهنجي جذبن، منهنجي احساسن جي توهين پيو ڪري،. ڪاوڙ ۽ ڏک وچان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، آواز ۾ به انهن لڙڪن جي لوڻاٺ اچي وئي، آواز ڳورو ٿي ويس، ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳي،
” معاف ڪجو، ادا فهد مونسان گڏ ناهي آيو...... خدا حافظ. “
هو گھڻوئي هلو، هلو ڪندو رهيو پر هن فون ڪٽي ڇڏي ۽ ميز تي فون رکي، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئندي رهي. هوء به ڪيڏي نه نادان هئي، اهو ته سمجھي ها ته ڇهه مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ افراز هن کي ته ڇا، فهد کي به ڪا فون ڪري حال احوال نه ورتو هو. ۽ هوء هن جي تصوير سيني ۾ سانڍيو پئي وتي. هي هن کان ڪهڙي بيوقوفي ٿي وئي هئي، روئڻ کان پوءِ جڏهن دل جو غبار گھڻي ڀاڱي ڌوپجي ويو ته اٿي لان ۾ پسار ڪرڻ لڳي ۽ خوبصوت گلن ٻوٽن ۾ دل کي وندرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي. هوء ان سڄي صورت حال تي حقيقت پسندي سان سوچڻ لڳي، ته هن ۾ ڀلا افراز جو ڪهڙو قصور هو، اُن ته انهن ٻن اتفاقيه ملاقاتن ۾ هن سان اهڙو ڪوبه اشارو ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن سان هن جي ڪنهن دلچسپيء جو اظهار ٿيندو هجي ته پوءِ مون ڇو پنهنجي ناداني ۾ اهڙا خواب اُڻي ورتا جن جي تعبير ماڻڻ لاءِ ائين ڏونگر ڏاريندي ايتري ڏورانهن هنڌ لاءِ پنڌ پيس. اهو سڀ سوچيندي هوء پنهنجي ناداني ۽ بيوقوفي تي پشيمان ٿي وئي. هوء اهڙي حالت ۾ اندر به نه ٿي وڃي سگھي، سندس لٿل منهن الائي ڪهڙيون ڪهڙيون گواهيون ڏئي ويندو،ڪهڙيون ڪهڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي ويندو. هن چاهيو پئي ته ڪجھ دير لاءِ تازي هوا ۾ دل کي بهلائڻ گھرجي، جيئن ايڏي صدمي کان متاثر ٿيڻ جو گھٽ ۾ گھٽ ظاهري طور ڪنهن کي به احساس ٿيڻ نه کپي ته چند گھڙيون اڳ۾ هن جي حسرتن، اميدن ۽ خواهشن جو شيش محل ڪيڏي نه بي دردي سان چُور چُور ڪيو ويو آهي، اهو دک هن جو پنهنجو هو ۽ هن ڪنهن ٻئي آڏو ان کي ظاهر ڪري، پنهنجي ناڪام حسرتن، پنهنجي دکن ۽ دردن جي توهين ڪرڻ نه ٿي چاهي. هوء ڪجھ دير اجايو سجايو هلندي رهي پنهنجي غم کي اندر ئي اندر برداشت ڪندي رهي، پنهنجي روح جي زخمن تي مرهم رکڻ جي اڻ ٿيڻي ڪوشش ڪندي رهي. گھڻي دير کانپوءِ هن پنهنجو پاڻ تي ظابطو آڻي ورتو هو، ان وقت کيس فاران جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو کيس ڳولهيندو لان ۾ اچي پهتو هو، هن چپن تي مصنوعي مرڪ آڻيندي چيو،
”ٿي وئين نه بور،ڀلا ڪمپيوٽر به ڪڏهن ڪنهنجو دوست ٿيو آهي، چون ٿا ته بي جان شين تي گھڻو وقت سيڙائڻ سان ماڻهو پاڻ به غير جذباتي، غير احساساتي ۽ بي روح ٿيو وڃي. “
”بس، بس، آپي! اهي فلاسافرن واريون ڳالهيون ٻڌڻ جي نه پنهنجي عمر آهي، نه منهنجي پياري آپيء جي. سو زندگيء کي صرف انجواء ڪيو. “
ننڍڙي ڀاء جي اهڙي پيار ڀرئي انداز تي هن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا جيڪي هن اکين ئي اکين ۾ پي ورتا.
فاران هن جي ان ڪيفيت کان بيخبر کيس ٻڌائڻ لڳو ته،
”امي ۽ آنٽي چون پيون ته اچي لنچ ڪريو، پوءِ ڪيڏانهن گھمڻ لاءِ نڪرجي.“
عرشيه جي دل گھڙي کن اڳ ۾ جنهن اذيت ناڪ لمحن مان گذري .هئي، انکان پوءِ ڪهڙي ڪافر جي دل نظارن کي پسي پاڻ وندرائڻ تي چوندي، پر،عرشيه سوچيو ته اهو بهتر موقعو آهي، ائين دل جو درد به ڪجھ دٻجي ويندو ۽ ڪنهن کي احساس به نه ٿيندو ته هن گھڙي پل ۾ اذيتن۽ پيڙائن جا ڪئي درياء پار ڪيا هئا. هوء خاموشِيء سان ڀاء سان گڏجي اندر هلي آئي.



ان ڏينهن ڪراچيء جي موسم تمام سرد هئي، رکي رکي بدن ۾ سياٽا پئي اڀريا. غزل ڊارڪ بلو سلوار قميص جي مٿان هلڪي گلابي رنگ جو سوئيٽر پهريل، سردي جي ڪري سندس ڳِلن جو رنگ به سوئيٽر سان ميچ ڪري رهيو هو، هوء ان لباس ۾ ڪافي پُرڪشش پئي لڳي. هوء سيء ۾ سُڪڙجندي، هٿن کي هڪ ٻئي سان مهٽي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي انهي سوچ سان گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته اهڙي سيء ۾ الائي ڪيتري دير رڪشه ٽيڪسي جو انتظار ڪرڻو پوندو سرد هوا جا جھوٽا سندس جسم سان ٽڪرائجي کيس وڌيڪ پريشان ڪري رهيا هئا.، هن جيئن قدم ٻاهر رکيو ته فواد خلافِ معمول گيٽ جي ويجھو گاڏي جھليو بيٺو سندس انتظار ڪري رهيو هو. غزل کي ٿورو تعجب لڳو، هو ته سدائين هفتي جي آخري ڏينهن تي ئي ڪيڏانهن گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندا آهن ته پوءِ اڄ فواد ائين .اچانڪ....... فواد به هٿ ڊگھيڙي ڀر وارو در کوليو ۽ کيس ويهڻ جو اشارو ڪيائين ته هوء اچي ڀر واري سيٽ تي ويٺي.
” خير ته آهي نه.......! اڄ خلافِ توقع توهان وٺڻ آيا آهيو. “
” ّخير آ..... دل چيو ڪٿي آئوٽنگ ڪري سردي کي انجواء ڪجي، ڪراچي ۾ ته موسمن جي خوبصورتيء لاءِ ماڻهو سِڪي ٿو مري، هر موسم پنهنجي انتهائن ۾ ئي وڻندي آهي نه، پران سڀ کا اڳ۾ مونکي ڪجھ شاپنگ ڪرڻي آهي، ته پوءِ ڇونه پهرين ڪنهن مال تي هلجي. “
هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان پهرين ئي گاڏي مال ڏانهن موڙي ڇڏي، غزل جو سرديء جي ڪري چانهه يا ڪافي پيئڻ جو موڊ ٿي رهيو هو ليڪن انڪار يا پنهنجي خواهش جي اظهار جو فواد کيس موقعو ئي ڪٿي ڏنو هو.
شاپنگ مال پهچي فواد ڪافي شاپنگ ڪئي، ڪجھ ٻارن جا سامان، ڪجھ ليڊيز ۽ ڪجھ مردانه سامان. هوء حيران هئي ته فواد گذريل اٺن نون مهينن ۾ ڪڏهن به ائين شاپنگ نه ڪئي هئي ۽ اڄ اچانڪ ايترو سامان. خير منهنجو ڇا.... ؟ ڪندو هوندوڪنهن جي لاءِ .
شاپنگ ڪندي کين ڪافي دير ٿي وئي ۽ جڏهن ٻاهر نڪتا ته ٽائيم ڏٺائون ته رات جا ڏهه پئي ٿيا، هو سڌا ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا ۽ هڪ ٻئي جي مرضيء جون ڪجھ شيون آرڊر ڪري، ميز تي رکيل پاڻي پي ڪجھ سامت ۾ آيا، ريسٽورينٽ جي اندر جو ماحول ڪي قدر گرم هو ان ڪري غزل کي ڪجھ سڪون محسوس ٿيو ته هوء پڇڻ کان رهي نه سگھي،
”اچانڪ ايتري شاپنگ جو خيال ڪيئن من ۾ آيو. ؟ ،
فواد کي شايد اهڙي ڪنهن سوال جي توقع نه هئي، ان ڪري ڪجھ لمحا سوچڻ کان پوءِ چيائين،
”در اصل مونکي ڏينهن ٻن ۾ هڪ ڪنسائينمينٽ جي سلسلي ۾ دبئي وڃڻو پئجي ويو آهي.“
اهو ٻڌي غزل جو مُک هڪدم مرجھائجي ويو،
”پر گذريل دفعي ته توهان اهڙو ڪو ذڪر نه ڪيو هو. “
”ها .... اچانڪ فون آئي، ته سردين جي موسم جي حساب سان ڪجھ آرڊر وٺڻا آهن، توکي ته خبر آهي نه ته مان امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهيان. يعني هتان جون شيون ٻين ملڪن ۾ ۽ ٻين ملڪن جون شيون هتي. هي سڄي شاپنگ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، سيمپلن جي شڪل ۾ اوڏانهن کڻي ويندس ۽ جيڪي پسند آيا ته فيڪٽرين مان تيار ڪرائي اوڏانهن موڪليندس.“
غزل کي ٿوري گھڻي فواد جي ڪاروبار جي ڄاڻ ته هئي پر اڄ پهريون ڀيرو هو، جو هوء سڌو سنئون هن جي ڪاروباري معاملي ۾ شامل ٿي هئي. هن کي ته جيڪا تڪليف ماري پئي اهو فواد جو ائين اچانڪ دبئي وڃڻ جو پروگرام هو. هو الائي ڪيترو عرصو اتي ترسندو ۽ هن جي غير موجودگي ۾ هوء اهي تنهائي ڀريا ڏينهن ڪيئن ڪاٽيندي. سوچي سوچي هوء اداس ٿي وئي هئي. سندس سامهون ماني رکي هئي، پر سندس دل نه پئي چاهيو ته ان کي هٿ لڳائي. فواد جو هن کي ائين ويڳاڻو ڏٺو ته پڇڻ لڳو،
”ڇو ائين پريشان ٿي وئي آهين، ماني کڻ نه، “
هن اداس نگاهن سان فواد ڏانهن نهاريو هن جي نگاهن ۾ عجيب حسرتون هيون. فواد هن جي پريشاني کي محسوس ڪندي، دل رکڻ لاءِ چوڻ لڳو،
”پريشان ڇو پئي ٿين مان پندرهن ڏينهن ۾ آرڊر وٺي واپس اچي ويندس. ڏس ! روزي روٽيء جو به ته ڪجھ نه ڪجھ آسرو ڪرڻو آهي نه، نه ته ڪهڙي ڪافر جي دل اهڙي حسين ڪمپنيء کي ڇڏڻ لاءِ ڇوندي. تنهنجي ڪمپنيء ۾ اهو عرصو ائين گذري ويو جو خبر ئي نه پئي.“
”پر توهان اهي سيمپلز موڪلي به ته سگھو پيا نه، وڃڻ ضروري آهي ڇا. “
”او ماء ڊيئر غزل! پاڻ ايڏا وڏا واپاري ته آهيون ڪونه، جنهنجو لکن ڪروڙن جو ڪاروبار آهي، جيڪو ائين لک پڙهه ذريعي هلي. اسان کي هڪ هڪ شاپ تي وڃي رُلڻو پوندو آهي، ۽ ننڍا ننڍا آرڊر وٺڻا پوندا آهن. تڏهن ته اهي سيمپل مال تان کنيا اٿم، نه ته فيڪٽرين مان نه کڻان ها.“
اها ڳالهه غزل جي سمجھ ۾ اچي وئي ته فواد جو ڪاروبار ڪهڙي نوعيت جو آهي ، پر هوء دل جو ڇا ڪري.، جيڪا فواد جي هڪ ڏينهن جي جدائي سهڻ جي روادار نه هئي. آخر گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ چوڻ لڳي،
”ٺيڪ آهي، ته پوءِ توهان ڀلي دبئي وڃو، مان به سياري جي موڪلن ۾ ڪجھ ڏينهن سکر هلي ٿي وڃان، ڀيڻ به سعودي مان اچڻي آهي. ان سان به ملي وٺنديس، امي جي طبعيت به ٺيڪ نه ٿي رهي ڪجھ ڏينهن ان سان گذارينديس، ايستائين توهان به خير سان موٽي ايندا.“
”اها ته تمام سٺي سوچ آهي، توهان کي پنهنجي والدين کي به ڪجھ وقت ڏيڻ گھرجي، هو به ته توهان جي توجه جا منتظر هوندا ائين سڄو وقت اسان جهڙن واندن سان گڏ گھارڻ ۾ توهان کي ڀلا ڪهڙو فائدو ٿيندو پرديسي پکين وانگر نيٺ ته اسان کي اُڏرڻو ئي پوي ٿو نه. “ اهو چئي هو پاڻ به ماني کائڻ لڳو.



ندرت ٻن ڏينهن تائين مهمانن کي اسلام آباد جون گهمڻ واريون سڀئي مشهور پوائنٽون ڏيکارڻ لاءِ وٺي وئي، هو لنچ ڪري نڪرندا هئا ته رات جي ماني تي موٽندا هئا. سبين ۽ فاران ته تمام گھڻو لطف اندوز ٿي رهيا هئا. ڪراچي جي گھٽيل ٻوساٽيل زندگي، هر وقت ٽريفڪ جا مسئلا، ڪڏهن پاڻيء جي اڻاٺ، امن امان جا ناقص حالات، زندگي بس خوف ۽ پريشانين ۾ پئي گذاربي آهي ۽ هتي اسلام آباد، سر سبز جابلو سلسلا، ويڪرا روڊ رستا، نه ٽريفڪ جام جو جھنجھٽ، زندگي ڪيڏي نه سڪون سان روان دوان آهي. سياري جي موسم ۾ بيشڪ سردي جو احساس وڌي وڃي ٿو، پر آسمان تي ڇانيل ڪڪر، جھڙالي موسم، دلين ۾ خوشگوار احساس جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهن.
صرف ڪڏهن ڪڏهن شام جي چانهه تي يا ڊنر تي هنن جي عرفان سان ملاقات ٿيندي هئي، ڇوته صبح جو ٻار ۽ سبين ڪجھ دير سان جاڳڻ جا عادي هئا. ۽ هتي ته واندڪائي به هئي، ان ڪري عرفان صبح ساڻ آفيس هليو ويندو هو ۽ شام جو هو جڏهن گھمي ڦري موٽندا هئا ته عرفان پنهنجي ڪمري ۾ آرامي هوندو هو، جنهنڪري هو اڪثر رات جي ماني تي گڏجندا هئا. ته عرفان سرسري انداز ۾ سڄي ڏينهن جي مصروفيات جي باري م پڇي وٺندو هو. فاران ته هتي تمام گھڻو خوش هو، هن هر پوائنٽ، اها شڪر پڙيان هجي يا دامنِ ڪوهه، راول ڊيم هجي يا ڪا ٻي جاء، هر هنڌ هن ڏاڍو انجواء ڪيو هو. ڪراچي جي مصروف زندگيء ۾ اهڙا گھمڻ ڦرڻ جا موقعا ورلي ملي سگھندا هئا. ڪراچي ۾ ڄائو نپنو مئٽرڪ تائين اچي پهتو هو، پر هن اڃان تائين قائد اعظم جي مزار اندر وڃي نه ڏٺي هئي، جڏهن ته ٻاهران ڪراچي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو به اتي پهچي ويندا هئا. هو ته بس گھر کان اسڪول يا ڪڏهن فرصت ملي ته سمنڊ ڪناري يا ڪنهن پوش علائقي جي هوٽل ۾ ڊنر ڪري سگھيا ٿي. بس اهائي آهي ڪراچي وارن جي زندگي.



عرفان اٺاويهن اڻٽيهن سالن جو قداور ۽ پُر ڪشش شخصيت جو مالڪ، بردبار ۽ باوقار نوجوان هو. پنهنجي گونا گون مصروفيتن ۽ ملازمت جي نوعيت جي ڪري هن اڃان تائين پنهنجي لاءِ جيون ساٿيء جي باري ۾ سوچيو به ڪونه هو. جيتوڻيڪ ندرت کي جڏهن به موقعو ملندو هو. هوء پنهنجي اڪيلائپ جو پِٽڻو پٽيندي رهندي هئي. پر هو هميشه کِلي ٽاري چڏيندو هو. هينئر به جڏهن هن عرشيه کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته هن جي دل بي ساخته ڌڙڪڻ لڳي هئي، اهو آواز هن پنهنجي اندر ۾ پهريون ڀيرو ٻڌو هو. هو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو هو ته ڇا کيس ان جو ئي انتظار هو. هوء ته کانئس ڇهه ست سال ننڍي هئي، ڇا هنن جو جوڙ ممڪن هو، پر هن پنهنجي سنجيده طبعيت ۽ بردباري جي ڪري پنهنجي ڪنهن به رويي مان پنهنجي محسوسات ۽ جذبات کي ڪنهنجي آڏو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو هو. بس چپ چاپ هن سڄي صورت حال جو مشاهدو ڪري رهيو هو، هنن جي خاندانن ۾ ڪڏهن به ڪو ميل جول نه رهيو هو جنهن سبب هو ٻئي ڪٽنب هڪ ٻئي جي باري ۾ گھڻو واقف ڪونه هئا، ۽ هو به اهڙو ڪو غلط امپريشن نه پيو ڏيڻ چاهي ته پهريون دفعي ملڻ آيا ۽ هنن رشته جوڙڻ جو سوچي ورتو. اهو سڀ سوچي هن وقت جي ڌارا تي سڀني معاملن کي ڇڏي ڏنو. البته عرفان هڪ ٻه دفعه جڏهن سرسري انداز ۾ هنن کان حال احوال وٺندو هو ته هن محسوس ڪيو ته عرشيه جيڪا پهرين ڏينهن ڪافي هشاش بشاش ۽ چهڪندي ٻهڪندي پئي لڳي، اها هاڻي وساڻل وساڻل ڪوماڻيل ڪوماڻيل ۽ بيزارپئي لڳندي هئي، ٻاهران گھمي ڦري اچڻ باوجود هن ۾ اها تازگي ۽ خوشگواريت محسوس نه ٿيندي هئي، جيڪا هن عمر جي ڇوڪرن يا ڇوڪرين ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جڏهن هو ڪنهن اهڙي جاء تان گھمي ڦري ايندا آهن، جيڪا هنن پهرين نه ڏٺي هجي. ڇا عرشيه کي اسلام آباد پسند نه آيو آهي. اچانڪ کيس ياد آيو ته فهد چيو هو، عرشيه برفباري ڏسڻ جي خواهان آهي، اهو خيال ايندي ئي هن عرشيه جي دلجوئي خاطر ايندڙ ويڪ اينڊ تي ٻن ڏينهن لاءِ ڪوهه مري وڃڻ جو پروگرام سوچي ورتو ڇوته اتفاق سان موسميات کاتي وارن آئينده چوويهن ڪلاڪن ۾ برف باري جو امڪان ظاهر ڪيو هو، شايد اتي هلي عرشيه کي ويجھو کان سمجھڻ جو موقعو ملي وڃي. اهو سوچي هو فريش ٿي ڪمري کان ٻاهر آيو ته سڀ لائونج ۾ ويٺا هئا ۽ ڪافيء جو دور هلي رهيو هو، هو به سلام ڪري اچي اتي ويٺو، ڳالهين ڪندي هن پنهنجي ذهن ۾ ترتيب ڏنل پروگرام جي متعلق عرشيه کي ئي مخاطب ٿيندي چيو،
”عرشيه توهان جي هتي اچڻ کان پهرين، فهد ٻڌايو هو ته توهان کي برف باري ڏسڻ جو شوق آهي ۽ توهان اسلام آباد آيا به ان ڪري ئي آهيو. “
”ها........ چيو ته هيم پر....... ،“
هن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”پر ڇا...... ! مان در اصل پنهنجي ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ڪافي مصروف رهيس، ان ڪري توهان سان ڪمپني ڪري نه سگھيو آهيان، ان لاءِ معذرت ٿو چاهيان. صبحاڻي جمعو آهي، ٻئي ڏينهن مان ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل واندو آهيان.۽ خوش قسمتيء سان برف باري جا به امڪان آهن ان ڪري اهي ٻئي ڏينهن ڪوهه مري ۾ گذاربا، توهان خوب انجواء ڪجو. ان کان پوءِ ايندڙ هفتي سوات ۽ ڪاغان وغيره هلنداسين. ايستائين امي اوهان کي باقي آس پاس وارا گھمڻ جا پوائنٽ به ڏيکاريندي ۽ توهان هتي شاپنگ به ڪري وٺجو.“
عرفان يڪ ساهي سمورو پروگرام ٻڌائي ويو.
عرشيه جا ته سمورا پروگرام تهس نهس ٿي ويا هئا، هن جي دل ڪنهن به ڳالهه ۾ نه پئي لڳي، هوء الائي ڪهڙا خواب اندر ۾ سانڍي هتي آئي هئي، برف باري ڏسڻ جو ته هڪ بهانو هو، هن کي خبر نه هئي ته هتي اچي هن جي دل کي ڪهڙي چوٽ رسڻي آهي ڪهڙا برف جا پهاڙ ڪرڻا آهن، پر هن جي تربيت اهڙي ٿيل هئي جو هن نه ٿي چاهيو ته جن وٽ هو زوري جا مهمان ٿي آيا هجن ۽ هتي اچي پنهنجي مجروح دل جا زخم کولي ويهجن.....“
”نه.... ! منهنجو دُک درد ته صرف منهنجو پنهنجو آهي، جيڪو هتي اچڻ کان پوءِ مونکي مليو آهي، مان ڀلا ان لاءِ ٻين کي ڇو پريشان ڪيان. هو ڇا سوچيندا ته هو اسانجي دلجوئي جو سامان پيا ڪن ۽ مان وري پنهنجو موڊ خراب ڪري، هنن جي پشيماني جو سبب پئي بنجان“. ان ڪري مٿاڇري دل سان چوڻ لڳي،
”توهان درست پيا چئو عرفان ڀاءُ، ! پروگرام ته اهوئي ٺاهي آئي هئس..... پر،..... هتي اچي خبر پئي ته توهان جي جاب ڪافي مصروفيت جي متقاضي آهي، ان ڪري توهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نه ٿو لڳي. ان ڪري سوچيان پئي ته هن سنڊي تي توهان اسان جي واپسيء جون ٽڪيٽون ڪرايو ها ته بهتر ٿئي ها. “
اهو ٻڌي ماڻس ۽ فاران وائڙا ٿي ويا. ڪاٿي مهينو رهڻ جو سوچي آئي هئي، ۽ هاڻي وري ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي واپسيء جون وايون پئي ڪري. ماڻس اڃان ڪجھ چوڻ واري هئي، ان کان اڳ ئي عرفان مرڪندي چوڻ لڳو،
”ان جو مطلب ته اسان جي ڪزن صاحبه اسان کان ناراض ٿي واپسيء جو سوچي پئي. نو ميم نو..... ! ائين ڀلا ٿي سگھي ٿو، مَس مَس ته امي کي پنهنجا پيار ڪرڻ وارا عزيز مليا آهن ، گھٽ ۾ گھٽ هي مهينو ته توهان کي وڃڻ نه ڏبو، نئون سال هتي سيليبريٽ ڪرڻ کان پوءِ ئي ملندي اجازت، اها به ان واعدي سان ته وري جلد ملڻ ٿيندو.“
عرفان جو اهڙو پنهنجائپ وارو انداز هن جي اندر ۾ وڍ وجھي ويو، دل جو درد لڙڪ بنجي سندس اکين کي آلو ڪري ويو. وڏي مشڪل سان هن پنهنجي حالت تي ضبط آندو ۽ آيل لڙڪن کي اکين ئي اکين ۾ پي وئي، ليڪن هن جي ڪوشش جي باجود عرفان هن جي ان بدليل ڪيفيت کي محسوس ڪري ورتو پر هن ان کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. عرفان جي ڳالهين ۾ ايتري ته پنهنجائپ ۽ خلوص هو جون ۾ انڪار جي ڪا گنجائش ئي باقي نه رهي. ان ڪري خاموش ٿي وئي. هونئن به ٽٽل دل جي لاءِ ڪنهنجي همدردي جا ٻه ٻول ئي انسان جي ڦٽن تي پهو رکڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن.
هن جي خاموشي ۽ ابتر حالت کي سمجھندي عرفان سندس موڊ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،

”ان جو مطلب ته ڪزن صاحبه کي اسان جي پروگرام تي ڪو اعتراض ڪونهي. هو چوندا آهن نه ته، خاموشي نيم رضامندي هوندي آهي.“
فاران جيڪو ڪافي دير کان خاموش ويٺو هو، مصنوعي ناراضگيء جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو،
”وڏا مزا آهن عرشيه آپيء جا، هتي اسان کي ڪو ڪوڙي منهن سان به صلاح نه ٿو ڪري، ( مسخريء ڀرئي انداز ۾ ) آخر اسان به ته پيا آهيون اوهان جي راهن ۾. “
هن جي اهڙي ڊائلاگ هڻڻ تي سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ ڪافي ڏينهن کان پوءِ عرشيه جي چهري تي به هڪ اداس مرڪ ڇانئجي وئي هئي، جنهن عرفان جي دل ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. هو چور نظرن سان عرشيه کي نهاريندو رهيو. عرشيه هن جي احساسن کان بيخبر ڪافي جا ننڍڙا سِپ وٺندي رهي.



افراز هتي اچي سروس ته جوائن ڪئي هئي پر هتي رهندي کيس شدت سان اهو احساس ٿيو ته زندگي اتي اچي ختم نه ٿي ٿئي. اڳتي ۽ اڳتي وڌڻ جي تمنا کيس همٿايو ته ڇو نه سپيرئرسول سروس لاءِ تياري ڪجي. ٻين فضوليات ۾ پوڻ کان بهتر ٿيندو ته هو هتي رهي ڪري سي ايس ايس جي تياري ڪري. هتي موقعا به جام آهن پڙهڻ جو ماحول به آهي. اهو سوچي هن ارسلان سان مشورو ڪري سي ايس ايس لاءِ ڪوچنگ ڪلاس جوائن ڪيا ۽ ان ۾ ايترو ته پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيائين جو باقي جهان وساري ويٺو. بس اهائي لگن هئي ته ڪيئن به ڪري اڳتي ۽ اڳتي وڌي وڃجي. هو محنتي ته اصل کان هو، پڙهڻ پڙهائڻ جو ماحول مليو ته هن جو ذهن کلندو ويو ۽ هاڻي کيس مزو اچڻ لڳو هو. اهوئي سبب هو جو عرشيه جنهن جي باري ۾ هن ڪڏهن ان انداز سان سوچيو به ڪونه هو ته هُن جي اچانڪ آيل فون کيس ڇرڪائي وڌو، ۽ هو ان سان نه چاهڻ جي باوجود روڊ ( رُکو ) ٿي ويو هو، ڪجھ به هجي هوء سندس پياري دوست جي ڀيڻ هئي، هڪ دفعو ملڻ ۾ هرج ئي ڪهڙو هو. کيس ڪنهن پرسڪون جاء تي ويهي نرميء سان سمجھائي ها، ته هو ڪنهن به جھنجھٽ ۾ پوڻ نه ٿو چاهي، هن جي منزل شادي يا محبت کان گھڻو اڳتي آهي، ٻيا به گھڻائي دکڙا آهن ۽ هو انهن فضوليات ۾ پئجي پنهنجو ۽ هن جو وقت کوٽو ڪرڻ جو روادار ناهي. پر هن ته اهڙو لٺِ مار جواب ڏئي ڇڏيو جو هوء ويچاري معصوم ڇوڪري الائي ڪهڙي حال ۾ هوندي. پر هاڻي ڪجھ نه پئي ٿي سگھيو. هو کيس فون ڪري ٻيهر سندس دل ۾ ڪا نئين آس ڪا اميد نه ٿو جاڳائڻ چاهي. آهسته آهسته وقت جي دز ۾ هوءَ اهو سڀ ڪجھ وساري ڇڏيندي ۽ پنهنجي جيون ڌارا کي اهڙي رخ ڏانهن موڙي ڇڏيندي جيڪو هن جي لاءِ وڌيڪ پُر سڪون ۽ لاڀائتو بنجي ويندو. اهو سڀ سوچي هن اطمينان جو ساهه کنيو ۽ پاڻ کي روز مره جي معمولات ۾ مصروف ڪري ڇڏيائين.



شام کان وٺي سرد هوائون گھلڻ لڳيون هيون، ان ڪري ٿڌ ۾ به اضافو ٿي ويو هو، ندرت لائونج جي گئس هيٽر کي تيلي ڏيکاري ته سرديء جو احساس ڪجھه گھٽ ٿي ويو. هوء ڪمري ۾ وئي ۽ ٽري ۾ ڪجھ ڊراء فروٽس (سڪل ميوا ) کڻي آئي، ته فاران ٽري کي ڏسي کلندي چوڻ لڳو،
” واه آنٽي ! هتي ته مزا لڳا پيا آهن، اسان ته ڪراچيء ۾ اهڙي موسم لاءِ سڪندا آهيون، جتي ڊراء فروٽس جي عياشي ڪرڻ جو موقعو ملي. بس ڪڏهن اتفاق سان قدرت ڪجھ مهربان ٿيندي آهي، ته ٻه چار ڏينهن ٿڌ پوندي آهي،۽ انجواء ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، نه ته اسان وٽ ته ٻارهن ئي مهينه بس ڪم ئي ڪم، ان کان سواء ڪجھ به نه.......... .“
هن جي ڳالهه ٻڌي سبين کلڻ لڳي.
” ندرت ٻڌين پئي پنهنجي ڀاڻج جون خبرون، ويچارو وڏو ڪم ڪرڻ وارو آهي، يا ته ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، يا ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻو آهي، بس اهي ئي ڪم اٿس، صاحب بهادر جا. چڱو هاڻي انجواء ڪر سردي جي موسم، اسان جو سِر ٿو وڃي، هن کي مزو پيو اچي.“
”پر امي ! صبحاڻي ادا عرفان سان گڏ ڪوه مري هلڻ جو پروگرام ٺهيو هو نه، ان لاءِ ڪا تياري نه پئي ڏسجي. “
ندرت کلڻ لڳي، کيس فاران جي هر ڳالهه م تفريح ڳولهڻ جي عادت تمام گھڻي پسند آئي. هن عمر ۾ ٻارن کي پاري وانگر متحرڪ رهڻ گھرجي
”اجھو ٿو عرفان اچي ته پوءِ گڏجي پروگرام فائنل ڪيون ٿا، (هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي،) هي عرشيه نظر ڪونه ٿي اچي، لڳي ٿو ته هوء هتي اچي بور پئي ٿئي.“
انهي وقت عرشيه زرد رنگ جو لوز ٽرائوزر ۽ بليڪ پرنٽيڊ شرٽ ۾ وار چيلهه تائين کليل، آهسته قدمن سان ڏاڪڻيون لهندي لائونج ۾ داخل ٿي. کيس ڏسي ندرت جي دل ۾ اهائي آرزو جاڳي ته ڪاش ! عرفان جي دل ۾ عرشيه لاءِ ڪو نرم گوشو پيدا ٿي پوي، ته اسان ٻنهي سهيلين جي محبت اڃان به مضبوط ٿي وڃي
عرشيه جيئن اچي صوفي تي ويٺي ته ندرت سڪي ميوي جي ٽري سندس آڏو سرڪائيندي چوڻ لڳي،
”پٽ ڪو گرم ڪپڙو پائين ها، اڄ ٿڌ تمام گھڻي وڌي وئي آهي، لڳي ٿو ته رات ڪوه مري ۾ برف باري ٿيندي. “
انهي وقت عرفان به سڄي ڏينهن جي ٿڪ باوجود مُک تي خوشگوار مرڪ سجائي اندر داخل ٿيو، ته سندس نگاه عرشيه تي پئي ته کيس ائين لڳو ڄڻ هن جا سڀ ٿڪ لهي ويا هجن. دل بي اختيار ڇڪ کاڌي ۽ اچي سندس ڀر واري ڪرسيء تي ويٺو،
”ڏاڍا شغل پيا ٿين. آنٽي ڪيئن گذريو اڄوڪو ڏينهن. “
”پُٽ هتي ته ڏاڍي ٿڌ آهي، اصل سُڪائي رکيو اٿس. “
فاران کي الائي ڇو ائين لڳو ته ڪاٿي سردي جو بهانو ڪري ڪوه مري وڃڻ جو پروگرام نه ختم ڪري ڇڏين، ان ڪري هڪدم چوڻ لڳو،
”اميء وارن کي ڇڏيو، توهان صرف اهو ٻڌايو ته صبحاڻي ڪوهه مري هلڻ جو پروگرام پڪو آهي نه. “
عرفان عرشيه ڏانهن نهاريو، ڄڻ اندازو لڳائيندو هجي ته هِن جو ڪهڙو ردِ عمل آهي. پر هوء ته لاتعلق بڻي نيزن سان شغل ڪندي رهي. عرفان کي سندس رويه جي اهڙي سرد مهري جي ڪري دل ۾ سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي. پر مهمان داري ۽ دلداريء جون تقاضائون هن کي اهو سڀ درگذر ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون، آخر کانئس رهيو نه ٿيو ۽ عرشيه کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو،
”مس عرشيه سرفراز...... ! توهان ته ائين بيزار ويٺا آهيو، ڄڻ هتي توهان جي خواهشن جي برعڪس ڪا ڳالهه ٿي رهي هجي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي هزار دفعه ڪٿي دل نه لڳندي هجي، بيزاري ٿيندي هجي پوءِ به ٻين جي دل رکڻ خاطر ئي سهي، هو انهن جي ڳالهين ۾ وڌي چڙهي شامل ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي ۽ هتي ته توهان جي آرزوئن ۽ خواهشن موجب هي پروگرام ترتيب ڏنو ويو هئو ۽ جناب آهن جو مزاج ئي نه پيا ملن. “
ڳالهائيندي خبر ناهي ڪيڏي مهل هن جي لهجي ۾ تلخي اچي وئي، جنهن کي عرشيه سان گڏ ندرت ۽ سبين به محسوس ڪيو. سبين ڌيء ڏي ناراضگيء وارين نگاهن سان ڏٺو. عرشيه به محسوس ڪري ورتو ته هن جو رويو شايد گھڻو ويڳاڻو ٿي ويو هو ۽ هڪ مهمان هجڻ جي ناتي ميزبانن جي احساسات جو بهرحال کيس خيال رکڻ کپي، هو ته صرف سندن تفريح لاءِ ئي ته سوچي رهيا هئا. ان ڪري هُن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ لبن تي زبردستيء جي مرڪ آڻيندي چوڻ لڳي،
”عرفان ڀاء ! توهان شايد ڪجھ مونکي پئي ٻڌايو، معاف ڪجو، ڪڏهن ڪڏهن سوين ماڻهن جي وچ ۾ رهندي به انسان قنوطيت جو شڪار ٿي ويندو اهي.“
هن جي اهڙي معذرت خواه انداز تي عرفان کي مٿس رحم اچي ويو، ان ڪري هن به پنهنجي رويي ۾ نرمي اختيار ڪندي هنن سان صبح جو سوير نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن کان پوءِ سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي ۽ آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.