6
”ڪڏهن آ توهان جي فلائيٽ، مونکي اهو سوچيندي به الائي ڇا ٿي وڃي ٿو ته توهان سڄو سارو مهينو مونکان دور وڃي رهيا آهيو. اهي ڏينهن مون لاءِ صديون بنجي گذرندا “
”غزل وڃڻو ته آهي نه، آخر روزي روٽي جو فڪر به ته ڪرڻو آهي نه، ويهي کائڻ سان ته خرار به کُٽي ويندا. ايستائين توهان به پنهنجي گھر وارن سان ملي اچو اهو وقت اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو. “
”توهان جو گذري ويندو، هتي ته پل پل ڪاٽڻ صدين برابر ٿو لڳي.“ ”سائين منهنجا ! هتي به ساڳيو حال آ، ”جو پل غافل سو پل ڪافر“ توهان دل نه لاهيو، بزرگن جي خدمت ۾ ضرور توهان پنهنجي لاءِ راحت جون گھڙيون تلاش ڪري وٺندئو، هاڻي اڄ جي ڊنر توهان جي کاتي ۾ ٿي وڃي.“
هنن هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ۾ پُر تڪلف ڊنر ڪئي، ڪينڊل لائيٽس جي جھڪي روشنيء ۾ پيانو تي وڄندڙ هلڪن سُرن جي موسيقيء واري ماحول ۾ غزل پاڻ کي الائي ڪيتري خوش نصيب تصور ڪري رهي هئي، اهڙي خوبصورت ماحول ۾ جڏهن اهو شخص سامهون موجود هجي، جنهنجي تلاش ۾ ورهيه ڪاٽيا هجن ، اهو اڄ نه صرف هن سان گڏ هئو، بلڪه هو به هن کي ايترو ئي پسند ڪرڻ لڳو هو، هن کي ٽائيم ڏيڻ لڳو هو، هن جي دل ان مهل چاهيو پئي ته وقت اُتي بيهي وڃي، هو ان جاء تي ويٺا رهن ۽ اهي پل امر ٿي وڃن. پر اهو سڀ ڪجھ هن جي اختيار ۾ ڪٿي هو. هوء فواد جي جدائي جي سهپ پنهنجي اندر ساري نه پئي سگھي. آخر هن جي نه چاهڻ جي باوجود اها گھڙي اچي پهتي، فواد نيپڪن سان هٿ صاف ڪري هن ڏانهن پيار ڀرين نگاهن سان ڏٺو ته غزل جون اکيون ڀرجي آيون، سوچڻ لڳي ته جدائي جي گھڙي آخر اچي پهتي آهي، نه ته فواد پهرين ڪڏهن به ائين کيس نه ڏٺو هو. فواد هن ڏانهن جھڪندي ڌيمي لهجي ۾ چيو،
”ته پوءِ هلجي مس غزل ! منهنجي فلائيٽ صبح جو سوير آهي، پوءِ ملون ٿا نه تمام جلد، ايترا سال توهان منهنجي مورت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي ان کي هڪ زنده سلامت وجود جي شڪل ڏني، ۽ هاڻي هڪ جئري جاڳندي شخص کي پنهنجي يادن ۾، خيالن ۽ خوابن ۾ محسوس ڪندي اهي گھڙيون چپٽي وڄائيندي گذري وينديون ۽ پوءِ اسان وري سُٺن دوستن جيان هڪ ٻئي جي روبرو هونداسين، ان ڪري خوش خوش اجازت ڏيو.“
غزل جي اکين جا بند ٽوڙي لڙڪ ڳلن تي لڙي آيا، جن کي هن جلدي ٽيشو پيپر ۾ سموهي ورتو ۽ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. فواد کي هن جي ڪيفيت جو احساس به هو، پر هن کي پنهنجن واعدن جو پاس به ته هو، ان ڪري غزل کي وڌيڪ ڪا اميد ڏيار.ئي بغير اٿي کڙو ٿيو. ان وقت ئي فون جي گھنٽي وڳي ته کڻڻ کان پهرين غزل کي خدا حافظ چيائين ۽ پوءِ ٻئي ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري آيا. غزل پنهنجي لاءِ ٽيڪسي کي اشارو ڪيو ۽ چپ چاپ اتان هلي آئي
صبح جو سويل ئي عرفان ۽ سڀئي گھر وارا ڪوه مري ڏانهن روانه ٿيا. رستي ۾ آڪاس تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ايتري قدر جو صبح مهل به اونده انڌوڪار لڳي پئي هئي، ڪوهيري سبب آسپاس وارين شين کي ڏسڻ به محال پئي لڳو. سبين ۽ عرشيه جو ته ڄڻ ساه مٺ ۾ هو. ڪوه مري جي اوچاين تي گاڏي چڙهندي سندن ڪنن تي تاڙيون چڙهي ويون هيون، آس پاس جو ڪو آواز کين ٻڌڻ ۾ ڪونه پئي آيو. بس گاڏيء جو هيٽر هو، جيڪو گاڏي جي اندرين ماحول کي گرم رکندو پئي آيو. ڌنڌ جي ڪري گاڏيء جا شيشه بار بار ڌنڌلا ٿي پئي ويا، جن کي ڊرائيور ڪڏهن وائيپر سان ته ڪڏهن ڪپڙي سان صاف ڪندو، آهسته رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو. سبين ته سڄي واٽ درود ۽ دعائن جو ورد ڪندي پئي آئي. خدا خدا ڪري رستو ختم ٿيو ۽ هو ڪوه مري عرفان وارن جي ايمبسي ريسٽ هائوس اچي پهتا، ته عرشيه ۽ سبين جي پيٽ ۾ ساه پيو.البته پوري سفر ۾ فاران تمان گھڻو انجواء ڪندو هليو. جيئن .ئي ريسٽ هائوس پهتا ته اڳواٽ بڪنگ جي ڪري هنن لاءِ ناشتو تيار هو. هو سڌا واش رومز ڏانهن ويا ۽ گرم پاڻيء سان هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي اچي ناشتي جي ميز تي ويٺا. سرديء جي حساب سان ناشتي جو اهتمام ٿيل هو، گرم پاڻيء ۾ پيل بوائل بيضا، سلائيس مکڻ هاف فراء بيضا ۽ گرم گرم ڪافي. ناشتو ڪري ٻاهر لائونج ۾ اچي ويٺا. هنن جي هتي پهچندي ئي سيء ۾ چڱو خاصو اضافو ٿي ويو هو. بلڪل سفيد بادل دونهين جيان سندن بلڪل مٿان گذرندا پئي ويا. عرشيه اهڙي خوبصورت منظر کي ڏسي، گھڙي پل لاءِ پنهنجا سڀ دک درد وساري ويٺي هئي. هوء ميرون ڪلر جي سوٽ مٿان لائيٽ پنڪ ڪارڊيگن پهريل ان وقت ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي. سردي جي ڪري سندس ڳورو چٽو رنگ ۽ ڳل چهچ گلابي ٿي ويا هئا ۽ سندس چپن تي لڳل لپ اسٽڪ سان ميچ پئي کاڌائون
عرفان چور نگاهن سان هن کي نهاري رهيو هو ان گھڙيء هوء سندس دل ۾ عجيب هلچل مچائي رهي هئي.عرفان جي دل چاهيو پئي ته هن معصوم گڏڙيء جهڙي ڇوڪريء کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ڪٿي دور وٺي وڃي ۽ هن آڏو پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ اڌمن، جذبن ۽ احساسن کي کولي رکي. شايد هن جي ان آرزوجي شدت ۾ ايتري ته صداقت ۽ طاقت هئي ، جو عرشيه سڀ ڪجھ وساري پنهنجي جاء تان بيساخته اٿي کڙي ٿي ۽ خرامان خرامان ٻاهر لان ڏانهن هلي وئي، سندس ائين اٿي وڃڻ تي عرفان به غير محسوس انداز ۾ اتان اٿيو، ڄڻ کيس اچانڪ ڪجھ ياد اچي ويو هجي ۽ هن جي پويان پويان ٻاهر نڪري ويو، اهڙي طرح جو ويٺلن هن جي ان حرڪت کي محسوس به نه ڪيو.
ٻاهر اچي هن ڏٺو ته عرشيه هڪ لان چيئر تي ويٺي پنهنجي مٿان ترندڙ اڇن بادلن کي هٿن ۾ جھلڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ مصروف هئي. ان گھڙي هوء کيس ننڍڙي رنگين پوپٽ جيان لڳي جيڪو ٿڌڙي هوا سان گڏ اڏام ڪندو وتندو آهي. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ هوء ائين پنهنجا سڀ احساس، گھڙي ساعت لاءِ وساري قدرت جي حسين نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. عرفان هن جي اهڙي محويت جي عالم کي ٽوڙڻ نه ٿي چاهيو، ان ڪري خاموشيء سان هن کان پر ڀرو هڪ ڪرسي تي اچي ويٺو ۽ غور سان ڏانهس نهارڻ لڳو ته عرشيه هن جي نگاهن جي تپش کي محسوس ڪندي، خيالن جي دنيا مان واپس موٽي آئي. هن ڏي نهاري اداس مرڪ لبن تي آڻي چوڻ لڳي،
”توهان ڪيڏي مهل هتي اچي ويٺا آهيو. “
عرفان مرڪندي چيو،
”ڀلا توهان هميشه ائين پنهنجي الڳ دنيا وسايو ويٺا هوندا آهيو يا هتي اچي اسان جي ڪمپني توهان لاءِ بوريت جو ڪارڻ پئي بنجي. “
”نه نه عرفان ڀاء، اهڙي ڳالهه ناهي، بس ڪڏهن ڪڏهن انسان ڪجھ بيوقوفانه تمنائن ۽ آرزوئن کي دل اندر پالي ويهي رهندو آهي ۽ ضروري ته ناهي ته جيڪا توهان جي آرزو هجي، اها ان طريقي سان پوري به ٿي وڃي جيئن اوهان چاهي هجي.“
عرفان هن جي اهڙي فلسفيانه ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ کيس داد ڏنو، پر هن جي ئي انداز ۾ هڪ شعر چيو،
”ڪنهن شاعر شايد اوهان جي ئي هن حال کي سمجھندي ڇا ته خوب چيو آهي “
”هڪ ڏک منهنجو آهي، جنهن تي آءُ سخت افسوس ڪيان ٿو جيئن هيڪلو تارو هوندو آهي،
جيڪو سياري جي سانجھيء ۾، جھڪو جھيڻو ٽمڪندو آهي“
مس عرشيه سرفراز احمد، هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گھرجي، ته جڏهن به اسان پنهنجي زندگيء ۾ ڪنهن کي خاص اهميت ڏيندا آهيون، ته هن جي نظرن ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهيون. هميشه اهو خيال رکڻ گھرجي ته ڪجھ به ٿي پوي ٻئي جي آڏو هميشه پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ اهم ۽ اوچي ڳاٽ سان ظاهر ڪرڻ کپي، نه ته پنهنجي ئي نگاهن ۾ حقير بنجڻ جو احساس ماري رکندو آهي.“
عرفان جي شخصيت ايتري ته پُر وقار هئي، هو ايترو ته بردبار هو، جوهن پنهنجي بهترين مزاج ۽ پُرڪشش ۽ پُر وقار شخصيت ڪارڻ هميشه پنهنجي ارد گرد جي ماڻهن کي زندگي جو ڀر پور اتساه ڏنو هو. هينئر به پنهنجي رويي جي مٺاڻ ۽ پاٻوه ڀرئي انداز سان عرشيه جي دل م آهسته آهسته دانسته يا نادانسته پنهنجي لاءِ جاء ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو ڪافي حد تائين سمجھي ويو هو ته عرشيه جيڪا هتي اسلام آباد اچڻ لاءِ بيتاب هئي، هتي اچي ڪومائجي وئي هئي، ته يقينا“ هِن کي هتي اچڻ کان پوءِ ڪونه ڪو اهڙو جذباتي ڌچڪو رسايو ويو آهي، جنهن هن جي معصوم هستيء کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ان ڪري هو هن سان اهڙي نرم لهجي ۽ پاٻوه ڀرئي لهجي ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. جيئن هن جي نازڪ دل کي جيڪا چپيٽ رسي آهي، ان جو غير محسوس انداز ۾ ازالو ڪري سگھي.
عرشيه به هن جي اندازِ گفتگو جي سحر ۾ گرفتار ٿيندي پئي وئي. هوء چند ڏينهن کان جنهن اذيت مان گذري هئي، سندس نفيس ۽ ڪچڙي دل کي جيڪو زخم رسيو هو، جيڪا رهنڊ آئي هئي، عرفان جو پُر سحر اندازِ گفتگوان تي مرهم جو باعث بڻجندي پئي وئي. هونئن به ڏکويل دل جي لاءِ همدردي جا چند ٻول به تقويت جو سبب بنجي ويندا آهن. عرفان ته هن کي هن جي خواهشن کي ايتري اهميت ڏئي رهيو هو هن لاءِ پنهنجي سڀني مصروفيتن مان وقت ڪڍي هن لاءِ خوشين جو سامان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ٻئي طرف جنهن لاءِ هوء هزارين ميلن جو سفر طيء ڪري صرف هن جون چند گھڙيون پاڻ لاءِ گھرڻ جي تمنا کڻي پهتي هئي، ان ته پهرين فرصت ۾ ئي هن کي پنهنجي مصروفيتن جو بهانو بنائي ملڻ کان ئي نابري واري ڇڏي هئي. هن جي هڪ ئي جملي، محبتن سان ٽمٽار هن جي دنيا تهس نهس ڪري وڌي هئي. ٻئي طرف هي عرفان ڪيڏو نه سٺو انسان آهي جو ڄاڻ نه هئڻ جي باوجود هن جي اڊڙيل زخمن تي پنهنجي پيار ۽ پاٻوه ڀرئي انداز سان پها رکڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ايترن ڏينهن کان پوءِ هن کي دل جي قريب محسوس ٿي رهيو هو. هي منهنجو پنهنجو آهي، منهنجي امي جان جي ڀيڻ جو اولاد، ان ڪري ئي هو مونکي پنهنجي دل جي قريب پيو سمجھي. سو اهڙيون ئي عجيب ڳالهيون سوچي رهي هئي ۽ عرفان هن جي مُک جي بدلجندر رنگن کي غور سان ڏسي رهيو هو . هو ٻئي پنهنجن پنهنجن احساسن مان ان وقت سجاڳ ٿيا جڏهن هوا جو تيز جھوٽو هن جي بدن سان ٽڪرايو ۽ سرد هوا جي جھوٽي عرشيه جي اندر ۾ سيسراٽ اڀاري ڇڏيا. هوء هڪدم ڪرسيء تان اٿي اندر وڃن لڳي ته عرفان بي ساخته کيس ٻانهه کان جھلي ورتو ته هوء حيران ٿي کيس نهارڻ لڳي، ليڪن هُن جي اکين جي چمڪ جو تاب نه سهندي لڄ وچان نظرون جھڪائي ڇڏيون، ليڪن هن پنهنجو هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪه کيس ائين لڳو ڄڻ ڪنهنجي هٿن جو مضبوط ڇُهاء سندس لاءِ طمانيت ( اطمينان) جو احساس پيدا ڪري ويو هو. ٻئي طرف عرفان کي جيئن پنهنجي بي ساختگيء جو احساس ٿيو ته هن خفت سان نرم انداز سان هن جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ چوڻ لڳو،
”ايتري جلدي ڇا جي آهي مس عرشيه، هاڻي ته توهان جي من جي مراد پوري ٿيڻ واري آهي، هو ڏسو بادل ڪيڏي نه تيز رفتاريء سان توهان ڏي ڊوڙندا پيا اچن. او.... ! هي ڇا.... ! برف باري..... ! واه ربا واه..... ! اڄ ته منهنجي مهمانن جي دلي مراد پوري ڪري ڏيکاريئي، تڏهن ته چوندا آهن نه ته سچي من سان ڪيل آرزو ضرور پوري ٿيندي آهي.“
هن اڃان ائين چيو ئي مس ته برف جا چانديء جهڙا سفيد چمڪندڙ کنڀ سندن مٿان ڪرڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي سائي چٻر تي اڇاڻ ڇانئجي وئي، وڻ ٻوٽا سڀ برف سان ڍڪجندا پئي ويا، اهڙو ته حسين ۽ دل فريب منظر هو جو عرشيه حيرت سان اهو سڀ ڏسندي ئي رهجي وئي. سردي جو احساس بلڪل گھٽجي ويو هو، توڙي جو هر طرف سفيد ملائم برف ئي برف هئي، سندس وار برون سڀني تي هلڪا، ٿڌا کنڀ ئي کنڀ هئا. ان مهل هن کان سڀ ڪجهه وسري ويوهو. اندر جو ٻار جاڳي پيو هو ۽ هوء هڪ خوبصورت پوپٽيء جيان اڏامندڙ کنڀن کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هلڪيون ڪلڪاريون ڀريندي پوري لان ۾ ڊوڙندي پئي وتي ، ارد گرد جي ماحول کان بي نياز ڪنهنجي پرواه ڪئي بغير.
عرفان کيس ائين ٻارن وانگيان کيڏندي ڪُڏندي ڏسي پنهنجي اندر ۾ تمام گھڻو محظوظ ٿي رهيو هو. ان وقت هن جي دل ۾ به عجيب محسوسات هئا. عرشيه جي بي خودي، هن جي من جي انهن لڪل اُڌمن ۽ ارمانن کي جاڳائي ڇڏيو هو، جن کي هو پاڻ کان به لڪايو پئي وتيو. ليڪن هو هڪ نهايت ئي بردبار شخص هو، هن نه ٿي چاهيو ته ايترو جلد هو هِن ننڍڙي، احساسن سان ڀرپور پوپٽيء آڏو وائکو ٿي پوي.. ڌيرج هميشه هن جي طبعيت جو خاصو رهيو هو. ڪجھ دير کانپوءِ جڏهن برف باري وڌي وئي ته هن عرشيه کي سڏي ورتو ۽ پوءِ هو ٻئي اندر لائونج ۾ هليا آيا جتي ندرت ۽ سبين ڳالهين ۾ مصروف هيون. هنن کي ائين برف ۾ ڍڪيل ڏسي ٻنهي هڪ ٻئي ڏي نهاريو ۽ بنهي جي لبن تي هڪ معني خيز مرڪ ڇانئجي وئي.
عرفان ۽ عرشيه هنن جي نگاهن جي پرواه نه ڪندي پنهنجي پنهنجي ڪمرن جو رُخ ڪيو ته هو ٻئي سهيليون کلڻ لڳيون..
انهيء وقت فاران پنهنجي دوست سان گڏ اندر آيو، ٻنهي جا ڪپڙا آلا هئا.
”امي جان! هي منهنجو دوست علي آهي، هنن جي فيملي به برف باري ڏسڻ لاءِ اسلام آباد کان آيل آهي ۽ ڀر واري پورشن ۾ رهيل آهن. “
ائين چئي هو پنهنجي دوست سان گڏ ڪجھ پري پيل نيٽ جي ڪرسين ڏانهن وڌي ويو ، جتي دوست کي ويهاري سامهون رکيل ڊراء فروٽس کڻي اچي دوست اڳيان رکيائين ۽ ٻئي مشغول ٿي ويا.
ڪجھه ئي دير ۾ عرفان ۽ عرشيه لباس تبديل ڪري لائونج ۾ ندرت ۽ سبين جي ڀرسان اچي ويٺا.. ٻاهر ته کين ٿڌ جو احساس ڪونه پئي ٿيو، ليڪن ڪمري ۾ اچي عرشيه کي لڳو ته سرديء ۾ اضافو ٿي ويو آهي سندس چهري جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل گلابي ٿي ويو هو. انهي وقت روم سروس وارو ويٽر ڪافي ۽ گرم گرم سينڊوچ کڻي آيو، ڪافي جون سرڪيون ڀريندي سندس سردي جو احساس ڪجھ گھٽ ٿيو.ته عرشيه ٻنهي هٿن جي ترين کي مهٽيندي ندرت کي مخاطب ٿي، سندس لهجي ۾ پهرين ڏينهن واري شوخي واپس وري آئي هئي.
”آنٽِي واقعي مونکي برف سان کيڏندي ائين پئي لڳو، ڄڻ مان هڪ پوپٽي هجان ۽ جنت ۾ پهچي، اتان جي گلن ٻوٽن جي پسار ڪندي ڪنهنجي رس چوسيندي هجان، ڪنهنجي هڳاء جو مزو ماڻيندي هجان يقينا” برف باري اسان انسانن لاءِ خدا جو حسين تحفو آهي، جيڪا دلين جي آڳ اجھائي ٿي، من اندران بغض ۽ ڪدورتن کي مٽائي، محبتن سان سرشار ڪري ڇڏي ٿي. ڪاش ! اها موسم سدائين هجي ۽ مان پنهنجي اندر جي آتش کي ائين ئي اُجھائيندي رهان. “
”بس، بس، لڳي ٿو ته موسم تنهنجي اندر جي شاعره کي سجاڳ ڪري وڌو آهي. اڄ ته ائين پيو لڳي، ته منهنجي ڌيء هتي ئي پورو ديوان تخليق ڪرڻ واري آهي. ان ڪري منهنجا ٻچا، گھڙي کن ساهي ضروري آهي. “
ماء جي ڳالهه ٻڌي هوء هڪدم شرمائجي وئي، ته عرفان ۽ ندرت هن کي ائين ڏسي زور زور سان کلڻ لڳا.
ان ڏينهن کان پوءِ عرشيه ۽ عرفان جي وچ ۾ پهرين واري دوري ۽ تڪلف گھٽجندو ويو ۽ هو هڪ ٻئي سان ڪافي بي تڪلف ٿيندا پئي ويا. هو ڪوشش ڪري ڪو نه ڪو موقعو هٿ ڪري وٺندا هئا. ۽ هڪ ٻئي جي سنگت ۾ وڌ کان وڌ وقت گذارڻ لڳا، ليڪن هنن جي ان قربت ۾ ٻنهي طرف هڪ حجاب باقي هو. هنن ٻنهي چاهيو ٿي ته هو پهرين چڱي ريت هڪ ٻئي کي پرکي وٺن، تنهن کان پوءِ ئي هڪ ٻئي تي منڪشف ( ظاهر) ٿين. عرشيه جو ته ننڍڙي عمر ۾ ئي هڪ ڌڪ کاڌل هو، ان ڪري هن لاءِ احتياط لازم هو. هن ڪابه تڪڙ ڪرڻ نه ٿي چاهي. ٻئي طرف عرفان به پنهنجي بردبار طبعيت جي ڪري ۽ ڪجھ ڪجھ عرشيه جي ماضي قريب واري ڪيفيت کي سمجھي وڃڻ کان پوءِ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪرڻ نه ٿي چاهي، جنهن سان هن جو وقار مجروح ٿئي. اهي ٻه ڏينهن اک ڇنڀ ۾ ئي گذري ويا هئا.. هنن واپسيء جي تياري ڪئي ۽ رات ٿيندي ئي اسلام آباد اچي پهتا.
عرفان جي زندگي اسلام آباد پهچندي ئي معمول تي اچي وئي، ليڪن هن دفعي فرق اهو ٿيو جو هو مصروفيتن باوجود شام جو وقت ڪڍي، سڀني سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن تفريحي جاء تي هليو ويندو هو. هو وڌ کان وڌ هن ڪٽنب سان گذارڻ جو خواهان هو، جيئن هو هڪ ٻئي کي ويجھڙائيء کان سمجھي سگھن. هن چاهيو پئي ته صرف دل جي هٿان مجبور ٿي ڪو رشتو قائم ڪرڻ کان بهتر آهي، ته هو ٻئي خاندان هڪ ٻئي کي چڱي طرح پرکي وٺن ، ڇو ته هن جي آڏو رشتن جي مضبوطيء ۽ پائداريء جو واحد حل اهوئي طريقو هو. بي خودي وڌندي وئي ۽ فاصلا گھٽجندا ويا. هفتي ڏيڍ ۾ هنن هڪ ٻئي کي چڱي نموني سمجھي ورتو. عرفان کي محسوس ٿي رهيو هو ته هوءهن جي جيون ساٿي بنجڻ لاءِ بلڪل فِٽ آهي. ته عرشيه به محسوس ڪري ورتو هو ته سراب ۽ رُڃن پويان هوء هروڀرو ڀٽڪندي پئي وتي، اچانڪ هڪ گھاٽو پاڇو هن جي سڄي هستيء مٿان ڇانورو بنجي ويو آهي. هنن جي قربتن کي سمجھندي سبين ۽ ندرت به هنن کي گھڻو وقت ڏنو، آخر جڏهن سبين وارن جي وڃڻ جووقت ويجھو آيو ته هڪ ڏينهن ندرت عرفان کي ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي، اچي سندس ڀر ۾ ويٺي.
” پُٽ، توکي خبر آهي ته سبين وارن جي ٽڪيٽ اوڪي ٿي وئي آهي ۽ هو ٻن ڏينهن کان پوءِ هليا ويندا. مان چاهيان ٿي ته هنن جي وڃڻ کان پهرين مان عرشيه کي تنهنجي لاءِ گھري وٺان، جي توکي ڪو اعتراض نه هجي. “
عرفان ڪجھه دير خاموش ٿي ڪجھه سوچيندو رهيو، ڪجھ گھڙين کان پوءِ نهايت سنجيدگي سان چوڻ لڳو،
”امي جان ! توهان جي خيال ۾ عرشيه ۾ اهي خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ جيون ساٿي ۾ هجڻ گھرجن، مون هميشه اهائي خواهش ڪئي، ته اهائي ڇوڪري منهنجي جيون ساٿي ٿيندي جيڪا مونسان گڏوگڏ منهنجي ماء پيء جي به پسند هجي.“
”پُٽ مونکي مونکي توهان تي فخر آهي، جو توهان والدين جي پسند جو خيال ڪيو ٿا. در اصل عرشيه مونکي پهرين ڏينهن ئي بيحد پسند هئي، مون فون تي تنهنجي بابا سان به ڳالهه ڪئي آهي، ان کي به ڪو اعتراض ڪونهي. هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته مان سندن وڃڻ کان پهرين با ضابطه طور تي کانئن عرشيه جو سڱ گھري وٺان، ائين اسان جي وچ ۾ رشته وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
عرفان جي حامي ڀرڻ کان پوءِ ندرت با ضابطه طور تي سبين کان عرشيه جي سڱ جي گھر ڪئي جنهن فون تي گھر وارن سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ سڱ ڏيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. ائين قدرت جي طرفان اهي رشته جڙي ويا جيڪي بظاهر ممڪن ئي نه هئا. قدرت جو چرخو به عجيب اسرارن سان ڀريل آهي، هر شيء ان جي تابع ڦرندي رهي ٿي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شيون اچانڪ ٿي پونديون آهن جن جو بظاهر ڪوبه امڪان نه هوندو آهي، بس ان لاءِ انسان جي نيتن جو وڏو عمل دخل هجي ٿو. نيڪ نيتي سان کنيل هر قدم بيشڪ ڪڏهن ڪڏهن ان انسان جي توقعات مطابق نه به هوندو آهي ۽ هي ويچارو انسان منجھي پوندو آهي، ته غلط ڇا آهي ۽ سهي ڇا آهي.، ليڪن ضروري ته نه آهي ته جيڪا آرزو توهان اڄ ڪري رهيا هجو، اها توهان جي توقعات مطابق فوري نتيجه خيز ثابت ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪيل ان نيڪ عمل جو ثمر ان وقت اوهان جي آڏو ظاهر ٿئي جڏهن توهان ان کي وساري چڪا هجو، ته توهان ڪڏهن ائين به چاهيو هو ۽ اهوئي قدرت جو نظام آهي، ٿيندو ضرور پر ڪڏهن ؟ اهو صرف قدرت کي معلوم آهي، ڇو ٿو ٿئي ڪيئن ٿو ٿئي، بس ٿي پوي ٿو. ان ڪري نه خوش ٿجي نه مايوس، بس جڏهن سڀ حيلا هلائڻ کان پوءِ به سمجھ ۾ نه اچي ته پنهنجو پاڻ کي قدرت جي حوالي ڪري ڇڏڻ ئي بهتر عمل آهي.
فواد جي وڃڻ کانپوءِ غزل کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هن جو اندر خالي ٿي ويو هجي، هوء ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي، بلڪل تنها. ڪير هو جيڪو هن جي اندر جي خالي پڻي کي محسوس ڪري، هن جي ڏک ۽ پيڙا جو احساس ڀلا ڪنهن کي ٿي پئي سگھيو. هوء ته ازل کان تنها هئي، اڪيلاين جو عذاب هن سدائين اڪيلي سر ئي ڀوڳيو هو، ڪو حال ڀائي نه هو.هن کي ان گھڙيء ڪنهن اهڙي ڪلهي، ڪنهن اهڙي هنج جي شدت سان خواهش ٿيندي هئي جنهن تي سِر رکي هوء ڳوڙها ڳاڙي سگھي جيڪو ان پل هن جي دردن جو درمان بنجي سگھي. پر اهڙو ڪجھ به نه هو، بس هوء هئي ۽ فواد سان گھاريل گھڙين جو يادون، جيڪي کيس گھائل ڪري رهيون هيون. هن کي هنجون هارڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون. هوء سوچي رهي هئي ته بيشڪ فواد هن کي دُکي ڪري ويو آهي، پر کيس اهو اطمينان هو ته هو جلد هن جي دنيا ۾ موٽي ايندو، هوء پنهنجي احساسن کي ماٺو ڪندي دل کي بهلائڻ خاطر سوچڻ لڳي.
”مان پنهنجي هنن جذبن کي ڪهڙو نانء ڏيان اها محبت نه پر پرستش آهي، ۽ پرستش ڪرڻ لاءِ صرف معبود جو هجڻ گھرجي. ان لاءِ اهوضروري ته نه آهي،ته عبادت لاءِ معبود جو آڏو هجڻ لازمي هجي ٿو. هوء هميشه اهڙين ئي عجيب ۽ بي تڪين سوچن ۾ پاڻ کي گم رکيو پئي ايندي هئي.، پاڻ کي دلداري ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هئي.
جيئن ئي وئڪيشن ٿي ته هن سکر وڃڻ جو پروگرام رٿيو. هن سوچيو پئي ته شايد گھر وارن جي موجودگيء ۾ اندر جي ماندگي ڪجھ ماٺي ٿي وڃي. فواد سان ملڻ کانپوءِ هوء ڳوٺ ڪونه وئي هئي، بس فون تي ڳالهائي مصروف هجڻ جو عُذر ڪري ڇڏيندي هئي. ان ڏينهن هن سڄو ڏينهن گھر وارن لاءِ شاپنگ ڪئي ۽ پوءِ ٿڪل ٽٽل اچي ڪمري ۾ ڊهي پئي. صبح جو سويل بس پڪڙي ۽ سکر لاءِ رواني ٿي وئي.
سکر پهتي ته اتي جو ماحول کيس اجنبي ۽ نامانوس لڳو. ماڻس شڪايتي نظرن سان کيس ڏٺو، البته پڻس مٿي تي هٿ رکي ڳراٽڙي پائي جڏهن سندس مٿو پنهنجي ڪنڌ تي رکيو ته هوء سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ڪيتري عرصي کان پوءِ شفقت ڀرئي لمس هن جي دل ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي هئي. پڻس سندس مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو. ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ هن نياڻِيء جي سلسلي ۾ کانئن انيڪ ڪوتاهيون سرزد ٿيون آهن،جن جو ازالو ٿيڻ هينئر ممڪن ڪونهي. هن جي ننڍن ڀيڻ ڀائرن جون شاديون ٿي ويون، جيڪي صاحبِ اولاد ٿي پنهنجي گھر گرهستي ۾ مصروف لڳا پيا آهن اسان هن نياڻيء کي صرف ان ڪري نظر انداز ڪندا رهيا آهيون ته هوء پنهنجو ذريعي معاش پاڻ آهي، اسان تي ڪو وزن ڪونهي.،پر زندگيء ۾ صرف لٽو ڪپڙو کاڌو پيتو ۽ رهائش ئي ته رڳو جيون گھارڻ جا لوازمات نه آهن، زندگيء توجه ۽ محبتن جي، آسيس ۽ شفقتن جي انسان کي تمنا رهندي آهي ته هجي ڪو پنهنجو جيڪو اسان جا دک درد اسان جي خوشين جا پل، اسان لاءِ شفقتن ۽ آسيسن ذريعي اسان سان ورڇي ونڊي. ڪو اهڙو ڪلهو هجي جنهن تي مٿو ٽيڪي اسان پنهنجي اندر جو غبار اوتي سگھون. ڪڏهن ڪڏهن اسان انهن ٻارن سان پنهنجي نادانيء ۾ ڪيڏي وڏي زيادتي ڪري ويندا آهيون جن کي ننڍڙي هوندي هلڪڙي رهنڊ به اچي ويندي هئي ته اسان تڙپي اٿندا هئاسين.، راتن جي ننڊ اُڏامي ويندي هئي. ڇا ٻار وڏا ٿي اسان جي نگاهن ۾ ايڏا بهادر بنجي ويندا آهن، جو اسان سمجھڻ لڳندا آهيون ته هو پنهنجو هر بوجھ پاڻ ڍوئڻ جي لائق ٿي ويا آهن، پر اها والدين جي خام خيالي آهي، ٻار ڪيڏو به وڏو ڇونه ٿي وڃي جيسين ان جا بزرگ، والدين حيات هوندا آهن، هو پاڻ کي هميشه ٻارن جيان ڀاسندا آهن. والدين به انهن کي ٻار ئي ڄاڻندا آهن. ته پوءِ هو ڇو سمجھي ويٺا ته غزل تمام گھڻي وڏي ٿي وئي آهي، ان ڪري کيس ڪنهن آسيس يا شفقتن جي سائي جي ضرورت ناهي. هن کڻي کين اهو سڀ ڪجھ ڪڏهن ڪونه جتايو هو، ڪڏهن ڪو انگل آرو ڪيو هو، نه وري ڪڏهن ڪو ڏوراپو ڪا شڪايت ڪئي هئي، پر کين ته اهو سوچڻ کپندو هو. هاڻي هوء عمر جي اهڙي اوج تي آهي جتي هن جي معيار جو ڪو ماڻهوکيس ملي ڪونه سگھندو ۽ گھٽ معيار تي هوء راضي ڪونه ٿيندي، ته پوءِ ڇا ڪجي. اهي ۽ اهڙيون ڪئي سوچون ان گھڙيء سندس دماغ ۾ گردش ڪنديون رهيون، هو الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم هو جڏهن هن ڪنول جو آواز ٻڌو، هوء کلندي چئي رهي هئي،
”بس آپي بس روئڻ لاءِ رڳو بابا جو ڪنڌ ناهي، اچ نه، اسان جي به ڳلي لڳ، ورهيه ٿي ويا، توسان ڀاڪر پائي ملندي. “
انهي وقت غزل پيء جي ڪلهي تان مٿو کنيو ۽ رئي جي پلوَ سان اکيون اگھندي مُڙي ۽ اچي ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. در کان اندر داخل ٿيندڙ ڀاڻس ڀينرن کي جو ائين جذباتي انداز ۾ ڀاڪرن ۾ڏٺو ته ماحول جي سوگواري کي ختم ڪرڻ لاءِ گانو جھونگارڻ لڳو.
”اِکِ بار تو مل لي گلي بچهڙ هم چلي ملن تيرا ياد رهي “
ٻئي بينرون کلندي ڀاءُ ڏي وڌيون، غزل ساڻس ملندي چوڻ لڳي،
”ڏاڍو شرارتي ٿي ويو آهين . “
ڪجھ دير کان پوءِ ملازمه ٻڌايو ته ماني ميز تي لڳائي ڇڏي آهي. سڀئي هٿ منهن ڌوئي اچي ميز تي ويٺا. ڪنول ڪيتري عرصي کان پوءِ آئي هئي. ۽ غزل کي به ڪئي مهينا ٿي ويا هئا، ان ڪري ماڻس ماني ۾ خاص اهتمام ڪيو هو. سڀ شيون ٻارن جي پسند جون ٺهرايون هئائين. سڀ ميز تي ويٺا ته ائين لڳو، ڪئي سالن کان هو ائين ئي گڏ هئا، وقت گذريو ئي ڪونه هئو.
ڪجھه ڏينهن تائين هوء ماء پيء جي خدمتن ۾ پاڻ کي مصروف رکيو پئي وتي، ان ڪري فواد سان وابسطه يادن کي ڪجھ وقت لاءِ پٺيء پاڏي رکي ڇڏيو هئائين. پهرين ڏينهن کان پوءِ هن ڪڏهن به ماء پيء يا گھر وارن آڏو، پنهنجي زندگيء جي ان ڪمزور احساس کي پاڻ کان دور رکڻ جي هر ممڪن سعي ڪئي هئي. ڇو ته هوء هتي ٿوري وقت لاءِ هئي ته پوءِ پنهنجي پيڙا کي اجاگر ڪري والدين کي هن عمر ۾ هرو ڀرو احساس ندامت ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پريشان ڪرڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت هئي. هوء جيئن به هئي، خوش يا دکي، اها هن جي پنهنجي درد سري هئي، جئڻ جو اهو انداز هن جو پنهنجو منتخب ڪيل هو، ته پوءِ ٻين کي ان ۾ شامل ڪرڻ جي ڪهڙي تُڪ هئي. هنن ته هن کي اڪيلو رکڻ ڪونه چاهيو هونه، اهو هن جو پنهنجو فيصلو هو.ڀلا هاڻي دک به ڇا جو. هن جو آدرش هن جي آڏو موجود هو. ڪجھ ئي ڏينهن جي ڳالهه آ هو،موٽي ايندو واپس. بيشڪ هُن هِن سان مستقبل جو ڪو پلان ڪونه جوڙيو هو، پر هِن کي نا اميد به ته ڪونه ڪيو هئائين. آس تي دنيا قائم آهي. اهو سوچيندي هوء مطمئن ٿي وئي هئي ۽ ڀيڻ ڪنول، ان جي ننڍڙي ڌيء ۽ گھر وارن سان خوش خوش وقت گذارڻ لڳي. ٻئي ڀينرون عزيزن مٽن مائٽن سان ملڻ هليون وينديون هيون. ڪڏهن انهن مان ڪير سندن وٽ اچي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن خاندان جون بزرگ عورتون غزل کي ائين اڪيلو ڏسي، هڪ ٻئي سان اشارن ۾ افسوس جو اظهار ڪري وٺنديون هيون. اهوئي دستور آهي دنيا جو. وقت تيزيء سان گذرندو ويو ۽ غزل جي موڪل به اچي پوري ٿي، ته هن واپسيء جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي. کيس تياري ڪندي ڏسي ماڻس دٻيل لفظن ۾ کيس چيو،
”ڇو ٿي وڃين، بس هاڻي، گھڻئي پرديس جھاڳيئي، رهي پئو هتي. جيسيتائين ماريه هئي ته اسان به بي اُلڪا هئاسين، هينئر اڪيلو سِر، بيماري بڙي آ، ڪيئن ڪندي هوندينء. ،
”نه امان مان اُتي ٺيڪ آهيان، ڪم ۾ مصروف هجڻ ڪري زندگي سولائي سان ڪٽجي پئي. “
”هتي ڪا مصروفيت ڳولهي وٺ، اکين آڏو هوندينء ته اسان کي به اطمينان رهندو. “
انهيء گھڙيء پڻس وچ ۾ دخل ڏيندي چوڻ لڳو هو،
”پُٽ تنهنجي ماءُ درست پئي چوي، تنهنجي هتي رهڻ سان آس پاس وارن، عزيزن، رشتيدارن کي به تنهنجي موجودگي جو احساس ٿيندو. ڪيترو وقت ائين تنها زندگيء جو سفر طئي ٿيندو. اڄ اسان آهيون صبحاڻي نه هونداسين ته پوءِ جيون گھارڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو، هتي رهڻ سان متان قسمت توتي مهربان ٿي پوي ۽ تون به پنهنجي گھر گھاٽ واري ٿي پوين، ڀائرن جو ڇا آهي، الائي اسان کان پوءِ انهن جو رويو ڪيئن رهي، ڪاٿي اهي نوڪرن جيان نه هلائنين.“
اهو ٻُڌي غزل جو اندر ڪوڙاڻ سان ڀرجي ويو، اندر ئي اندر ڀڄڻ ڀرڻ لڳو. اکيون ڀِڄي ويون، انتهائي تلخ لهجي ۾ چوڻ لڳي،
”بابا ! هاڻي ڇا بچيو آهي زندگيء ۾، سواء تلخين جي، گذارڻ ڏيو، جيئن گذري پئي. ڇڏي ڏنو آ مون پنهنجو پاڻ کي قسمت ۽ وقت جي ڌارا تي. ڏسو ڇا ٿو ٿئي، باقي هتي ڇا هُتي ڇا. زندگيء جا رنگ ڍنگ هر هنڌ ساڳيا هوندا آهن ۽ مان هاڻي اتي هِري مِري وئي آهيان. توهان منهنجي ڳڻتي نه ڪندا ڪيو. بس پنهنجي ۽ امان جي صحت جو خيال ڪندا ڪيو. جيڪڏهن قدرت مونکي توهان جي خدمت جوموقعو وري ڪڏهن ڏنو ته اچي حاضر ٿينديس، في الحال ته خوشيء سان اجازت ڏيو. “
هن جا دليل اهڙا هئا جو هو ٻئي دل ئي دل ۾ ندامت محسوس ڪرڻ لڳا. پر وڌيڪ زور نه ڀريائون ۽ ٻئي ڏينهن هوء بس پڪڙي ڪراچيء لاءِ رواني ٿي وئي.