11
شام ڌاري هوء جيئن ئي گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته فواد کي پنهنجي انتظار ۾ بيٺل ڏٺائين، هو ڪافي منڌل منڌل ۽ بيچين پئي ڀانيو. جيئن ئي غزل کي ايندي ڏٺائين ته بيچيني مان اڳتي وڌيو۽ غزل جي ڀرسان اچي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو، غزل کي سندس اهو انداز ڪجھ عجيب لڳو، ايتري عرصي ۾ هو هميشه يا ته گاڏيء ۾ اندر يا گاڏيء جي ڀرسان ئي هن جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهندو هو. هوء هِن جي ان ڪيفيت کي ڪو نالو نه ڏئي سگھي ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گاڏيء جي ويجھو پهچي دروازو کولي سيٽ تي ويهي رهي، ته فواد به ٻئي طرف اچي سيٽ سنڀالي، ليڪن گاڏي ڊرائيو ڪرڻ جي بجاء پُر اميد نگاهن سان هن ڏانهن نهاريندو رهيو. اڄ غزل هن جي هر انداز ۾ عجيب روين کي محسوس ڪري رهي هئي، آخر کانئس رهيو نه ٿيو،
”ڇا ٿيو گاڏي ڇو نه ٿا اسٽارٽ ڪيو؟ “
”ها ، ها ، هلون ٿا....... پر ......!“
هن سواليه نظرن سان ڏانهس نهاريو، ته هوء سمجھي وئي ۽ پرس کولي لفافو ڪڍي هن طرف وڌايو. فواد لفافو وٺندي هِن جو هٿ جھلي ورتو.
”توهان کي ڪا پريشاني ته نه ٿي.“
”نه ، نه ، خير آ . مونوٽ به پيا ئي ته هئا، جيڪڏهن توهان جي ڪنهن ڪم اچي وڃن ٿا ته ان ۾ فڪر يا پريشان ٿيڻ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي. “
”مان ڪوشش ڪندس ته توهان کي جلد موٽايان. مان ڪجھ ڏينهن اڃان اِتي ئي آهيان ،. ڪوشش ڪندس ته مسئلو حل ٿي وڃي.“
”ڏسو وري غيرن واريون ڳالهيون، توهان فڪر نه ڪيو، جڏهن به دل چوي واپس ڪجو ( ڪجھ دير توقف کان پوءِ چوڻ لڳي،) ها پليز ! هاڻي جڏهن به ٻاهر وڃو، توهان مونکي اتان فون ضرور ڪندا ڪيو، يا ته مونکي نمبر ڏئي ڇڏيو، مان پاڻ ڳالهائي وٺنديس.“
”ٺيڪ آهي، مان وڃڻ کان پهرين توهان کي فون نمبر ڏئي ويندس جيڪو اُتي منهنجي استعمال ۾ هوندو آهي. ، بس هاڻ ته خوش. مان توهان کي ڪڏهن به دکي ڪرڻ نه چاهيندس “
اهو چئي هن گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ غزل جي رهائش طرف هلڻ لڳو، ته اها ڳالهه غزل کي عجيب لڳي، پر هن کيس ٽوڪيو نه ، هن جي گھر جي گھٽي ٻاهران گاڏي روڪي، هن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھليو، ليڪن غزل کي محسوس ٿيو ته هن جي هٿن جي ڇهاء ۾ عجيب بيگانگي ، سرد مهري ۽ اجنبيت جو احساس هو. ڄڻ ڪو اڻ ڄاڻ ماڻهو ملڻ يا موڪلائڻ مهل سرسري طور هٿ ملائيندو آهي، بغير ڪنهن تاثر جي، غزل جي دل ٻڏڻ لڳي، هن نرمي سان پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو، ته فواد اکيون ملائي بغير چوڻ لڳو،
”غزل ! مون کي تمام جلدي ۾ وڃڻو پيو پوي، ان ڪري ڪيڏانهن آئوٽنگ تي نه هلياسين ، هڪ ٻئي هنڌ آسرو مليو آهي، شايد اها رقم ملي وڃي ته ٻئي ملائي منهنجو ڪم ٿي وڃي. تون دل ۾ نه ڪجانء. “
غزل دل ئي دل ۾ ڀُري رهي هئي، هن جي اهڙي رويي هن کي لوڏي ڇڏيو هو پر پوءِ به سندس دل رکڻ لاءِ چيائين،
”ڪا ڳالهه ناهي، هونئن به اسان ته صرف ويڪ اينڊ تي ئي ڪيڏانهن هوا خوريء لاءِ ويندا آهيون نه، توهان ضرور اوڏانهن وڃو جتي آسرو مليو اٿوَ. خدا ڪري توهان جو ڪم ٿي وڃي. ملڻ، گھمڻ ڦرڻ ته پيو ٿيندو. “
آخري جملا چوندي سندس هانو ڀرجي آيو، ته هوء ساڻس موڪلائي تڪڙ ۾ گھر طرف وڌي وئي، ليڪن هو اتي ئي گاڏي روڪي ويٺو کيس ڏسندو رهيو، هڪ دفعو غزل به مڙي کيس نهاريو ۽ کيس ائين لڳو ڄڻ هوء هاڻي وري ڪڏهن به کيس ملي نه سگھندي، هن جي اندر ۾ هڪ عجيب ڀڃ ڊاه ٿي رهي هئي، رقم جي ته کيس ايتري پرواه نه هئي پر اڄ اها رقم ڏيڻ کان پوءِ جيڪا هن پنهنجي خوشيء سان ڏني هئي، هن جي دل جي شيشي ۾ ڄڻ ڪا سِير پئجي وئي هئي. هن پنهنجي خيالن ۽ خوابن ۾ جيڪو بُت جوڙيو هو، اهو ته هر اهڙي تصور کان بالا ۽ بلند هو. هُن ته پنهنجي هن رشتي ۾ ڪنهن ننڍڙي سوکڙي پاکڙي ڏيڻ ۽ وٺڻ کي به مناسب ته ڇا مها پاپ سمجھيو هو. ڇا مون اها رقم ڏئي فواد جو اهو عڪس اهو اميج پنهنجي اندر ۾ گھٽائي ڇڏيو آهي. نه، نه ، مان اهو ڇا پئي سوچيان، ان ۾ فواد جو ڪهڙو قصور. اها رقم ته مون کيس زوري وٺڻ تي مجبور ڪيو هو. ته پوءِ بار بار منهنجي دل ۾ اهڙا ڪبيهه ۽ بيهوده خيال ڇو پيا اچن. اهڙن ئي خيالن جي زير اثر هوء ڪمري ۾ داخل ٿي، ۽ پرس هڪ طرف رکي، پنهنجو پاڻ ذري گھٽ سٽيندي بيڊ تي ڊهي پئي.ضبط جو بند ٽُٽِي پيو، اکين مان بي اختيار نير وهڻ لڳس، هوء پنهنجي هن ڪيفيت کي پاڻ به سمجھڻ کان قاصر هئي، مٿي ۾ شديد سور جو احساس ٿي رهيو هوس، ڄڻ ڪو هٿوڙا هڻي رهيو هجيس، ٻنهي هٿن سان مٿو جھلي ورتائين ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين گرم گرم ڳوڙها نيڻن جي ڪنارن مان وهي سندس لوئڻن کي ڀِڄائي رهيا هئا هن ڪجھ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي انهي ڪيفيت ۾ ڇڏي ڏنو هو، خبر ناهي ڪيڏي مهل سندس اک لڳي وئي ۽ اهڙي بي خبر سمهي رهي جو جڏهن سجاڳ ٿي ته ڪمري جي دريء جي سرڪيل پردي جي وٿيء مان روشني ڏسي حيران ٿي وئي سمجھ ۾ نه پئي آيس ته هوء ڪيتري دير ائين بيخبر رهي آهي، پاسو ورائي سامهون گھڙيال تي نگاهه وڌائين صبح جا ست ٿي رهيا هئا،
”ان جو مطلب ته مان شام کان ننڊ پئي هئس، بُکي اُڃي، ڪجھ کائي پئي بغير.......... اهڙي ڪهڙي ننڊ هئي جنهن مونکي دنيا مافيها کان ائين بي خبر ڪري ڇڏيو.“
اهو سڀ سوچيندي آرس ڀڃندي بي دليء سان اٿي هٿ منهن ڌوئي پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهيائين، ڪجھ کائڻ تي دل نه چيس ته چانهه پي تيار ٿي انسٽيٽيوٽ لاءِ رواني ٿي وئي.
غزل جا انديشا غلط نه هئا، ان ڏينهن کان پوءِ نه فواد موٽيو هو ۽ نه ئي کيس فون ڪري حال احول ئي ڏنو هئائين. پوءِ به هوء دل کي آٿت ڏئي سمجهائي رهي هئي، ته جنهن مسئلي ۾ هو الجھيل هو، ان ۾ ئي مصروف هوندو. دل جي دنيا به عجيب هوندي آهي، انسان آسن جي سهاري پاڻ کي دلداري پيو ڏيندو آهي اهو چئي پاڻ کي وندرائڻ جي هر ممڪن سعي ڪندو آهي، ته جي هن جا جذبا سچا آهن ته هن سان ڪجھ غلط ناهي ٿيڻو. ان ڏينهن هفتي جو آخري ڏينهن هو ۽ غزل ان اميد سان گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته اڄ هو معمول موجب ضرور ايندو، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، ليڪن پري پري تائين فواد جي گاڏيء جو ڪو اتو پتو ڪونه هو. هن جون نگاهون مايوس ٿي موٽي آيون. هن ڀرسان گذرندڙ رڪشه کي روڪيو ۽ سوار ٿي فواد کي فون ڪرڻ لڳي، پر ٻئي طرف آواز آيو ته نمبر في الحال بند آهي. اتان به مايوس ٿي ايس ايم ايس ڪيائين ته مونسان رابطو ڪيو.
وقت گذرندو رهيو، ليڪن نه فواد جو فون آيو ۽ نه ميسيج. ڪئي قسمن جا انديشه ۽ وسوسه کيس گھيري ويا هئا. ڇا فواد ڪنهن مشڪل ۾ آهي، ڇا هن جي طبعيت ناساز آهي، آخر ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي جو هن سان هر طرح جو رابطو منقطع ٿي ويو آهي.
هن کي پڪ هئي ته دير سوير هو ساڻس ضرور رابطو ڪندو، ايتري عرصي ۾ اهو ڪڏهن نه ٿيو هو ته هو کانئس موڪلائي بغير دبئي ويو هجي، هو يقينا“ ڪٿي مصروف هوندو، ائين سندس راهون تڪيندي ڪيترا ڏينهن گذري ويا، هوء اهو ته سوچڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگھي ته فواد ڪو هن سان دوکو ڪري سگھي ٿو. هن کي ته بس سندس سلامتي ۽ حفاظت جو اونو بيقرار ڪري رهيو هو، ته ڪاٿي هو ڪنهن مشڪل ۾ نه هجي، ڪٿي کيس غزل جي مدد نه گھرجندي هجي . هر روز نه چاهڻ جي باوجود اخبار ۾ حادثاتي خبرون پڙهڻ لڳندي هئي. ايڏي وڏي شهر ۾ هوء کيس ڪٿي ڳولهي، ڪٿي تلاش ڪري. بدقسمتي سان هِن جي ٺڪاڻي جو به ڪو اتو پتو ڪونه هئو. هو ته بس ٻاهر ئي ملندا رهيا. فواد هميشه کيس ٻڌايو هو ته هوٽل ۾ رهائش پذير آهي. ڪهڙي هوٽل ۾، اهو پڇڻ جي هن ڪڏهن ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. هوء حيران هئي ته فواد ڇهه ڇهه مهينه ڪراچي ۾ هوندو هو ليڪن هن ماريه کان سواء ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن عزيز، ڪنهن دوست متعلق نه ٻڌايو هو، ته پوءِ هو هتي ڇا ڪرڻ ايندو هو. اهڙين سڀني ڳالهين تي هوء جڏهن گھرائي سان ويچارڻ لڳندي هئي ته کيس فواد جي شخصيت انتهائي پُر اسرار لڳڻ لڳندي هئي ۽ پنهنجي بيوقوفي تي افسوس ۽ ڪاوڙ ايندي هئي. هوء پنهنجو ڏک سور ڪنهن سان سلي، نه ڪو حال ڀائي نه ساٿي ثمر. بس هوء هئي ۽ هن کي ڊيڄاريندڙ سوچون. ڪنهن سان حال اوري ڪنهن وٽ دانهين ٿئي. ڀلا هٿ جي وڍيءَ جو به ڪو ويڄ طبيب ٿيندو آهي؟ ڪنهن چيو هو کيس ته هڪ اڻ ڄاتل شخص سان ايترو دور تائين وڃي. هوء ڪا الهڙ ڇوڪري ته ڪونه هئي، زماني جون لاهيون چاڙهيون ڏٺل هڪ پخته عمر عورت. پوءِ هوء ڪيئن اهڙا جذباتي فيصلا ڪري ويٺي، ڪنهن کان ته صلاح ڪري ها، پر ڪنهن کان ؟ هن به ته زندگي ۾ ڪو حال ڀائي دوست، ڪا ساهيڙي ڪونه ڪئي هئي.وري هوء پاڻ کي آٿت ۽ دلداري ڏيڻ لڳندي هئي، فواد اهڙو نه ٿو ٿي سگھي، هو يقينا” ڪنهن اهڙي حالت ۾ آهي، جو هو ساڻس رابطو نه ٿو ڪري سگھي. ائين سوچيندي هوء دعائون گھرڻ لڳندي هئي، ته بس هُن ڏانهن خير هجي. .
اهڙي ئي هڪ اُداس شام جو هوء پنهنجي سوچن ۾ گم اکين تي ٻانهن ڏيو ليٽي پئي هئي، ته وچين دروازي تي هلڪو کڙڪو ڪري نائله اندر هلي آئي. غزل اکين تان ٻانهن هٽائي بي دليء سان کيس ڏٺو، هُن ان گھڙيء پنهنجي پريشانين ۽ سوچن ۾ ڪنهن جو مخل ٿيڻ نه ٿي چاهيو، پر نائله الائي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ائين اچانڪ سندس ڪمري ۾ داخل ٿي هئي، هو پاڻ رک رکاَءَ جا قائل هئا ۽ ڪنهن جي ذاتي زندگيء ۾ ڪڏهن به مداخلت ڪانه ڪئي هئائون. پر اڄ الائي ڇو ۽ ڪيئن هوء ائين اچانڪ هلي آئي هئي. غزل مجبور ٿي اٿي ويٺي ۽ سواليه نگاهن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي. نائله سمجھي وئي ۽ پوئتي مڙي اشاري سان ڪنهن کي سڏيو ۽ پاڻ ڪمري ۾ هلي آئي، ته سندس پويان زرتاج خاموشيء سان اندر گھڙي آئي. غزل کي بلڪل به اها توقع ڪانه هئي ته زرتاج ائين هن سان ملڻ اچي ويندي. هوء ته ڪنهن سان به ملڻ نه چاهيندي هئي. غزل کيس ڏسندي ئي لبن تي زبردستي مرڪ آڻيندي سندس آڌر ڀاء لاءِ اٿي بيٺي، ۽ اڳتي وڌي ساڻس هٿ ملايائين، ليڪن هن کي محسوس ٿيو ته هِن جي هٿ جي ڇهاءَ ۾ اها پهرين جهڙي سرد مهري نه هئي، بلڪه هڪ دوستانه گرمجوشي هئي. غزل لاءِ اهو احساس تقويت ڏيندڙ هو. هن هميشه دل سان چاهيو هو ته زرتاج ان بيگانگيء واري ڪيفيت مان نڪري اچي. زندگي کي ڀرپور انداز سان جيئي. جيتوڻيڪ هن جو چهرو هر قسم جي جذبات کان بلڪل عاري هو، ليڪن هٿ جو اهو لمس، اهو ڇهاءُ زندگي طرف واپسيء جو احساس ڏياري رهيو هو، جيڪا هڪ خوش آئينده ڳالهه هئي. غزل گھڙي پل لاءِ پنهنجي سڀني پيڙائن ۽ محرومين کي وساري، ڀرپور انداز سان هن جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جھلي ورتو ۽ اڳتي وڌي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ته سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، کيس ائين پئي لڳو ته سندس پنهنجي ننڍي ڀيڻ بيگانگيء جو ڊگھو سفر طئي ڪندي ڪنهن ڇانوري ۾ پهچي وئي هجي، ۽ زرتاج به سندس پنهنجائپ ڀري محبت کي محسوس ڪندي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. غزل کيس ڪجھ دير لاءِ روئڻ ڏنو، جيئن سندس اُجھاڻيل، صحرائن جهڙن خشڪ نيڻن ۾ نَم ٿيڻ جو احساس جاڳي پوي، جن اکين ورهين کان روئڻ ئي وساري ڇڏيو هوهوء ته خوشي توڙي غم جي هر احساس کان بيگاني ٿي وئي هئي.. ان گھڙيء هوء سسڪندي، سُڏڪندي رهي. آخر ڪار پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتائين ۽ هڪدم غزل کان پري هٽي بيهي رهي. غزل نرمي سان کيس ٻانهن کان جھلي اچي بيڊ تي ويهاريو. هوء ڪوشش ڪرڻ لڳي ته گھڙي ساعت اڳ۾ هوءَ جنهن جذباتي ڪيفيت مان گذري هئي، ان جو هروڀرو کيس احساس نه ڏيارجي جو هن کي ڪا ندامت يا شرمساري محسوس ٿئي.
نائله فرج مان ٿڌو پاڻي کڻي آئي ۽ کيس ڏنائين جيڪو يڪساهي پي وئي، ڄڻ اندر جي آڳ تي ڇنڊو وجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هجي. پاڻي پيڻ کان پوءِ هو هڪدم سنجيده ٿي وئي، هر قسم جي تاثر کان عاري. عجيب ڪيفيت هئي، غزل ڪا نفسيات دان ته ڪونه هئي پر زماني جا لاها چاڙها گھڻائي ڏٺا هئائين، هن جي ان ڪيفيت مان رڳو ايترو سمجھي سگھي ته شايد اهي سڀ تبديليون سندس زندگي ڏانهن موٽ جون علامتون آهن. هوء ٺيڪ ٿي رهي آهي، رشتن کي نئين سري کان سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪا غزل لاءِ اميد افزا ۽ خوش آئيند ڳالهه هئي. هن دل سان چاهيو ٿي ته زرتاج ٻيهر ڀرپور زندگي جيئي. اسان جي پنهنجن جا ڏنل گھاوَ ڪيڏا نه گهرا، دردناڪ ۽ اذيت ڏيندڙ هوندا آهن جو انهن کي سهڻ جي سگھ اسان ساري ناهيون سگھندا ته پوءِ اسان جا اهي پنهنجا اسان سان محبتن جا دعويدار، اهو ڇو وساري ويهندا آهن، اهي رشته جيڪي سندن دلين جي قريب هوندا آهن. انهن لاءِ اهي ڇو ايڏو درد جو باعث بنجي ويندا آهن.
نائله ٻڌائڻ لڳي ته آمنه آنٽي ۽ زرتاج آپي ڪجھ وقت لاءِ واپس ميرپورخاص پيون وڃن ڇو ته انڪل جي طبعيت ڪجھ ٺيڪ ناهي، ان ڪري آنٽيء چيو ته آپي توهان سان ملي اچي خود آپيء به توهان سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. اهو ٻڌي غزل زرتاج جي ڀر ۾ اچي ويٺي ته نائله کي ماء سڏ ڪيو ۽ هوء جلدي موٽڻ جو چئي هلي وئي. زرتاج بي تاثر نگاهن سان کيس ويندو ڏسندي رهي.. هوء هاڻي شايد پاڻ کي وڌيڪ بهتر ۽ پرسڪون سمجھي رهي هي. غزل ڪجھ دير چپ چاپ کيس چور نگاهن سان ڏسندي رهي، هن جي چهري جي تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. کيس سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هوء ڪٿان شروع ڪري جيئن زرتاج جي ذهن تي ڪو برو اثر به نه پوي. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ٿڌو ساه ڀريندي ساڻس مخاطب ٿي.( ان دوران هوء سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش به ڪندي رهي هئي. )
”زرتاج ! منهنجي ننڍڙي ڀيڻ، هيء زندگي صرف اسان جي پنهنجي آهي، جنهن تي صرف ۽ صرف اسان جو پنهنجو حق آهي. ٻئي ڪنهن کي به اسان ان تي اختيار ڏئي نه ٿا سگھون، ته هو اُن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪري. منهنجو مطلب آهي ته ڪنهن کي به....هن به لفظ تي زور ڏيندي چيو.
قدرت اها زندگي اسان کي صرف هڪ دفعو عطا ڪئي آهي، جنهن کي ڀرپور انداز ۾ جيئڻ اسان جو فرض آهي.، ته پوءِ اسان هروڀرو پنهنجي زندگيء ۾ ٻين جي دست اندازي ڇو سهون. انهن کي ڪوبه اهڙو اختيار ڇو ڏيون، جو هو اسان جي خوشين ۾ روڙا اٽڪائينِ ۽ اسان ڪنهنجي هَٺ ۽ انا جي اڏيء تي پاڻ کي ٻَل چاڙهيون.، جو هو ته پنهنجي زندگيء ۾ اڳتي وڌي وڃن ۽ اسان جي راهن کي کوٽو ڪري ڇڏين. ان ڪري منهنجي ڀيڻ! گذريل وقت کي جيڪو ماضي بنجي ويو هجي ۽ ماضي ته گذري ويل وقت هوندو آهي نه، جيڪو گذري ويو ان کي ائين ڇو نه سمجھون ته اهو هڪ ناهموار ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو هو، هڪ پٿريلي راه هئي، جنهن تي هلندي هلندي اسان پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا، اسان کي ڦَٽي رتو ڇاڻ ڪري وڌو هئائين، انهن کي گھليندو رهڻ، ان جي ناسور بنجڻ جو انتظار ڪرڻ ۽ روشن زندگيء جا خواب اکين ۾ سجائڻ کان لنوائڻ اسان کي ڀلا سونهين. ٿو، اڄ اسان کي پنهنجي زندگي جي گاڏيءَ مان پوئتي رهجي ويل منظر ڏسڻ واري هر آرسي لاهي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڦٽي ڪرڻي پوندي چو ته اهڙو هر منظر نهايت ڀوائتو،اذيتناڪ ۽ دل کي دهلائيندڙ هئو، اسان کي هاڻي سامهون واري آئيني تي پنهنجي نظر رکڻي آهي، جيڪو اسان کي فقط آڏو ايندڙ اهي حسين ۽ دلڪش منظر ڏيکاري سگھي، زندگيء کي ان جي ڀرپور انداز سان محسوس ڪيون، اسان جو مثال ڏيندڙن آڏو، اسان پنهنجو پاڻ کي بي مثال بڻائي ڇڏيون، جيئن اسان کي ڏکن ۽ محرومين جي اوڙاه ۾ ڌڪو ڏيندڙ اسان کي ائين زندگي سان ڀرپور ۽ سرشار ڏسي پاڻ نادم ۽ شرمسار ٿي وڃن..“
غزل پاڻ به ڏکايل هئي ان ڪري هن دل سان چاهيو پئي ته هوء زرتاج لاءِ ڪجھ ڪري سگھي، چوندا آهن ته جيڪي لفظ اندر جي اونهاين مان نڪرندا آهن، اهي سيني جي پار ٿي ويندا آهن. پر جي ساڳيا لفظ صرف سرسري انداز م چيا وڃن ته اهي پنهنجو ڪو اثر ناهن ڇڏيندا. غزل ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڏُکاري ٿي وئي هئي ، سندس آواز ڳورو ٿي ويو هو، لڙڪ اکين ۾ تري آيا هئس، زرتاج خاموشيء سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، سندس سپاٽ چهري تي زندگيءَ جي رمق ظاهر ٿيندي پئي وئي. هن جون پاٻوه ۽ محبت ڀرئي لهجي ۾ ڪيل ڳالهيون زرتاج جي اندر ۾ آب حيات جيان اوتجنديون پئي ويون. هوءَ سوچي رهي هئي ته، غزل جي ڳالهين ۾ خلوص آهي سچائي آهي، نه صرف هن جي ڀاء عين شاديء جي وقت پنهنجي ضد ۽ وڏائيء جي بدولت هن جي ڄڃ موٽائي هئي، پر هن جي محبوب به هن کي ذهني اذيت ۽ ڪرب ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي هئي. هو به پنهنجون خوشيون ماڻڻ لاءِ هن کي ان اوڙاهه ۾ اڪيلو ڇڏي اڳتي نڪري ويو هو، ۽ وري مُڙي به نه ڏٺو هئائين ته مان ڪهڙي حال ۾ آهيان. هي ويچاري غزل جيڪا به شايد پنهنجن جي ئي ڏنگيل آهي، تڏهن هنن کان سوين ڪوه پري هتي اڪيلاين جي اوڙاهه ۾ زندگيء کي پئي ٿي گهلي. ان جي انداز ۾ ڪيڏو نه خلوص ، پنهنجائپ ۽ گھرائي آهي، ڪيڏو نه حوصلو آهي، يا شايد مشترڪ درد اسان جي دلين کي ويجھو ڪري ڇڏيو آهي. ڪاش ! هوء هميشه مونسان ائين گڏ هجي، اسان، هڪ ٻئي جي سورن جي پچار ڪنديون رهون، هڪ ٻئي جي زخمن تي پَها رکنديون رهون. شايد ائين ئي اسان جي اندر جي آڳ اُجھامي سگھي.
ائين لڳي رهيو هو ڄڻ غزل اهو سڀ ڪجھ پنهنجو پاڻ کي چئي رهي هجي، هن جي مڌم آواز ۾ اهي سڀ درد ۽ پيڙائون سمايل هيون، ڄڻ هن جي آڏو ٻيو ڪير به موجود نه هجي، زندگي سان ڪئي شڪايتون، ڪئي ڏوراپا هجن. شايد اهو ئي سبب هو جو زرتاج نهايت تحمل ۽ غور سان هن جي خوابناڪ انداز ۾ سندس زبان مان نڪرندڙ هر لفظ کي پنهنجي اندر کي جھنجھوڙيندي محسوس ڪيو.
غزل کيس ائين سوچن ۾ غرق ڏسي پاڻ به خوابن مان بيدار ٿي وئي. دل ئي دل ۾ اطمينان محسوس ڪرڻ لڳي ته زرتاج هن جي ڪيل ڳالهين تي غور پئي ڪري، ۽ اها هڪ خوش آئيند علامت هئي، زندگيءَ ڏانهن واپسيء جي. طرف اڳيون قدم.
انهيء دوران نائله به موٽي آئي هئي ۽ هنن جي ڳالهين ۾ مخل ٿيڻ جي بجاءِ فرج مان ڪباب کڻي تري آئي هئي ۽ ساڻ چانهه به ٺاهي ورتي هئائين..هنن ٻنهي کي ائين سوچن ۾ ٻڏل ڏسي ماحول کي نارمل ڪرڻ لاءِ خوش دليء سان چوڻ لڳي،
”معاف کرنا آنڻي ، مين آپ هي کي گھر مين آپ کي مهمانداري کر رهي هون.“
سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي زرتاج جي لبن تي هڪ بي ساخته مرڪ ڇانئجي وئي، هوء ان لمحي تمام گھڻي خوبصورت لڳي رهي هئي. گلابي لباس پهريل هئڻ ڪري سندس چهري تي ان جي پوندڙ عڪس جي ڪري هن جو چهرو گلاب جي گل جيان لڳي رهيو هو، ان وقت هن جي چهري جي اها ڇڪ جيڪا هن کي ڪرخت بنائي رکندي هئي، اها ختم ٿي وئي هئي ان جي جاءِ تي هڪ معصوم مرڪ هن جي منهن جي ان ڇڪ ۽ سپاٽ پڻي کي ڪيڏانهن گم ڪري ڇڏيو هو. ويتر غزل جون محبتن ڀريون سمجھاڻيون سندس دل کي ڇُهي رهيون هيون، جن سندس اکين ۾ زندگي جي چمڪ آڻي ڇڏي هئي، ان ڪري هوء ان گھڙيء ڏاڍي پُر ڪشش ۽ حسين پئي لڳي.
اهي زندگيء جا دلفريب ۽ پُربهار رنگ ئي ته آهن، جن کي ڇهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي تمنا هر انسان چاهيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن دل نشين، دلفريب ۽ زندگيء سان ڀرپور رنگن تي ڪو حاسد پنهنجي بغض، ڪيني ۽ نفرتن جا اُگرا.۽ بد رنگ برش ڦيري انهن جي سونهن ۽ سوڀيا کي تباه و برباد ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪجھه دير لاءِ ٽئي ڄڻيون چپ چاپ چانهه ڪبابن سان شغل ڪنديون رهيون. چانهه ختم ڪندي ئي زرتاج هڪدم اٿي کڙي ٿي، ته غزل به اٿي بيٺي ۽ ايتري دير ۾ پهريون ڀيرو زرتاج کيس مخاطب ٿي،
”غزل! مان وڃان پئي، واپس ان درد وندن جي ديس ۾، دعا ڪجو ته مان توهان جي انهن محبت ۽ خلوص ڀرين سمجھاڻين کي هئين سان هنڊائڻ جي هر ممڪن سعي ڪري سگھان. “
ائين چوندي سندس اکين ۾ لڙڪ لَڙي آيا، جن کي ڪمالِ ضبط سان اندر ئي اندر پي وئي. اڳتي وڌي ڀاڪر پائي غزل سان ملي ۽ پوءِ ٻئي هليون ويون. غزل جو نگاهون بس ان بند ٿيل دروازي ۾ کُپي ويو هيون . زرتاج سان بيشڪ هن جو ڪو اهڙو تعلق، ڪا ويجھڙائي ڪونه هئي، سواءِ چند سرسري گڏجاڻين جي، پر پوءِ به ٻنهي جو درد مشترڪ هو جيڪو کين هڪ ٻئي جي ويجھو، هڪ ئي تار سان ٻڌي ويو هو ۽ شايد اهوئي سبب هو جو غزل جي پيار ڀري سمجھاڻي ۽ گفتگوءَ کي زرتاج هنئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان ڪري ئي اندر جي اوٻر کي اکين جي ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي غزل جي آڏو کيس ڪابه ندامت يا شرمساري نه ٿي هئي. اهو سڀ سوچيندي غزل کي پنهنجي پيڙا پنهنجو درد ڪجھ جھَڪو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ڪئي ڏينهن جي ان اذيت کان پوءِ اڄ کيس طمانيت جو احساس پئي ٿيو. اهو سوچي ته، هوء جڏهن ڪنهن ٻئي کي جيئڻ جو حوصلو ڏئي سگھي ٿي ته پاڻ ان تي عمل ڇو نه ڪري سگھي. پر اهو ايترو به آسان نه هو. ٻين جي دک درد کي محسوس ڪري انهن جي دردن جو درمان بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ شايد ايترو ڏکيو نه هجي، پر پاڻ کي ان پيڙا مان ٻاهر ڪڍڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور هجي ٿو. فواد سان گھاريل اهي پيار ڀريون گھڙيون هن جي دور ٿيندي ئي صدين جا فاصلا محسوس ٿي رهيون هيون، هن کان سواء، جدائي جي هر گھڙي صدين تي محيط پئي لڳي. جيتوڻيڪ فواد پهرين به ڪئي ڪئي مهينه غائب ٿي ويندو هو، پر هن ڀيري جيان بنا موڪلائڻ جي ائين ڪڏهن به گم نه ٿيو هو. هميشه موٽي اچڻ جي آس ڏئي ويندو هو ۽ هوء اکين ۾ سپنن جو سنسار سجائي سندس واپسيء جي اوسيئڙي ۾ رهندي هئي. ليڪن هن دفعي الائي ڇو من ويڳاڻو ۽ وياڪل پئي ڀانيو، ڄڻ هن جا سڀ خواب اڌورا رهجي ويا هجن. من اندر ورهين کان سانڍيل مورت جھَڪي ۽ جھيڻي ٿيندي پئي وئي، اهي سڀ احساس سندس لاءِ نوان هئا، ڄڻ کيس اندر ئي اندر ڌونڌاڙي چئي رهيا هجن، ته بس، اهو باب اتي ئي ختم ٿي ويو. هوء سوچيندي هئي ته جيڪڏهن منهنجي جيون ڪهاڻي جي اها.ئي پڄاڻي هئي ته پوءِ من ۾ اها آنڌ مانڌ چو آهي، خواب تشنه چو پيا ڀانئجن. مونکي انهن حسين سپنن جي دنيا ۾ رهڻ ڇو نه ڏنو ويو. اهو ڪير ظالم هو، جنهن منهنجي خيالن ۽ خوابن جي دنيا مان مون کي جاڳائي منهنجي انهن سپنن کي ائين تاراج ڪري ڇڏيو، اهي ۽ اهڙيون ڪئي محروميون ۽ مايوسيون هوء پنهنجي من اندر سانڍيو پئي وتي.
ماريه جڏهن کان اسلام آباد شفٽ ٿي هئي غزل سان هن جو ڪوبه رابطو نه ٿيو هو. نه ته هن جو ڪو اتو پتو هو ۽ نه فون نمبر ئي وٽس هو. هن ته ڪڏهن ان جي ضرورت به نه سمجھي هئي. هوء ته بس فواد جي دنيا ۾ ايڏي مگن هئي جو هن زندگي جي باقي رشتن ناتن کي ايترو اهم ئي نه سمجھيو هو هن جي دنيا ته بس فواد سان شروع ٿي ٿي ۽ فواد تي ئي ختم هئي. ليڪن موجوده سنگين حالتن ۾ جڏهن فواد ائين اچانڪ سڀ وعدا، آسون اميدون پاسيرا رکي هن جي دنيا مان الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو هو ته غزل کي ماريه جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي هئي. ليڪن وقت جي دز ۾ ماريه هن کي بلڪل وساري ويٺي هئي، يا زماني جي گونا گون مصروفيتن ۾ هن کي سندس سار لهڻ جو وقت ئي نه مليو هو. هوء ته ڪراچيء واري نوڪري به ڇڏي چڪي هئي. بلڪه اُتان ئي استعيفا موڪلي ڇڏي هئائين. ان ڪري چاهڻ جي باوجود به غزل کي هنن جي ڪا به خبر چار نه پئجي سگھي هئي ۽ هوء چپ چاپ پنهنجي ارمانن ۽ آرزوئن جو قتل ٿيڻ تي رت روئڻ جي ٻيو ڪجھ ڪرڻ کان لاچار هئي. ايسيتائين جو پنهنجي بيوقوف بنجڻ جو حال بيان ڪرڻ جي همت به نه پئي ساري سگھي.
ٻئي طرف ماريه جو ڀاء افراز جيڪو نوڪريء جي سلسلي ۾ اسلام آباد هليو ويو هو. ان اتي نوڪري سان گڏ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ اڪيڊميء جي ٽريننگ ڪرڻ کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ بلوچستان صوبي جي ڪنهن شهر ۾ ڪجھ عرصو مقرر رهيو ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت سان مقرر ٿيندو رهيو هو.