شھزادي ماھہ نور
هڪ ڏينھن پنھنجي سڀني ڌيئرن کي گهرائي سٺي ماني گڏجي کائڻ سان گڏ کانئن ورائي ورائي پڇيائين تہ، ”توهان کي ڪير ٿو کارائي ۽ ڪنھن جو ڏنل ٿيون پايو؟“ سڀني هڪ ئي نموني چيو تہ، ”بادشاھہ سلامت اسين اوهان جو ڏنل کائيندا آهيون ۽ توهان ئي اسان کي سٺيون پوشاڪون پارايو ٿا“. شھزادي ماھہ نور چپ ويٺي هئي، کيس پنھنجي والد جا اهي وڏائيءَ جا گفتا پسند ڪونہ آيا. بادشاھہ ڏانھس منھن ڪندي ساڳيو سوال سختيءَ سان پڇيو تہ، ”تون چپ ڇو آهين؟“ شھزادي ماھہ نور ورندي ڏني تہ، ”قبلا بابا سائين! آئون اللھ جو ڏنل کائيندي آهيان ۽ پنھنجي قسمت جو مليل پائيندي آهيان.“ بادشاھہ فرخ شير کي سندس اهو جواب کارو ۽ اڻ وڻندڙ لڳو کيس هڪدم ڪاوڙ اچي وئي ۽ چيائين،
”جيڪڏهن ائين آهي تہ هڪدم هن محلات مان هلي وڃ، ڏسان تہ تون ڪيئن پنھنجي قسمت سان کائين ٿي ۽ پائين ٿي“.
پنھنجي خادمن کي حڪم ڏنائين تہ، ”هن شھزاديءَ کي وڃي جهنگ ۾ ڇڏي اچو“. هن نٿي چاهيو تہ سندس انھيءَ شھزاديءَ کي ڏسي ٻيون ڀينرون بہ ڪا ان قسم جي ڳالھہ ڪن. هن ريت جا باغياڻہ خيال رکندڙ هيءُ ڇوڪري ٻين ڀيڻن جو بہ مٿو وڃائيندي ان ڪري بھتر آهي تہ گهران ئي ڪڍي ڇڏجيس.
شھزادي ماھہ نور جو اللھ تعاليٰ ۾ مڪمل يقين هو هوءَ اللھ جي رستي تي قائم هئي استاد صاحب کيس پڙهايو هو تہ، ”اللھ تعاليٰ ئي هر شيءِ تي قادر آهي. اُهو جيئارڻ وارو، مارڻ وارو ۽ کارائڻ ۽ پارائڻ وارو آهي ۽ اُن ڌڻيءَ سڳوري جي مرضيءَ کان سواءِ پن بہ چُري نٿو سگهي.“
جڏهن کيس محلات مان ڪڍيو پئي ويو هڪ وار ڏک ضرور ٿيس پر پنھنجي رب تي مڪمل ڀروسو هئس تہ هو هن اوکيءَ ويل ۾ ضرور سندس مدد ڪندو ۽ هيڪلو ڪونہ ڇڏيندو. ان ريت هوءَ جهنگ ۾ اڪيلي هلندي رهي، تان جو اچي شام ٿي، پري کان هڪ جهوپڙي ڏٺائين، کيس اميد قائم ٿي تہ هتي يقينن ڪير انسان هوندو جو سندس مدد ڪري سگهي، ويجهي پھتي تہ ڪنھن جي کنگهہ جو آواز ٻڌائين. اندر وڃي ڏسي تہ هڪ پوڙهو شخص کنگهي رهيو آهي. سندس ويجهو ئي مَٽَ ۽ گلاس پيا هئا پر منجهس پاڻي اوتي پيئڻ جي سگهہ نہ هئي ۽ نہ ئي کنگهہ وچان هو اٿي پئي سگهيو. شھزادي ماھہ نور هڪدم مَٽَ مان پاڻي ڀري گلاس ۾ وجهي کيس پياريو ۽ پوڙهو جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن کيس حيرانيءَ سان ڏٺائين ۽ پڇيائين تہ ”اي نينگري تون ڪُمھلي هن جهنگ ۾ اڪيلي ڪيئن پھتي آهين؟“
”ڇا تون پنھنجي وڳر کان وڇڙي وئي آهين؟“ شھزادي ماھہ نور سڄي سربستيءَ ڳالھہ ڪري ٻڌايس سمورو حال احوال وٺي پوڙهي احسان کي سندس پيءُ بادشاھہ فرخ شير تي ڏک ٿيو، کيس تسلي ڏنائين، اهڙيءَ ريت شھزادي ماھہ نور هن پوڙهي بابا احسان جي جهوپڙيءَ ۾ رات ٽڪي پئي، هن وٽ بہ جيڪا ماني پيل هئي، ان مان کيس بہ ٽڪر کارايائين. صبح جو احسان طبيعت ۾ ڪجهہ بھتر هو. هن شھزاديءَ کي چيو تہ، آئون ڪاٺيون ڪٽي شھر ۾ وڪڻي کائڻ لاءِ ماني وٺي ايندو آهيان، تون هتي ڪو بہ فڪر نہ ڪج، اندران دروازو بند ڪري ڇڏج هتي اندر ٻڪري بيٺل آهي، ان جو کير ڏُهي پي ڇڏج.”
احسان جي وڃڻ کانپوءِ شھزاديءَ ان ريت ئي ڪيو. شام جو ٻڪريءَ جو کير ڏُهي اڌ کير پيتائين باقي جو بچيو سو ٻاهر هڪڙي برتن ۾ رکي پاڻ سمھي رهي، صبح جو ڏسي تہ برتن ۾ کير تہ موجود ڪو نہ هو پر ڳاڙهي رنگ جي هڪ سھڻي جرڪندڙ لعل پئي هئي. هوءَ شھزادي هئي کيس هيرن ۽ جواهرن جي سڃاڻپ هئي، کيس اها بہ خبر هئي تہ نانگ جڏهن خوش ٿيندو آهي تڏهن لعل ٻاهر اوڳاڇيندو آهي. ماھہ نور شھزادي سمجهي ويئي تہ سندس رکيل کير جنھن نانگ بُک ۾ پيتو آهي، ان خوشيءَ سان اها لعل کير جي برتن ۾ واتان وڌي آهي.
ماھہ نور کي تمام گهڻي سڪون ۽ خوشيءَ جو احساس ٿيو هن ٻئي ڏينھن بہ اڌ کير پي باقي کير برتن ۾ ٻاهر ڇڏي ڏنو ۽ نانگ ان رات اهو کير پي لعل کي انھيءَ برتن ۾ سندس لاءِ ڄڻ شڪراني طور تحفي ۾ ڏئي ويو. اهو سلسلو ست ڏينھن هليو. ماھہ نور وٽ ست لعلون گڏ ٿي ويون. پوڙهو احسان شھر پھچندي ڪنھن اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو جو واپس وري نہ سگهيو، کيس ماھہ نور جي ڏاڍي اون ٿي رهي هئي پر ڇا ڪري جو هن جي مجبوري بہ ڳري هئي ۽ اللھ در يقين هئس تہ ماھہ نور بھادر ۽ سمجهدار آهي، ان ڪري محفوظ هوندي. ستين ڏينھن جيئن ئي شھر مان جهنگ ڏي وري تڪڙو تڪڙو جهوپڙيءَ تائين پھتو تہ سندس خوشيءَ جي حد ئي ڪو نہ رهي، هن شھزاديءَ کي خوش باش ڏٺو. شھزاديءَ سڄو وهيو واپريو ٻڌايس. حيران بہ ٿيو، کيس ڪا بہ خبر ڪو نہ هئي تہ انھن لعلن جي ڪيتري قيمت آهي ۽ انھن جو هاڻي ڇا ڪبو؟ شھزاديءَ چيس تہ ”بابا! اهي کڻي شھر ۾ ڪنھن وڏي سوناري وٽ وڃ ننڍي دڪان تي نہ وڃج هي هيرا جواهر آهن. انھن جو ملھہ قابل ماڻھو ڪٿيندو. اهي وڪڻندين تہ ڍڳ پئسن جا ملندا، گڏ ڪي مزور ۽ مستري ۽ گهر ٺاهڻ جو سامان وٺي اچ تہ پاڻ پڪو محلات اڏي رهون.”
بابي احسان هائوڪار ڪئي ٻئي ڏينھن تي لعلون کڻي شھر ۾ وڃي وڪرو ڪيائين جنھن مان تمام گهڻا پئسا مليا، جيڪي هن تہ ڪڏهن ڏٺا بہ ڪو نہ هئا پر هو پاڻ وڏو ايماندار ۽ نيڪ نيت شخص هو. ماھہ نور کي دعائون ڏيندي کيس پنھنجي لاءِ رب طرفان رحمت سمجهيائين. مزورن سان گڏ کائڻ پيئڻ جو سيڌو سامان پڻ وٺي آيو. اهڙيءَ ريت ٿوري ئي وقت ۾ عاليشان محلات جڙي راس ٿيو.
پوءِ بہ وٽن ڪيترائي پيسا بچي ويا. ماھہ نور ٻيھر شھزادين جيان رهڻ لڳي، ڪيترائي نوڪر چاڪر ۽ خادمائون رکڻ سان گڏ خيرخيراتون ڪيائون. سندس والد بادشاھہ فرخ شير جو ملڪ ويجهو ئي هو انھيءَ تائين جڏهن ماھہ نور جي دولت جا چرچا پھتا تہ هو ساڻس ملڻ لاءِ مشتاق ٿيڻ لڳو ۽ کيس نياپو ڪيائين تہ منھنجون شھزاديون توهان سان ملڻ چاهين ٿيون.
شھزاديءَ جي محل جي چوگرد پڻ وڏو ڳوٺ ٻڌجي سٺي رونق ٿي وئي. شھزاديءَ پنھنجي والد بادشاھہ فرخ ۽ ڇهن شھزادين کي دعوت ڏيئي گهر گهرايو. سندن اڳيان وڻندڙ طعام رکرائيندي رهي ۽ پاڻ هر طعام تي ان جي رنگ جھڙو جوڙو ۽ زيور پائي ساڻن ملاقات ۾ اچي ويهندي هئي پر پنھنجي منھن کي ڍڪي رکيائين. بادشاھہ کيس پنھنجي ڌيءَ ڪوٺي منھن کولڻ جو جڏهن چوي ٿو تڏهن هوءَ ٿوري دير لاءِ اندر محلات ۾ وڃي شاهي ڪپڙا بدلائي اهو ساڳيو وڳو پائيندي آهي جنھن ۾ سندس والد کيس گهران تڙي ڪڍيو هو. بادشاھہ ۽ شھزاديون کيس پراڻي روپ ۾ هڪدم سڃاڻي ٿا وٺن کين اها خبر نہ هوندي آهي تہ هيءُ ئي هن محلات جي مالڪياڻي شھزادي ماھہ نور آهي، سندن نظر ۾ تہ هيءَ شھزادي ماھہ نور جي خادمہ آهي. بادشاھہ کانئس معافي وٺندي چيو ”منھنجي ڌيءَ! آئون تنھنجي مالڪياڻي شھزاديءَ کي منھنجي سڄي ملڪيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تہ جيئن هو توکي اجازت ڏئي ۽ تون هاڻي اسان سان واپس هل. ڇو جو توکي گهران جهنگ موڪلڻ کانپوءِ آئون هڪ رات بہ سمھي ڪو نہ سگهيو آهيان منھنجي ضمير مون تي ڏاڍي ملامت ڪئي آهي، مون فرعونيت ڪري تو نياڻيءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو“.
شھزاديءَ مشڪي چيو تہ، ”بابا سائين! آئون ئي ماھہ نور شھزادي آهيان مون کي رب پاڪ نانگ جي کير پيئارڻ جي نيڪيءَ جي صدقي جيڪي لعلون عطا ڪيون، انھن مان آئون هي نوازجي ويئي آهيان. اڃا بہ مون وٽ چار لعلون آهن، جيڪي مون ڪنڌ ۾ مالھا طور پائي ڇڏيون آهن“ اها مالھا بادشاھہ کي ڏيکاريائين ڳاڙهين لعلن جي تجليءَ سان تہ بادشاھہ جون اکيون ئي پٽجي ويون، هو ٻيھر رب جي انھيءَ نوازش تي حيران پريشان ٿي پنھنجي ننڍيءَ شھزاديءَ ماھہ نور کان معافي گهرڻ لڳو.
”تنھنجي ڳالھہ سورنھن آنا سچ هئي شھزادي، بيشڪ اڄ ثابت ٿي ويو تہ هر هڪ انسان پنھنجي نصيب ۽ بخت سان ٿو کائي ۽ پيئي اهو سڀ ڌڻيءَ سڳوري جي وَس آهي، ڪنھن بہ انسان کي ڪا بہ طاقت ناهي.“