ٻاراڻو ادب

شھزادي ماھہ نور

ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي.  ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. 

Title Cover of book شھزادي ماھہ نور

پري ۽ وفادار سپاهي

ڳالھہ ڪندا آهن تہ ملڪ خدا آباد جو بادشاھہ ورهين کان اولاد جي نعمت کان محروم رهيو، هن رحم دل بادشاھہ کي گهڻن سالن کانپوءِ هڪ نياڻي پيدا ٿي، بادشاھہ خوش ٿيو پر جڏهن شھزاديءَ کي ڏٺائين تہ سندس دل هارجي وئي، هو گهڻو اداس ٿي ويو، ڇوڪري رنگ ۾ تمام ڪاري ۽ ڪوجهي هئي، بادشاھہ سندس شڪل ڏسڻ بہ هاڻي پسند نہ ڪندو هو. اڪثر ننڍي شھزادي، راڻيءَ وٽ يا پوءِ خادمائن وٽ هوندي هئي، جيڪي سندس سار سنڀال ڪنديون هيون.
بادشاھہ گهڻي وقت کانپوءِ اولاد ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪو جشن ۽ دعوت جو پروگرام رِٿيو اهو بہ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ رعايا کي چيو ويو تہ ڪير بہ شھزاديءَ سان نہ ملي جو بادشاھہ نٿي چاهيو تہ سندس نياڻيءَ بابت هروڀرو ڪير ڪا ڳالھہ ٻولھہ ڪري، هڪ پوڙهي عورت ضد ڪندي محلات مان نہ وڃي تہ آئون ڪنھن بہ حالت ۾ شھزاديءَ کي ڏسنديس. اهو ڏسي هڪ وفادار سپاهي راڻيءَ وٽ آيو ۽ صورتحال کان آگاھہ ڪيائين، راڻيءَ ڪجهہ دير سوچي پوءِ سپاهيءَ کي چيو تہ “ٺيڪ آهي، ڀلي پوڙهيءَ کي لڪائي شھزاديءَ جي ڪمري ڏي وٺي وڃ پر خيال ڪج تہ انھيءَ ڳالھہ جي خبر بادشاھہ کي بلڪل نہ ملي“
سپاهيءَ هائوڪار ڪئي، پوڙهي عورت ننڍيءَ شھزاديءَ وٽ پھچي کيس ڏسي واکاڻڻ لڳي”ماشاءَاللھ ڪيتري نہ حسين شھزادي آهي، هيءَ تہ اکين جو نور آهي، هن جا لفظ تہ سچا موتي ٿيندا ۽ وڏي ذهين ٿيندي“، راڻي کيس چپ ڪرائيندي دڙڪا ڏنا تہ توکي انھيءَ لاءِ اجازت ڪونہ ڏني هئي، تہ تون اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين ۽ هن ريت ٽوڪون ڪرين” پوڙهي مُرڪڻ لڳي هن منھن ۾ ڪجهہ پڙهيو ۽ شھزاديءَ تي ڦوڪيو. راڻي کيس ڦيڻا هڻندي ڏسي پريشان ٿي وئي، تيستائين ٻاهران بادشاھہ جو آواز آيو، هو پڻ ساڳئي ڪمري ۾ اچي داخل ٿيو. شھزاديءَ کي ڏسي روئڻ لڳو تہ“ڪاش! هن بدصورت اولاد کان تہ آئون بي اولاد هجان ها! هيءُ ڄمندي ئي مري وڃي ها تہ چڱو هو. گهٽ ۾ گهٽ مون تان کل تہ نہ ٿئي ها! خدا ڪري جوان ٿيڻ کان اڳ کيس ڪو زخم ٿئي، جنھن ۾ مري وڃي” پوڙهي چپ چاپ اتان هلي وئي. راڻي بہ گهڻي پريشان ٿيڻ لڳي، کيس اهو اُلڪو ٿيس تہ آخر هن کي ڪير نپائي پالي وڏو ڪندو؟ هڪدم سندس ذهن ۾ اها پوڙهي عورت اچي وئي، جنھن شھزادي زهرہ جي گهڻي تعريف ڪئي هئي. ساڳئي سپاهيءَ کي گهرائي چيائين تہ، ان پوڙهي عورت کي وٺي اچي راڻيءَ جڏهن پوڙهيءَ کي ڏٺو تڏهن وٽس هنجون هارڻ لڳي، کيس چيائين تہ“ ههڙي نياڻي پيدا ٿيڻ سان منھنجي تہ چيلھہ ئي چٻي ٿي وئي، هيءُ تہ هاڻي جند جو جنجال ٿي وئي آهي نہ لڪائي ٿا سگهون ۽ نہ ئي ظاهر ٿا ڪري سگهون” پوڙهيءَ راڻيءَ جي ڳالھہ کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ”ڪو بہ فڪر نہ ڪريو بادشاھہ سلامت جي بددعا پوري ٿيندي، شھزاديءَ کي زخم لڳندو پر هوءَ موت جي منھن ۾ ڪو نہ ويندي، گهڻو عرصو ننڊ ۾ هوندي ۽ ٻيو تہ جيئن جيئن وقت گذرندو شھزادي زهرہ حسين ٿيندي ويندي کيس آرسيءَ ۾ منھن ڏسڻ نہ ڏجو“ باقي هُن شھزاديءَ جي پرورش جي ذمہ داري ڪو نہ کنئي.
شھزادي زهرہ جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن واقعي سندس رنگ صاف ٿيندو ويو پر وڏي ڳالھہ هوءَ صورت کان وڌيڪ سيرت ۾ تمام ڀلي هئي، ملازمن سان سندس ورتاءُ مھربانيءَ ۽ اخلاص وارو هو. جڏهن پندرهن سالن جي ٿي تہ هوءَ هڪ دفعو ڪنيز جي ڪمري ۾ هلي وئي، جنھن سئيءَ سان سلائي پئي ڪئي، شھزاديءَ کانئس سئي کنئي پر هن جي لاءِ اها نئين شيءِ هئي زور سان سندس آڱر ۾ چڀي وئي ۽ شھزاديءَ کي زخم ٿي پيو، ڏسندي ئي ڏسندي کيس اگهور ننڊ اچي وئي، وڏيون ڪوششون ڪيون ويون پر هوءَ ڪا نہ جاڳي، راڻيءَ کي وري انھيءَ پوڙهيءَ عورت جو خيال آيو. کيس گهرايائين جنھن چيو تہ، ”هن کي تڏهن هوش ايندو جڏهن ڪو شھزادو شھزاديءَ مٿي ترس کائيندو“.
راڻي گهڻي فڪرمند ٿي پوڙهيءَ کيس چيو تہ آئون سڄي محل لاءِ دُعا پڙهان ٿي تہ هاڻي سڀ گهري ننڊ سمھي رهن، هن ڪجهہ پڙهي چوطرف ڦوڪ ڏني، سڄو محل سمھي رهيو بادشاهه، راڻي، سپاهي خارمائون سڀ ست سال ننڊ ۾ هئا. هڪ دفعي هڪ ٻئي ملڪ جو شھزادو اُتان مٽيو، جنھن هن دلپذير محل جي هيتري خراب حالت ڏٺي تہ ڏک ٿيس. سوچيائين تہ وڃي اندر ڏسان. هو اندر محلات ۾ ڇا ويو!!، حيران ٿي ويو سمورا ماڻھو اگهور ننڊ ۾ الوٽ هئا. هيءُ جاکوڙي شھزادو سڀ ڄارا هٽائيندو رستو ٺاهيندو سمورا ڪمرا گهمندو رهيو. آخر ۾ شھزاديءَ زهرہ جي ڪمري تائين پھتو، شھزادي ننڊ ۾ هئي ۽ حسين لڳي رهي هئي، شھزادو جان عالم هن معصوم ۽ پرڪشش شھزاديءَ کي هن حال ۾ ڏسي ترس کائڻ لڳو. سوچڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ئي هن ملڪ جي شھزادي آهي، خدا ڪري هيءَ جاڳي پوي تہ ساڻس ڪي ڳالھيون ڪريان، اچي هن جي ويجهو بيٺو سندس هٿ مٿي پنھنجو هٿ رکيائين تہ شھزادي زهرہ ڪرموڙي سجاڳ ٿي اٿي ويٺي ۽ آهستي آهستي سندس جاڳڻ کانپوءِ سڄي محل جا سڀ ماڻھو جاڳي پيا.
بادشاھہ جو درٻار لڳو تہ ڏٺائون راڻيءَ سان گڏ هڪ خوبصورت ڇوڪري اچي رهي آهي، بادشاھہ کانئس پڇيو تہ، ”هيءَ سھڻي ڇوڪري ڪير آهي؟“ راڻيءَ وراڻيو، ”بادشاھہ سلامت هيءَ توهان جي نور نظر دختر آهي، جنھن جي پيدائش کانپوءِ توهان هاڻي ڏسي رهيا آهيو“. بادشاھہ جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو تڏهن پنھنجي تخت تان لھي هيٺ آيو ۽ شھزاديءَ کان معافي گهريائين تہ هو هڪ پيءُ جو پيار ڌيءَ کي ڏئي نہ سگهيو. شھزادي زهرہ خوش ٿي پيءُ کي ڀاڪر پاتو.
راڻيءَ بادشاھہ کي چيو تہ، هڪ پوڙهيءَ عورت اسان جي پوري مدد ڪئي آهي. انھيءَ کي سپاهيءَ معرفت گهرايان ٿي. پوڙهي مائي درٻار ۾ آئي تہ بادشاهه، راڻي ۽ ٻين درٻارين اٿي بيھي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. بادشاھہ چيس، ”اي نيڪ دل عورت آئون تنھنجي مھرباني ٿو مڃيان جو تو منھنجي ڌيءَ جو ۽ هن محلات جو هر دم خيال رکيو آهي“.
”بادشاھہ سلامت! اهو منھنجو فرض هو آئون انسان نہ آهيان بلڪہ هڪ پري آهيان“ اهو چئي هن هڪ عمل پڙهي خود تي ڦوڪيو تہ هڪ حسين پريءَ جي صورت ۾ تبديل ٿي وئي، چوڻ لڳي، ”هڪ ڏينھن آئون پرستان مان هتي زمين تي گهمڻ آئي هيس رستو ڀلجي ويس پوءِ آئون هڪ پوڙهيءَ عورت جي روپ ۾هتي زمين تي رهيس توهان جي رعايا منھنجو سٺو خيال رکيو. توهان رحم دل۽ نيڪ انسان آهيو، ان ڪري هتي رعايا بہ نيڪ آهي پر اللھ جڏهن توهان کي اولاد جي نعمت سان نوازيو تڏهن توهان ان جي ظاهري شڪل جي پنھنجي پالڻ هار سان شڪايت ڪئي، جا مناسب نہ هئي، انسان جي صورت جي ڪا بہ اهميت نہ هئڻ گهرجي. توهان جي شھزادي زهرہ هڪ فرمانبردار ۽ نيڪ خصلت نياڻي آهي“.
بادشاھہ شرمندو ٿي ويو ۽ شھزاديءَ کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو، ”مون کي شھزاديءَ تہ معاف ڪيو آهي اللھ بہ معاف ڪندو.“
پريءَ کانئن موڪلائي پرن کي ٿورو لوڏيو تہ هوءَ هوا ۾ مٿي ٿي غائب ٿي وئي، بادشاھہ ۽ راڻيءَ خدا جو شڪر ادا ڪيو. راڻيءَ انھيءَ فرشتي جھڙي سپاهيءَ جي سڀني سان تعريف ڪئي. جنھن هن پوڙهيءَ عورت/پريءَ کي وٽن آندو هو. سڄو درٻار تاڙين جي ڦهڪن، ٽهڪن ۽خوشين سان واسجي ويو، جڏهن شھزادي جان عالم شھزاديءَ زهرہ کي منڊي پارائي ۽ ان ريت سندن شادي ڌوم ڌام سان ٿي ۽ هو خوش رهڻ لڳا.