ضدي ڇوڪرو
”مون کي کپي، کپي ۽ هن پل کپي“ احمد جون رڙيون سڄي گهر ۾ ٻڌجي رهيون هيون. سندس ماءُ کيس سمجهائي رهي هئي تہ ”تنھنجو بابا آفيس مان ٿڪجي آيو آهي. آرام پيو ڪري رڙيون نہ ڪر هو ننڊ مان اُٿي پوءِ ساڻس ڳالھايون ٿا“.
پر اهو احمد ئي ڇا جو کڻي مڃي ڪو لحاظ ڪو نہ ڪيائين ويتر وڌيڪ رڙيون ڪرڻ لڳو تہ “مون کي اڄ رات جو ئي نيون شرٽون ۽ پينٽون وٺي ڏيو، گهڻا ڪپڙا وٺي ڏيو سڄي الماڙي پوري ڀري رکندس“
احمد جي رڙين ۽ گوڙ تي امتياز صاحب جاڳي سندس ڪمري ۾ آيو“ بابا! ڇا جو گوڙ آهي؟ جيڪي کپي آرام سان ڳالھايو بلڪل ملندو.”
احمد ڏٺو تہ هاڻي تہ ڪم ٿئي پيو، سو ڪجهہ هيٺانھين وٺي فرمائش بيان ڪيائين. امتياز پنھنجي گهر واريءَ کي چانھن ٺاهڻ جو چئي وهنجڻ هليو ويو ۽ کيس بہ تيار ٿيڻ لاءِ چيائين پندرنھن منٽن ۾ هو هڪ وڏي شاپنگ مال وٽ بيٺل هئا، احمد دل کولي ڪپڙا ورتا ۽ جام سارا شاپنگ بيگز کڻي نچندو ٽپندو اچي گاڏيءَ ۾ ماڻس سان خوش ٿي ڳالھائڻ لڳو رستي ۾ آئيس ڪريم کائي اچي گهر پھتا. سمورا ڪپڙا الماڙيءَ ۾ ٽنگي هَرَ هَرَ ڏسڻ لڳو، هفتي ۾ ٻہ جوڙا پاتائين پوءِ وري ڏٺائين بہ ڪونہ، پندرنھن ڏينھن کانپوءِ هڪ دوست جي گهر ويو، جتي نئين وڊيو گيم ڏٺائين گهر اچي ان جي فرمائش ڪرڻ شروع ٿي ويو، پڻس سمجهايس تہ اڃان هن مھيني ۾ هيترا ڪپڙا ورتا آهن، هاڻي پھرين تاريخ تائين تہ صبر ڪر پر اهو احمد ئي ڪو نہ چئبو جيڪو صبر سان ويھي، هن وري اٿندي ويهندي ساڳيو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. نيٺ ماڻس ۽ پڻس ڪڪ ٿي ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ نئين وڊيو گيم ۽ سي ڊيز وٺي ڏنيون. گهر اچي خوش ٿي روز هڪ گيم کيڏيندو هو، ڏهن ڏينھن ۾ انھيءَ مان دل ڀرجي ويس نئين گيم کي الماڙي ۾ رکي وري پراڻي وڊيو سان کيڏڻ شروع ڪيائين. جو اها سندس هٿن تي ٺهيل هئي ۽ انھيءَ سان وڌيڪ مانوس هو.
ان ريت هو اڪثر نيون نيون فرمائشون، سائيڪلون، واچون برٿ ڊي پارٽيون ۽ ٻيا خرچ پڻس کي وجهندو رهندو هو. هڪ ڏينھن امتياز صاحب جو آفيس مان ايندي گاڏيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو، سندس ٽنگ ۾ فريڪچر ٿيو ۽ هو بستري ڀيڙو وڃي ٿيو. احمد اسڪول رڪشا ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، ماءُ کي اداس ۽ اسپتالن جا ڳاٽي ڀڳا خرچ ڏسي سندس دل کي وڏو جهٻو آيو، پنھنجا غلط رويا ۽ ضد کيس ياد اچڻ لڳا، دل سان ماءُ ۽ پيءُ کان معافي گهريائين هاڻي هو هڪ سمجهدار ۽ ذمہ دار ٻار ٿيڻ لڳو.