ٻاراڻو ادب

شھزادي ماھہ نور

ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي.  ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. 

Title Cover of book شھزادي ماھہ نور

زيتون جو وڻ

قاضي آباد جي ويجهو هڪ ننڍو محل، ڪنھن وقت ۾ آباد هو هتي جا رهاڪو آسودا ۽ مھربان طبيعت جا هئا، محل ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو گهڻو خيال رکندڙ ۽ پنھنجي ٻنين ۽ باغن ۾ ڪم ڪندڙ هارين ۽ مالھين کي عزت ڏيندڙ هئا، وٽن وڏائيءَ ۽ غرور جو نالو نشان بہ نہ هو. سندن اهائي سوچ هئي تہ ڌڻي خبر ناهي ڇا ۾ راضي آهي. ڏيئي بہ آزمائي ٿو تہ نہ ڏيئي بہ. ڪنھن جي بہ رنجش کڻڻ وٽن وڏو گناھہ هو کين ڊپ ٿيندو هو تہ ڪو وقت ڪھڙو تہ ڪو وقت ڪھڙو آهي، متان ڪو تتي هيئين جو پاراتو سندن جهڳو جهڻ نہ ڪري. اللھ پاڪ بہ سندن نيڪين کي وڌائيندو ويو ۽ اها نيڪين جي خوشبو چوڌاري ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. رئيس قمرالدين وٽ ضرورتمندن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. رئيس جو ڪل اولاد ٻہ پٽ، جي ولايت (لنڊن) پڙهڻ لاءِ ويل هئا. محل ۾ هو پاڻ ۽ سندس گهر واري ۽ وفادار نوڪر رهندا هئا. سپوٽ پٽن کي ڌڻيءَ سڳوري ولايت ۾ بہ ايترو نوازيو جو هو پاڻ حيران هئا، فيصلو ڪيائون تہ ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ٻہ وفادار نوڪر ۽ نوڪرياڻي بہ لنڊن ۾ گهرايون. ان ريت سڄو ڪٽنب وڃي ولايت ۾ آباد ٿيو. محلات کي ويرانيءَ کان بچائڻ لاءِ ٻہ ٽي ملازم رکي ڇڏيائون جن ۾ هڪ مالھي حنيف پڻ هو.
حنيف مالھيءَ هن باغ کي پنھنجو رت ۽ ست ڏيئي تيار ڪيو. کانئس اڳ سندس والد ۽ ان کان اڳ ڏاڏي هن باغ جي خدمت ڪئي هئي. ايترو تہ خوبصورت باغ هو جنھن جھڙو سھڻو باغ هن تَرَ ۾ ڪو ٻيو نہ هو. بابو حنيف بہ وڏي عمر جو ٿي ويو هو تہ بہ صبح کان شام تائين سڄي باغ جي سيوا دل سان ڪندو هو سڪل پن ۽ سڙيل ميوا ڪٽي الڳ ڪرڻ تہ ننڍن ٻوٽن کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ جو ڌيان ڪندي وڏن وڻن طرف بہ غفلت نہ ڪندو هو. انب، زيتون، چيڪو، ڦاروا ۽ ٻيا ڪيترائي هن باغ جي سونھن ۽ سوپڀا ۾ واڌارو ڪندڙ هئا.
سڄي ڳوٺ ۾ ٻہ ڇوڪرا ۽ سعد تمام شرارتي ۽ ڏنگا، اڪثر سندس باغ ۾ اچي کيڏندا هئا، گلن ۽ پنن کي ٽوڙي ڦٽائي وڻن تي چڙهي ميوا پٽي ڪچرو ڪري پوءِ ويندا هليا هئا. مالھي حنيف کين ٻہ ٽي دفعا باغ مان نڪرندي ڏٺو بہ ۽ کين دڙڪا بہ ڏنا پر مٿن ڪو بہ اثر ڪونہ ٿيو، هو گهڻو ڪري تڏهن ايندا هئا، جڏهن مالھي حنيف موجود ڪو نہ هوندو هو.
مالڪن جي غير موجودگيءَ جي هوندي بہ مالھي هن باغ کي پنھنجي مڪمل توجهہ ڏيندو هو تہ جيئن اهي جڏهن بہ اچن تہ خوش ٿين ۽ کيس خود کي بہ باغ جي هر هڪ گل، پن، وڻ ۽ ميوي سان محبت هئي، هن کي لڳندو هو تہ ڄڻ اهي وڻ پن زندھہ آهن ۽ هو انھن جي خدمت ڪري ٿو تہ کيس دُعائون ڏيئي مھرباني مڃين ٿا. مالھيءَ جو هڪ ننڍو گهر باغ جي ڪنڊ ۾ هو جنھن جي دريءَ مان پڻ سندس نظر باغ جي چوڪسيءَ تي هئي، هڪ ڏينھن سخت سيءُ هو، ڄڻ پارو ڪري رهيو هو، افضل ۽ سعد کي شوق ٿيو تہ هلي باغ مان زيتون پٽي اچون، سو ٻئي جيڪٽون پائي باغ ڏي روانا ٿيا. زيتون جا ٻہ وڏا وڻ، جن جي هيٺ ننڍا زيتون جا ٻوٽا بہ ڪافي پيل هئا، جيڪي مالھيءَ انھيءَ لاءِ رکيا تہ ٻيا زيتون جا وڻ پڻ پوکيان. هنن ڪو خيال ڪونہ ڪيو. انھن ٻوٽن کي تہ چپلي ڇڏيو پر ٽپ ڏئي وڻ کي پٿر هڻڻ لڳا تہ بہ ايترا زيتون ڪو نہ ڪريا. سعد، افضل جي پٺيءَ تي چڙهي وڻ جي ٽارين کي ڇڪون ڏنيون تان جو هڪ مضبوط ٽاري سندس هٿ ۾ اچي وئي. وٺي جو ان کي ڌوڻيائين تہ اها وڻ کان جدا ٿي زمين تي ڪري پئي، هاڻي تہ هو ٻئي تمام خوش ٿيا. انھيءَ ٽاريءَ ۾ ڪافي زيتون لڳل هئا، هنن بہ نڪا ڪئي هم نڪا تم هڪدم انھيءَ ٽاريءَ مان زيتون الڳ ڪري پنھنجي جيڪٽن جا کيسا ڀرڻ شروع ڪيا. حنيف بابي پنھنجي ڪمري جي دريءَ مان جو هيءُ لقاءُ ڏنو سو وڏي کٿي ويڙهي رڙيون ڪندو ڪوٺيءَ مان نڪري آيو پر تيستائين هيءُ جوان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
مالھي حنيف کي ڏک ٿيو هو ڪمزور ۽ عمر جو وڏو ٿي چڪو هو، کين پھچي ڪو نہ سگهيو. سوچيائين تہ سندن والدين کي هاڻي شڪايت ڏيڻ گهرجي، پروري بہ صبر ڪيائين تہ من خودئي کين احساس ٿيئي. وسڪاري جي مند اچڻ سان ئي هيل گهڻو مينھن پيو مالھي پنھنجي ڪم ۾ مگن هو مينھن جي ڦڙن ۾ وهنجيل باغ ڏاڍو سھڻو منظر پيش پئي ڪيو. حنيف جي ڏسي دل پيئي ٺري پر جيئن چوندا آهن تہ پاڻي زندگي آهي تيئن اهو بہ ڪڙو سچ آهي تہ گهڻو مينھن پوڻ نعمت جي بدران زحمت آهي، سو هيل ايترا مينھن پيا جو برسات بند ٿيڻ جو نالو نشان ئي نہ هجي، لاڳيتو ويھہ ڏينھن برسات پوندي رهي.
هن ڳوٺ جي ويجهو هڪ ندي هئي جنھن جي پاڻيءَ هميشہ ڳوٺ واسين کي سيراب ڪيو هو پر اڄ اها ندي چاڙھہ ۾ اچي رهي هئي. ڳوٺاڻا گڏجي نديءَ جا بند مضبوط ڪرڻ لڳا، پوري ملڪ ۾ پيل لاڳيتن برساتن وڏي تباهي مچائي. مٿان کان پاڻي نديءَ ۾ ڇوڙ ٿيندو رهيو ۽ آخر ۾ گهڻي پاڻيءَ سبب نديءَ اٿل کاڌي ۽ بند ڀڄي پيا. ڳوٺ ٻڏڻ تي اچي ويو، سڀني کي محفوظ هنڌ حنيف مالھيءَ جو باغ لڳو، جتي انيڪ وڻ هئا. ڪيترائي ماڻھو پنھنجي گهر جي ڇتين تي تہ ڪي باغ ۾ وڻن تي اچي ويٺا، افضل ۽ سعد بہ باغ ۾ آيا، مالھيءَ ڏي نھاري ڦِڪا ٿيا پر هُن کين دل سان وڻن جي چوٽيءَ تي پڄايو، خود حنيف بہ هڪ ليمي جي وڻ تي چڙهي ويھي رهيو. ان ريت سڀني جي رات خوف ۽ صدمي سان گذري. صبح ٿي تہ ماڻھن اچي اطلاع ڏنو تہ هاڻي نديءَ جو چاڙھہ گهٽجي رهيو آهي، اچو اچي گهرن مان پاڻي ڪڍو.
حنيف بابا ان مھل سڀني جي منھن تي افضل ۽ سعد کي وڃڻ مھل شرمايو ۽ کين سمجهايو تہ آئون سڀاڻي مري ويندس ۽ هر هڪ کي هن دنيا مان وڃڻو آهي، توهين جوان ٻار آهيو هيءُ وڻ ۽ باغ توهان وٽ امانت آهن، انھن کي خراب نہ ڪريو، اڄ ڏسو هنن وڻن توهان جي حياتي بچائي آهي.
حنيف مالھيءَ جي نصيحت سندن دل ۾ کپي ويئي چوطرف نظر ڊوڙايائون تہ کين هيءُ ڀلو باغ ايترو تہ وڻندڙ ۽ محسن لڳو جو سمجهيائون ڄڻ جنت ۾ آيا آهيون. ٻنھي گڏجي چيو تہ“ توهان صحيح ٿا چئو تہ وڻ ۽ ٻوٽا خدا جي طرفان نعمت آهن وڻ هوائن جي زور کي گهٽ ڪري آنڌي ۽ طوفان کي بہ روڪين ٿا، اسان کي ميوو ڏين ٿا تہ ساھہ کڻڻ لاءِ آڪسيجن بہ مھيا ڪن ٿا ۽ اڄ تہ اسان جي حياتي فقط هنن وڻن جي ڪري ئي بچي آهي، اسين بلڪل غلطيءَ تي هئاسين. هاڻي انشاءَاللھ هن باغ کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۾ توهان جي مدد ڪنداسين” ڳوٺ جي ٻين ماڻھن تي بہ انھيءَ ڳالھہ جو سٺو اثر ٿيو ٻين بہ ڪيترن جوانن چيو تہ اسين بہ هن ڪم ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي پنھنجي قاضي آباد کي خوبصورت، وڻندڙ ۽ مضبوط ٺاهينداسين. انشاءَ اللھ اڳيان هلي هن باغ جھڙا ٻيا باغ بہ قاضي آباد جي زينت هوندا ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي نوان وڻ بہ نظر ايندا.