لنچ باڪس
مضمون لکي ڇڏڻ کانپوءِ ٻارن پنھنجون ڪاپيون مانيٽر ڇوڪريءَ کي ڏنيون جنھن مس جي چيڪ ڪرڻ لاءِ سندس ميز تي رکيون هاڻي رسيس ٿيڻ واري هئي، مس سڀني ٻارن کي چيو تہ، ”پنھنجا پنھنجا لنچ باڪس کولي کائڻ شروع ڪيو، ڏهن منٽن کانپوءِ هيٺ وڃي ٿوري راند ڪري رسيس ختم ٿيڻ تي قطار ٺاهي ڪلاس ۾ اچجو ڏاڪڻين تي گوڙ نہ ڪجو، پرنسپال ناراض ٿيندي“ روزاني وانگر هدايتون ڏيندي تانيہ پنھنجي پرس مان موبائيل ڪڍي ٽائيم ۽ ميسجز چيڪ ڪيا، هن اسڪول ۾ صبح کان موڪل تائين ڪنھن بہ ٽيچر کي موبائيل تي ڳالھائڻ جي اجازت ڪونہ هئي گهر مان ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ پرنسپل کي ئي گهر ڀاتي فون ڪري ڇڏيندا هئا.
ٻہ منٽ موبائيل ڏسي مس تانيہ جيئن ئي اکيون مٿي کنيون تہ سندس نظر مرتضيٰ تي وڃي پئي. جو هو فقط پاڻي پي رهيو هو ۽ اهو لقاءُ هن ڪالھہ بہ ڏٺو هو دل ۾ سوچيائين تہ ممڪن آهي کيس اڄ ڪجهہ نہ وڻندو هجي اهڙي ريت جڏهن ٽئي ڏينھن بہ مس تانيہ مرتضيٰ کي ڪجهہ بہ کائيندي ڪونہ ڏٺو تہ پوءِ هوءَ فڪر ۾ پئجي وئي، سڀني ٻارن جي والدين جا فون نمبرز ٽيچر وٽ موجود هئا تہ جيئن کين ڪو بہ مسئلو ٿئي تہ آگاھہ ڪري. هن اسڪول وقت کان پوءِ مرتضيٰ جي ماءُ کي فون ڪري صورتحال کان وقف ڪيو، هوءَ حيران ٿي وئي تہ آئون تہ روز کيس پسند جو لنچ باڪس بہ ڏيان ٿي ۽ اهو واپس خالي بہ اچي ٿو آخر ڪيڏانھن ٿو وڃي؟
مرتضيٰ جيئن ئي گهر آيو سندس گهڻو پيار ڪندڙ مھربان ۽ سمجهدار ماءُ کيس چيو تہ، ”ماني تيار آهي، هٿ منھن ڌوئي اچ تہ گڏجي ماني کائون“ مرتضيٰ تہ بلڪل بک ۾ پاھہ پئي ٿيو، هڪدم يونيفارم مٽائي هٿ منھن ڌوئي اچي ميز تي ويٺو. ماني کائڻ جي وچ ۾ تہ ماڻس ڪجهہ ڪونہ چيس پر جيئن ئي ڏٺائين تہ هاڻي هن ماني کائي ڇڏي آهي تڏهن کيس آرام سان چيائين ”مرتضيٰ اڄ اسڪول مان تنھنجي مِس تانيہ جي فون آئي هئي” مرتضيٰ حيرانيءَ سان پڇيو، ”امي ڇو؟“ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ”آئون تہ ڪا بہ شرارت ڪونہ ڪندو آهيان ۽ نہ ئي هوم ورڪ ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪمي ڪندو آهيان پوءِ مِس الائي ڇو فون ڪيو آهي؟“ ماءُ ڏي سواليہ نظرن سان ڏسڻ لڳو، سندن خاموشي ڏسي کيس خوف محسوس ٿيڻ لڳو، مٿي تي پگهر اچي ويس، سوچيائين خدا ڪري ڪا غلط ڳالھہ نہ هجي، ائين نہ ٿئي جو منھنجي پياري ماءُ مون سان ناراض ٿئي. هن جي ماءُ ڏانھس غور سان ڏسندي پيار ڀرئي لھجي ۾ چوڻ لڳي،“پٽ! تنھنجي ٽيچر چيو آهي تہ مرتضيٰ تمام پيارو ڇوڪرو آهي. روز هوم ورڪ بہ مڪمل هوندو اٿس ۽ ٽيچرز جي بہ مدد ڪندڙ شاگرد آهي پر....؟ ائين چئي هن جي ماءُ ڪجهہ دير لاءِ ماٺ ٿي وئي، ”پر ڇا امي؟ مِس فون ڇو ڪئي؟“ هُن جي ماءُ سندس وارن ۾ پيار سان آڱريون ڦيريندي چوڻ لڳي. ”مس چيو ٿي تہ توهين پنھنجو لنچ نٿا ڪريو ٻيا سڀ ٻار رسيس ۾ لنچ کائيندا آهن ۽ مرتضيٰ خاموش ويٺو هوندو آهي، ان ريت تہ هن جي صحت خراب ٿي پوندي، کيس تنھنجي صحت جي اون ٿي پيئي آهي“ ماءُ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي کيس چيو، لنچ تہ توهان کي آئون روز ڏيندي آهيان پر پوءِ آخر ڪھڙي وجھہ آهي جو توهان لنچ نٿا ڪريو ۽ واپسيءَ ۾ باڪس ۾ لنچ بہ ڪو نہ هوندو آهي. اهو ڇا آهي؟“ مرتضيٰ اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، آهستي سان چيائين ”اهو آئون توهان کي نٿو ٻڌائي سگهان امي“ سمجهدار ماءُ ڪو بہ بحث ڪو نہ ڪيو، ٻئي ڏينھن جيئن ئي مرتضيٰ اسڪول لاءِ تيار ٿيو هن لنچ باڪس ٺاهي ميز تي رکيو ۽ مرتضيٰ چپ چاپ ٿيلھي ۾ وجهي اڳيان روانو ٿيو. سندس امڙ آهستي آهستي هن جي پويان هلڻ لڳي، جنھن جي کيس خبر نہ پئي. ٿورو اڳيان هلي ماءُ ڏنو تہ مرتضيٰ وڻ هيٺ ويٺل نابين فقير کي پنھنجو لنچ کارايو ۽ خالي باڪس ٿيلھي ۾ وجهي اسڪول روانو ٿيو. سندس ماءُ انھن ئي پيرن تي واپس گهر اچي شڪراني جا نفل پڙهيا کيس خوشي ٿي تہ ٿورا ڏينھن اڳ هن پنھنجي پٽ کي حضور صلي اللھ عليہ وسلم جن جي سيرت مبارڪ جو ڪتاب آڻي ڏنو هو. سيرت جي انھيءَ ڪتاب جو اثر هن ٻار تي تمام زبردست ٿيو، ڪتاب ۾ خلق جي خدمت جا ۽ سخاوت جا ڪيترائي واقعا درج هئا، کيس گهڻي راحت آئي تہ سندس نيڪ ٻچڙو لڪي خلق جي خدمت سخاوت سان ڪري دين مطابق هلي رهيو آهي، ٻئي ڏينھن مرتضيٰ اسڪول وڃڻ مھل ميز تي ٻہ لنچ باڪس ڏٺا، پڇڻ تي امڙ ورندي ڏنس تہ، ”هڪ توهان لاءِ ۽ هڪ فقير بابا جي لاءِ“. ماءُ جي اها ڳالھہ ٻڌي مرتضيٰ کِلي کانئس موڪلايو ۽ وڏيون وڏيون وِکون ڀريندو ڊوڙندو ٽپندو اسڪول ڏي روانو ٿيو.