ٻاراڻو ادب

شھزادي ماھہ نور

ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي.  ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. 

Title Cover of book شھزادي ماھہ نور

دوستي

ٻارو! اسان جي پياريءَ سنڌ جي قديم شھر ٺٽي جو ڪنھن وقت ۾ وڏو اوج هو، هن تاريخي شھر ڪيترن ئي حڪمرانن جا اوج ۽ زوال ڏٺا، هتي جا مغل نواب عيد جي ڏينھن ۾ ٺٽي جي شاهي بازار مان پنھنجي پاليل هاٿين تي پالڪين ۾ چڙهي شھر جو سير ڪندا هئا، مٿن روپين، سڪن ۽ سون جي گِنين برسات ڪئي ويندي هئي. جا خيرات شھر جا غريب غربا چونڊي کڻندا هئا. وقت گذرڻ سان آخرڪار اهي نوابن جون حڪومتون ختم ٿينديون ويون پر اڃا بہ ڪي شوقين هئا جي سٺن گهوڙن ۽ ٽانگن تي چڙهي موقعي مھل، عيد براد تي شھر جا نظارا ماڻيندا هئا. اهڙن شوقينن ۾ هڪ رئيس عبدالغفار پڻ هو. هن هڪ هاٿي پاليو. سندس بنگلو وڏي ايراضيءَ تي هو جنھن ڪري هن باغ جو هڪ حصو ۽ دالان هاٿيءَ جي سار سنڀال لاءِ رکيو. گڏ ان جي خدمت لاءِ هڪ خاص خادم پڻ رکيائين جو ان کي خوب سٺي نموني سنڀاليندو هو. رئيس غفار اڪثر جمعي نماز کانپوءِ يا ڪنھن دعوت يا محفل ۾ وڃڻ وقت هاٿيءَ تي سواري ڪندو هو. سندس لاءِ هاٿيءَ تي جهولڻي ڇٽي بہ وجهي ويندي هئي تہ جيئن اُس کان بچاءُ ٿيئي. هو هاٿيءَ جي پٺيءَ تي رکيل پالڪيءَ جي سيٽ تي سٺي نموني ويھي فخر سان ٻين ڏي ڏسندو هو ۽ هاٿيءَ کي ان ريت سڄي شھر جو چڪر لڳرايو ويندو هو. تہ جيئن سڀ ماڻھو اهو ڏسن تہ رئيس عبدالغفار جي سواري اچي رهي آهي. هاٿي کارائڻ ۽سنڀالڻ ڪا معمولي ڳالھہ ڪانھي. اها شاهي سواري وڏي خرچ خوراڪ ۽ خادم جي خدمت جي ذريعي ئي قائم رهي سگهي ٿي ۽ ان ريت رئيس جي دولت جو پڻ ٻين تي رعب پوڻ لازم هو. هاٿي شھر جا ڦيرا لڳائي اُتي جي ماڻھن سان ايترو تہ مايوس ٿي ويو جو خادم کي ذرو بہ خوف ڪو نہ ٿيندو هو تہ ڪو هاٿي ڪيڏيءَ مھل شھر مان نڪري ڪنھن جهنگ ڏي هليو ويندو، انھيءَ ڪري هو سندس لاءِ بي فڪر ٿي ويو، انھيءَ شھر ۾ هڪ ڌوٻيءَ جو دڪان شھر جي وچ ۾ هو، گرمين جا ڏينھن هئا، هن دفعي سانوڻيءَ جو وسڪارو تمام سٺو ٿيو، ايترو تہ مينھن پيو، جو هفتو کن شھر مان پاڻي ئي نہ سُڪي، ڌوٻي پريشان ٿي ويو مند تہ برابر مينھن جي آهي، ان ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪري مالڪن کي پھچائڻ ڏکيا آهن پر آخرڪار کيس گهر جو گاڏو تہ هلائڻو هو. هو روز صبح سوير ڪپڙن جي ڳنڍ کڻي ڌوٻي گهاٽ تي ويندو هو منجهند تائين ڪپڙا ڌوئي شام کان اڳ انھن کي استري ڪري سانجهيءَ وقت ڌوتل استري ٿيل ڪپڙن کي پنھنجي گراهڪن جي گهرن ۾ پھچائيندو هو. اها سندس روز جي ڪرت هئي، ساڻس سندس زال ۽ پٽ بہ مدد ڪرائيندا هئا. پٽ اسڪول ۾ بہ پڙهڻ ويندو هو تہ زال کي گهرجي ڪم ڪار مان گهڻو وقت ملي ڪو نہ ٿي سگهيو. ان ڪري شرف الدين ڌوٻي گهڻي ڀاڱي سڄو ڪم پاڻ ئي ڪندو هو. وٽس ڪو گڏھہ يا ڪو گاڏو وغيره ڪو نہ هو، جنھن تي اهي ڪپڙن جون ڳنڍيون ڍوئي کڻي وڃي. هو شام جو ڪم ڪري صفا ماندو ٿي گهر پھچي مالڪن کان مليل پئسا پنھنجي زال کي خرچ لاءِ ڏيئي ماني ٽڪر کائي سمھي رهندو هو. برسات جي ڏينھن کان مھينو کن اڳ هڪ ڏينھن اهو هاٿي سندس ڌوٻي گهاٽ وٽان اچي لنگهيو ۽ پنھنجي سونڊ کي مٿي کڻي کيس ڄڻ سلام ڪيائين ڌوٻيءَ وٽ ان ڏينھن اتفاق سان هڪ گدرو پيل هو. هن اهو گدرو ڪڍي هاٿيءَ کي ڏنو، هڪڙي گدري مان هاٿيءَ کي ڇا ٿيئي؟ پر هاٿي ان وقت بکايل هو هن اهو گدرو شوق سان کاڌو ۽ خوش خوش پنھنجي سونڊ کي گهمائيندو کانئس روانو ٿيو.
هاٿي ٻئي ڏينھن وري آيو وٽس ڊبل روٽي هئي، اها کيس کارايائين پوءِ تہ اها روز جي ڳالھہ ٿي وئي، هاٿي جڏهن بہ ايندو هو، شرف الدين ڌوٻي گهران آندل مانيءَ مان لاڪاس ڪجهہ نہ ڪجهہ رکي ڇڏيندو هو، هڪ دفعي هن مِٺي ماني گهران ٺاهرائي جنھن جا وڏا ٽڪر کيس کارايائين اها ڳالھہ بہ ڪونہ هئي تہ هاٿيءَ کي پنھنجي مالڪ ۽ خادم جي معرفت کاڌو ڪو نہ پئي مليو. هن لاءِ تہ رئيس عبدالغفار مٺائيءَ جا ٽوڪرا، ڪمند جا مڻ، چاري ڀريل ڪونڊا رکائيندو هو پر ڌوٻيءَ جي ڏنل ٿوري کاڌي ۾ هاٿي کي محبت جي مٺاس ۽ دوستيءَ جو خلوص ڏسڻ ۾ ايندو هو. هاڻي هاٿيءَ کي ڏسڻ کانسواءِ نہ ڌوٻيءَ کي مزو ايندو هو ۽ نہ ئي هاٿي کي. جڏهن برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي، تڏهن انھن ڏينھن ۾ شرف الدين وٽ تمام گهڻا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا نہ سٺي اُس نڪري ۽ نہ ئي روڊن رستن تان ڪچرو ۽ ترڪڻ گهٽجي کيس گراهڪن جا نياپا اچڻ لڳا تہ ڪپڙا جلدي ڌوئي پھچائي ٻئي پاسي گهر ۾ بہ جيڪي چار پئسا هئا اهي بہ ختم ٿي ويا. جوڻس بہ موسم جي خرابيءَ جي ڪري ڪافي بيمار ٿي، کيس پئسي جي گهڻي گهرج هئي اهو ارادو ڪري ڳنڍيون ڪپڙن جون پٺيءَ تي رکي آهستي آهستي پنھنجي گهر جي گهٽيءَ مان ڌوٻي گهاٽ ڏي هلڻ لڳو.
پري کان پنھنجي پياري دوست هاٿيءَ کي ايندي ڏٺائين هو دل ۾ ڦِڪو ٿيڻ لڳو تہ اڄ تہ وٽس ڪا بہ کاڌي جي شيءِ ئي ڪانھي جو هو هن کي کائڻ لاءِ ڏي. هاٿيءَ کي اندازو ٿي ويو تہ اڄ ڌوٻي پريشان آهي، رستو خراب آهي، کيس ندي پار ڪري وڃڻو پوندو برسات جي ڪري نديءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙھہ ايترو آهي جو ماڻھو ٻڏي بہ سگهي ٿو. مطلب اهڙي خطري جو سوچي هاٿي سندس ويجهو اچي سونڊ سان سلام ڪري گوڏا ٽيڪي هيٺ ويھي رهيو، ڄڻ چوندو هجي تہ شرفو اڄ منھنجي پٺيءَ تي سوار ٿي ۽ ڪپڙن جي ڳنڍ بہ انھيءَ مٿي رک ڌوٻيءَ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هُن جنھن کي فقط هڪ بي زبان جانور سمجهيو اهو ڪيترو نہ دل جو حساس ۽ مھربان نڪتو. هُن ساڻس ڪيل نيڪي ڪيئن نہ ياد رکي؟، خوش ٿي هو بہ ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي ويھي رهيو ۽ ڌوٻي گهاٽ تي پھچي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. بلڪل جڏهن شام ٿي تڏهن کيس وڌيڪ عجب ٿيو تہ هاٿي ٻيھر بہ موجود هو. ڌوٻيءَ جي ڌوتل ڪپڙن سان هاٿي جي پٺيءَ تي واپسي بہ سھڻي نموني سان ٿي. اڄ مالڪن کيس پئسا بہ هڪدم ڏنا سندس گهر ۾ ٻن ڏينھن کانپوءِ چُلھہ ٻري، هو ڏاڍو خوش ٿيو. جيستائين نديءَ ۾ چاڙھہ رهيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ جو اثر ختم ڪونہ ٿيو. هاٿي روز کيس ڌوٻي گهاٽ تي وٺي ويندو هو ۽ اڪثر واپس بہ وٺي ايندو هو نہ تہ ڪڏهن ڪڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ پڻ اچي ويندو هو. هاٿيءَ جي مھربانيءَ سان شرفو بک مرڻ کان ۽ بيڪار رهڻ کان بچي ويو. هاٿيءَ ۽ ڌوٻيءَ جي مثالي دوستي سڄي شھر ۾ مشھور ٿي وئي. رئيس عبدالغفار بہ پنھنجي هاٿيءَ جي انھيءَ چڱي ڪم تي خوش ٿيو. ڌوٻيءَ جي ڪيل نيڪي ضايع نہ ٿي کيس پنھنجي انھيءَ چڱي عمل (هاٿيءَ کي کاڌو کارائڻ) جو صلو مليو.