ٻاراڻو ادب

شھزادي ماھہ نور

ٻارڙن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ وندر ۽ سکيا جون ڪھاڻيون آهن. جنھن ۾ ٻارن کي وندر سان گڏ سکيا بہ ڏني ويئي آهي. اسان وٽ ٻارن لاءِ جيڪو بہ ادب لکيو ويو آهي ان ۾ ٻارن کي نصيحتون وڌيڪ ڏنل آهن. ٻار جلد نصيحت بہ تڏهن قبول ڪندو جڏهن انھن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي.  ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامھون رکي ڪھاڻيون لکيون آهن، جنھن ۾ ٻارن کي تفريح ڏيندي ڏيندي نصيحت ڪري وڃي ٿي. 

Title Cover of book شھزادي ماھہ نور

سمجهدار نياڻي

(ٻارو هيءَ هڪ تاريخي ڪھاڻي ۽ سچو واقعو آهي، جو توهان کي دلچسپيءَ لاءِ ائون ڪھاڻي جي طور ڪري رهي آهيان).

چون ٿا تہ هڪ ڏينھن مغل شهنشاھہ جھانگير سخت گرمين جي ڏينھن جي صبح جو شڪار جو پروگرام رٿيو. شاهي فوج جي هڪ ننڍي دستي سان گڏ هو بند هيا بنڌيا چل جي جهنگ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس نظر هڪ خوبصورت هرڻ تي وڃي پئي، جھانگير گهوڙي کي هرڻ ڏانھن تيزيءَسان موڙيو پر جيئن تہ توهان کي خبر آهي تہ هرڻ تيز ڊوڙندڙ جانورن مان آهي، سو اهو جھانگير جي پھچ کان تڪڙو گم ٿيڻ لڳو، بادشاھہ بہ سندس پيڇو ڪيو پر هڪ هنڌ گهاٽا ٻوڙا ۽ وڻ هئا جتي گهوڙو اندر وڃي نٿي سگهيو ۽ هرڻ بادشاھہ کان ڀڄي هڪ ئي ٽپ ۾ انھن وڻن ۾ گم ٿي ويو. بادشاھہ کي ٿوريءَ دير ۾ احساس ٿيو تہ هو پنھنجي حفاظتي فوجي دستي کان گهڻو پري اچي ويو آهي. کيس گرميءَ جي ڪري اڃ لڳڻ لڳي، گهوڙو ڊوڙائيندي ۽ هرڻ جي پويان پوڻ ۾ ٻہ ڪلاڪ گذري چڪا هئا، اُس پنھنجي تيزي ڏيکارڻ شروع ڪئي شهنشاھہ جو گلو سُڪي ٺوٺ ٿي رهيو هو. آسي پاسي ڪٿي بہ ڪو آباديءَ جو يا پاڻي ملڻ جو نالو نشان نہ هو. هن هڪ دفعو وري بہ گهوڙي مٿي ويٺي چوطرف نھاريو کيس ڪٿان بہ ڪو چشمو يا کوھہ ڏسڻ ۾ نٿي آيو. ان ريت هو آهستي آهستي اڳيان وڌڻ لڳو کيس پري کان چند وڻن وٽ ڪجهہ گهرن جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. سندس دل ۾ اميد جا ڪرڻا ظاهر ٿيا، وڌيڪ همٿ اچي وئي. وڃي انھن گهرن وٽ بيٺو هڪ گهرجي اڱڻ مٿي ٺهيل ٿلھي تي چوڏهن پندرهن سالن جي هڪ نينگري ويٺل ڏٺائين.
اها سھڻي ڇوڪري ڏسي هن ويران هنڌ تي جھانگير حيران ٿي ويو، پاڻ گهوڙي تان لٿو ڇوڪريءَ کيس ادب سان سلام ڪيو ۽ چيائين تہ ”توهان سڄا پگهر ۾ ٻڏل آهيو، هتي ٿلھي تي آرام سان ويھو آئون توهان لاءِ پاڻي آڻيان ٿي“.
ڇوڪري پاڻي کڻڻ هلي وئي، جھانگير ٻاهر سوچڻ لڳو تہ هن ويران جهنگ ۾ هيءَ حسين ڇوڪري اڪيلي ڪيئن رهندي هوندي؟ تيستائين ڇوڪري هڪ ٿالھہ ۾ ماني ۽ پاڻي کڻي آئي، سندس اڳيان رکندي چيائين تہ ”پھريائين توهان ٻہ ٽي گرھہ مانيءَ جا کائجو پوءِ پاڻي پيو هڪدم سخت گرميءَ ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ سان معدي کي نقصان پھچڻ جو انديشو آهي، بک بہ اڃ سان گڏ ڏاڍي لڳي هئي، هن ڇوڪريءَ جي ڳالھہ ٻڌي پھريائين ٻہ گرھہ مانيءَ جا کاڌا ۽ پوءِ ٿڌو پاڻي پي اللھ تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيائين. ان وچ ۾ هُن ڇوڪريءَ هڪ بالٽي پاڻيءَ جي ڀري گهوڙي جي اڳيان رکي جھانگير ماني کائي واندو ٿيو تہ ڇوڪري لوٽي ۾ پاڻي کڻي سندس هٿ ڌوئارڻ لاءِ آئي. هٿ ڌوئاريندي هن جي نظر جھانگير جي آڱر ۾ پيل هيري جي منڊيءَ تي پئي، هوءَ هٿ ڌوئاري اندر گهر ۾ وئي جتان ڪجهہ ڪاغذ ۽ پينسل کڻي آئي ۽ جھانگير جي سامھون پنن تي لکڻ لڳي. هو سندس اهي ڪم ڌيان سان ڏسي رهيو هو. ڇوڪريءَ ڏانھس نھاريندي چيو، ”منھنجا معزز مھمان! ڇا آئون توهان جو هٿ ڏسي سگهان ٿي؟ جھانگير پنھنجي ساڄو هٿ هن ڏي وڌايو، هٿ ڏسي ڇوڪري وري اندر ڪمري ۾ وئي جتان واپسيءَ ۾ سندس هٿ ۾ هڪ ٻيو ڪاغذ هو جنھن تي جھانگير جي هٿ مطابق زائچو ٺهيل هو.
ڇوڪريءَ وڏي آواز سان پنھنجي ماءُ کي سڏ ڪيا، ”ماتا جي! ماتا جي! ٿوريءَ دير ۾ سندس ماءُ ڀرواري گهرمان ظاهر ٿي ۽ ايندي ئي چيائين تہ، ”روپ متي! ڇا ڳالھہ آهي؟ روپ متي هيءُ شخص ڪير آهي؟“ جيستائين ڇوڪري جواب ڏي بادشاھہ چيو تہ، ”ڀيڻ آئون آگري جو رهندڙ فوج جو سپاهي آهيان، رستو ڀلجي هتي نڪري پيس، توهان جي هن سمجهدار نياڻيءَ منھنجي ۽ منھنجي گهوڙي جي خدمت ڪئي. کارايو پياريو آئون شڪر گذار آهيان“.
روپ متيءَ هڪدم چيو تہ ”جان جي امان جيئندا قبلھ توهان پنھنجي شخصيت اسان کان لڪائي رهيا آهيو، منھنجي زائچي جي مطابق توهان شهنشاھہ جھانگير آهيو“
جھانگير روپ متيءَ جي قابليت ڏسي حيران ٿي ويو پر وري بہ پاڻ کي لڪائيندي چيائين تہ“ نہ ڌيءَ آئون پنھنجي شخصيت نٿو لڪايان پر تون ٻڌائي هن جهنگ ۾ اڪيلي ڪيئن ٿي رهين؟ تنھنجو ڪمائيءَ جو ذريعو ڪھڙو آهي؟”
پوڙهي هاڻي وچ ۾ ڳالھائڻ لڳي ۽ چيائين تہ، “روپ متيءَ جو پتا (پيءُ) بيجاپور جو هڪ وڏو پنڊت ۽ شاهي نجومي هو، هڪ ڏينھن وزيراعظم کانئس ڪنھن ڳالھہ تي ناراض ٿي ويو. پوءِ هو شاهي ملازمت ڇڏي اچي هن جهنگ ۾ ويٺو. گذريل سال وفات ڪري ويو، اسان کي فقط هڪڙي ڌيءَ آهي، جنھن کي هن پنھنجو سڄو علم سيکاريو ۽ ڌيءَ جو امتحان وٺڻ لاءِ هن جڳھہ جو زائچو ٺاهرايائين سندس ٺهيل زائچي ۽ روپ متيءَ جي زائچي مطابق هتي شاهي مھمان ايندو، جنھن جي هٿ ۾ منڊي هوندي ۽ ان ۾ ياقوت جو هيرو جڙيل هوندو. باقي سو جيئندا قبلا رزق ڏيڻ وارو بکيو نٿو سمھاري ڀرپاسي جي ڳوٺ جا ماڻھو ماني کارائيندا آهن. شهنشاھہ سلامت توهان کي ڌڻي سکي رکي منھنجي ڌيءَ جو حساب ڪتاب غط نٿو ٿي سگهي، مون کي يقين آهي تہ توهان شهنشاھہ جھانگير آهيو.“
پوڙهيءَ جي ڳالھہ ٻڌڻ کانپوءِ شهنشاھہ جھانگير لاءِ هاڻي پاڻ کي لڪائڻ جو ڪو بہ حيلو موجود نہ هو. هن پنھنجي منڊي لاهي روپ متيءَ کي ڏني ۽ چيائين ”اڄ کان تون منهجي ڌيءَ آهين“، تيستائين شاهي فوج جو دستو بہ اچي پھتو، جنھن شهنشاھہ کي فوجي انداز سان سلام ڪيو ۽ جھانگير جي اشاري سان هڪ پاسي بيھي رهيا.
روپ متي چوڻ لڳي تہ “مھاراج هنن ٻن ثبوتن جي موجودگيءَ کانپوءِ تہ توهان منھنجي نجومت کي غلط تہ نٿا چئي سگهو“، جھانگير پڇيس تہ ”ڪھڙا ٻہ ثبوت؟“ روپ متيءَ چيو تہ مھاراج پھريون ثبوت تہ شاهي فوج جي سلامي ۽ ٻيو ثبوت تہ هيتري قيمتي منڊي هڪدم شهنشاھہ جھانگير ئي دان ۾ ڏئي سگهي ٿو.”
پوءِ هوءَ تيزيءَ سان اندر گهر ۾ وئي جتان ٿوريءَ دير ۾ هڪ خط کڻي آڻي جھانگير کي ڏنائين ۽ چيائين تہ منھنجي پتا مرڻ کان اڳ توهان جي لاءِ هيءُ خط ڏنو هو شهنشاھہ اهو کولي پڙهيو، جنھن ۾ لکيل هو تہ ”مھاراج: تمام جلدي توهان دکن تي بہ حڪمراني ڪندا، منھنجي درخواست آهي تہ منھنجي زال ۽ ڌيءَ جو خيال رکجو“
انھيءَ پڙهڻ کانپوءِ شهنشاھہ جھانگير حڪم ڏنو تہ روپ متي ۽ سندس ماءُ کي شاهي محلات ۾ پھچايو وڃي. شاهي محلات ۾ راڻي نورجهان روپ متي ۽ ان جي ماءُ جي سنڀال جو ڪم پنھنجي ذمي کنيو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شھر آگري جي هڪ معزز برهمڻ جي خاندان ۾ روپ متيءَ جي شادي ڪرائي ۽ روپ متيءَ جي والد جي حيثيت سان خود شهنشاھہ جھانگير شاديءَ جي سڀني رسمن ۾ شريڪ ٿيو ۽ ڏاج جي طور هڪ وڏي جاگير روپ متيءَ کي عطا ڪئي. تاريخدان لکن ٿا تہ، جھانگير شهنشاھہ جي وفات کانپوءِ جڏهن شاھجھان تخت ڌڻي ٿيو. تڏهن هُن بہ پنھنجي ڪوٺيل ڀيڻ روپ متيءَ جي جاگير ۾ واڌارو ڪيو ۽ سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندو هو.