خودداري
راشدہ تي ڄڻ ڏکن جو جبل ڪري پيو. هڪ رنَ زال ٻيو ٽي ٻار، سفيد پوشيءِ جو ڀرم ڪيئن رکجي؟ ڪمائيءَ جو تہ ڪو سھارو ئي ڪونہ بچيو. کيس زماني جي ننڍ وڏائيءَ جو اندازو ضرور هو ڪجهہ موڙي بچائي ان خيال کان رکي هئائين، تہ وقت وڏو ظالم آهي. ڪا خبر نٿي پوي. ”ماڻھو ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾ وقت تي پنھنجو ئي پئسو ڪم ايندو آهي.
خبر هئس تہ اڪيلائيءَ جو هيءُ رِڻ معصوم ٻارن سان گڏ کيس ئي جهاڳڻو آهي. ٿورا ڏينھن وياڪل رهندي نيٺ دل ٻڌي فيصلو ڪيائين تہ پاڙي جي ڀيڻ اسماءُ سان مشورو ڪيان، هنن بچايل پئسن کي ڪجهہ ان ريت استعمال ڪريان جو مناسب آمدني هر مھيني پابنديءَ سان پئي اچي، اهو سوچي سندس گهر ويئي، هن سٺو آڌر ڀاءُ ڪندي تسلي ڏنس تہ ڀاڻس جو فرنيچر جو دڪان آهي اُتي اها موڙي لڳايون ٿا. انشاءَ اللھ سٺو اُپراسو ٿيندو. ان ريت راشدہ پنھنجي بچت ڪيل پئسي ۽ عبدالحڪيم جي مليل جي پي فنڊ جي پئسن کي اسماءَ جي ڀاءُ عبداللھ جي دڪان ”لاثاني فرنيچر“ ۾ لڳايو. کيس معقول آمدني ملڻ لڳي، پاڻ بہ نوڪري ڪندي آئي. پرائيويٽ اسڪول هئڻ جي ڪري سندس پگهار ٿورو هو پر وري بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ مدد ٿي پئي وئي.
راشدہ جا ٻہ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ پڻ هئا، جن کيس رسمي مدد جي آڇ ڪئي پر هن خودداريءَ سان کين منع ڪئي ۽ پنھنجي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي هاڻي تہ هو بي فڪر ٿي ويا. سندس ڀاڄاين بہ سک جو ساھہ کنيو تہ اسان کي ڪجهہ ڏيڻو ڪو نہ پيو.
وقت واريءَ جيان هٿن مان وهندو هلندو ويو. ٻن سالن اندر ڪووِڊ جي وبا منھن ڪڍيو، ملڪن جا ملڪ معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي، ڪاروبار ٺپ ٿي ويا. ماڻھن جون حياتيون اچي ارزان ٿيون. هر پاسي ڪووِڊ جا ڪوڪرا هئا. پاڪستان ۾ بہ ساڳي ڪار ٿي هن عالمي وبا هڻي ماڻھن جا لاھہ پٽي ڇڏيا. اسڪول بہ بند ٿي ويا. پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن هڪ ٻہ مھينا استادن کي پگهارون ڏنيون پوءِ تہ اڌ کان ئي گهٽ تي اچي ويون.
راشدہ ملول رهڻ لڳي، ڳٽن ۾ کڏا پوڻ شروع ٿي ويس. ڏينھون ڏينھن فڪر ۾ پوڻي ٿيندي وئي. تان جو لاثاني فرنيچر واري دڪان جي بہ سڄي ڪمائي بند ٿي وئي فرنيچرن جا آرڊر ئي بند ٿيڻ لڳا. کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪري؟ ٿورا ڪي پئسا بچيل هئس. انھن مان گهر جو سيڌو وٺڻ لاءِ بازار رواني ٿي پر ڇا مليو؟ پنج ڪلو اٽو، اڌ ڪلو گيھہ ۽ کنڊ ڪلو هڪ هڪ پاء داليون ٿورو گرم مصالحو، گهر پھچي سميرا کي چيائين تہ اهو سودو دٻن ۾ وجهہ، ڌيڻس کيس عجب سان ڏٺو ۽ چيائين تہ، ”امان هي ڇا وٺي آئي آهين؟ هيءُ سودو تہ مشڪل سان هفتو کن هلندو“. راشدہ مٿي تان پگهر اگهندي برقعي جا بٽڻ کوليندي چيس، ”پٽ اهو تہ رک اڳيان اللھ مالڪ آهي.“
عذير اچي چيس تہ امان ماما جو فون آهي ۽ اچي ماءُ کي فون هٿ ۾ ڏنائين. موبائيل پٽ کان وٺندي هوءَ ڀاءُ جي محبت ۾ سڄي پريشاني وساري ساڻس سھڻي نموني ڳالھائڻ لڳي، وڏي ڀاءُ خالد چيس”رمضان شريف شروع ٿيڻ وارو آهي. ڪا پريشاني تہ ڪونھي؟ ٻارن جا ڪپڙا ٺاهرايا آهن؟“ هن اطمينان سان ڀاءُ کي جواب ڏنو، ”ادا ڪا بہ پريشاني ڪونھي ڪپڙا بہ انشاءَ اللھ تيار ٿي ويندا“. ڄڻ بيوه راشدہ، ادي خالد کان وڌيڪ پنھنجو پاڻ کي تسلي ڏني. سامھون سندس ڀاءُ قرب سان چيو ”فڪر نہ ڪج آئون وسيم ھٿان ڪجهہ پئسا موڪليان پيو ۽ تنھنجي ڀاڀيءَ ٻارن جا ڪجهہ استعمال ٿيل ڪپڙا بہ شاپر ۾ رکيا آهن اهي ٻارن جي لاءِ آهن“. هن کيس گهڻو ئي چيو تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي ويندو توهين تڪليف نہ ڪريو پر ڀاڻس زور ڀريس هوءَ چپ ٿي وئي، افسوس سان موبائيل ڏي ڏسڻ لڳي، معصوم ٻار خوش ٿي ويا تہ مامي ڪپڙا ۽ عيديءَ جا پئسا موڪليا آهن. انھن کي خوش ڏسي سندس سرير جو سور جهڪو ٿيڻ لڳو، ابي امان جي اڱڻ تان ادا جي سار لھڻ تي سامت جو ساھہ کنيائين.
ڪووِڊ جي ڪري ٿيل لاڪ ڊائون راشدہ جهڙن ڪيترن وچولي ۽ غريب پر سفيد پوش خاندانن جي چيلھہ چٻي ڪري ڇڏي هئي. مٿان مھانگائيءَ جي هن طوفان کي منھن ڏيڻ اڪيلي سرندس لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. ننڍڙن ٻارن جي خواهشن ۽ مالي تنگدستيءَ جي ڪري راشدہ اها مدد وٺڻ تي مجبور ٿي نہ تہ سندس غيرت ۽ خودداريءَ وچان هوءَ اهڙو قدم ڪَرَ ڪڏهن بہ ڪونہ ڀري ها. دل کي تسلي ڏنائين تہ آخر رت جا رشتا آهن. کين مون سان محبت آهي تڏهن تہ اها مدد ڪري رهيا آهن. اللھ تعاليٰ جڏهن حالتون بھتر ڪندو تڏهن انشاءَ اللھ اهي ٿورا لاهي ڇڏينديس.
ڀاءُ جي گهر افطار پارٽي هئي، ڀيڻ ۽ ٻارن کي گهرايائين تہ اهي افطار بہ ڪن تہ سندس گهر واريءَ جي بہ راشدہ مدد ڪري. کيس چوڻ لڳو تہ، ”مون کي منھنجا ڪپڙا استري ڪري ڏي“ هن خوشدليءَ سان ڪيا. وري کيس چيائين تہ عذير کي چئو منھنجي گاڏيءَ مان سامان کڻي اچي جڏهن تہ سندس پٽ صوفا تي موبائيل ۾ راند ڪرڻ ۾ مشغول هو لحاظ ۾ عذير کي اشارو ڪيائين تہ وڃي ماما جي گاڏيءَ مان سامان کڻي اچي.
ان ريت آهستي آهستي هُن محسوس ڪيو تہ خاندان وارا سندس ٿوري مدد ڪري کانئس ۽ ٻارن کان مختلف موقعن تي ڪم وٺندا هئا. هڪ ڏينھن تہ سندس وڏيءَ ڀيڻ چئي ئي ڏنو.
”ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن، راشدہ ۽ سندس ٻار اسان جي ڪنھن موقعي يا مھل تي ڪم ڪن ٿا. آخر اسين بہ تہ سندن مدد ڪندا آهيون، ڀيڻ جا اهي لفظ راشدہ جي دل ۾ تير جيان چُڀي ويا. اهو ئي وقت هو جو هُن انھيءَ نالي ماتر رشتيداريءَ جي طعنن کان بچڻ لاءِ خودداريءَ“ سان ٻيھر جيئڻ جو فيصلو ڪيو. هن سوچيو ”ڇا ٿيو! جي عالمي وبا جي ڪري مون تي ٿورو ڏکيو وقت آيو آهي. انھيءَ جو حل بہ مون کي خود ئي ڪڍڻو پوندو. آخر ٻين جي احسانن جي وزن هيٺ سڄي زندگي ڪيئن گذارينديس؟ هن پنھنجي پاڙيسرياڻي اسماءَ ۽ سندس هڪ ٻئي ساهيڙيءَ کي ملائي پنھنجي گهرجي ڇت تي ڇڄا لڳائي “سلائي سينٽر” کوليو هڪ مشين سندس ڏاج جي هئي ۽ هڪ ٻي قسطن ۾ ورتي وئي، کيس سلائيءَ جي مڪمل ڄاڻ هئي، سيبي ٽوپي جي ماهر هئڻ ڪري اسماءِ ۽ حنا کي ڪپڙا ڪٽي ڏيندي هئي تہ ڏکيو ڪم انھيءَ ۾ پاڻ بہ ڪندي هئي. ڪجهہ ڇوڪرين کي سلائي سکڻ لاءِ پاڻ وٽ داخلا ڏنائين مختلف بوتيڪن تي بہ رابطو ڪيائين. ڪووِڊ جو زور بہ ٽٽڻ لڳو، جيئن ئي لاڪ ڊائون لٿو تہ کيس شادين مرادين ۽ عيدن جا ايترا تہ آرڊر مليا جو هوءَپاڻ حيران ٿي وئي، راشدہ گهڻي نفعي جي لالچ نہ رکي هئي، سڄي پاڙي ۾ سندس مشھوري ٿي ويئي تقريبن سڀ گهر کيس سلائيءَ تي ڪپڙا ڏيڻ لڳا، همت ۽ محنت سان راشدہ هڪ سال اندر پنھنجي ڪمزور ۽ گهٽ آمدنيءَ واري گهر کي پيرن تي بيھاريو، هاڻي “لاثاني فرنيچر” تان بہ کيس نفعي جا پئسا ملڻ لڳا ۽ صبح جو اسڪول بہ شروع ٿي ويو تہ شام جو سلائي سينٽر بہ پنھنجي اوج سان هلڻ لڳو، هڪ ڏينھن سندس ڀيڻ جي فون آئي جنھن خيرآفيت کان پوءِ چيس تہ ”تنھنجي پٽ عذير کي موڪلجانءِ مون عيد تي گهر جا نوان پردا ورتا آهن تہ پراڻا پردا ڪنھن ڪم واريءَ کي ڏيان ان جي بدران توکي ڪم اچي وڃن عذير اهي کڻي وڃي.“
راشدہ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي سڪون سان ڀيڻ کي وراڻيو تہ، ادي مون پاڻ پنھنجي گهر ۾ هن عيد جي لاءِ نوان پردا لڳايا آهن، اللھ جو شڪر آهي منھنجو ڪم تمام سٺو پيو هلي. ”سميرا سلائي سينٽر“ هاڻي ڪامياب ٿي ويو آهي.توهان کي بہ جيڪڏهن عيد لاءِ ڪپڙا سبرائڻا هجن تہ مون ڏي موڪليو، توهان کي مفت سبي ڏينداسين بنا ڪنھن حجاب جي موڪلي ڏجو.“
ڀيڻس جا تہ تاڪ لڳي ويا، ”جهيڻي آواز ۾ چيائين ”اڇا!“ ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين، ”سٺو، شڪر ٿيو اللھ تعاليٰ هر ڪنھن کي پنھنجي پيرن تي بيھاري“، راشدہ ٻارن ڏي نھاري وڏي آواز سان چيو ”آمين“ ۽ مُشڪي ٻارن ڏي ڏٺائين جن جي پر اعتماد چهرن تي ڄڻ سوين رنگين پوپٽ اڏامڻ لڳا هئا.