مھاڳ
ٻارن لاءِ لکڻ انتھائي خوبصورت عمل آهي، اُن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اصلوڪيون ڪھاڻيون، شاعري، مضمون ۽ ناول لکيا وڃن ٿا، اُن سان گڏ ٻين ٻولين مان بہ ترجمي جي صورت ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهہ ٿي رهي آهي، جنھن سان ٻاراڻو ادب اڃا بہ ترقي ڪندو. هن وقت منھنجي مطالعي هيٺ منفرد ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻيون جو ڪتاب ”انوکو رازو“ آهي، جيڪو پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿو، جنھن ۾ بھترين ڪھاڻيون شامل آهن ۽ اُن ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ ڪھاڻين جو مون اڀياس ڪيو آهي اهو اوهان جي آڏو رکان ٿو.
ڪھاڻي: ”انوکو رازو“ هيءَ پراڻي دور جي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ بادشاھہ شجاع پنھنجي ملڪ جي وڏي وزير وقار بيگ کي چوي ٿو تہ پاڻ جنگيون هارائي رهيا آهيون، ۽ ايئن نہ ٿئي جو ٻئي ملڪ جي فوج اسان تي قابض ٿي وڃي. هاڻي ان متعلق ڪا ترڪيب وڏي سوچي وَٺُ جيئن پاڻ کي ڪاميابي ملي نہ تہ ٻي صورت ۾ توکي وڏ وزارت تان هٽايو ويندو. وڏي وزير وقار بيگ بادشاھہ سان واعدو ڪيو تہ هاڻي پاڻ فاتح ٿينداسون مان اها ترڪيب سوچيان ٿو. وڏو وزير پريشان حال ٿي سوچيندو رستي تان وڃي رهيو هو تہ انھيءَ ساڳئي رستي تي ايندڙ هڪ نوجوان رازي طارق سان ٽڪرائجي ويو. طارق رازي کيس وزير کي چيو تہ ”اوهان پريشان لڳو ٿا ڪو مسئلو آهي تہ مان اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو“.ڳالھہ ٻڌڻ کانپوءِ هن چيو ”تہ مون وٽ هڪ ترڪيب آهي تہ پاڻ هڪ ڪنڊائتن پٿرن سان قلعو جوڙايون ٿا جنھن جي اندر دشمن ملڪ جي فوج داخل نہ ٿي سگهندي، جيڪڏهن اهي پٿر جي ڀتين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا تہ هيٺ ڪري زخمي ٿيندا ويندا اهڙي طرح پاڻ بغير جنگ ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪنداسين“. طارق رازي جي اها ترڪيب ڪم آئي ۽ دشمن جي فوج ڀتين تي چڙهندي زخمي ٿي واپس هلي وئي، بادشاھہ شجاع طارق رازي جي ان ترڪيب کي ساراهيو ۽ اُن وٽ طارق رازي جي واھہ واھہ ٿي وئي تہ وزير وقار بيگ کي ساڙ ٿيڻ لڳو ۽ اُن بادشاھہ کي ورغلائي اُن کي قلعي جي آخري منزل تي قيد ڪرايو. طارق رازو ذهين نوجوان هو ان وجهہ ملندي سفيد چادرن کي ملائي پيراشوٽ ٺاهي ورتي ۽ قلعي جي اونچي ڀت کان هيٺ اڏامندي لٿو تہ ماڻھو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ بادشاھہ شجاع بہ اُن جي اهڙي ايجاد ۾ ذهانت کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان کي وڏو وزير مقرر ڪيائين ۽ وقار بيگ کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، طارق رازو رحمدل انسان هو ان وقار بيگ کي معافي ڏياري، هن ڪھاڻي جو حاصل مطلب اهو آهي تہ دنيا ۾ ڪنھن سان بہ ساڙ نہ ڪرڻ گهرجي پر پنھنجي ذهانت سان نيون ايجادون ڪرڻ گهرجن.
”ڪرنل ۽ ڪبوتري“ڪھاڻي جنگ جي موضوع تي آهي، جنھن ۾ ٻي مھاڀاري جنگ جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ هڪ ڪمزور ٽوٽي ڪبوتري ڪرنل جو حڪم ٻُڌي هڪ فوجي طرفان ٻُڌايل رستي تي برف باري ۾ اُڏام شروع ڪئي ۽ اُن جي ڪنن ۾ ڪرنل جا لفظ گونجڻ لڳا ته” ”اسان سڀني جي زندگي تنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي آهي“ ۽ پوءِ هوءَ گهڻو تيز اُڏامڻ لڳي وڏي جاکوڙ کانپوءِ آخرڪار اها ڪبوتري اتحادي فوجين وٽ پھچي وئي. هن ڪھاڻي مان ٻارن کي ان ٽوٽي ۽ ڪمزور ڪبوتري جي همت ۽ بھادري جو سبق ملي ٿو ۽ همت سان هر مشڪل ڪَمُ ڪري سگهجي ٿو. ” ڊاڪٽر پروين لکي ٿي تہ،”باهمت ڪبوتريءَ جو مجسمو لنڊن جي هڪ چو واٽي تي نصب آهي، جو ماڻھن ۾ وڏا ۽ سُٺا ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو“.
”پريما ڪماري“تعليم جي موضوع تي مبني آهي، جنھن ۾ پريما هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪري وڏيءَ محنت سان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ٿي، سچي واقعي تي لکيل ڪھاڻيءَ جو ڊاڪٽر صاحبہ سنڌيءَ ۾ منفرد ترجمو ڪيو آهي ڄڻ تہ اها ڪھاڻي سنڌي ۾ ئي لکي وئي هجي!.. هن ڪھاڻي مان اهو سبق ملي ٿو تہ مسلسل محنت ۽ جُستجو سان منزل حاصل ٿئي ٿي ۽ ماڻھو غريب مان امير بڻجي وڃي ٿو.
”محنت جو ڦل“مان اسان کي انسان دوستي جو درس ملي ٿو، جنھن ۾ ماڻھو ڪنھن ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي ڪم ايندا آهن. هن ڪھاڻي ۾ انگريزي اديب ٿامس جي حياتي جو هڪ واقعو بيان ٿيل آهي، اُن موسميات جي موضوع تي هڪ منفرد ڪتاب لکيو هو ۽ ان کي زندگي جي هڪ موڙ تي جيل وڃڻو پيو تہ اُتان جي هڪ اداڪار ڪئن اُن جي مدد لاءِ جيل تي وڃي ملاقات ڪئي ۽ خاص ماني گهرائي اُن سان گڏ کاڌي ۽ هڪ سئو پائونڊ چيڪ اُن کي مڃتا طور انعام ۾ ڏنو. هيءَ هڪ سٺي ۽ دلچسپ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ اهو اداڪار اُن اديب جي مدد ڪري خوشي حاصل ڪري ٿو.
”وڻ بچايو، وڻ لڳايو“پُر اثر ڪھاڻي ۾ فطرت ۽ ماحول دوستي جو سڏ ڏنو ويو آهي، هن ڪھاڻيءَ ۾ فطرت ۽ وڻڻ سان پيار ڪندڙ ڪردار آندا ويا آهن، وڻ اسان کي آڪسيجن مھيا ڪن ٿا ۽ علائقي مان گرمي پد بہ گهٽائن ٿا. اهڙي احساس سان هيءَ هڪ ڀرپور ڪھاڻي آهي. جنھن مان ٻارن کي سٺي ڄاڻ ملندي فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ جو درس بہ ملي ٿو.
هن ڪھاڻين جي ڪتاب ” انوکو رازو“ ۾ سڀئي ڪھاڻيون دلچسپ ۽ انوکيون آهن جيڪي ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون، تبصري کان رهيل ڪھاڻيون، ”جنھن کي ﷲ رکي“، ”دلي خواهش“، ”سبق حاصل ٿيو“، ”چوٿون چور“، ”ڏهوڻا پئسا“، ”محبت جي ڪاميابي“، ”جادوئي گڏيون“ بہ بھترين ڪھاڻيون آهن، جنھن ۾ سنڌيڪارا ڊاڪٽر پروين جي چونڊ منفرد آهي ۽ انھن ڪھاڻين جو ترجمو بہ هُن سھڻي نموني سان ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون ايئن لڳن ٿيون ڄڻ تہ اهي اصلوڪيون ڪھاڻيون هجن. ٻي ٻوليءَ مان ترجمو ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ ڪو سولو ڪم بہ ناهي، ان لاءِ بہ مترجم کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي، ان حوالي سان سنڌيڪارا پاڻ ملھايو آهي ۽ اميد آهي تہ هي سندس ترجمي واري ڪاوش پڙهندڙن کي قبول پوندي.
وحيد محسن