ٻاراڻو ادب

انوکو رازو (ٻارن جي لاءِ چونڊ دلچسپ ڪهاڻيون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي ھن ڪتاب ”انوکو رازو“  ۾ ڪل 13 ڪھاڻيون شامل آھن.  دلچسپ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي. ھي ڪھاڻيون ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون ۽ إصلاحي پڻ آھن. ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون ويون آھن.

Title Cover of book Anokho Raazo

محبت جي ڪاميابي

هڪ هاري پنھنجي ٻنيءَ تي ڍڳا ڪاهي هر هلائڻ لاءِ صبح جو جيئن ئي گهر کان نڪتو تہ پويان سندس گهر واري ڪريمان ٻاهر ڪجهہ پئسا کڻي در تي آئي تہ جيئن ڪا ڀاڄي ڀُتي وٺي اچي ماني ٺاهي. کيس ٻارهين وڳي گهرجي ويجهو ٻنيءَ تي مڙس کي ماني ڏيڻ لاءِ وڃڻو هو. واپس جو دروازي وٽ پھتي تہ ڏٺائين ٽي پرديسي سندس گهرجي چانئٺ جي ويجهو دِڪيءَ تي ويٺا آهن کانئن خير عافيت پڇي ماني ٽڪيءَ جي صلاح ڪيائين هنن هائوڪار ڪئي.
هوءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ ماني ٺاهڻ لڳي جڏهن کاڌو پچي راس ٿي ويو تڏهن دروازي تي وڃي انھن کي کائڻ جي آڇ ڪيائين ۽ گهر اندر اچڻ جي صلاح ڪرڻ لڳي، انھن ۾ جيڪو پوڙهو شخص هو ان کيس چيو تہ ”امان اسين ڪنھن بہ انھيءَ گهر ۾ اندر ماني کائڻ تيستائين ڪونہ ويندا آهيون جيستائين انھيءَ گهر جا مرد موجود نہ هجن تنھنجو گهر وارو ٻاهر نڪري ويو آهي اهو جڏهن ايندو اسين تڏهن اينداسين“.
ڪريمان ماٺ ڪري پنھنجي مڙس جي لاءِ ٺاهيل ماني پاڙي جي ڇوڪري کي ڏني هو اها کڻي ٻنيءَ تي ڏيڻ ويو.
شام ٿي ڪريمان جو مڙس گهر آيو هن جو دروازي وٽ ٽي اوپرا ماڻھو ڏٺا حيران ٿيو ۽ کين پرديسي سمجهي مانيءَ جي صلاح ڪرڻ جو سوچيائين پر وري خيال آيس تہ خبر ناهي گهر ۾ سامان سيڌو آهي يا نه؟ پھرين گهر واريءَ کان پڇان پوءِ انھن کي گهرايان اندر اچي زال سال ڳالھہ پڻ ڪيائين ۽ کيس چيائين تہ ”انھن پرديسين کي ماني ڇوڪونہ کارايئي؟“ جوڻس جواب ڏنو ”مون گهڻيئي چيو ۽ انھن لاءِ پچائي بہ رکي آهي پر جيڪو پوڙهو ماڻھو آهي ان چيو تہ جيستائين تنھنجو مرد گهر ۾ نہ هوندو اسين اندر ڪونہ اينداسين“ هاري انھن جي اخلاق کان متاثر ٿيو ۽ ڪريمان کي چوڻ لڳو،
”ٺيڪ آهي وڃي کين چئو تہ منھنجو مڙس اچي ويو آهي توهين هاڻي اندر اچي ماني کائو“.
مائي دروازي تي وئي تڏهن پوڙهي هڪ ٻي ڳالھہ ڪئي هن چيو، ”اسان جو پاڻ ۾ عھد آهي تہ ڪو بہ هڪ ڄڻو ويندو ۽ باقي ٻيا ٻہ ٻاهر هوندا ۽ جنھن جو جھڙو نالو آهي ان ۾ اها ئي خاصيت آهيجيئن مثال طور، منھنجو نالو ”دولت“ آهي تہ آئون جي ڪڏهن توهان جي گهر اندر داخل ٿيندس ۽ مھمان ٿيندس تہ پوءِ توهان جي گهر ۾ ايتري دولت ايندي جا توهين سنڀالي بہ ڪونہ سگهندا، ڳڻڻ کان مٿي هوندي‘. ٻيا ٻہ دوست ”فتح “ ۽ ”محبت“ آهن، هاڻي تون ٻڌاءِ تہ ڪنھن کي ٿي مھمان ڪرين؟“
هيءَ عجيب روئداد ٻڌي ڪريمان تہ صفا حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ورندي ڏنائين ”ٺيڪ آهي آئون گهر ۾ مشورو ڪري اچي ٻڌايان ٿي“. ڪمري ۾ اچي هاريءَ کي سڄي ڪٿا ٻڌايائين هن کي چوڻ لڳي تہ، ”پاڻ ”دولت“ کي مھمان ٿا ڪريون گهر ۾ جام پسئو اچي ويندو ۽ ان جي پاڻ کي سخت ضرورت پڻ آهي“.
هاريءَ چيس ، ”نہ تون ”فتح“ جي مھماني ڪر پوءِ جيڏانھن پاڻ جو پير ويندو اوڏانھن خير ٿيندو پاڻ برڪت وارا ٿي وينداسين هر پاسي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿيندي، سکن جو سج اڀرندو“.
سندن ڌيءَ جا پريان پينگهي ۾ ويٺل هئي چوڻ لڳي، ”نہ بابا منھنجي خيال کان توهين ”محبت“ کي گهر ۾ آڻيو محبت ۾ وڏي طاقت آهي اها نفاق کي ختم ڪري ٿي تہ محبت دليون فتح ڪندڙ آهي ۽ محبت سان ڪيل محنت جي ڪري دولت پاڻيھي اچي ويندي. محبت جو مان سڀني کان مٿي آهي“ پڻس ڌيان سان ٻڌي ڪريمان کي چيو تہ ”پنھنجي ڌيءَ وڌيڪ سٺي ڳالھہ ڪري رهي آهي“.
ڪريمان پوءِ محبت کي سڏڻ لاءِ ٻاهر وئي جڏهن محبت وارو بزرگ ساڻس گڏ اندر پئي آيو تڏهن ٻيا ٻئي بہ اچڻ لڳا، ڪريمان وڏي پوڙهي کي چيو، ”توهان تہ چيو هو اسان مان ڪنھن بہ هڪ کي اندر اچڻو آهي هاڻي تہ توهين ٽيئي پيا هلو پوءِ اها رڪاوٽ پھرين توهان ڇو وڌي؟“.
پوڙهو مشڪڻ لڳو، چيائين، ” اسان وٽ ”محبت“ سڀني ۾ خاص آهي. انھيءَ سان اهو هڪ وارو شرط لاڳو ڪونہ ٿو ٿئي اهو جتي ويندو اُتي اسان ٻئي بہ ساڻس گڏ هونداسين“.
ڪريمان جو مڙس بہ دَرَ تي انھن جي آجيان ڪرڻ آيو، ۽ کين وٺي اچي عزت سان ويھاريائين. انھيءَ ڏينھن کانپوءِ سندن چڱا ڏينھن شروع ٿي ويا.
پيارا ٻارو! هن اشارتي ڪھاڻيءَ مان سبق اهو ٿو ملي تہ هن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو سک محبت جي حاصلات آهي، محبت والدين سان، اولاد سان، علم سان، دين سان، استادن سان، شاگردن سان، پوريءَ دنيا جي مخلوق سان رب پاڪ جي محبت جو مظھر آهي، محبت ئي آهي جا جيون جيئڻ جو حوصلو عطا ڪندڙ ۽ ڪم جي توفيق پيدا ڪندڙ ۽ انساني حياتيءَ ۾ اُتساھہ جو ڪارڻ آهي، پنھنجي زندگيءَ ۾ هن جذبي جي سچائيءَ ۽ مضبوطيءَ کي ضرور سمجهيو.


***