دِلي خواهش
اوچتو گوڙ گهمسان جا آواز اچڻ لڳا، ڇوڪرن ٻاهر جهاتي پائي ڏٺو تہ ٻہ ڇوڪرا هڪ ساٿي ڇوڪري کي ٻانھن ۾ ڀڪوڙي وٺي پئي آيا جيڪو ٿورا ڏينھن اڳ هتي ڀرتي ٿيو هو. اهو فيصل هو جنھن جي ڪنڌ ۾ رسيءَ جو ڦاهو پيل هو. جڏهن اهي سڀ ويجها آيا تڏهن سڀ ڇوڪرا انھن جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، هڪڙي ڇوڪري هن جي ڪنڌ مان رسيءَ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ٻيو چوڻ لڳو، ” نہ کول ان ئي رسي سميت هن کي آفيسر وٽ وٺي وڃو، پر انھيءَ ڇوڪري اها صلاح نظرانداز ڪري ڇڏي ۽ هن جو رسو کولڻ شروع ٿي ويو رسي ۾ ڳنڍيون ايتريون تہ ڏاڍيون ٿي ويون هيون جي گهڻي محنت سان ڪجهہ ڍريون ٿيون تڏهن اهو ڇوڪرو فيصل ڪجهہ سامت ۾ آيو سندس منھن ڳاڙهو لال ٿي ويو هو ساھہ اچي گهٽيس پر پوءِ رسيءَ جي ڍري ٿيڻ سان حواس بحال ٿيا ۽ پاڻي پي سڀني ڏي نھارڻ لڳو.
جيڪي ڇوڪرا کيس وٺي آيا هئا انھن آفيسر کي اطلاع بہ ڪرايو ۽ جيئن ئي آفيسر آيو تہ سوال ۽ جواب شروع ٿي ويا. انھن ڇوڪرن کيس ٻڌايو تہ ”اسان ڊوڙي رهيا هئاسين واپس وڃڻ مھل هن کي وڻ ۾ ٽنگيل ڏٺوسين هن جون ٽنگون هوا ۾ هيون ۽ زبان ٻاهر پئي آيس اسان هڪدم مٿي وڻ تي چڙهي هن جي رسيءَ کي ڪٽيو نہ تہ هي مري وڃي ها!!“.
آفيسر فيصل ڏي نھاري پڇيو،.
”تو اها حرڪت ڇو ڪئي؟ توکي ڪھڙي پريشاني آهي؟
ڇا توکي هتي ڪير تنگ ٿو ڪري؟ ڇا اسين سڀ تنھنجا دوست نہ آهيون؟“
فيصل ”اهڙو ڪڇي جھڙي ڀت“ رڳو آسمان ۽ وڻن ڏي نھارڻ لڳو. آفيسر وري وڌيڪ سوال ڪرڻ لڳو پر هو چپ رهيو. آفيسر کي ڪاوڙ اچي وئي. رڙ ڪري چيائين” ڇا تون ٻوڙو آهين يا تنھنجو دماغ جڳھہ تي ڪونھي؟ آئون بڪواس پيو ڪريان؟“ ”جواب ڇو نٿو ڏين؟“ آفيسر جي رڙين سان موجود ڇوڪرن ۾ چُر پُر شروع ٿي وئي. اوچتو سارجنٽ اعظم بہ اچي پھتو اهو هڪ سخت ۽ رکي مزاج وارو سارجنٽ هو.
”ڪھڙو تماشو پيو ٿيئي؟ ايترا ڄڻا ڇو گڏ ٿيا آهن؟“هن جو گونجدار آواز ٻڌي سڀ ڇوڪرا ٽڙ پکڙ ٿيڻ لڳا.
”سر! هن خوڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪرن هن کي بچائي ورتو“. ٽريننگ آفيسر جواب ڏنو.
”مرڻ ڏيوس ها، جي خود ڦاهو کائي مري ٿو تہ پوءِ توهان ڇو روڪيو؟“. پوءِ فيصل طرف مڙي سندس ڪنڌ ۾ پيل رسي کي لوڏو ڏيئي اکين ۾ اکيون وجهي سختيءَ سان چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ خودڪشيءَ ۾ ناڪاميءَ جي سزا ڪھڙي آهي؟“ فيصل وري بہ ماٺ هو سندس مستقل جيءَ ماٺ هن آفيسر کي بہ ڪاوڙائي وڌو. هن جي کاڏيءَ کي زور سان جهلي مٿي ڪري چوڻ لڳو، ” آئون ضابطي واري نظام کي پسند ڪندو آهيان مونکان انھيءَ قسم جا ناٽڪ نہ برداشت ٿيندا آهن ۽ نہ ئي انھن ڇوڪرن کي ڍرَ ڏيندس انھيءَ سان اسان جي کاتي جي بدنامي ٿيندي“.
”ڇا نالو آهي تنھنجو؟“
”فيصل“.
”عمر ڪيتري آهي؟“
”سورنھن سال“.
”ڪيتري وقت کان هتي آهين؟“
”هفتي کان“
”آپگهات ڇو ٿو ڪرڻ چاهين؟“
”مون کي خبر ناهي“
”گهڻو چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. اٿي بيھہ“
”ڇوڪرا! ڇا تون پوليس جي کاتي مان خوش ناهين؟“
”نہ بلڪل نه“ اهو چوندي هُن پاڻ کي سارجنٽ جي ٿڦڙ کائڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو.
”تو جھڙا ڇوڪرا ڪٿي بہ خوش رهي نٿا سگهن. بهشت ۾ بہ نہ . ايئن چوندي هُن هڪ زوردار لپاٽ فيصل کي ٺڪاءُ ڪرائي. لپڙ لاءِ تہ هُو تيار هو پر ايتري زوردار لپاٽ هن حياتيءَ ۾ ڪونہ کاڌي هئي. وڃي پري ڪريو اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳيس سارجنٽ اتي بس نہ ڪئي هن جي رسيءَ کي ڇڪ ڏيئي کيس گهليندو پنھنجي آفيس ڏي وٺي ويو جتي پيل هڪ بئنچ تي کيس ڦٽو ڪندي چوڻ لڳو.”ڪتي جا پڇ! تو جهڙن پُڇن کي سڌو ڪرڻ ۾ آئون طاق آهيان، تون خود کي کير پياڪ ٻار ٿو سمجهين! ڇا سڄي عمر ماءُ جي هنج ۾ گذاريندين!؟“
اوچتو فيصل ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي. ”آئون توهان سڀني وحشين ۽ جهنگلين کان نفرت ٿو ڪريان! توهين سڀ ماڻھو ڪتا آهيو!“ سارجنٽ جو منھن ڪروڌ سان ڳاڙهو ٿي ويو هن کي ڪڏهن ڪنھن اهڙي قسم جا لفظ ڪونہ چيا هئا پر پوءِ جڏهن کيس سمجهہ ۾ آيا تڏهن هڪ زوردار لت فيصل جي پيٽ ۾ وڃي لڳي. فيصل انھيءَ اوچتي حملي لاءِ تيار ئي نہ هو. هو وري وڏي آواز ۾ روئڻ لڳو. سارجنٽ پنھنجي ميز ڏي مڙيو تہ فيصل ننڍي ٽيبل تي پيل هڪ چاقو کڻي پنھنجي ڪرائيءَ جي نَس ڪٽي، سارجنٽ جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويٺو تہ هيءُ نئون کٽراڳ ڏسي هيڪاري هِنَ ڪاسائڪي ڪار تي وڌيڪ ڪاوڙ آيس پر ڏٺائين تہ رت ريلا ٿي پي هُنَ جي ڪراين مان نڪتو. ڊپ ٿيس تہ مون تي نہ سڄو الزام اچي هڪدم ٻولي مٽائي کيس پٽيون ٻڌي پيار ڪري سمجهائڻ لڳو، خبر هيس تہ اڄ ۽ صبح ايس ايس پي جو وزٽ آهي، جي منھنجي شڪايت ئي وئي تہ پوءِ تہ خير ڪونھي...!!
ايس ايس پي صاحب پنجيتاليھن سالن جو قدآور سٺن نقشن وارو ظاهري طور مھربان ماڻھو ڏسڻ ۾ پئي آيو سندس اکين جي جوت مان ذهانت ليئا پائي رهي هئي ڪچڙي منجهند ڌاري هن جي گاڏي اچي ڪيمپ جي آفيس وٽ بيٺي انھيءَ کان اڳ سارجنٽ فيصل کي سندس خيمي ڏي موڪلي ڇڏيو هو. ايس ايس پي عمران صاحب جيئن ئي آفيس ۾ پھتو سارجنٽ جي مٿي تي پگهر جا ڦڙا اچي گڏ ٿيا کيس خبر هئي آفيسر وري بہ هُن تي ئي الزام هڻندو تہ ”توهين نااهل آهيو جو توهان جي ڪيمپ ۾ خودڪشين جھڙا واقعا ٿي رهيا آهن“. ايئن ئي ٿيو هن عمران صاحب کي اٿندي ئي گهڻي وضاحت ڏني پر اهو ئي لقب مليس، ”اوهان جي غلفت ۽ نااهليءَ جي ڪري اهو واقعو ٿيو آهي“ سارجنٽ کي دل ۾ ڏک تہ اِلاهي ٿيو پنھنجي گهٽتي محسوس ٿي پر دِل ۾ ئي آفيسر کي گاريون ڏيئي سگهيو ٿي.
تربيتي ڪيمپ کان ٿورو پر ڀرو پاڻيءَ جي هڪ وڏي ٽانڪي ٽه ماڙ عمارت کان بہ مٿانھين ٺهيل هئي، اتي ئي ويجهو ايس ايس پي عمران کي سڀني نوجوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪرڻو هو سڀ گاڏين ۾ اوڏانھن روانا ٿيا، فيصل وري ٻيھر خودڪشيءَ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو، هُو انھيءَ ٽانڪيءَ مٿي چڙهي ويو ۽ جيڪي سيڙهيون پاسي کان ٽانڪيءَ ڏي وڃڻ واري رستي جون هيون انھن تي چڙهڻ لاءِ جيڪو دروازو لڳل هو هن انھيءَ کي بہ اندران بند ڪري ڇڏيو هو هاڻي ڪير بہ سندس پويان اُتي چڙهي نٿي سگهيو، سڀ ماڻھو انھيءَ ٽانڪيءَ جي چوگرد گڏ ٿي ويا.
سارجنٽ سخت پريشان هو تہ هن جزا مان خيريت سان جند ڪيئن ڇڏائي هن ٻين آفيسرن کي بہ گهرائي ڇڏيو هو. سڀ انھيءَ کي لاهڻ جون ترڪيبون ڪرڻ لڳا، ڪنھن چيو تہ فائر برگيڊ وارن کي گهرايو جن وٽ ڊگهي ڏاڪڻ آهي، جنھن سان ڇوڪري تائين پھچي سگهجي ٿو. پر ڪجهہ بہ عملي طور ڪونہ ٿيو هو ۽ فيصل سڀني جي بي وسيءَ جو تماشو ڏسي رهيو هو هن کي يقين هو تہ هاڻ هن تربيتي ڪئمپ مان هو ضرور آجو ٿيندو اوچتو ڪاري رنگ جي وڏي ڪار پوليس جي نيم پليٽ سان اچي انھيءَ ميدان ۾ بيٺي جنھن مان ايس ايس پي عمران صاحب اچي لٿو. آفيسر کيس سليوٽ ڪيو هن ويجهو ٿي پڇيو تہ ”ڪھڙو مسئلو آهي؟“
سارجنٽ وراڻيو، ”سر! هڪ تربيتي ڇوڪرو خودڪشيءَ جي ارادي سان مٿي ٽانڪيءَ تي چڙهي ويو آهي“.
”مون ٻڌو آهي تہ پھرين بہ هڪ ڇوڪري انھيءَ طريقي جي حرڪت ڪئي آهي“ عمران صاحب پڇيو،
جي سر، هيءُ اهو ئي ساڳيو ڇوڪرو آهي جنھن پھرين وَڻَ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ پنھنجي ڪرائي چاقوءَ سان ڪٽي هاڻي اڄ وري موت کي گلي لڳائڻ جي ڪري رهيو آهي. ايس ايس پي عمران پنھنجي هٿن کي نرڙ تي رکي ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو تہ جيئن ڇوڪري تي سندس نظر پوي فيصل تي نظر پوندي ئي سندس منھن هيڊو ٿي ويو بي اختيار وات مان نڪتس ”غلطي منھنجي آهي“. سارجنٽ سندس جهيڻي آواز مان ڪجهہ سمجهيو ڪجهہ نہ سمجهيو ڏانهس نھاريائين تہ هو پنھنجي پورن ۾ پئجي ويو هو.
ايس ايس پي عمران جي پٽ کي تصويرن ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هو سندس ٺاهيل پينٽنگز جي هر هڪ واکاڻ ڪندو هو. پر سندس پيءُ کي اهو شوق سخت ناپسند هو. هُن پٽ کي چيو تہ ”اهي تصويرون ٺاهڻ بند ڪري ۽ پڙهائيءَ تي توجھہ ڏي نہ تہ کيس ڪٿي بہ ڪا نوڪري ڪونہ ملندي“ پر پٽ جو هڪ ئي جواب هو تہ هُو پنھنجي روحاني ۽ قلبي سڪون لاءِ اهي تصويرون ٺاهي ٿو هڪ ڏينھن عمران صاحب پٽ کي ويھاري گهڻو سمجهايو ”بابا پئسو دنيا جي وڏي طاقت آهي هيءُ تصويرون تنھنجو پيٽ ڀري نٿيون سگهن ڪو اهڙو ڪم ڪر جنھن مان چار پئسا ملن“ پر هو پنھنجي فيصلي تي قائم هو انھيءَ هوندي بہ ڪجهہ پڙهندو هو ۽ انٽرميڊئيٽ بہ سٺن نمبرن سان پاس ڪيو هئائين پر دلي شوق هئس تہ مصوريءَ ۾ نالو ڪڍي سندس پيءُ کيس ضد ڪري پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو. هُو نفيس خيالن وارو ڇوڪرو هن ماحول کي برداشت نہ ڪري سگهيو.
فيصل جيئن ئي هيٺ ٽپو ڏيڻ جي لاءِ ٽانڪيءَ جي لوهي تارن واري ڇڄي تي چڙهي بيٺو ايس ايس پي پنھنجي خيالن مان سجاڳ ٿي رڙيون ڪرڻ لڳو. ”فيصل! پٽ فيصل!! خدا جي واسطي هيٺ اچي وڃ جيئن تون چاهيندين ايئن ٿيندو آئون خود توکي وڏو مصور ٺاهيندس تون هيٺ لھي اچ!“
فيصل هيٺ نِوڙي ڏٺو تہ پوڙهو پيءُ ٻانھون پکيڙي کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ بيٺو آهي. ۽ سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري پئي ڪريا، فيصل پنھنجي اندر ۾ ڪيترو بہ اٽل هو پر پڻس جي واعدي تي کيس اعتبار هو تہ هُو واعدي جو سچو آهي ان ڪري آهستي اهستي هيٺ لھڻ شروع ڪيائين.
سارجنٽ حيران ٿي ايس ايس پي عمران ڏي ڏٺو ۽ عجب مان پڇيائين، ”سر فيصل توهان جو پٽ آهي؟“
”ها! مون زبردستي کيس پنھنجي شعبي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو ۽ کيس هتي ڀرتي ڪرائڻ کان اڳ هدايت ڪئي هئم تہ ڪنھن کي بہ منھنجي باري ۾ نہ ٻڌائج مون نٿي چاهيو تہ منھنجي ڪري هن سان ٽريننگ ۾ ڪا رعايت ٿيئي. پر هاڻي آئون سمجهي ويو آهيان تہ ٻار جي ذهني لاڙي ۽ دِلي شوق کي ڏسي ئي انھيءَ جي مستقبل جي سوچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي آئون خود بہ هن جي مدد ڪندس مون کي يقين آهي تہ آئون هن کي ملڪ جو نامور مصور ٺاهيندس“
فيصل هيٺ اچي چڪو هو، ٻيئي پيءُ ۽ پٽ هڪٻئي ڏي ڊوڙي ڀاڪرن ۾ ڀرجي ويا ڄڻ محبت جا موتيا مالھائن ۾ پروئجي ويا.
***