ٻاراڻو ادب

انوکو رازو (ٻارن جي لاءِ چونڊ دلچسپ ڪهاڻيون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي ھن ڪتاب ”انوکو رازو“  ۾ ڪل 13 ڪھاڻيون شامل آھن.  دلچسپ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي. ھي ڪھاڻيون ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون ۽ إصلاحي پڻ آھن. ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون ويون آھن.

Title Cover of book Anokho Raazo

جنھن کي ﷲ رکي

محمد حميد هڪ ايماندار، صابر ۽ شاڪر شخص هو کيس ٻہ نياڻيون، ٻہ پٽ هئا هو ننڍي شھر جي هڪ پاڙي ۾ ٻن ڪمرن جي گهر ۾ پنھنجي اولاد، گهرواري، ماءُ پيءُ ۽ هڪ ڀيڻ ڪل ملائي نون ڀاتين سان رهندڙ هو.
محمد حميد جو ڀاڄين جو دڪان هو هُو صبح سوير گهران نڪري ڀاڄي منڊيءَ تان سايون ڀاڄيون ڪَٽَن ۾ وٺي رڪشا ۾ کڻائي شھر جي وچ ۾ موجود پنھنجي دڪان تي کولي اچي رکندو هو. سندس وَکر صبح نوين بجي کان وڪامجڻ شروع ٿي، رات جو ستين يا اٺين وڳي ختم ٿي ويندو هو، هُو بچيل ڀاڄيون کڻي ۽ بازار مان نان وٺي گهر اٺين بجي رات تائين پھچي ويندو هو. جوڻس چلھہ ٻاري انتظار ۾ ويٺي واٽ نھاريندي هئي تہ جيئن ئي ڀاڄيون پھچن هوءَ ٻوڙ ٺاهي گهر وارن کي ماني کارائي کيس نڻان حميده پڻ مدد ڪرائيندي هئي اهڙيءَ ريت اڌ /مني ڪلاڪ ۾ ڀاڄي پچي راس ٿيڻ کانپوءِ هو ٿيلھين ۾ بند نان کولي دستر خوان وڇائي سڀ گڏجي ماني کائيندا هئا. سندن گهر ۾ انھيءَ سادي ٻوڙ مانيءَ تي تمام گهڻو شڪرانو، ميٺ محبت ۽ هڪٻئي لاءِ قربائتا جملا هئا، بسم ﷲ ڪري شروع ڪرڻ کانپوءِ سڀ آخر ۾ وڏي آواز سان گڏجي ”شڪر الحمد ﷲ“ چوندا هئا. محمد حميد جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي بہ سڀ کيس وڏو مان ڏيئي روزاني جي خير خيريت پڇي آڌر ڀاءُ ڪندڙ هئا.
سندن گهر جي بلڪل سامھون شھر جي قاضيءَ جو ٻہ ماڙ گهر هو گرمين ۾ رات جو جڏهن هو پنھنجي ماڙيءَ جي بالڪونيءَ ۾ اچي بيھندو هو تڏهن کيس محمد حميد جي گهر جو اڱڻ چٽو پٽو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جتي انھن سڀني کي کِلُ خوشيءَ سان ماني کائي شڪر گذاري ڪندي ڏسي هو سوچيندو هو تہ، ”ڪاش! منھنجي گهر وارن کي ﷲ پاڪ اها توفيق ڏئي جو هو رب جو ڏنل رزق هيتري شوق ۽ خوشيءَ سان کائي رزق جو شڪر ادا ڪن اي ڪاش! ﷲ تعاليٰ انھن کي اها هدايت ڏئي تہ هُو کاڌي کائڻ ۾ ڪروڌ ڪرڻ جي بدران هر کاڌي تي خوش رهڻ سکن“.
ٻن سالن کانپوءِ هڪ ڏينھن هڪ ايمبولينس اچي محمد حميد جي گهر تي ٺڪاءُ ڪيو ۽ انھيءَ جي ڊرائيور اطلاع ڏنو تہ روڊ ڪراس ڪندي محمد حميد جو ايڪسيڊينٽ ٿي پيو آهي ۽ هوُ انھيءَ وقت انتقال ڪري ويو هاڻي هيءُ فوتيءَ جو لاش اسپتال جي انتظاميا موڪليو آهي، فوتيءَ جي گهر ۾ جهور پوڙهي پيءُ ۽ ارڙهن سالن جي پٽ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ مرد ڪونہ هو، انھيءَ ڪري سندس پٽ حيان پوليس وارن ۽ اسپتال جي انتظامي عملدارن سان گڏ ايمبولينس وٽ پھچي پيءُ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي تيستائين سڀ پاڙي وارا بہ اچي مِڙيا هنن محمد حميد جي ڪفن ۽ دفن جو گڏجي بِلو ڪيو ۽ انھن غريبن جي ممڪن مدد ڪئي.
ڪجهہ ڏينھن تہ محمد حميد جي ڪٽنب کي خود کي سنڀالڻ ۾ لڳا پوءِ آخرڪار ويچارا روئي پٽي ماٺ ڪري رهيا. هاڻي گهر جو کاڌو پيتو ۽ خرچ ڪٿان اچي؟ وڏي پٽ حيان کي سڀني چيو تہ هاڻي تون پڙهائي ڇڏي پيءُ جو دڪان سنڀال. ڇوڪرو ٻارهين ڪلاس جو امتحان ڏئي چڪو هو تنھن وڃي ڀاڄين جو دڪان سنڀاليو پڻس جو تہ وڏو خواب هو پٽ کي انجنيئر ڪندس پر قدرت کي منظور ڪونہ هو.
هيءُ واقعو عراق جي انھيءَ دور جو آهي جنھن وقت ۾ ملڪ ۾ جنگ جاري هئي ۽ فوج طرفان قانون هو تہ ارڙهن سالن جي عمر تائين پھچڻ واري هر نوجوان کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻو آهي هر گهر جي ڇوڪرن جي رجسٽريشن آدم شماري ڳڻپ جي کاتي ۾ ٿيل هئي ۽ جيڪو بہ انھيءَ عمر کي پھچندو هو ان جي گهر فوج طرفان داخلا فارم پھچي ويندو هو.
عبدالحيان اڃا ڀاڄيءَ جو دڪان سنڀاليو هو تنھن کي ڇھہ مھينا ئي ڪونہ ٿيا جو سندس فوج ۾ داخلا لاءِ فارم ۽ فوج طرفان جلدي پھچڻ جو خط اچي ويو، ماڻس ۽ ڏاڏي جا تہ ٻک ئي نڪري ويا، هو فڪر ۾ پئجي ويا، اوڙي پاڙي سان صلاح سولي ڪيائون گهر۾ اهو هڪڙو ئي وڏو پٽ هو ٻيو ڇوڪرو تہ ڏهن سالن جو هو ۽ ڏاڏو تہ جهور پوڙهو، هاڻي هيتري ساري آڪھہ بنا کاڌ خوراڪ جي ڪيئن ٿي جيئري رهي سگهي؟، پاڙي جي قاضيءَ صلاح ڏني جي گهڻي مجبوري هوندي آهي تہ پوءِ فوج سامھون ڏنڊ ۾ پئسا وٺندي. اهو بندوبست ڪيو تہ پوءِ ڇوڪرو بچي پوندو. گهر ۾ تہ پنج درهم بہ نہ هجن ڏنڊ جا پئسا چار هزار درهم هئا جي تہ هنن خواب ۾ پڻ ڪونہ ڏٺا هئا. هڪ بزرگ صلاح ڏني تہ پنھنجي گهر کي وڪڻي اهي پئسا فوج ۾ جمع ڪرايو.
محمد حميد جي بيواھہ زال سهري سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ گهر کي وڪيو، چوندا آهن تہ، ”لاچار کي آچار ڪونھي“ سو مجبوريءَ کين بي گهر ڪري ڇڏيو گهر جا ساڍا چار هزار دينار مليا پنج سئو درهم مان ڪجهہ دڪان تي وکر وجهي ۽ هڪ گهر مسواڙ تي ورتائون، باقي چار هزار درهم فوج جي شھر واري هيڊ ڪوارٽر تي پھچائڻ لاءِ حيان جي ماءُ سوٺو کنيو هوءَ همٿ واري عورت هئي پٽ کي چيائين گهر ۽ دڪان جي حفاظت ڪجان ۽ آئون صبح جي بس ۾ شھر وينديس هيڊ ڪوارٽر تي پئسا ڏئي رسيد وٺي شام جي بس ۾ واپس ننڍي شھر پھچي وينديس پٽنھنس هائوڪار ڪئي.
هوءَ جيئن رقم جي ڳوٿري کڻي صبح جو بس اسٽاپ تي پھتي تہ ڪا بہ بس ڪونہ پئي هلي، پئسن پھچائڻ جو مدو چاليھہ ڏينھنجو هو. چاليھن ڏينھن کانپوءِ فوج پئسا تہ نہ کڻي ها پر جبري طور گهران سندن پٽ کي وٺي وڃي ها، اها خبر کيس هئي صبح چاليھہ ڏينھن پورا ٿيڻ وارا هئا. جڳھہ وڪڻڻ ۽ سودو ڪرڻ ۾ کين مھينو لڳي ويو هو. هوءَ تمام پريشانيءَ ۾ بس اسٽاپ تي بيٺي رهي صبح سوير فجر مھل ٻہ بسون هليون ويون هيون. اڄ مسافر گهٽ هئڻ ڪري ٽيءَ بس لاءِ ڪو بہ مسافر هن عورت کان سواءِ ڏسڻ ۾ ڪونہ پئي آيو نيٺ هن همٿ ڪري ڊرائيور کان پڇيو، تہ ” سڄيءَ بس جو ڪيترو ڀاڙو ٿيندو؟“ مولانا ڊرائيور چيس ”ڏھہ درهم“ ويچاريءَ مجبور اٺن درهمن ۾ ساڻس ڳالھہ ٺاهي ۽ اڪيلي هن مولانا سان گڏ فوجي هيڊ ڪوارٽر وڃڻ لاءِ بس ۾ ويٺي، ڊرائيور رستي ۾ ساڻس ڳالھائي ڳالھہ پروڙي ورتي تہ هن وٽ ڳوٿريءَ ۾ پئسا آهن.
هُو”منھن ۾ تہ ملان هو پر اندر ۾ ابليس“ تنھن نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم دِل ۾ سٽ سٽي ڇڏيائين تہ مائيءَ کي ماري پئسا هٿ ڪريان ٿو. ٿوريءَ دير کانپوءِ بس ڪچي ۾ لاهي ورتائين. عورت گهڻو ئي پڇيس تہ چوڻ لڳو ”بس آواز پئي ڪري ٿورو پاڻي ۽ موبل آئيل ڏسانس ٿو چپ ڪري ويھہ روڊ تي بيھاريندس تہ ٻيون گاڏيون گذري ڪونہ سگهنديون“،
ويچاري مائي دِل ۾ قرآن پاڪ جون صلاتون پڙهڻ لڳي، ڊرائيور بس جي پوين پاسي وڃي ٻئي دروازي کان اندر اچي مائيءَ جي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو جا بيھوش ٿي وئي کيس گهيلي بس مان ڪڍي پري هڪ ٻير جي وڻ هيٺ ڦٽو ڪيائين ٻيا بہ ڪي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ٿيلھو کڻي اچي بس ۾ ويٺو ۽ سڌو واپس پنھنجي ئي ڳوٺ جي بس اسٽاپ تي آيو جيئن ماڻھن کي ٻڌائي سگهي تہ هُو شھر ويو ئي ڪونھي ۽ نہ ئي کيس مسافر مليا آهن، هُن عورت جي بسَ ۾ چڙهڻ وقت بہ اُتي ڪير ڪونہ هو کيس ڪنھن ڪونہ ڏٺو هو.
ملان ڊرائيور پئسن جي ڳوٿري گهر ۾ هٿيڪي ڪري رکي پنھنجي زال کي سڄي حقيقت ٻڌائي پاڻ واپس بس اسٽاپ تي آيو کيس ڊپ هو تہ متان ڪير مٿس شڪ نہ ڪري ان ڪري سڀني جي وچ ۾ ئي وقت گذاريان هاڻي رات ٿي وئي هئي. عبدالحيان ۽ سندس ڏاڏو فڪر مند ٿي ويا کين ڪيترائي وِسوِسا ٿيڻ لڳا، پر ڪري ڪجهہ ڪونہ ٿي سگهيا، صبح سوير حيان بس اسٽاپ تي پھچي شھر وڃڻ واري بس ۾ سوار ٿيو.
ٻئي پاسي اهو مولوي ڊرائيور پڻ پنھنجي بَس ڪڍڻ جي بدران ٻيءَ صبح واريءَ بس ۾ شھر لاءِ چڙهيو تہ جيئن جانچ ڪريان ان مائيءَ جو ڇا ٿيو ؟ جڏهن بس انھيءَ هنڌ تي پھتي ڊرائيور کي چيائين. ”بس کي هتي جهنگ ۾ روڪ مون کي ضروري حاجت لاءِوڃڻو آهي“ ڊرائيور سندس دوست هو ان بہ پنجن منٽن لاءِ بس کڻي روڪي، هي لھي انھيءَ ٻير جي وڻ وٽ ويو حيان جي ماءُ سڄي رات ڦٿڪي هئي پر ساھہ منجهس هو تنھن وري آواز ٻڌي ڀُڻڪو ڪيو” پاڻي پاڻي“ مولانا ڏٺو ”مار! هيءَ تہ اڃان جيئري آهي هن عورت جو مرڻ ضروري آهي جي زنده رهي تہ اچي سڄي ڪار گذاري پوليس کي ٻڌائي مون کي جيل ۾ وجهائيندي بھتر آهي هن پل ختم ڪريانس“ پريان هڪ وڏو پٿر پيو هو اهو کڻي انھيءَ عورت جي مٿي ۾ ميڄالو جهورڻ لاءِ هٿ وڌائين خدا جي ڪرڻي اهڙي جو انھيءَ پٿر هيٺ ڪو ننڍو زهريلو نانگ ويٺو هو جنھن کيس هڪدم ڏنگي ڇڏيو منھن مان رڙيون نڪرڻ لڳس جي بَس ۾ ڊرائيور ۽ ٻين ماڻھن کي ٻڌڻ ۾ آيون.
حيان اڳيان ئي سيٽ تي ويٺل هو ڊرائيور سان گڏ هيٺ لھي اوڏانھن ويو جيڏانھن اهو مولوي ڊرائيور ويو هو. اُتي پھچي حيان تہ حيران ۽ پريشان ٿي ويو جو سندس امڙ بلڪل مرڻينگ حالت ۾ پٽ تي پئي هئي. بس ڊرائيور ماڻھن جي مدد سان مولويءَ ۽ حيان جي ماءُ کي گاڏيءَ ۾ وڌو، مولويءَ تي زهر جو اثر وڌي رهيو هو، هُن مَرڻ کان اڳ پنھنجي دوست بس ڊرائيور کي حقيقت ٻڌائي ۽ ٿوريءَ دير ۾ ڪلمو پڙهي فوت ٿي ويو.
حيان ماءُ کي وٺي شھر جي اسپتال ويو جتي ترت سندس علاج ٿيو ۽ وڃي فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ سڄي ڳالھہ ٻڌايائين. سندس ڏاڏي تائين بہ خبر پھتي جن ڪجهہ ماڻھن جي مدد سان انھيءَ مولوي ڊرائيور جي گهران اها درهمن جي ڳوٿري کڻي حيان کي شھر پھچائي جي پئسا هن هيڊ ڪوارٽر ۾ پياريا.
حيان ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ پنھنجيءَ امڙ کي خيريت سان وٺي گهر واپس وريو، چوندا آهن ”جنھن کي ﷲ رکي تنھن کي ڪير چکي“ سو هن شڪر گذار ڪٽنب کي ڌڻيءَ سڳوري وڏيءَ پريشانيءَ مان ڪڍي ٻيھر نيڪيءَ جي سفر جو شهسوار ڪيو.


***