ٻاراڻو ادب

انوکو رازو (ٻارن جي لاءِ چونڊ دلچسپ ڪهاڻيون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي ھن ڪتاب ”انوکو رازو“  ۾ ڪل 13 ڪھاڻيون شامل آھن.  دلچسپ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي. ھي ڪھاڻيون ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون ۽ إصلاحي پڻ آھن. ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون ويون آھن.

Title Cover of book Anokho Raazo

ڪرنل ۽ ڪبوتري

ٻي مھا ڀاري لڙائي هلي رهي هئي. ڪرنل جي فوج کان ٽيھہ ميل پري اتحادين جا ڪيمپ هئا ۽ دشمن فوج کانئن فقط ڏھہ ميل پري هئي ۽ جرمن فوج طوفان وانگر اڳيان وڌي رهي هئي. ڏهن ميلن جو مفاصلو انھن لاءِ ڪا حيثيت رکندڙ ڪونہ هو. برف بي حساب پئي وسي وائرليس سيٽ ڪم نہ ڪري رهيو هو. کاڌي جو سامان بلڪل ختم ٿي ويو هو. فوجي هيڏانھن هوڏانھن پئي رُليا کين ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ ڪونہ پئي آيو تہ هو ڇاڪن؟ فوج جي هن ٽن سون ماڻھن جي دستي جو انچارج ڪرنل سخت پريشانيءَ ۾ اهو سوچي رهيو هو تہ، ”بُک کي منھن ڏجي يا برف کي؟ دشمنن جي حملي کان بچجي يا مٿن حملو ڪجي؟“
جيڪڏهن اتحادين کي اطلاع ڪبي تہ اُتان کاڌي جو سامان بہ اچي سگهيو ٿي تہ ٻيو پڻ بچاءُ جو انتظام ٿي سگهيو ٿي. پر ايستائين ٽيھہ ميل پري سخت سيءَ ۽ برف باريءَ ۾ ڪيئن پھچجي؟ چئني پاسن برف پوڻ سان رستا مڪمل بند هئا. ٽن بھادر فوجين کي انھيءَ مھم تي موڪليو پر ڪا بہ خبر ڪونہ پئي سگهي تہ رستي ۾ مري ويا يا دشمن فوج کي هٿ چڙهيا ۽ قيد ٿي ويا؟ جيڪڏهن ٻيا ٻہ ٽي ماڻھو ٿا موڪليون تہ ممڪن آهي اهي دشمنن جي وَرِ چڙهي وڃن جي کانئن سختي ڪري سندن خيما معلوم ڪري وٺن تہ پوءِ فقط هو هڪ ئي بم اڇليندا ۽ سندن خاتمو ٿي ويندو“.
ڪيمپ ۾ کاڌو وڃي هفتي جو بچيو ڪرنل جون ننڊون اڏامي ويون هن ٽي سئو فوجين سان گڏ پاڻ کي بہ مرندي محسوس ڪيو، سيءُ بہ وڌندو پئي ويو. هنن وٽ هڪ ٻيو پيغام رسائيءَ جو ذريعو تربيت يافتہ ڪبوتر هئا جيڪي پڻ هُو موڪلي چڪا هئا. اهي بہ سڀ وڃي واپس ڪونہ آيا.هاڻي ڪئمپ ۾ فقط هڪ سست ۽ ڪم چور ڪبوتري موجود هئي. جنھن کي بہ زڪام هو، جنھن جي لاءِ فوجين توڻي ڪرنل جي اها راءِ هئي تہ اها ڪنھن بہ ڪم جي ڪانھي، هڪ دفعو تہ ڪرنل ارادو ڪيو تہ هن ڪبوتريءَ جو ڪو بہ استعمال ڪونھي ڇو نہ هن کي ڪھي ڀُڳي کائجي پر پوءِ پنھنجو ارادو مٽايائين جو خيال آيس تہ انھيءَ جو بہ هيڊ ڪواٽر تي حساب ڏيڻو پوندو. اهڙي زڪام واري ڪاهل ڪبوتريءَ کي پيغام سان موڪلڻ ڄڻ کيس موت جي حوالي ڪرڻ هو ان ڪري ڪرنل انھيءَ کي موڪلڻ جو سوچيو بہ ڪونہ پر جڏهن ڪيمپ ۾ فوجين وٽ بيچيني وڌي وئي تڏهن آفيسرن ڪرنل صاحب تي زور ڀريو، ”هن ڪبوتريءَ کي بہ آزمايو بک ۾ پاھہ ٿي مرڻ کان بھتر آهي تہ هڪ دفعو ﷲ جي آسري تي انھيءَ کي اتحادين جي ڪيمپ تي پيرن ۾ پيغام ٻڌي موڪليون، تحقيق اها اسان جي آخري ڪوشش آهي، پر ٻيو ڪو حيلو بہ ڪونھي!!.“
ڪرنل ڪبوتريءَ جو پڃرو پنھنجي خيمي ۾ گهرايو جنھن ۾ اڇي رنگ ۽ ڳاڙهين اکين واري گهوريندڙ ننڍي ڪبوتري کين ڏسڻ لڳي، ڪرنل مايوسيءَ سان چيو، ”اوهان جي سڀني جي مرضي آهي تہ پيغام تيار ڪريو آئون ڪبوتري موڪليان ٿو پر مون کي اميد گهٽ آهي تہ ڪا هيءَ منزل تي پھچندي“. ٻين آفيسرن جلدي جلدي پيغام تيار ڪيو جو قائدي مطابق ڪرنل کي پيش ڪري پڙهي ٻڌايو ويو. هڪ سپاهيءَ پڃرو کولي اڇي ڪبوتري ان مان ڪڍي ڪرنل جي هٿ ۾ ڏني. ڪرنل اهو لکيل پيغام انھيءَ ڪبوتريءَ جي پير ۾ ٻڌو ۽ پنھنجي منھن جي ويجهو آڻي چيائين تہ، ”اي منھنجي دوست ڪبوتري! آئون توکي هڪ بي حد اهم ڪم تي موڪلي رهيو آهيان جيڪڏهن تون منزل تائين رسي وئين تہ پوءِ اسين ٽي سئو ماڻھو زنده بچي وينداسين، ايئن سمجهہ تہ جيترا تنھنجا پَرَ آهن اسين انھيءَ کان وڌيڪ آهيون، اسان جي حياتي تنھنجي نازڪ ننڍڙن پرن ۽ ٻانھن جي ٻل تي آهي، ڪڏهن ڪڏهن جنگ جي راند مٽجي پڻ ويندي آهي وڃ تنھنجو خدا نگهبان! اسان سڀني جون دُعائون توسان گڏ آهن“.
ڪرنل ڪبوتريءَ کي هڪ فوجيءَ کي ڏنو ان مھل هن ڏٺو تہ ڪبوتريءَ جي اکين ۾ هڪ غير معمولي چمڪ هئي جيڪا بھادر ۽ جرات مند سپاهين جي اکين مان ليئا پائيندي آهي، ڪرنل هن کي آهستي جُهڪي سلام ڪيو، ۽ سپاهي انھيءَ کي هٿ ۾ کڻي رستو ٻڌائڻ لاءِ اڳيان ويو. ڪبوتريءَ کي جڏهن کُلي آسمان جي فضائن ۾ ڇڏيو ويو انھيءَ وقت پڻ برف پئي رهي هئي. سُست ۽ ٽوٽي ڪبوتريءَ جو عام ڏينھن ۾ تہ ڪڏهن بہ ڪو ڪم ڪرڻ تي دل ڪونہ چاهيندو هو ۽ وري ٻين لاءِ جان کي خطري ۾ وجهڻ ڀلا ڪٿي جي عقلمندي هئي؟ هوءَ تہ چاهيندي هئي کيس پڃري ۾ ئي سٺا سٺا کاڌا ملن ۽ هوءَ کائي آرام ۽ سڪون جي ننڊ پئي ڪري يا هتي هُتي پئي گهُمي، پر اڄ هڪ نئين ۽ عجيب ڳالھہ ٿي هئي، فوج جي ڪرنل کيس هڪ وڏي ذميواري ڏني هئي. سندس آواز ۾ ڪھڙو نہ جادو هو؟ هُن کيس ڪيڏي عزت ڏني هئي؟ شان سان سلام ڪيو هئائين جيئن فوجي جرنيلن کي سلام ڪيو ويندو آهي. ڪرنل جا لفظ سندس ڪنن ۾ پئي ٻُريا تہ، ”پياري ڪبوتري اسان سڀني جي حياتي تنھنجي نازڪ پرن ۾ سمايل آهي“. کيس ڪيڏو وڏو اعزاز مليو هو. اهو سڀ سوچي سندس جسم ۾ رت تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو هوءَ پاڻ کي مانائتو ۽ اهم سمجهڻ لڳي پڪو فيصلو ڪيائين تہ ڪرنل جيڪا ذمه داري وڏي مانَ ۽ اعتبار سان کيس حوالي ڪئي آهي. اها هوءَ ضرور نڀائيندي ڀلي چاهي انھيءَ لاءِ سندس جان پڻ قربان ٿي وڃي.
ڪبوتريءَ ڏٺو تہ چئني طرف برف جي اڇاڻ هئي کيس اتر طرف اڏامڻو هو جنھن فوجيءَ کيس رستو ڏسيو اهو هن کي اتر طرف اڏامندو ڏسي مطمئن ٿي واپس وڃڻ لڳو، ڪبوتري ٿورو ئي پري وئي تہ برف هُن جي اکين ۾ پوڻ لڳي، اها هڪ وڏي مصيبت هئي گرم خيمي ۾ رهڻ واري ڪبوتري پنھنجي اکين کي برف ۾ کولي نہ سگهي نيٺ هن سوچي ڇڏيو تہ اکيون بند ڪري ئي اڏامڻو آهي، وچ ۾ ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ هڪ پل لاءِ اکيون کوليائين ٿي تہ جيئن رستو نہ ڀُلجي وڃي ان ريت هن پنھنجو سفر جاري رکيو، اڃا ٿورو ئي سفر ڪيو هئائين تہ کيس اندازو ٿيو تہ سيءُ وڌي رهيو آهي، هن ارادو ڪيو تہ هاڻي کيس رفتار تکي ڪرڻ گهرجي ان ريت تمام تکي اڏامڻ لڳي ايترو تيز جو جيڪڏهن ان وقت فوج جو ڪو سپاهي کيس ڏسي ها تہ اهو سمجهي ها تہ اها سندس بندوق مان نڪتل گولي آهي جنھن کي پَرَ لڳل آهن، ڪبوتري اڏامندي اڏامندي ٿڪجي وئي ۽ هيٺ ڪرڻ واري هئي جو سندس ڪنن ۾ ڪرنل جا لفظ گونجڻ لڳا نہ ”اسان سڀني جي زندگي تنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي آهي“ انھن لفظن کيس وري همٿ ڏني آخر هوءَ وري تيز تيز اڏامڻ لڳي، پر ڪيستائين نيٺ هوءَ ٿڪجي ڪري پئي.
رات سڄي وقفي وقفي سان برف باري ٿيندي رهي ۽ ڪرنل بنا کير واري سليماني چانھن پيئندي سوچيندو رهيو تہ آخر انھن سڀني فوجين کي ڪيئن ۽ ڪھڙيءَ ريت بچائي سگهجي ٿو. ڪيڏيءَ مھل کيس خيال آيو پئي تہ جيڪڏهن اها ڪبوتري اتحادي فوجين وٽ پھچي وئي ته... پر اهو سوچي هن کي پنھنجي خيال تي خود ئي يقين ڪونہ آيو ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي تہ سخت سياري جي رات، برف جو طوفان، هڪ ٽوٽي ڪبوتري ۽ رستي ۾ دشمنن جي فوج جا خيما، آهستي آهستي ڏينھن نڪري آيو برف جو طوفان بيھي رهيو هو. پر چوطرف ساڳي مايوسي هئي. سڄو ڏينھن پريشانيءَ ۾ گذريو شام جو آفيسر سندس خيمي ۾ اچي کيس ٻڌايو تہ، ”سر فقط هڪ ڏينھن جو راشن باقي موجود آهي“. ڪرنل هڪ بااعتماد آفيسر وانگر چيو، ”ڪا ڳالھہ ڪونھي صبحاڻي تائين بندوبست ٿي ويندو“.
آفيسر جي وڃڻ کان پوءِ کيس ٻين مشورو ڏنو تہ ڪرنل کي چئو بک ۽ سيءَ ۾ مري وڃڻ کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن خود کي جرمن فوج جي حوالي ڪريون تہ جنگي قيدي ٿي زنده تہ هونداسين،
جڏهن ڪرنل کي اها خبر پئي تہ هن فوجين تي ڪاوڙ ڪئي چيائين، ”اهو خيال بہ ذهن ۾ نہ آڻجو بھادر آزاديءَ جو ساھہ کڻي يا زنده رهندا آهن يا مري ويندا آهن، خدا تي ڀروسو رکو صبح ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي ويندو“.
ٻي ڏينھن صبح جو سڄيءَ ڪيمپ ۾ وڏي هلچل شروع ٿي وئي، ڪرنل بہ هڪدم خيمي مان ٻاهر نڪري آيو. هن ڏٺو تہ پري پري تائين اڇيءَ برف تي سوين کاڌي جا ٿيلھا ۽ ڪارٽون پيا هئا، ڳاڙها، پيلا، نيرا ۽ اڇا کاڌي جا دٻا ڏسي فوجي خوشيءَ وچان چريا ٿي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، ڪرنل پنھنجي ماتحت آفيسرن کي چيو تہ ” انھيءَ جو مطلب آهي تہ ڪيمپ تائين اسان جو پيغام پھچي ويو“، ڪرنل جي اجازت کان پوءِ ٻاهران اهو سامان کڻي اندر خيمن ۾ سنڀالي رکيو ويو، جنھن ۾ تقريبن هڪ مھيني جو کاڌو پيتو ۽ ٻورين ۾ جنگ جي لاءِ بندوقون، ڪارتوس ۽ ٻيو سامان هو جنھن سان ڪيترائي ڏينھن جنگ جاري رکي سگهيا ٿي، ڪرنل کي حيرت ٿي تہ آخر انھيءَ ٽوٽي ڪبوتريءَ هڪ رات ۾ ٽيھہ ميل سفر ڪيئن پورو ڪيو؟؟
ٻي مھا ڀاري لڙائي ختم ٿي چڪي هئي، فوجون پنھنجي پنھنجي هيڊ ڪواٽرن ڏي روانو ٿي ويون، ڪرنل کي هڪ ڏينھن شھر جي وڏي هيڊ ڪواٽر ۾ سڏيو ويو جتي هن پڃري ۾ هڪ اڇي ڪبوتري ڏٺي جنھن کي هُو پاڻ تہ هڪدم سڃاڻي ويو پر خود ڪبوتريءَ پڻ کيس ڏسي، سڃاڻي پنھنجيون گول گول اکيون گهمايون.
ڪرنل چوڻ لڳو، ”ڪاش! تو کي زبان هجي ها، پوءِ آئون همٿ ۽ جرات جي اها ڪھاڻي ٻڌان ها جو هن دنيا جي خاتمي تائين بھادرن ۽ آزاديءَ جي شيدائين جي رهبري ڪري ها!“
ڪبوتريءَ جڏهن سندس واتان اهي جملا ٻڌا تڏهن هن پنھنجا پَرَ کوليا جيڪي ڪُلھن کان چيريل هئا. ڪرنل ڏٺا تہ سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا پَرَ ڪٽيل ڪبوتريءَ کي هُن پنھنجي ٻنھي پيرن جي کڙين کي ملائي زوردار سليوٽ ڪيو جيئن جرنيلن کي سليوٽ ڪيو ويندو آهي.
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي فوجي ريڪارڊ ۾ انھيءَ ڪبوتريءَ جو ذڪر شان سان آهي، لکيل آهي تہ، ”جڏهن اها عظيم جانثار ڪبوتري ٽيھہ ميل سفر پوري ڪرڻ تي هئي تڏهن اتحادين جي ڪيمپ جي بلڪل ويجهو هوءَ زمين تي ڪري پئي، سندس ٻنھي ٻانھن مان رت جاري هو ۽ هوءَ بلڪل مرڻ واري هئي پر سندس پيغام پھچي ويو ۽ کيس کڻي هُن جو علاج ڪيو ويو چند هفتن ۾ چاڪ چڱي ڀلي ٿي وئي، سندس پَرَ ڪٽجي چڪا هئا. هن جرات مند ڪبوتريءَ جو ذڪر انھن بھادرن سان گڏ ٿيئي ٿو جن جي همٿ سان جنگ جا رُخ ئي مٽجي ويا کيس فوج جو سڀ کان وڏو اعزاز ڏنو ويو، اڄ بہ انھيءَ باهمت ڪبوتريءَ جو مجسمو لنڊن جي هڪ چو واٽي تي نصب آهي، جو ماڻھن ۾ وڏا ۽ سٺا ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو.
تحقيق دنيا ۾ اهي ئي زنده رهن ٿا جي پنھنجي همٿ سان ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا.


***