چوٿون چور
انھن چورن جو سردار چوريءَ جي معاملي ۾ وڏو تجربيڪار هئڻ جي ڪري کين روز نت نوان گر سيکاري چوريءَ جي ڪم ۾ ماهر ڪر ي چڪو هو. اهي سڀ پنھنجي استاد راجوءَ جي عزت ڪرڻ سان گڏ سندس هر هدايت تي عمل پڻ ڪندا هئا. هڪ ڏينھن سردار راجو چوڻ لڳو،”ڏسو! اڄ اسين سڀ تمام ڪاريگريءَ سان ڪم ڪنداسين ۽ اڄوڪي ڏينھن جيڪو بہ ڪو مال آڻيندو تہ انھيءَ جو مالڪ هُو خود هوندو. پنھنجي مالڪيءَ سان پنھنجو آيل پئسو هو جيئن چاهي خرچ ڪري سندس مرضي آهي“.
سڀ چور پنھنجي سردار جي اڄوڪي ڳالھہ ٻڌي تمام گهڻا خوش ٿيا. هنن پڪو ارادو ڪيو تہ اڄ چوريءَ جو جام مال آڻينداسين اسان کان سردار تہ ڪونہ کڻندو ان ڪري خوب عياشي ڪنداسين.
اهو سوچي چارئي چور الڳ الڳ هنڌن لاءِ روانا ٿيا. جيئن ئي صبح ٿيڻ وارو ٿيو تيسين سڀ چور پنھنجي ماڳ تي واپس آيا سردار پڇيو تہ توهان ڇا آندو آهي؟. هڪ چور سون جا زيور ڏيکاريا. سردار خوش ٿيو ٻئي چور قيمتي شيون ڪجهہ واچون پئسا ۽ ٻيو سامان ڏيکاريو، ٽيون چور ماٺ ويٺو هو سردار سڏي چيس، ”ڇو منھن لاهي ويٺو آهين؟ خير تہ آهي؟“ اقبال آخر ڇا ٿيو؟ ٻڌاءِ تہ سھي؟“ چوٿين چور جو نالو اقبال هو.
اقبال ڪجهہ دير تہ وري بہ ماٺ هو پر پوءِ سردار جي منھن ڏي ڏسندي ڊڄندي چيائين، ”سردار آئون مڃيان ٿو تہ ڪجهہ بہ کڻي ڪونہ آيو آهيان، مون سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو آئون چوري ڪري ڪونہ سگهيس، سردار ڏانهس ڪاوڙ سان نھاريندي چيو” ٺيڪ آهي واقعو ٻڌائي؟“
اقبال چوڻ لڳو” سردار اڄ مون ارادو ڪيو هو تہ آئون فقط هڪ ئي گهر مان چوري ڪندس وڌيڪ گهرن ۾ ڪونہ ويندس هڪ ئي گهر ۾ وڃڻ کانپوءِ جو حال ڏٺم وڌيڪ جي گنجائش ئي ڪونہ بچي“ سردار کي سندس اها ڊيگهہ پسند ڪونہ آئي ڇڙٻ ڏيندي چوڻ لڳو، ”آخر ٿيو ڇا؟ ڇو پيو پروليون ڏينءِ؟“
”سردار، آئون جنھن گهر ۾ گهڙيس اتي هڪ بيمار پوڙهي عورت کٽ تي پيئي هئي ڪو بہ مرد ڪونہ هو ۽ ان جي جوان ڌيءَ ٻئي ڪمري ۾ مصلي تي سندس لاءِ دُعائون گهرندي زمين تي ئي ليٽي پئي هئي کيس بہ مصلي تي ننڊ اچي ويئي هئي انھيءَ گهرجي حالت ڏسي مون ڪنھن پيتيءَ يا الماڙيءَ ۾ هٿ ڪونہ وڌو پاڻ جيڪي پئسا منھنجي کيسي ۾ هئا سي پوڙهيءَ جي وهاڻي هيٺ رکي آئون اُتان نڪري آيس تہ جيئن اهي انھن پئسن مان ڪو علاج ڪرائين“.
”پوءِ؟“ سردار سندن اکين ۾ اکيون ملائي پڇيو.
بس پوءِ آئون ڪيڏانھن ئي ڪونہ ويس هِتي هُتي ڦيرا کائي وقت ڪٽيم ڪنھن بہ گهر ۾ چوري ڪري ڪونہ سگهيس، سردار نفرت سان ٽھڪ ڏيندي چيو ”اڙي! تنھنجي تہ سيني ۾ جهرڪيءَ جو دل آهي تون تہ سخت بزدل آهين!! ڇا آئون غلط پيو چوان؟“ ٻين ٻن چورن ڏي نھاريندي سردار کانئن هائوڪار وٺڻ چاهي ٻنھي گڏجي هڪ زبان ٿي چيو ”بلڪل نه! سردار جيڪڏهن چور جي دل ۾ رحم اچي وڃي تہ پوءِ اهو ڪھڙو چور؟ اهو تہ پوءِ چوري ڪري ئي ڪونہ سگهندو!!“
”پوءِ ڇا هيءُ بي همٿو ۽ نڪمو ماڻھو اسان جي ٽولي ۾ رهڻ جي لائق آهي؟“ سردار کانئن پڇيو ٻنھي زور سان چيو، ”نہ بلڪل نه!“
سردار اقبال ڏي منھن ڪري چوڻ لڳو، ”اقبال ٻڌ! تون چوري چڪاريءَ جي ڪم جو ڪونہ آهين انھيءَ ڪري جيڏانھن وڻيئي منھن واءُ ڪري نڪري وڃ، ٻيھر هتي اچڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪونھي پر خبردار جيڪڏهن هتي جو پتو ڪنھن کي ٻڌايئي؟ ٻڌي ڇڏ اُهو ڏينھن پوءِ تنھنجي حياتيءَ جو آخري ڏينھن هوندو“کانئس سندس ماءُ جو قسم کڻايائين جو کيس خبر هئي تہ اقبال جي پنھنجي ماءُ تي تمام گهڻي دِل آهي، انھيءَ جو ذڪر ڪندي اڪثر روئي پوندو هو.
اقبال ساڻن واعدو ڪيو تہ هُو ڪنھن کي بہ ڪجهہ ڪونہ ٻڌائيندو هُو هڪ گهايل پنکيءَ جيان پنھنجي ماڳ کي ڇڏي اڻ ڄاتل منزل ڏانھن روانو ٿيو نہ وٽس ڏوڪڙ هئا نہ ئي رهڻ لاءِ ڪو ٺڪاڻو پر ﷲ توهار ڪري هِتان نڪري اچي شھر ۾ پھتو، هن ويران گهر مان اُجهاميل من سان نڪري بہ هُو خود کي ڪنھن حد تائين هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيو هو. شھر ۾ ڀاڄين جي منڊيءَ تائين پھتو جتي کوڙ سارا مزور ڀاڄين جا ٻورا ڪلھي تي رکي سوزوڪين، ٽانگن ۽ ڊاٽسنن ۾ رکي رهيا هئا. جتان اهي ڀاڄيون شھر جي مختلف هنڌن تي وڪري لاءِ پھچي رهيون هيون، هڪ دڪاندار جي دڪان جي چانئٺ وٽ بيھي کيس سلام ڪري پڇيائين تہ، ”سائين! مون کي مزوري ملي سگهي ٿي؟“
دڪاندار ڪنھن بہ مزور کي ايترو فضيلت سان ڳالھائيندي ڪونہ ڏٺو هو هُو ڪپڙن لٽن ۾ بہ مزور ڪونہ پئي لڳو کيس مٿي کان پيرن تائين جانچي پڇيائين، ”پھريون دفعو ڀاڄي منڊيءَ ۾ آيو آهين؟“
”جي سائين!“
”ٺيڪ، هي ڀاڄين جا ٻورا سامھون ٽانگي ۾ رک ۽ ٺيڪيدار جيڪو ڪم چويئي اهو ڪجانءِ“ کيس ٺيڪيدار سان ملائي ڇڏيائين ان ريت هو ڀاڄين ۽ ميون جون ٻوريون ۽ ڪٽا کڻي هن دڪان جي گراهڪن جي رڪشائن ۽ سوزوڪين ۾ رکندو ويو. صحتمند ۽ چاق وچوبند هئڻ ڪري اقبال کي وزن کڻڻ ۾ ڪا بہ تڪليف ڪونہ ٿي هن ٿوريءَ ئي دير ۾ ٻن ڪلاڪن جيترو ڪم ڪيو، مالڪ ۽ ٺيڪدار ڏانهس ڌيان سان ڏسڻ لڳا ايئن ڪندي اچي منجهند ٿي کيس ماني کارايائون هن ڳالھين ۾ کين ٻڌايو تہ هو پڙهيل لکيل آهي ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ چاهي ٿو.دڪاندار چيس تہ،
”ٺيڪ آهي! اڄ کان تنھنجو ڪم اسان وٽ پَڪو آهي، آئون مزور کي مزوري ڏيڻ ۾ ڪا بہ ڪنجوسي ڪونہ ڪندو آهيان“ هُو خوش ٿيو پر اهو بہ ٻڌايائين تہ وٽس ڪو بہ رهڻ جو ٺڪاڻو پڻ ڪونھي، مالڪ کيس پنھنجي گدام ۾ رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. ان ريت ٿورن ئي ڪلاڪن ۾ کيس ڪم ۽ رهائش ملي وئي هو بہ دِل لڳائي محنت سان ڪم ڪندو هو، مالڪ جو هاڻي مٿس مڪمل ڀروسو قائم ٿي ويو.
هُن کيس چيو تہ، ”آئون پنھنجي ٻئي دوڪان تي ويھندس هيءُ دڪان اڄ کان تون سنڀال“، ان ريت هن کي هتي ڪم ڪندي چڱا سال ٿي ويا، اقبال پنھنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان سٺي ساک قائم ڪري ورتي ڪافي پئسا جوڙي هڪ گهر پڻ ورتائين تہ پنھنجو دوڪان بہ الڳ ٺاهي، شادي ڪري عزت ۽ آبروءَ جي زندگي گذارڻ لڳو، سردار سان ڪيل واعدو پاڙي ڪنھن کي بہ اُتان جي بابت ڪا ڳالھہ ڪونہ ڪيائين.
هڪ رات جو هُن جي اک کُلي وئي هن پنھنجي ڪمري ۾ ٿورو پري هڪ پاڇي کي چرپر ڪندي ڏٺو ۽ کيس سڃاڻي پنھنجي پلنگ تي اٿي ويھي رهيو، ”بيھي رهو!“ چئي هُو انھيءَ چور جي ويجهو ويو پنھنجي زال جا زيور الماڙيءَ مان کڻي چور کي آڻي ڏنائين اهو پاڇو سُڪ ٿي هڪ هنڌ بيٺو هو جڏهن هن زيور ڏنا تڏهن چيائين، ”سردار! اهي زيور کڻي وڃ تون انھن لاءِ ئي آيو آهين؟“
”تون؟“
”جي ها! آئون اقبال، مون کي سڃاتئي سردار؟“
” اقبال تو مون کي ڪيئن سڃاتو؟“ سردار چيو.
”ڇا، سردار مون کي ايترو بہ تجربو ڪونہ ٿيو هو جو آئون چور جي پيرن جو کڙڪو نہ سڃاڻان؟ منھنجي گهر ۾ فقط اها ئي قيمتي شي آهي اهي زيور آئون توکي ڏيئي رهيو آهيان، پر هڪڙي سوال جو جواب مون کي ضرور ڏي جنھن رات آئون ڪجهہ ڪونہ کڻي آيو هئس ۽ تو مون کي بي عزت ڪري ڪڍي ڇڏيو هو ۽ تون هزارون کڻي آيو هئين ۽ اڄ آئون بنا چوريون ڪرڻ جي پڻ خوشحال آهيان ۽ تون اڄ بہ چوري ڪري زنده آهين ۽ منھنجو محتاج ٿي آيو آهين ڇو؟“
سردار تي ڄڻ ڇپ ڪري، ڏاڍپ جي ڏاڍاڻ ڄڻ کَنَ پل ۾ اڏامي منھن هيڊو ٿي ويس. اقبال جي زال کڙڪي تي جاڳي پئي ۽ اچي اتي پھتي مڙس جي هٿ ۾ ئي پنھنجا زيور ڏسي هن سک جو ساھہ کنيو. سردار جي وجود ۾ وڍ پوڻ لڳا هو دلي طور هاڻي انھيءَ چوريءَ واريءَ ڪرت کان ڪَڪِ ٿي پيو هو هڪ لفظ بہ نہ ڳالھايائين، ماٺڙي ڪري اقبال جي گهران نڪري ويو.
اقبال ٻئي ڏينھن ڀاڄي منڊيءَ ۾ ويٺو هو تہ کيس ڪنن ۾ آواز آيو. ”مزور کي ڪم ملي سگهندو!!“ هن مڙي پويان ڏٺو تہ سردار جو آواز هو اُتي وڃي ساڻس مليو، ”سردار توهين هتي؟“ ”ها بلڪل! آئون هاڻي سردار نہ هڪ مزور آهيان هو سامھون تنھنجا ٻيا ساٿي پڻ بيٺا آهن اسين سڀ حق حلال جي روزي ڪمائڻ ٿا چاهيون هن نامراديءَ واريءَ حياتيءَ مان تنگ ٿي پيا آهيون“ اقبال سڀني کي واري واري سان ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ کين اُتي ئي ڪم سان لڳايو اهي سڀ هاڻي نيڪناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.
***