انوکو رازو
وزير وقار بيگ ڪنبڻ لڳو هن کي خبر هئي تہ هاڻي جيڪو بہ عتاب ايندو سو مٿس ئي ايندو. بادشاھہ شجاع غصي ۾ ٿرڪيو پئي، وقار بيگ ڏي ڏسي وري چوڻ لڳو” اهو سڀ تنھنجي بي وقوفيءَ جي ڪري ٿيو آهي“، سڄيون غلطيون تنھنجون آهن!!“
وزير وري حيرانيءَ سان ڊڄندي سوال ڪيو،
”عاليجاھہ! منھنجون غلطيون!؟“
”ها ها!! فقط تنھنجي ڪري ان ريت ٿي رهيو آهي، آئون دشمنن کان هيٺ ٿي ٿو وڃان جو تون مون کي اهي طريقا نٿو ٻڌائين جن سان ڪاميابيءَ سان جنگ ڪجي ۽ فتح حاصل ٿئي، وزيرن جو اهو ئي ڪم هوندو آهي تون تہ وڏو وزير آهين پر ڪنھن ڪم جو ڪونہ آهين جيڪڏهن بادشاهن کي سڀني ڳالھين جي خبر هجي تہ پوءِ اهي وزيرن کي ڇو رکن، تنھنجي هئڻ سان تہ آئون سمجهان ٿو منھنجي بادشاهي ئي هلي ويندي، آئون سوچيان پيو تہ هاڻي ڳولي ڪو ٻيو وزير رکان بس ايئن ئي ڪرڻو پوندو“.
اهو ٻڌي وزير جو منھن هيڊو ٿي ويو، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين بادشاھہ سلامت مون کي معاف ڪريو اوهان بلڪل درست فرمايو آهي تہ هن دفعي بہ شڪست منھنجي ڪري ٿي آهي، پر آئون توهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ آئيندي لاءِ اسان جي فوج ڪاميابي ماڻيندي“.
”ها بلڪل! جيڪڏهن ايئن نہ ٿيو تہ تون ڀلي ڪو ٻيو ڪم ڳول“ اهو چئي بادشاھہ محلات ۾ اندر هلي ويو.
وزير وقار بيگ مٿو هيٺ ڪري سوچيندو پريشانيءَ ۾ شاهي باغ مان ٻاهر نڪتو هن خوف ۾ واعدو تہ ڪيو هو پر حقيقت ۾ کيس بہ خبر هئي تہ انجام ڪرڻ آسان ۽ ان جو پورائو ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، ويچارو ڏينھن رات انھن ئي فڪرن ۾ غلطان پئي رهيو، ٻئي ڏينھن گهر کان ٻاهر نڪري شھر جو گشت ڪندي بہ خيالن ۾ پورو هو، هُو برابر هلي رهيو هو ڪنڌ هيٺ هئس وٽس ان مونجهاري جو ڪو حَل بہ ڪونہ هو تان جو سامھون ايندڙ مسافر سان وڃي لڳو. اهو هڪ نوجوان مسافر هن شھر ۾ اڄ آيوهو. وزير جي ڪپڙن مان صحيح ڪيائين تہ هيءُ بادشاھہ جي درٻار جو ماڻھو آهي همدرديءَ سان پڇڻ لڳو تہ، ”اوهين پريشان پيا لڳو“ ڇا ڳالھہ آهي؟ مون کي ٻڌايو شايد آئون اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهان“.
وزير چيس، ” ها ادا! فڪرمند تہ تمام گهڻو آهيان آئون بادشاھہ جو وڏو وزير آهيان. جيڪڏهن آئون ڪا اهڙي تدبير سوچي نہ سگهيس جنھن سان بادشاھہ جي فوج هر جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري فتح ياب ٿيئي تہ پوءِ آئون وڏ وزارت تان لھي ويندس“.
انھيءَ جوان چيس، ”فڪر نہ ڪريو آئون طارق رازو آهيان پنھنجي ڪم ۾ ڪاريگر آهيان ان کان سواءِ منھنجي دماغ ۾ مختلف ايجادون پڻ اينديون رهنديون آهن جن تي عمل ڪرڻ سان مون هميشہ کٽيو آهي منھنجون اهي ترڪيبون ۽ اٽڪلون هر ڪنھن کي پسند اينديون آهن هاڻي اچو تہ مسئلي کي ويچاريون، سوال اهو آهي تہ، ”بادشاھہ سلامت جون فوجون شڪست ڇو ٿيون کائين؟“
وزير وراڻيس، ”سبب اهو ناهي تہ سپاهي صحيح ڪانھي منھنجو مطلب آهي تہ سپاهي ناڪارا ڪونھي هو خوش خوراڪ، خوش اخلاق، بھادر ۽ محنتي آهن پر لڙائيءَ جي معاملي ۾ کوٽا انھيءَ ڪري آهن جو اهي دِلي طور جنگ کي ناپسند ڪن ٿا“.
طارق سوچي جواب ۾ چوڻ لڳو، ”مسئلو اهو آهي تہ بادشاھہ سلامت جنگ ۾ هارائڻ نٿو چاهي ۽ هن جا سپاهي جنگ وڙهڻ ئي نٿا چاهين ان هوندي بہ لڙائيون ٿينديون رهن ٿيون، فرض ڪريو تہ جيڪڏهن جنگ ٿئي ۽ لڙائيءَ جي نوبت ئي نہ اچي تہ اهو ٺيڪ آهي“.
وقار بيگ ڏانهس عجب سان ڏسي پڇيو، ”ڇا مطلب آهي؟“ کيس مرڳو طارق جي دماغي حالت تي شڪ ٿيو تہ اهو ڪھڙيءَ ريت ممڪن آهي جو جنگ بہ لڳي ۽ لڙائي بہ نہ ٿيئي پر پوءِ بہ صبر سان سندس ڳالھہ ٻڌڻ لڳو، طارق کيس سمجهائيندي چيو، ” آئون هڪ اهڙو قلعو ٺاهيندس جنھن جون ڀتيون مضبوط ڪُنڊائتن پٿرن جون هونديون ۽ لوھہ جا ڊگها ڦاٽڪ وارا وڏا دروازا هوندا. هڪ ڀت تي ڊگهو مينار ٺاهيندس جنھن تي پھريدار بيھاربا جيڪي مينار جي اوچائيءَ جي ڪري پري تائين ڏسي سگهندا، جيئن ئي پھريدار اعلان ڪندا تہ دشمن اچن پيا تہ اسان جي فوج انھيءَ قلعي اندر اچي ويندي ۽ اندران ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏينداسين، ڀتيون ايڏيون وڏيون ۽ نوڪدار پٿرن جون ٺاهينداسين جو دشمنن جا سپاهي جيڪڏهن مٿي چڙهڻ جي ڪندا تہ ڦٽجي هيٺ ڪرندا ۽ ان ريت هُو قلعي جي ٻاهر ٿڪجي بنا لڙائي وڙهڻ جي واپس روانا ٿي ويندا.
وقار وزير خوشيءَ وچان رڙڪندي چيو ”لاجواب ترڪيب آهي اهڙي طريقي سان بادشاه سلامت جي هارائجڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي، ڇو جو نہ لڙائي ٿيندي ۽ نہ ئي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو سوال اٿندو“.
بس پوءِ تہ اهوئي ٿيو جيئن طارق چيو هو. اهڙو قلعو ٺاهيو ويو جڏهن پاڙي جي ملڪ حملو ڪيو جيئن ئي پھريدارن رڙيون ڪيون تہ، ”دشمنن جي فوج اچي پئي“ بادشاھہ شجاع جي فوج جا سڀ ماڻھو قلعي اندر اچي محفوظ ٿي ويا ۽ ڦاٽڪ کي بند ڪيو ويو، دشمنن سمجهيو تہ هيءُ بزدلي ڪري ڀڳا آهن اسين کين ڪونہ ڇڏينداسين سو قلعي مٿي چڙهائي ڪرڻ لڳا انھن جي فوج جي ڪيترن فوجين قلعي جي ڀتين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڦٽجي هيٺ ڪري پيا، ڦاٽڪ مٿي گهوڙي سوارن گهوڙن کي ٽپائڻ جي رٿ رٿي پر ڪاميابي ڪانہ ٿين، مايوس ۽ نامراد ٿي واپس هليا ويا.
قلعي جي اندر جي فوجين ڀتين ۾ موجود وٿين مان ۽ مينار تان اهو سڄو تماشو ڏٺو پئي جڏهن دشمن واپس ويا تڏهن اهي خوشيون ملھائيندا قلعي کان ٻاهر اچي ويا، بادشاھہ تمام گهڻو خوش ٿيو طارق رازي کي وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنائين سڄي رعيت خوش ٿي هڪڙو ماڻھو اداس ٿي ويو، اهو هو وڏو وزير وقار بيگ، وزير وقار کي طارق سان ساڙ ٿيڻ لڳو، جو بادشاھہ هاڻي هر صلاح سوليءَ ۾ طارق کي اهميت ڏيڻ لڳو هو، کيس پنھنجي هيري جي منڊي پنھنجي سواريءَ وارو سفيد عربي گهوڙو پڻ ڏنائين تہ سندس رهائش لاءِ هڪ سنگ مرمر جو محلات پڻ ٺاهرايائين، وزير کي هاڻي پڪ ٿيڻ لڳي تہ بادشاھہ شجاع ٿوري وقت ۾ طارق کي وڏو وزير ڪري ڇڏيندو ۽ سندس جي حياتي ڏکي ٿي پوندي سو ساڙ ۾ اٽڪلون سوچڻ لڳو، هڪ ڏينھن اڪيلائيءَ ۾ بادشاھہ کي چيائين ”بادشاھہ سلامت منھنجو خيال آهي تہ طارق کي هاڻي فارغ ڪريو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو“.
بادشاھہ عجيب نموني ڏانهس ڏسڻ لڳو هن کي وڏي وزير جا اهي جملا اڻ وڻندا لڳا وري بہ پڇيائين، ”ڇو ؟ طارق مان ڇٽڪارو ڇو؟ آخر ڇا جي لاءِ؟ هن تہ اسان کي جنگ ۾ ڪاميابي ڏياري آهي“
”سائين ان جو هاڻي رهڻ خطرناڪ آهي!“
بادشاھہ پڇيس ”ڇو خطرناڪ آهي؟“.
وزير ڊگهو ساھہ کڻي آرام سان اکيون مٽڪائيندي چيو، ”سبب اهو آهي بادشاھہ سلامت تہ هو تمام چالاڪ آهي، ڪير ڇا ڄاڻي صبح هُو توهان جي دشمنن کي ڪا اهڙي شيءَ ٺاهي ڏئي جنھن سان قلعي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ڪري وڃن“.بادشاھہ فڪرمند ٿي چيو، ” واقعي جيڪڏهن طارق ان ريت ڪيو تہ وڏو نقصان ٿيندو ۽ پوءِ تہ وري جنگ کٽي ڪونہ سگهبي تون صحيح ٿو چوين هاڻي پاڻ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي طارق کي قيد ٿو ڪرائي ڇڏيان“.
ٻئي ڏينھن بادشاھہ طارق کان هيري جي منڊي، عربي گهوڙو، محلات ۽ ٻيو سڀ سامان کسي کيس انھيءَ ئي وڏي مينار جي ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو، مينار تي هڪ ئي ڪمرو ٺهيل هو جنھن جي اڌ پاسي ۾ طارق جي کٽ ۽ بسترو رکيو ويو ۽ ٻئي پاسي ۾ پھريدار موجود هئا. هن ڪمري ۾ فقط هڪ دري هئي. طارق صبح ٿيڻ سان دريءَ وٽ اچي بيھندو هو جتي ڏسندو هو تہ شھر جا ماڻھو هتان گذرندي مٿي مينار ڏي نھارين ٿا پر هو کيس ڏسي ڪونہ پئي سگهيا ۽ طارق کين ڏٺو پئي، ماڻھن کي طارق سان ٿيل سلوڪ تي ڏک ٿيو پر بادشاھہ جي رعيت ناانصافيءَ تي ڪجهہ ڪڇي ڪونہ سگهندي آهي، ماڻھن ۾ چوواٽن تي اهي ٻول پئي هليا تہ طارق سان بادشاھہ ناانصافي ڪئي آهي کين اهاخبر ڪانہ هئي طارق جھڙي ذهين موجد وٽ انھيءَ مسئلي جو پڻ حل نڪري رهيو آهي.
سياري جا ڏينھن هئا، آسمان تي جهرڪين ۽ ٻين پکين جا وڏا ولر گرم علائقن ڏي وڃي رهيا هئا. جن کي رستي هلندي ماڻھو غور سان ڏسي رهيا هئا، اوچتو هڪ ماڻھوءَ آسمان ڏي اشارو ڪري چيو تہ، ” ڏسو! ڪيڏي نہ وڏي جهرڪي آهي؟“ ماڻھو بيھي ڏسڻ لڳا واقعي اهو هڪ عجيب ۽ غريب پکي هو جو وڏو بہ تمام گهڻو هو تہ اڏامي بہ ڪونہ رهيو هو ۽ آهستي آهستي هيٺ زمين ڏي اچي پھتو تہ ڪنھن رڙ ڪري چيو، ”اڙي اهيءُ تہ طارق آهي هيءُ پکي ڪانھي ان ڪري ڪونہ پئي اڏاميو“، ماڻھو سڀ چوطرف ميڙ جي صورت ۾ گڏ ٿي ويا هئا، دراصل طارق پنھنجي ڪمري ۾ موجود سفيد چادرن کي ملائي پيرا شوٽ ٺاهي ڇڏيو جنھن جي وسيلي هو مينار مان هيٺ لھي آيو هو، سڀني کيس ڀاڪر پاتا.
بادشاھہ کي جڏهن طارق جي انھيءَ ذهانت جي خبر پئي تہ ڏاڍو متاثر ٿيو کيس چيائين تہ، ”مون توکي قيد ڪري غلط ڪيو هاڻي تون منھنجو وڏو وزير ٿي وڃ تنھنجي هئڻ سان مون کي سٺيون صلاحون ۽ مشورا ملندا ۽ منھنجي بادشاهت پڻ مضبوط ٿيندي“.
وزير وقار بيگ روئڻ لڳو بادشاھہ چيس، ”تون طبيعت ۾ ظالم ۽ ساڙيلو آهين هڪ ماڻھوءَ تنھنجي مدد ڪري مينار ٺاهي توکي ۽ ملڪ کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي ان کي ئي تو منھنجي معرفت اٽڪل ڪري قيد ڪرايو هاڻي انھيءَ قيد ۾ تون پاڻ وڃ تہ توکي خبر پوي“ طارق دل جو صاف ۽ نيڪ نيت هو هُن بادشاھہ کي عرض ڪيو تہ وزير کي معاف ڪري بادشاھہ هڪڙي شرط تي معاف ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، ”اڳتي لاءِ وزير ذهين ۽ محنتي ماڻھن جو دشمن نہ ٿيندو کين موقعو ڏيندو تہ هُو دماغي سڪون سان نيون نيون ايجادون ڪن“.
***