شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

جيئجي تہ اسحاق وانگر جيئجي: اسحاق سميجو

بک وڌائون بـــگريين، جوڳي ڪـندا جڃ.
طـلب نہ رکـن طعام جــي، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مڃ،
سامي جهاڳي سڃ، وسنھن کي ويجها ٿيا.
(شاھہ)

سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار، لکاري ۽ صحافي سائين اسحاق مڱريو، جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ روايتي نہ هو، نہ پنھنجي ڪم، نہ پنھنجي جيئڻ ۽ رنگ ڍنگ ۾. هو جوڳين، سامين، ڪاپڙين، خانہ بدوشن جي جهُڳين ۾ ويھي اسٽوريز لکڻ وارو شخص هو. پکين جا پيرا کڻي، انھن جون آکاڻيون ٻڌائيندو هو. هو وڻن، جانورن ئي پکين جو دوست هو. هوائن تي هلڻ واري ماڻھوءَ جي تعزيت ڪھڙي. هو تہ ققنس پکيء وانگر ڳائي ڳائي رک ۾ تبديل ٿيل شخص آهي. هن نچي نچي زندگي گذاري ۽ بنا مطالبن، پٽڪي، سرڪار کي لعنت ملامت ڪرڻ، دوستن يارن کي ميارون ڏيڻ جي، خاموشيء سان پنھنجي گودڙي کڻي، محفل مان اٿي هليو ويو. سچل جي لفظن ۾، ڄڻ هڪ خيال وڃي ٻئي خيال سان مليو. هڪ مرڪ، ٻي مرڪ ۾ جذب ٿي. چپ چاپ ۾ موڪلاڻي ويل اهڙي خوبصورت شخص جي تعزيت هڪ سطحي ڳالھہ ٿيندي. ان ڪري اسان ان کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ ان سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪرڻ ۾ يقين رکون ٿا.
اڄوڪي زماني جو هڪڙو خاص الميو هر شعبي ۾ ڳنڍيڇوڙن ۽ جعلي ماڻھن جي داخلا آهي. ادب، صحافت، اين جي او، ڪلچر ويندي خدمت خلق جي شعبي ۾ بہ جعلي، ڪوڙا ۽ ڏيکاء پسند ماڻھو داخل ٿي ويا آهن. اڳي فقط عطائي ڊاڪٽرن جو اصطلاح ٻڌبو هو، اڄ جيترا عطائي صحافي ٿي ويا آهن، ايتري هٿرادو ڀرتي شايد ئي ڪنھن ٻئي شعبي ۾ ٿي هجي. ٻئي پاسي صحافت پنھنجن روايتي فريمن مان نڪري چڪي آهي. صحافي اخبار جو ٿيندو هو، ڪنھن مئگزين جو ٿيندو هو يا ٽي وي چئنل جو، هاڻ بنا تربيت، بنا ڪنھن اداري جي، هر ماڻھو گهر ويٺي صحافي ٿي ويو آهي. هر شھر ۾ ٻہ ٻہ ٽي ٽي پريس ڪلبَ آهن. معاشري ۾ علم، سمجهہ ۽ شعور گهٽجي رهيو آهي، صحافي وڌي رهيا آهن. صحافين جي اڪثريت ڪتاب تہ ٺھيو، خود اخبار بہ نٿي پڙهي. ان ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي، تہ ان نئين ولر کي انھن ڪردارن جي باري ۾ ٻڌائجي، جن کي صحافت جي تربيتي اداري جو درجو حاصل آهي. نئين نسل کي اهڙن ماڻھن ۽ ڪردارن کان آگاھہ ڪجي، جن کي پنھنجي شعبي کي ماپڻ لاءِ اسڪيل يا ماپ جي اوزار جو درجو حاصل آهي، جيئن هن شعبي جي اصل نسل جي پرک ڪري سگهجي. جيئن لالا رحمان چيو، تہ هاڻ صحافت بدلجي چڪي آهي ۽ اها نعريبازن جي هٿن ۾ اچي وئي آهي... لالا جي عمر گذري آهي صحافت ۾، جڏهن اهڙا سينئر ماڻھو پاڻ بہ محسوس ڪن پيا تہ هاڻي صحافت صحافين جي هٿن مان نڪري وئي آهي، ۽ ان جي اندر ڪي نيون ۽ مشڪوڪ قسم جون داخلائون ٿي رهيون آهن؛ تڏهن اسان کي اسحاق مڱريي بابت ڳالھائڻ، ان جي ڪردار کي سمجهائڻ ۽ ان جي زندگيءَ کي هڪ مثال ۽ سبق طور منتقل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن اوچتو صحافت کي گهيري ويل ڌنڌوڙي مخلوق کي خبر پوي تہ ڪردار جي زوال جي هن زماني ۾ ڪي اهڙا ماڻھو بہ هئا، جن هر قسم جي مصلحت، هر قسم جي فائدي ۽ رعايت کي ٿڏي، ماڻھن جي پاسي ٿي بيھڻ جي روايت وڌي هئي. انھن ماڻھن لاءِ صحافت ڌنڌو، منٿلي، ڳجهي روزگار جو وسيلو نہ، پر ايمان ۽ آدرش وانگر هئي. اها سياست کان وڌيڪ خدمت جي جذبي سان سرشار ۽ زندگيون وڃائي، زندگيون بچائڻ جو ذريعو هئي.
مان سمجهان ٿو تہ رڳو اسحاق مڱريي جي تصوير (اسٽيج تي لڳل بينر ۾ اسحاق جي تصوير ڏانھن اشارو ڪندي) بہ غور سان ڏسنداسين، جنھن ۾ هن کي کاڌيءَ جو ڪُڙتو پاتل آهي ۽ جنھن ۾ معصوميت ۽ شرافت جي تصوير بڻيل هڪڙو مرڪندڙ چھرو نظر اچي ٿو، جنھنجي ڳچيءَ ۾ ’نڪسل باڙي تحريڪ‘ جي ڪنھن ليڊر وانگر هڪڙو ڳاڙهو مفلر پيل آهي، ۽ جنھنجي ڪلھي ۾ سدائين گانڌيءَ جي پوئلڳن وارو هڪڙو ٿيلھو لٽڪيل ڏسبو هو، (اهڙا ٿيلھا گانڌيء تي ٺھيل فلمن ۾ اڪثر صحافين ۽ ڪارڪنن جي ڪلھن ۾ لڙڪندي ڏسبا آهن) تہ ان تصوير مان ئي اسان سمجهي سگهنداسين تہ هي ماڻھو ڪير، ڇا ۽ پنھنجي اصليت ۾ ڪيئن هو. هن جو جيڪو بہ ڪم هو، ۽ ظاهر آهي تہ هن جو بنيادي ڪم صحافت هو. ان ۾ هن کي هڪ الڳ ۽ نرالي سڃاڻپ حاصل هئي. مان سمجهان ٿو تہ هن جي زماني ۾ تحقيقاتي صحافت ۾ جيڪڏهن اسان سنڌيءَ مان ڪي ٻہ ٽي نالا بہ کڻي سگهون، تہ اسحاق مڱريو جو نالو انھن ۾ سرفھرست هوندو. ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪا هڪ سٽ بہ اضافي ۽ ڀرتيءَ جي نہ ملندي. هو تز لکڻ وارو هو. توهان ڏٺو هوندو تہ 90ع کان پوءِ جيڪا صحافت شروع ٿي، خاص طور تي 'ڪاوش' کان پوءِ شروع ٿيل زماني ۾، لکارين جو وڏو حلقو آهي، جيڪو فقط لفاظي ۽ جملي بازيءَ تي بيٺل آهي؛ توهان انھن جي سڄي تحرير پڙهندئو تہ ان ۾ ڪا ڳرُ نہ ملندي، ڪا ڳالھہ، ڪو موقف، ڪا ڊيٽا ناهي. ڪا علميت، ڏاهپ يا تجزيو تہ ٺھيو، ڪو مرڪزي نڪتو بہ ناهي- لفاظيءَ جا ڍير آهن. پر اسحاق مڱريو پنھنجي دور جو اهڙو صحافي آهي، جنھنجي تحرير ۾ توهان کي لفاظي نہ ملندي. توهان هن جي تحرير مان ڪو بہ بي معنيٰ جملو نہ ڪڍي سگهندئو. هن جي هر جملي اندر ڪو نہ ڪو علمي پھلو، سماجي رخ، ڪا ڳالھہ، ڪا ڄاڻ، ڪو نڪتو، ڪا معلومات ملندي. ان جو ڪو فيچر هجي، خاڪو هجي، خانہ بدوش قبيلن بابت ڪا تحرير هجي، اها ايئن ئي واٽ ويندي يا لکڻ خاطر ناهي لکي وئي. مون پرڏيھي پکين بابت الطاف شيخ جو هڪ ڪتاب پڙهيو، ان تي جيڪو اسحاق مضمون لکيو آهي، اهو ايڏو حسين آهي، جو اوهان کي ڪتاب جيترو ئي وڻندو. لڳندو تہ الطاف شيخ جيڪو رهائي ويو آهي، ان کي اسحاق مڱريي پورو ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت اسحاق مڱريو پنھنجي لکڻ ۾ تہ غير معمولي ماڻھو هو، پر خود هن جي پنھنجي جيڪا شخصيت هئي، سماج اندر، سا پڻ نرالي ۽ دلفريب هئي. بي پرواهي هن جي شخصيت جو خاص گڻ هو. اسان توهان سڀ شاهد آهيون، هاڻي تہ اهڙا بہ صحافي پيدا ٿي پيا آهن، جن جي پٺيان ٽيھہ ٽيھہ چاليھہ چاليھہ گاڏين جو قافلو ٿو هلي. اڳي چوندا هئا تہ اهي ايس ايڇ او وانگر علائقن ۾ هوندا هئا، هاڻي تہ اهي ايم پي ايز وانگر ٿي پيا آهن. ايترا پئسا تہ الائي ڪٿان ٿا آڻن، پر ڏيک ويک ۾ اهي جاگيردارن ۽ وڏيرن کان گهٽ نہ آهن. جڏهن تہ اسحاق اهو ماڻھو هو، جنھن ان سڄي ڪوڙي ڪلچر کي ٿڏي، ماڻھن سان گڏ بيھڻ واري الڳ روايت اختيار ڪئي. کاٻيء ڌر جي سچي ڪارڪن وانگر، پورهيتن، پيڙيلن، مظلومن جو نمائندو ٿي هليو، ماڻھن جو ماڻھو ٿيو. اسحاق مڱريي جي شخصيت ۾ توهان کي اهو هر پاسو نظر ايندو، جنھن سان صحافي ۽ صحافت جي عزت ڪرڻ تي دل چوي.
مون کي تہ هُو شخصيت ۾ ان ڪري وڻندو هو، جو هن زماني جي ڪا پرواھہ نہ ڪئي هئي. جيڪڏهن هن جي دل نچڻ تي چوندي هئي تہ هو کليءَ دل سان هلندڙ محفل ۾ اٿي نچڻ لڳندو هو، جيڪڏهن پيئڻ تي دل گهرندي هئي، تہ سڀني سامھون ويٺو پيئندو هو. هن کي روايتي ۽ ڪوڙي زندگي نہ وڻندي هئي. هن کي ان جي ڪا ڳڻتي نہ هوندي هئي تہ ماڻھو سندس باري ۾ ڇاٿا سوچن ۽ ڪيئن ٿا ڏسن. ان ڪري آئون چوان ٿو تہ جيئجي تہ ايئن جيئجي، جيئن اسحاق مڱريو جِي ويو، ۽ جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي شعبي ۾، پوءِ ڀلي تہ اهو اديب، صحافي، ليکڪ، آرٽسٽ هجي، ڪو مقام، ڪا جاءِ، ڪا سڃاڻپ، ڪو نالو ٺاهڻو آهي، تہ اها ايئن ٺاهڻ کپي، جيئن اسحاق مڱريي ٺاهي؛ هڪڙي بي داغ، معصوم، حسين، سڀني وٽ قابلِ قبول ۽ بنا ڪنھن نعري جي.
بھرحال اسان جي دور ۾ ادب کان وٺي صحافت تائين ايڏا نعرا گهڙي آيا آهن، اهڙا مصنوعي نعرا حاوي ٿي رهيا آهن، جن هڪ عجيب لڙ ۽ شور ڦھلائي ڇڏيو آهي. اهڙا سطحي نعرا، جن جو پير زمين تي بہ نہ آهي. انھن ماڻھن پنھنجن نعرن کي هڪڙو اسڪيل ٺاهي ڇڏيو آهي، جنھنجي بنياد تي هو ڪنھنجو بہ قد ڪڇڻ لڳن ٿا، ۽ جيڪو انھن جي قد ۽ سطح جو نٿو ثابت ٿئي، ان جو پٽڪو لاهڻ پنھنجو حق سمجهن ٿا. اسحاق مڱريو جو ڪو بہ نعرو نہ هو، جيڪڏهن هيو تہ ان جي پنھنجي ڪمٽمينٽ هئي، پنھنجي وطن سان، ماڻھن سان، پيڙيل طبقن سان، ان جي پکين سان، ٻيلن سان، جهنگن سان، پهاڙن سان. ۽ ان کان وڌيڪ نہ ڪو نعرو ٿي سگهي ٿو، نہ ڪو آدرش. هو سچو پچو آدرشي ۽ ديش ڀڳت ماڻھو هو.
ٻئي پاسي مان سمجهان ٿو تہ هو پنھنجي سماج توڙي پنھنجي شعبي جو هڪڙو ’مِس فٽ‘ ماڻھو بہ هو، جيڪڏهن هو فِٽ هجي ها تہ گهٽ ۾ گهٽ حيدرآباد پريس ڪلب ۾، جنھن جو هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا صدر بہ رهيو، اتي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ فنڪشن ۾ سئو کن صحافي تہ ضرور شريڪ ٿين ها.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ’حيدرآباد آرٽس ڪائونسل‘ پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا واري ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير، ڪجهہ اضافن ۽ واڌارن سان)

09 جولاءِ، 2024ع