اسحاق مڱريو ۽ تحقيقي صحافت: لالا رحمان سمون
هاڻي ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان جو نوجوان پروفيشنل ڪاليجن، پرائيويٽ ادارن ۾، ٻاهرين دنيا ۾ پڙهي ٿو، سنڌي ماڻھن پنھنجي پٽن سان گڏوگڏ پنھنجي نياڻين کي بہ تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آهي، اهڙي اڄوڪي دور ۾ سنڌي صحافت ڪنھن بہ پڙهيل لکيل ماڻھوءَ لاءِ ڪو ڪيريئر ڪو اسڪوپ نٿي ٿي سگهي. اها سنڌي صحافت جي هڪڙي بدنصيبي آهي، ڇاڪاڻ تہ اخبارن جي مالڪن جي بک ڪڏهن بہ ختم ڪانہ ٿي ٿئي. اسان جڏهن 90ع ۾ آيا هئاسين تڏهن بہ بکيا هيا، اڄ جڏهن 2024ع ۾ بيٺا آهيون تڏهن بہ اهي اخبارن جا مالڪ، ميڊيا هائوسز بکيا آهن. توهان انھن جا گهر ڏسندا تہ هڪڙي بنگلي مان پنج بنگلا ٺھي ويا آهن. گاڏيون ڏسندئو تہ سندن پٽ کي گاڏي آهي تہ ڌيءُ کي، زال کي، پاڻ کي بہ گاڏي آهي. پوءِ بہ سندن بک ختم نٿي ٿئي. سبب اهو آهي تہ سنڌي صحافت کي، ميڊيا هائوسز کي ڪڏهن بہ ادارن جو روپ نہ ڏئي سگهيا آهن. اداري جي روپ جو مقصد اهو آهي تہ جڏهن توهان ادارا ٺاهيندا آهيو تہ انھن جو خودبخود هڪ مڪينزم جڙي ويندو آهي، جيڪو ماڻھن کي موهيندو آهي، ڪو اسڪوپ ٿيندو آهي، ڪيريئر ٿيندو آهي. هن وقت سنڌي صحافت ۾ جيڪي دوست اچي ويا يا پوءِ جيڪي سياسي ڪارڪن آيا ۽ انھن صحافت کي پيشي طور ورتو آهي، انھن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ ڏينھون ڏينھن گهٽ ٿيندو پيو وڃي. ان جي جاءِ تي هڪڙا نااهل ۽ منشيات فروش ۽ معاشري جا ٻہ نمبري، ناڪاره ماڻھو انھن ادارن ۾ ڀرتي ٿي ويا آهن، انھن جي ڪري ئي ادارا انھن کي پگهارون ڪونہ ٿا ڏين، انھي جي ڪري ئي هڪ رپورٽر جي جيڪا عزت ٿيندي آهي اها هن وقت تمام گهٽ ٿي وئي آهي. چند ادارا هوندا جتي رپورٽر جي عزت هوندي، توهان ڏسو ايڊيٽر جو ادارو ختم ٿي ويو، ۽ مالڪ جو پٽ ڪيڏو بہ نااهل هجي، اهو ايڊٽر آهي. اڳ ۾ ايڊيٽر جي صورت ۾ هڪڙو ادارو موجود هوندو هيو، جيڪو انتظاميا ۽ ڪارڪنن وچ ۾ هڪڙو مڪينزم جوڙيندو هيو، ان ۾ گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا هيا.
اسحاق صاحب تحقيقي صحافت ڪئي، هن جي همعصر دوستن پڻ تحقيقي صحافت ڪئي. هاڻي بدنصيبيءَ سان تحقيقي صحافت جي جاءِ تي نعريباز صحافت پيدا ٿي آهي، جيڪا تمام خطرناڪ رخ ڏانھن پئي وڃي. يقينن دنيا ۾ هر دور ۾ رابطيڪاريءَ جا اوزار ۽ طريقا تبديل ٿيندا رهيا آهن، هاڻي ڊجيٽل ميڊيا طاقتور ۽ اثرائتو ذريعو ٿي آئي آهي، پر ان ۾ توهان کي ٻہ رويا نظر ايندا، هڪ مثبت ۽ ٻيو منفي، مثبت اهو آهي تہ هاڻي جيڪا عمران خان جي حڪمراني هئي يا ان کان اڳ جيڪي بہ حڪمرانيون هيون يا هيءَ جيڪا گڏيل حڪومت آئي آهي تہ ملڪ جا ناميارا صحافي، جن جو تعلق ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور سان هجي، يا جيڪي ڳالھائن ٿا، سوال پڇن ٿا، انھن لاءِ اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ نوڪرين جا دروازا بند ٿي ويا آهن، نتيجي ۾ هنن پنھنجو روزگار ڪرڻ لاءِ پنھنجا يوٽيوب چينلَ ٺاهيا، جن تي هو اچن ٿا. توهان هنن جون ڳالھيون تہ ٻڌو، هو ڪيڏي وڏي تنقيد ڪن ٿا، پر لفظن جي چونڊ خوبصورت انداز ۾ ڪن ٿا، جيڪي ماڻھن کي چھنڊڙي تہ هڻڻ ٿا، پر ماڻھن کي پنھنجي بي عزتي محسوس نٿي ٿئي. اسان وٽ ان ڊجيٽل ميڊيا جي نالي تي ماڻھن جا پٽڪا لاهڻ، بي عزتيون ڪرڻ رواج ٿي ويو آهي. هڪڙي زماني 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن سياسي پارٽين، قومپرست يا ترقي پسند جماعتن سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ پي ڪئي تہ ان وقت هڪڙا نعرا ايجاد ڪيا ويا. هڪڙا نعرا موهيندڙ هوندا آهن، پر انھن جو پير زمين تي نہ هوندو آهي. ائين جيڪڏهن صحافت ۾ بہ ان قسم جي نعريبازي ٿيندي تہ اها اسان جي سماج کي مجموعي طور فائدو نہ، نقصان ڏيندي. صحافت اها آهي تہ توهان سماج جي تضادن تي محنت ڪري اسٽوريون ڪري اچو. نعرو هڻڻ تہ سولو آهي، تحقيي اسٽوري ڪرڻ ۾ محنت کپي ٿي، ڪتاب پڙهڻا پون ٿا، مشاهدو ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري صحافي دوستن کي منھنجي گذارش آهي تہ جيڪڏهن هو صحافت کي ڪيريئر طور اختيار ڪن ٿا تہ سٺي ڳالھہ آهي، خاص طور اهي، جن جو سياسي پس منظر آهي. مان ان ڳالھہ تي قائل آهيان تہ ادبي يا سياسي پس منظر وارا ماڻھو جڏهن صحافت ۾ اچن ٿا تہ سماج لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا، پر جيڪي حادثاتي طور صحافت ۾ اچن ٿا، اهي پيٽ گذر ڪن ٿا ۽ ڌنڌو ڪري روانا ٿي وڃن ٿا.
(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)