شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

هو صدين کان هتي ايندو ويندو رهيو آهي: فھميدہ جروار

اسلام عليڪم!
جي روئي پوان تہ درگذر ڪجو.
مون ڪڏهن بہ ائين نہ سوچيو هيو تہ بابا لاءِ آئون ائين ڳالھائينديس. آئون سدائين هن جي سالگرھہ جا وار ملھائيندي هيس. بابا مون کي ٻڌايو هو تہ جڏهن آئون سنڌ ايڪسپريس ۾ انٽرويو ڏيڻ ويو هيو. اتي انٽرويو پينل طرفان هن کان سوال ڪيا ويا هئا. انھن مان هڪ سوال هو تہ ”سنڌ جو اهم مسئلو ڪھڙو آهي؟ سنڌ جا ڪھڙا مسئلا آهن، جن تي توهان لکندئو؟“ بابا سائينءَ هڪڙي ڳالھہ چئي هئي تہ ”سنڌ جو سڀ کان اھم مسئلو صرف پيار جي شادي آهي. ٻيو ڪو بہ ڪونھي.“ انٽرويو وٺندڙ حيران ٿي ويا. چيائون ”اهو ڪيئن؟“ بابا چيو، ”هي قبيلائي جهيڙا ان جو بنياد آهن. هر شيءِ ان جو بنياد آهي؛ ڌرتي، پاڻي تہ اسان جا پنھنجا آهن.“ انٽرويو وٺندڙ پينل چيو تہ ”پئسا ڪيترا وٺندئو؟“ بابا چيو تہ ”آئون ڪنھنجي ڊڪٽيشن تي هلندس ڪو نہ. جيڪو ڪجهہ بہ آئون لکندس، اهو توهان ڪٽيندئو ڪو نہ.“ اها ڳالھہ بابا ٻڌائي، منھنجي دل چيو توهان سان شيئر ڪريان. هڪڙي ٻي ڳالھہ؛ هڪ ڀيري هڪڙي محفل ۾ ويٺا هئاسين. فنڪار برڪت ڀٽ ڳائي پيو، ’ننڍڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا‘ بابا روئِي ويٺو. ڪيترائي ڀيرا هن مون کي ٻڌايو هو تہ ”آئون صفا ننڍو هيس، شايد چوٿين يا پنجين ۾ پڙهندو هيس. تڏهن استاد ڪتاب کڻي آيو هو، انھي ۾ اهو بيت لکيل هيو.“ مون چيو، ”بابا تڏهن اهڙا بيت هوندا هيا ڇا؟“ چيائين، ”ها اهو بيت لکيل هو، انھي ۾ ۽ مون پڙهيو، مون کي ڏاڍو وڻيو، دل چيو تہ جيڪر سڄو ڪتاب پڙهان، ڪتاب وٺان، پر استاد مون کان ڪتاب وٺي هليو ويو. آئون گهر آيس، امان کي تنگ ڪرڻ لڳس تہ مون کي اهو ڪتاب کپي. جنھن تي امان چيو تہ توکي آڻي ڏينديس. ان کي هڪڙو ڏينھن گذري ويو، مون ماني نہ کاڌي. ٻيو ڏينھن گذري ويو. شام ٿي وئي. مون کي ڪتاب ڪونہ مليو. آئون روزي ۾ هيس، امان منٿون ڪيون، پر پاڻي نہ پيتم، نہ ئي ماني کاڌم، هڪڙو ڏينھن هڪڙي رات، ٻيو ڏينھن گذرڻ وارو، ٻي شام جو اهو ڪتاب مون کي مليو. خبر ناهي تہ منھنجي امان اهو ڪتاب ڪٿان آندو. ڪيترين ئي مشڪلاتن مان گذري هوءَ اهو ڪتاب وٺي آئي هوندي.“ منھنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ بابا سائين ننڍي هوندي کان ئي پڙهندو هيو. هو صفا ننڍڙو هيو، تڏهن کان پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين ۽ تڏهن کان ئي ماڻھن کي سمجهڻ شروع ڪيائين. هڪڙي ٻي ڳالھہ بابا ٻڌائيندو هيو تہ ”اسان ايترا تہ غريب هياسين جو آڻيندا هياسين ۽ چاڙهيندا هياسين بس. هاري هياسين.“ بابا جي والد صاحب جي وفات بعد بابا (اسحاق) امان سان گڏ پاڻي ورائڻ ويندو هو. هن کي پاڻيءَ جي موڳي کان ڊپ ٿيندو هو. چوندو هو تہ پاڻي جي گوڙ کان خوف هن کي اڃان بہ ٿئي ٿو. هڪ ڀيري امان کي شام کان رات ٿي وئي، امان چيو تہ گهر تہ وڃان ٿي، پر ڇا ڪريان پچائڻ، کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونھي. زميندار کي چيائين تہ ”ڪجهہ ٽماٽا ڏي آئون ڀاڄي رڌينديس.“ هن کيس ڪجهہ ٽماٽا ڏنا. ۽ امان ٿورا بصر ۽ ٿوم ڪَٽي، گهر کڻي اچي اسان کي ٻوڙ رڌي کارايو، جنھنجو ذائقو بابا جي زبان تي آخري دم تائين هيو، هو ان کي ڪڏهن بہ نہ وساري سگهيو.
بابا (اسحاق) الاهي وڏو ماڻھو هيو. هو سڄي سڄي رات پڙهندو هو. وري اٿندو هو، ويھندو پڙهندو، ڄاهيون ٺاهيندو، ماني کائيندو، وري پڙهندو ۽ وري اچي لکندو هو. آئون چوندي هئي مانس، ”بابا، ايترو وقت ٿي ويو آهي، اڃان توهان ويٺا آهيو.“ ڪتاب پورو نہ ٿيندو هوس تہ ننڊ نہ ڪندو هو. هڪ ڀيري لکندي لکندي اهو فائل ڪرپٽ ٿي ويس. پوءِ سمھي رهيو، ٿوري دير ننڊ ڪرڻ بعد اٿيو، چانھہ پي وري لکڻ شروع ڪيائين. لکي اهو موڪلي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن ڇوڪرن اهو فائل بحال ڪري ڏنس، بلڪل ساڳيو، ٻنھي ۾ ڪو بہ فرق نہ هو. مون کيس چيو ”بابا، تنھنجي دماغ ۾ ڪمپيوٽر لڳل آهي. مون کي لڳي ٿو، تون صدين کان هتي آيو آهين، ڌرتيءَ تي اچين ٿو، وڃين ٿو مٿي، وري اچين ٿو، وري وڃين ٿو. تون ائين ئي آهين، ان ڪري تنھنجي دماغ ۾ هر ڳالھہ، هر شيءِ محفوظ ٿي وڃي ٿي. تون جيئرو جاڳندو ڪمپيوٽر آهين.“
امان چوندي هئي تہ ”توهين ٻئي جاڙا آهيو، ماني گڏ کائو، گهمو گڏ، وڃو گڏ، اچو گڏ، توهان کي بخار بہ گڏ ايندو آ، توهان کي زڪام بہ گڏ لڳندو آ، پيرن ۾ سور بہ گڏ پوي ٿو.“
امان ڪُوڙ ڳالھايو هو (روئندي) الاهي ڪُوڙ ڳالھايو، بابا اڪيلو هليو ويو. اسان جاڙا ڪو نہ هياسين. هو ڇڏي ويو مون کي.
توهان جي مھرباني.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)