اُوچو ڳاٽ : جاويد لانگاھہ
فقير اسحاق سان هونئن تہ پراڻي شناسائي هئي، پر ان تعلق ۾ ڪوئيٽا هڪ گڏيل ذريعو ھو. منھنجي گهر واري نيلم مومل جي اسحاق صاحب سان ڪوئيٽا ۾ واقفيت ٿي هئي ۽ اهو تعلق ايترو تہ گهرو هو جو نيلم کيس بابا سڏيندي هئي. اسين شاديءَ کانپوءِ حيدآباد ايندي ئي اسحاق صاحب جي بابن شاھہ ڪالونيءَ واري گهر وياسين ۽ اتي اسحاق صاحب ۽ سندس گهرڀاتين سان يادگار ڪچھري ڪئي سين. ٻيو اهو تہ اسحاق صاحب جو ڪوئيٽا ۾ صحافين اندر ايترو تہ احترام ۽ شناسائي هئي جو هر ماڻھو پيو سندس لاءِ سلام ڏيندو هيو. آءٌ جڏھن بہ حيدرآباد ايندو هئس تہ منھنجو سڀ کان پھريون پنڌ ڪاوش اخبار ڏانھن ٿيندو هيو، جتي منظور ميراڻيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ مونکي ڪيئي ڪلاڪ لڳندا هئا. منظور جيستائين ڪاوش جي ڪيبن ۾ پيو ايڊيٽوريل گهڙيندو هيو، تيستائين آءٌ رپورٽرن واري ڪمري ۾ وڃي اسحاق صاحب سان ويھندو هئس. ڊيسڪ تي شام جو وقت اسٽوري فائيل ڪرڻ جو هوندو هيو، پر منھنجي اچڻ تي فقير ڪم ڪار ڇڏي ڪوئيٽا جي سياست جي معلومات ۽ صحافين جي خبرگيري وٺندو رهندو هيو ۽ ان دوران دينوءَ جي رسڪٽ چانھن جو هڪ اڌ دور يا حملو بہ ٿيندو هيو. ائين انيڪ ملاقاتن ۽ ڪچھرين جو سلسلو هيو، جنھن ۾ بلوچستان ۽ ڪوئيٽا اسان ٻنھي وچ ۾ گڏيل موضوع هوندا هيا.
هڪ ڀيري مان ڳوٺ هيس تہ اسحاق صاحب ڪنھن عوامي معاملي تي اسٽوري ڪرڻ خيرپور ناٿن شاھہ آيل هو، جتي هُو اسان جي عوامي ٺڪاڻي، ڪامريڊ نظير چانڊئي جي اوطاق تي ٻہ ٽي ڏينھن اچي ٽڪيو. هڪ ڏينھن صبح ويل اسحاق صاحب جي ناشتي لاءِ ڪامريڊ نظير ڪنھن ڇوڪري کي چيو تہ، ”سرڪاري ماني‘ وٺي آ.“
جڏھن ڇوڪرو واپس آيو تہ سندس هٿ ۾ ڊبل روٽي هئي. اسحاق صاحب چيو تہ، ”هيءَ وري سرڪاري ماني ڪيئن ٿي؟“ ڪامريڊ نذير چيس تہ ”جنھن شيءِ تي سنڌي ماڻھن جو وس نہ هلندو آھي يا وري پيڪنگ ۾ هجي، تنھن کي اهي سرڪاري چوندا آھن، جيئن سرڪاري کير پيڪنگ وارو، سرڪاري ٻٻر (ديوي)، سرڪاري بيدا وغيرہ.“ ان ڳالھہ تي اسحاق صاحب ڪيترن ئي منٽن تائين پنھنجي مخصوص انداز ۾ ٽھڪ ڏيندو رهيو ۽ کيس اها ڳالھہ ايتري تہ پسند آئي جو جڏھن بہ نظير سان ملاقات ٿيندي هيس تہ مذاق ۾ کانئس پڇندو هيو تہ، ”ٻي ڪھڙي شيءِ سرڪاري آھي؟“
ويھارو ڏينھن اڳ دريا خان فون تي حال احوال دوران ٻڌايو تہ، ”سائين اسحاق مڱريي جي طبيعت گهڻي ٺيڪ نہ آھي. کيس ڪينسر ظاهر ٿيو آھي، پر سائين اسحاق پاڻ ۽ ڪٽنب وارا ان ڳالھہ کي پبلڪ نہ پيا ڪن.“ مون پنھنجي طور تي سمجهي ورتو تہ اسحاق صاحب جھڙو ٻوڌي ڀڪشو ڪڏھن بہ پنھنجي بيماريءَ جو اشتھار هڻي دعائن ۽ همدرديءَ جي اپيل نہ ڪندو- ۽ ٿيو بہ ائين تہ هن آڪاش ۾ لامارا ڏيندڙ موت جي پکي پرڏيھيءَ کي ڏور کان ڏسي، پنھنجي روايتي مرڪ کان پوءِ چيو هوندو، ”اچي ويو آھين؟“
اسحاق صاحب سنڌ جي مٽيءَ مان ٺھيل هيو، انڪري منجهس اهي سمورا رنگ، قدامت ۽ خوبصورتي موجود هئي، پر جيئن تہ هو هڪڙو يوگي هوندي بہ انسان هيو، انڪري سندس پٽ حسن جي وڇوڙي سندس مضبوط مٽيءَ جي بند ۾ هڪ وڏي روڻ وجهي ڇڏي هئي ۽ پوءِ واري ڏکن جي ٻوڏ ان مٽيءَ کي خاموشيءَ سان وهائي هلي ويئي.
دوستن کي ويندو ڏسي ائين ٿو لڳي تہ وقت جي جهار سمورن پڪل فصلن جي آس پاس وڻن تي تاڙ ۾ ويٺل آھي، خبر نہ آھي تہ ڪھڙي ٻني ۽ ڪھڙي سلي تي ان جو حملو ٿيڻو آھي.
(سوشل ميڊيا تان کنيل)