يگاني يار، کاهوڙي صحافي ۽ ھر دلعزيز شخصيت اسحاق مڱريي جو وڇوڙو: صديق انڙ
اهڙي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ جن ماڻھن ڪنھن قدر آواز اٿاريو انھن جو سرواڻ هي بيباڪ ۽ دلير صحافي بنيو، جنھن لاڳيتو انھن ڏينھن جي مقبول ترين سنڌي اخبار ڪاوش ۾ سڳن سوڌو، ثبوتن واري نہ صرف رپورٽنگ ڪئي، پر ان ڪني ڪم لاءِ نفرت جھڙا نالا ۽ لقب بہ تخليق ڪيا. ڌنڌي ۾ ملوث ماڻھن کي ڌنڌوڙي سڏيائين. ڪاپي ڪلچر کي ڪاپي مافيا جو لقب مليو. نہ صرف ايترو پرامتحاني سينٽرن ۽ ملوث ماڻھن جا نالا وٺي کين نشانبر ڪيائين. آئون جيئن تہ پنھنجي حيثيت آھر ڪاپي مافيا جي مخالفت ڪندو رهندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخبار ۾ ڪالم لکي آڱر وڍائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش بہ ڪندو هوس. ان ڪري اسحاق سائين بغير ملاقاتن ۽ ڪچھري ڪئي منھنجو آئيڊيل صحافي بنجي چڪو هو. سانگهڙ پھچڻ کان پوءِ پروفيسر مير حسن سان دوستي، سپلا جي عھديداريءَ سبب صحافي لڏي سان تعلق، اسلم ميمڻ سان جلد ئي ويجهڙائپ ٿي وڃڻ ۽ سائين الھورائي بھڻ جي شاگرديءَ سبب "ڪامريڊن" جي ڪچھريءَ جو حصو بنجي وڃڻ بہ اسحاق سان ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ ۾ آسانيءَ جو سبب بنيو. ڪامريڊ لڏي ۾ اسحاق مڱريي جو هر ننڍو وڏو تمام گهڻو نہ صرف ذڪر ڪندي ٻڌم پر قدر ڪندي محسوس ڪيم. سوچيان پيو تہ ان شخص ۾ اهڙي ڪھڙي خوبي آھي؟ نہ تہ امير ڪبير ٿو لڳي، نہ ڪو ايڏو عالم فاضل اسڪالر آھي، نہ ئي گفتگو ۽ پوشاڪ مان ”وڏو“ ماڻھو ٿو ڀانئجي! جلد ئي منھنجا سڀ ڀولا تڏهن ڀڳا جڏهن پروفيسر سائين الھورائي بھڻ صاحب جي رهنمائي ۾ ماحول دوست تنظيم ’ڌرتي دوست سنگت‘ جي تنظيمي ڍانچي ۾ اسان سڀ هڪ هنڌ گڏجي وياسين.
ان زماني ۾ بہ سانگهڙ ۾ سماجي توڙي ادبي سرگرميون ڪافي گهڻيون ٿينديون هيون. پاڪستان نيشنل سينٽر جو ان ۾ وڏو ڪردار هو تہ سائين الھورائي بھڻ ۽ مرحوم سائين اسماعيل احمداڻي صاحب جھڙا ٻھڳڻ ڪردار بہ ان جا مشعل بردار هئا. اسحاق صاحب ۽ اسان جونيئر ٻالڪن جي جماعت انھن ادبي مجلسن مان تربيت وٺي نہ صرف اسٽيج تي ڳالھائڻ سکيو، پر جرئت ۽ شعور حاصل پڻ ڪيو. سڀ کان وڌيڪ لاڀ اسحاق جھڙن سچن ۽ لاطمع پر بي ڊپن آدرشي انسانن حاصل ڪيو. انھن سرگرمين سبب اسان جو پاڻ ۾ تعلق وڌيڪ پختو ٿيو. واسطو جيئن تہ بي لوث هو، ان ڪري وڌندو ئي رهيو، ان ۾ ڪمي نہ آئي تان جو موڪلاڻيون اچڻ لڳيون آھن.
هي يار، يارن جو تہ يار هو، پر غربت جا گوندر سانڍي، لکين درد ساڻ کڻي هميشہ خوش مزاجيءَ سان کلندو ۽ ٽھڪ ڏيندو رهيو. صحافي صرف نالي جو نہ هو. ڪا رپورٽ لکڻي هوندي هين تہ سر زمين تي پھچي، پسمنظر ۽ پيش منظر بيان ڪري پنھنجي فرض جو حق ادا ڪندو هو. هنگلاچي سنياسين، جوڳين وانگر اڪثر سفر ۾ رهي سچي معنيٰ ۾ کاهوڙي ڪردار ادا ڪندو رهيو. اسحاق جي مٿي واري ڪيپ، ڪلھي ڪنڌ واري پوتڙي/ٽوال ۽ فقيرن جي گودڙيءَ جھڙي ڪپڙي يا زين جي ٿيلھي سڄي عمر پچر نہ ڇڏي. سندس اٿِي ويٺِي ۽ سنگت ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي تائين ڦھيل هئي. سندس فقيراڻو ڏيک ۽ ڳالھائڻ ۾ بي ڊپائي ڪڏهن تبديل نہ ٿي. هي فقير شخص تاريخ، جاگرافي، ثقافت، سياحت، ماحوليات جو پارکو انسان هو. ٺٽي ۽ بدين ۾ جڏهن سامونڊي طوفان تباهي آندي تہ هي اورچ انسان اتي جي نہ صرف انسانن پر جانورن، آبي مخلوق، ماحولياتي تبديلين ۽ تمر جي ٻيلن جي اهميت ۽ حفاظت توڙي ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ جي هاڃيڪار اثرن کي سڄي ڊيلٽائي علائقي جي اکين ڏٺي مشاهدي تي ٻڌل رپورٽن ذريعي اجاگرڪندو رهيو. سانگهڙ ويجهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ کان اڳ ئي جن ڀيانڪ اثرن جي امڪانن جو هن ماحول دوست صحافيءَ خدشو ڏيکاريو هو، اهي اڄ سڀني جي سامھون آھن. سانگهڙ جي مخصوص ماحول ۾ رپورٽنگ ڪندي يا ڪنھن محفل ۾ اظھار ڪندي ڪڏهن بہ نہ هٻڪيو هوندو نہ هٽڪيو هوندو. اهڙين مجلسن ۾ يا ٽي وي انٽرويوز ۾ اگرن سوالن ڪندي شائستگيءَ سان ڪيئي پڳڙيون ڌوڙ ٿيندي بہ دنيا ڏٺيون. نتيجي ۾ ناراضگيون ۽ ڏاڍن جا ڏمر بہ ڏٺا ۽ سَٺا هوندائين، پر منصوري نعرا بلند ٿيندا ئي رهيا. اسان جي ويجهو هئڻ باوجود اسان مان ڪنھن جي بہ طرفان پھچايل شڪايت ۽ خبر تي رپورٽ کي ڇاپڻ/ نشر ڪرڻ کان پھريان ان جي تصديق صحافتي ديانتداريءَ سان ڪندو هو. 2019 ۾ جڏهن ڊائريڪٽر ڪاليجز هوندي مون کي فنائنس کاتي وارن جي ملي ڀڳت سان ڪجهہ ڪاليجن جي پرنسپلز طرفان ريوائيزڊ بجيٽ يا RE جي نالي تي ڪروڙن جي گهوٻين جي خبر پئي ۽ سرڪار سڳوريءَ رپورٽ ڪرڻ باوجود بہ ڪو قدم نہ پئي کنيو، تڏهن مون جوکم وٺي اها خبر ميڊيا ۾ آڻڻ چاهي. اهڙي دليرانہ ڪم لاءِ مون کي اسحاق جو نالو ئي سجِهيو ٿي. هَلِي وٽن حيدرآباد ويس. مون کان تفصيلي احوال وٺي صرف دوست تي اعتبار ڪرڻ بدران سيڪريٽري ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر جنرل سان رابطو ڪري اصل حقيقت جي وجود جو يقين ڪري، پوءِ رپورٽ هلائين. 1996 ۾ ڪاليج اسٽاف ۽ پرنسپل جي وچ ۾ اختلافن سبب پرنسپل صاحب مون کي ۽ مبارڪ علي سنجراڻيءَ کي ان وقت جي قانون واري وزير پير مظھرالحق معرفت مٺي ۽ ٺٽي بدلي ڪرائي ڇڏيو. اهو اختلاف ساڍن چئن مھينن تائين ٻيو نہ تہ بہ ميڊيا ۾ انتھائي شدت سان جاري رهيو. ان ڦڏي ۾ اسحاق بہ لٺ ڀاءُ پاران کنئي، پر حقيقتن کان وافقيت وٺي پوءِ. انھن ڏينھن ۾ پرنسپل جي ان الزام تي تہ مبارڪ سنجراڻي دير سان اچڻ جو عادي آهي، ان تي اسحاق جو هڪ جملو ثبوت طور اسان جي سڀني فورمن تي دهرائبو رهيو. جملو هو تہ، ”مبارڪ سنجراڻيءَ کي ڪاليج ويندي ڏسي، ماڻھو پنھنجي گهڙين جو وقت ٺيڪ ڪندا آهن. ان تي دير جو الزام ڪنھن بہ طرح درست نٿو ٿي سگهي.“
سندس اولاد تہ خير منھنجو شاگرد رهيو، پر منھنجي وڏن ٽنھي ٻارن کي ٻالڪپڻ کان وٺي ڀائيندو رهيو ۽ جڏهن بہ رابطو ٿيو هوندو تہ سڀني گهر ڀاتين جا نالا وٺي خير عافيت معلوم ڪرڻ سندس معمول هو. لڳندو هو تہ هي شخص ڪڏهن مايوس ۽ پريشان رهڻ بدران هميشہ خوش رهي ٿو. پر ائين ناهي هوندو. ”ڪِسي ڪِي آنک جو نم نھين هي تو يون نہ سمجهو ڪه اسي غم نھين هي. “ وارو قصو هو. ھڪ ڏينھن مون کي فون ڪري منھنجي جگر جي بيماريءَ ۽ ان جي علاج جي باري ۾ تفصيل پڇڻ لڳو. سبب پڇيم تہ پنھنجي ننڍي فرزند حسن جي ناچاقي جو ذڪر ڪيائين. تڏهن اسحاق واقعي پريشان لڳو. وري خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اهو ڳڀرو جوان ٿوري عرصي ۾ ﷲ کي پيارو ٿي ويو. ساڻس تعزيت لاءِ گهرڀاتين سميت جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيو تہ مسلسل ’حسن حسن‘ ڪندو رهيو. حسن جي ننڍڙي اولاد کي ڪوڏائيندي ڪوڏائيندي گهور پيو وڃي. ان ڏينھن پڪ ٿي تہ حسن جي وڇوڙي کيس بہ نھوڙي وڌو آھي. انسان تہ نيٺ انسان آھي، پٿر جو ٺھيل تہ ناهي.
سائين الھورائي بھڻ، ڪامريڊ حسن عسڪري ۽ سندن پوئلڳ نوجوانن جي سنگت تہ پڪي هئي، پر نظرياتي آدرش بہ پختا هئن. اهي نوجوان ڇوڪرا هاڻي پاڻ بہ اچي پوڙھا ٿيا آهن، پر هر روز نہ تہ بہ هفتي ۾ ڪيئي ڀيرا هڪ هنڌ ويھي ڪچھري ڪرڻ لاءِ ڪا نہ جاءِ مسواڙ تي وٺي ملڻ جي نہ رڳو پختي روايت قائم رهي ۽ اڄ بہ آهي، پر ان ريت کين پختيون سوچون ڏنيون. مون تہ ’ڌرتي دوست سنگت‘ جي آفيس واري ٺڪاڻي کي ڏٺو، پر ان کان پوءِ بہ اهو سلسلو اڄ تائين قائم آهي ۽ پڪ سان اڳ ۾ بہ ڪو ٿاڪ هوندن. سائين الھورائي بھڻ انھن اوطاقن کي ’چريا پڙي‘ جو اهڙو تہ نالو ڏنو جو ان کي سانگهڙ ۾ ٻڌي ڪو بہ حيرت جو اظھار نہ ڪندو آهي. اسحاق جيڪڏهن صحافتي رولاڪين کان واندو هوندو هو تہ ’چريا پڙي‘ ضرور وڃي. بعد ۾ جڏهن صحافتي مصروفيتن ۽ اولاد جي مستقبل جي حوالي سان حيدرآباد منتقل ٿي ويو تہ بہ سندس تعلق ’چريا پڙي‘ جي ”چرين“ سان ساڳي طرح قائم رهيو.
اسحاق الاهي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن لاءِ اورچائيءَ سان ڪم ڪندي صحافت سان گڏ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو، ماحوليات جو شعور ذاتي مشاهدي ذريعي بخشيو. سنڌ ۽ سانگهڙ ۾ آيل ٻوڏون هجن، ايل بي او ڊي جون تباھ ڪاريون هجن، بدين ۽ ٺٽي وارو سامونڊي طوفان هجي، وڻن جي واڍي هجي يا جنگلي جيوت جو بي رحميءَ سان شڪار هجي، اسحاق سڀني جي حقن لاءِ طاقور آواز بنيو رهيو. سندس وڃڻ صفا اوچتو ان ڪري لڳو تہ سندس بيماري بابت ڪو گهڻو ٻڌو نہ هو. سندس موڪلاڻيءَ سان صرف صحافت نہ پر سنڌ جو عوام بہ هڪ وڏي ڀرجهلي، همدرد انسان کان محروم ٿي ويو آهي. سانگهڙ جو تہ نڪ هو، پر وسارڻ هر ڪنھن کي ڏکيو لڳندو. توقير چغتائي صاحب پنجابي زبان ۾ سوشل ميڊيا تي هيٺين طرح ڀيٽا پيش ڪئي آهي:
”اسحاق منگريو
ايھہ مرنا جينا ڪيہ هوندا
ايھہ دوجا تيجا ڪيہ هوندا
ڪُڇ نھين هوندا سب ڪوڙ هوندا
ويلي دي اڊدي ڌوڙ هوندا
تون ويلا هس ڪَي جِي ڇڊيا
هن روئون واسطي
ڪيہ ڇڊيا... “
توقير چغتائي.
(سوشل ميڊيا تان کنيل)