شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

ھن جي اندر ۾ بڙ جو وڏو وڻ، ڪونجن جي ھڪڙي قطار ۽ حر ڪئمپون ھيون: خالد ڪنڀار

آئون ھن جي پيرن تي پير ڏئي ھلي رھيو ھئس يا ھو جن جن گهٽين مان گذري آيو ھو, آئون انھن انھن گهٽين مان گذريس پئي. اھا مونکي خبر بہ ڪانہ ھوندي ھئي. نہ ئي وري مونکي انھي ڳالھ جو احساس ھوندو ھو. پر ڪڏھن ڪڏھن منھنجي ڪنھن ڪنھن ليک تي ھن جو تفصيلي ڪمينٽ يا ڊگهي فون ڪال مونکي اھو احساس ضرور ڏياريندي ھئي تہ ھائو ٻيلي انھي گهٽي مان ھن فقير جا پير بہ گذريا آھن. ھو انھي ھڪڙي ڪمينٽ ۽ فون ڪال ۾ منھنجي انھي ليک جي رھجي ويل سڀني پاسن تي ڳالھائي ويندو ھو. ھن جي ڳالھائڻ کان پوءِ مونکي منھنجي لکڻي اڌوري اڌوري ۽ اڻپوري اڻپوري لڳندي ھئي. اھا ڳالھ صرف ليکڪ ئي سمجهن ٿا تہ جڏھن ڪا بہ لکڻي اڻپوري ۽ اڌوري لڳندي آھي تہ انھي وقت ليکڪ پنھنجو پاڻ کي ڪيئن اڌورو اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن وري ڪٿي ڪٿي ڪا ڳالھ سمجه ۾ ڪانہ ايندي ھئي تہ ھن کي بي حجاب ٿي فون ڪري وٺبو ھو. مونکي ياد اچي ٿو ھن کي آخري فون مون سنڌ جي شھر پاٽوين مان بيھي ڪئي ھئي. منھنجو سوال ھو ”سائين اھو ’پاٽوين جا پانڊو پنندي ڏٺاسين‘ وارو پھاڪو ڪيئن آھي؟“ مونکي ياد آھي تہ ھن مونکي انھي پھاڪي جي جديد تشريح بہ ڪري ٻڌائي ھئي، جيڪا ھن وقت جي صحافت تي اچي کٽي ھئي.
ھن جي اندر ۾ ھڪڙو وڏو بڙ جو وڻ ھڪڙي ڪرڪندندڙ ڪونجن جي قطار، حر تحريڪ لاءِ ٺاھيل حر ڪئمپون تہ ھونديون ئي ھونديون ھيون. پر انھي سان گڏ ھن جي اندر ۾ لاڏائو قبيلن جا قافلا بہ پيا ھلندا ھئا. ھو مونکي اڪثر چوندو ھو ”جوڳي تون انگريزن جو ايجنٽ آھين.“ انھي جملي کانپوءِ ھڪڙو وڏو ٽھڪ ڏيندو ھو. چوندو ھو ”تون اھو ڪم پيو ڪرين جيڪو سنڌ اندر انگريزن جي ايجنٽن بيٺڪي دور ۾ ڪيو. خانہ بدوشن جو لڪيل ڳالھيون پيو عام ڪرين. وري انھي لمحي چوندو ھو، ”سلاٽن جي ڪالونيءَ ۾ بہ ڪڏھن ھل تہ ھلون.“ ٻڙھا شايد حيدر آباد ۾ بہ ويٺا آھن. اھا ھن کي خبر ھئي. گلاب جوڳي جي ڪالونيءَ تي ھن اسٽوري ڪئي. ايئن ھن جي حيدرآباد تي ڪيل اسٽورين حيدر آباد اندر ھڪڙو ٻيو حيدر آباد متعارف ڪرايو، جيڪو عام اک نٿي ڏسي سگهي. ھن جي اک جو اھو ئي ڪمال ھو تہ اھا ڪجهہ الڳ ڏسي سگهندي ھئي.
ڪجهہ مھينا ٿيندا جو مون ڍورونارو واري فرش موريءَ تان گذرندي عادتن انھي وڏي بڙ جي وڻ ڏانھن نھاريو. آئون بڙ جو وڻ نہ ڏسي ھيٺ لٿس تہ انھي وڻ کي ڪنھن وڍي ڇڏيو ھو. انھي وڏي بڙ جي وڻ جا بنڊ اتي پيا ھئا. مونکي خبر ناھي تہ اھا خبر اڄ بہ ڍورونارو شھر جي ماڻھن کي آھي الاھي ناھي. پر اھو تمام جهونو ۽ وڏو بڙ جو وڻ، جنھن ۾ چمڙا پيا لڏندا ھئا. اھو ڍورونارو شھر جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ھو. مون اھي بنڊ جا فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيا. انھي رات ئي ھن جي فون اچي وئي ”جوڳي! فرش موري وارو بڙ جو وڻ وڍجي ويوڇا؟ پوءِ ڍوري ناري وارن انھي تي ڪو احتجاج ڪونہ ڪيو. توکي خبر آھي مون انھي بڙ جي وڻ تي ھڪري تفصيلي اسٽوري ڪئي ھئي.“ ھن انھي بڙ جي وڻ جي ڳالھ ڪندي وسائي ھاليپوٽي جي بہ ڳالھ ڪئي، جنھن لاءِ بہ اھو بڙ جو وڻ ايترو ئي اھم ھو. مون ھن جي انھي فون ڪال مان محسوس ڪيو تہ بڙ جو وڻ ھن جي اندر بيٺل ھو.
2011 جي ٻو ڏ ۾ نھٽي مان اچي نڪتو، رستا ھئا ڪونہ، پر الاھي ڪيئن پھتو. انھن ڏينھن ۾ نھٽي ۾ جام صحافي آيا. ھي ايندي ئي بابا سان گڏ اچي ويھي رھيو. ھڪڙي ڊگهي ڪچھري ٿي. ھن انھي ٻوڏ کي اتان ويھي رپورٽ ڪيو. ھن کي ڪونجن جو ولر اتان مليو. مونکي ٺيڪ ياد ناھي، پر ھن ڪجهہ مھينا شايد ٿيندا مونکي فون ڪئي تہ ”جوڳي توکي ڪنھن اھا ڳالھ ٻڌائي آھي تہ گهڻا سال اڳ اتان ڪونجن جو ولر گذريو ھو، جنھن ۾ ھڪڙي ڪونج شڪارين ڌڪي وڌي ھئي. انھي تي وڏو ملحلو ٿيو ھو، پوءِ اھا ڪونج ڪسجڻ کان بچي وئي ۽ سال نھٽي ۾ ويٺي ھئي، وري ٻي سال ڪونجن جو ولر اتان گذريو تہ ڪونجن وڏيون رڙيون ڪيون ۽ ٽي ڏينھن انھي ڳوٺ مٿان ڦيرا ڏينديون رھيون ۽ سال اڳ ڌڪي ٿيل ڪونج سامھون رڙيون ڪندي رھي ۽ نيٺ انھن سان گڏ اڏامي وئي.“ مون سان اھا ڳالھ 2011 جي ٻوڏ ۾ فقير ڪئي ھئي. ڪٿان وري پڇا ڪري ٻڌاءِ مونکي. پوڙھين کي خبر ھوندي. مون اھا تہ پڇا ڪري ٻڌائي، پر مون سوچيو تہ ٻارنھن سال ھن جي اندر ۾ اھو ڪونجن جو ولر نھٽي جي ڀٽ تي رڙيون ڪندو رھيو. پوءِ ھن انھن ڪونجن جي ولر تي ھڪڙو ليک بہ لکيو ھو. مونکي لڳي ٿو انھي کان پوءِ ھن جي اندر مان اھي ڪونجون رڙنديون اڪنديون ڪنديون اڏي ويون ھونديون.
حر ڪئمپ ۽ انھن ڪئمپن ۾ ڄايل ھڪ ھڪ ٻار جي ھن کي خبر ھئي. جڏھن مون سائين الھورائي بھڻ جي ڪتاب جو ھن سان ذڪر ڪيو تہ ھن الائي ڪيترين حر ڪئمپن جي ٻارن جا داستان منھنجي سامھون کولي ڇڏيا.
سائين عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي تي ھن جيڪو آرٽيڪل لکيو ھو، انھي ۾ ھن آريسر صاحب سان سندس انھي ڪچھريءَ جو ذڪر ڪيو ھو. جنھن ۾ ھن لکيو ھو تہ مون ٻڌو آھي تہ آريسر صاحب سنڌ جو ڪو اھڙو ڳوٺ شھر اسٽاپ ناھي، جيڪو نہ ڏٺو ھجي. جڏھن مون ھن کان ھڪڙي گمنام ڳوٺ جو ڏس پڇيو جنھن تائين نہ روڊ نہ رستو ھو تہ ھن انھي جي جواب ۾ مونکي مڪمل ڏس ڏنو. جڏھن آئون اھو آرٽيڪل پڙھي رھيو ھئس تہ آريسر صاحب جي سڄي سنڌ ڏٺل ھئي، پر جيڪو ماڻھو سوال پڇي پيو، انھي کان بہ سنڌ جو ڪو ڀاڱو بچيل ڪونہ ھوندو. ھن بہ ايئن ئي سنڌ ھڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻي ڇيڙي تائين ڏٺي ھوندي. ھنن سنڌ کي ٽڪ جي رلي ڪري پنھنجي پوري وجود تي اوڍيو ھو.
آئون ھن کي ’چاچو‘ لکندو ھئس انھي ڪري جو ھو منھنجي والد صاحب جو دوست ھو. آئون ھن کي ’سائين‘ چوندو ھئس، انھي ڪري جو ھن جو ڪم منھنجي لاءِ سدائين احترام لائق رھيو آھي. باقي سنڌي صحافت جي اڪثريت لاءِ ھن جي راءِ ’پاٽوين جي پانڊن...‘ واري ھئي.
ھن ڪم ڪري دھل وڄائي سوشل ميڊيا جي چوڪ تي بيھي ڪڏھن بہ مارڪيٽنگ ڪانہ ڪئي. ھن جو ڪم ھن سڃاڻپ ھو. ھن جڏھن موڪلايو پئي تہ ڪنھن کي ڪنوڪن خبر بہ ڪانہ پوڻ ڏني ۽ ھليو ويو. ڪنھن کي ڪا گذارش ڪانہ ڪئي، ڪنھن کي ڪا ميار ڪانہ ڏني.
ھن کي نيوز سينس تہ ھو ئي ھو، پر ھن جون فيلڊ اسٽوريون ڪمال جون آھن. انھن فيلڊ اسٽورين کي ڪو سٺو ايڊيٽر ترتيب ڏئي ڪتابي شڪل ڏئي تہ سنڌ جو ھڪڙو ٻيو چھرو پاڻ سڀني جي سامھون اچي وڃي.
اڃان مانگي لال سانسي جو ذڪر رھي ٿو
لو يو چاچا اسحاق سائين
(سوشل ميڊيا تان کنيل)

مٺو سائو نہ مٽيو اسحاق مڱريو

زاھد اسحاق سومرو

جھڙي طرح اقتدار جي ڪرسي بہ ماڻھوءَ کي آزمائيندي آهي، تھڙي طرح صحافت جي دنيا ۾ لکڻ جي ڪسوٽيءَ تي ماڻھو پرکجي ٿو تہ ھو مزا ماڻڻ وارن رستن تي نڪري ٿو يا اورچائي، سچائي، ديانتداري، ايمانداري ۽ ذھانت سان گڏ ڪنڊن وارن پيچرن جو راھي بڻجي ٿو. ھي مست فقير ماڻھو بہ صحافتي براين کان نہ رڳو پاڪ ھو پر سندس دامن اڇو اجرو پڻ رهيو. ھن صحافت ۾ انٿروپالاجسٽ طور نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ھن زندگيءَ تي ڪيترائي ڀيرا نظر ڦيرائي ۽ ھر ڀيري ان جي نئين روپ ۽ رنگ کي پنھنجي قلم جي نوڪ سان الڳ ڍنگ ۽ انگ سان لکيو. ريتن رسمن، لاڏائو قبيلن جي زندگيءَ جي رھڻي ڪھڻي ۽ انھن عادتن، سگهڙن جي خوبين توڙي ڀوتارن جي خامين سان ڪجهہ دلچسپ ۽ مثبت پھلوئن تي بہ لکيو ھو. تحقيقي صحافت ۾ دلچسپي وٺندو هو، اسٽوريءَ ۾ باريڪ بيني ۽ دلچسپ پاسا اٿلائي لکڻيءَ ۾ تجسس پيدا ڪندو هو. اسحاق مڱريو موجودہ جديد سنڌي صحافت ۾ تحقيقي صحافت جو نئون تعارف ڪرايو. ھن فقير منش ماڻھوءَ کي پنھنجي ڌرتي جي مٽيءَ سان ايترو پيار رهيو جو ان جي خوشبو سان واسجڻ لاءِ هن ٿر يا اڇڙي ٿر جي وارياسين ڀٽن ۽ ڀٽن جي وچ ۾ ڍنڍن جي اوج، موج ۽ تنزلي جا تاڪ کوليا. ھو سنڌوءَ جو عاشق، سامونڊي پٽيءَ جو چاھيندڙ، ٿر جي وارياسين ڀٽن جو طالب ھو. ھو ظلم ۽ ڏاڍ جي تشدد ٿيل مظلوم جي اکين جو لڙڪ بہ ھو. سنڌو درياھہ جي ڪنارن کان کاروڇاڻ وٽ درياھہ ۽ سمنڊ جي سنگم تي هو جيترا ڀيرا چڪر ھڻندو تہ ھر ڀيري نئين تحقيقي اسٽوري لکندو ھو. سادي سٻاجهي طبعيت واري ھن فقير منش شخصيت کي ھاري، مزدور طبقي جو درد کرو ڳالھائڻ کان روڪي نٿي سگهيو، بنا پرواھہ جي منھن تي کريون کريون ڳالھيون چئي ڇڏيندو ھو. 2010ع دوران جاتيءَ ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ وقت پھتو تہ ھر ماڻھو پنھنجي گهرڀاتين کي محفوظ هنڌن ڏانھن منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏيءَ جي ڳولا ۾ ھو ۽ گاڏين جي تمام گهڻي کوٽ جي ڪري جاتي - گولاڙچي روڊ تي گهڻا ماڻھو قافلن جي صورت ۾ گولاڙچيءَ طرف پنڌ وڃي رهيا هئا تہ انھن ۾ پيرسن عورتون ٿڪجي روڊ ڪناري ويھي رڙيون ڪري رهيون هيون. ان وقت اسحاق مڱريو بہ قيامت صغرا جھڙو منظر ڏسندو ئي ڏسندو رهيو تہ اوچتو تڏهوڪو گهرو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڏي پوليس قافلي سان جاتيءَ مان گذريو پئي تہ اسحاق مڱرئي ڪجهہ تيز وکون کڻي کيس روڪي جذبات ۾ کيس چيو تہ ”توهان ڪيترن گاڏين سان گهمو پيا، توهان کي روڊن تي تڙپندڙ حياتيون يا ھي ٻار ۽ پوڙهيون عورتون نظر نٿيون اچن؟ ڪو احساس ڪريو.“ ذوالفقار مرزا بروقت ڪجهہ پوليس موبائيلن ۾ ماڻھو منتقل ڪرڻ جو چئي کيس چيو تہ ”ماڻھن لاءِ گاڏيون آڻيون ٿا.“ کڙڪيدار تقريرون ڪندڙ ذوالفقار مرزا سان ھن کڙڪيدار آواز ۾ ڳالھائي موجود سياسي ماڻھن حيرت ۾ وڌو. اسحاق مڱريو مئي 1999ع جي سامونڊي طوفان جي خوفناڪ تباھين جو اکين ڏٺو شاهد ھو. ھن پنھنجي شاھدي پنھنجي قلم جي نوڪ سان اوتي روزاني ڪاوش اخبار جي صفحن کي درد جي وصف سان ڀري ۽ پڙھندڙن کي روئاري ڇڏيو. ان وقت پاڻ ڀيڻ فھميده جروار سان گڏ جاتيءَ پھتو هو، اسان گڏجي ساحلي پٽيءَ جي اھڙن ڳوٺن ۾ وياسين، جتي طوفان ۾ فوت ۽ لاپتا ٿيلن جي اڱڻن تي ماتم ھو. ان شام غريبان ۾ اسان جون اکيون آليون ٿي ويون هيون. اسحاق بہ ڏکارين نظرن سان لکڻ بند ڪري، پين جهلي مٿي تي هٿ رکي ڏسندو رھجي ويو هو. جاتي ڄڻ اسحاق مڱرئي جو ٻيو گهر ھو. ذوالفقار علي ڀٽو جي پياري عبدالستار لوھار تي عوامي سياست ۽ زين العابدين قريشي جي اوطاق واري مھمان نوازيءَ تي بہ ڀلو لکائين. جاتيءَ جي ڍنڍن، ڍورن، ملاحن، مارين، ميلن ملاکڙن، ٻيٽن ۽ چيٽن کي هن پنھنجي قلم جو محور بنايو. پورھيت سندس سياست ۽ صحافت ۾ اھم رھيا ڇاڪاڻ تہ ھو پورھيت ئي تہ ھو، تڏھن ميڊيا جي مالڪن سان سندس نہ پوندي هئي، ۽ سندس ڪردار بي داغ ھو. اسحاق صاحب دنياداريءَ جو سودو نہ ڄاڻندو ھو، پر اھڙي وڻج واپار تي تنقيد ڪندو رهيو. سندس اصول پرستيءَ ئي کيس صحافتي غلاظتن کان ھميشہ پري رکيو ۽ سندس ڳاٽ اوچو رھيو. انڪري ھو سنڌ جي ڀاڪرن رهيو ۽ اڄ بہ ڪردار پاڻ ڳالھائي ٿو. ماحوليات جو ويجهو مشاهدو ڪندڙ ھي انھن ٿورڙن صحافين مان هڪ هو، جنھن تمر جي اھميت کي پنھنجي اسٽوريز ۾ گهڻو اجاگر ڪري قومي سطح جي صحافتي ٻوليءَ جو حصو بڻايو. سائبيريا کان ايندڙ خوبصورت مھمان پکين ۽ بازن جي شڪار بابت جاتيءَ جي رٽائرڊ استاد حاجي خان جوڻيجي سان رھاڻيون ڪندو رهندو هو. کيس غور سان ائين ٻڌندو رھندو ھو ڄڻ ڪھاڻيءَ جو تجسس وارو رھيل حصو باقي ھجي. ڪچھرين ۾ مٺي ( دريائي ) ۽ کاري (سمنڊ) جي مختلف قدرتي گاھن بابت ذڪر ڇيڙيندو رهندو هو. سونھڻ گاھ ھن جو معشوق رهيو ۽ پاڻ بہ ان سونھڻ وانگر ئي ھو، جنھن لاءِ لطيف سائين سر سامونڊي م چيو آهي تہ
’کاري وير ورن، ونگ سڀ ئي وھ ڪيا ،
سونھڻ جيئن سيڻن، مٺو سائو نہ مٽيو.
(شاھہ)