سائين اسحاق جي رھجي ويل ڪچھري!: اشفاق لغاري
دل رکڻ جي معاملي ۾ سائين ٻارن سان ٻار ٿي ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن سائينءَ جي پوٽين حورين ۽ ماھنور مان ڪنھن ڊرائنگ ٺاھي ضد ڪيو تہ اھا کپائڻي آھي. سائين بنا ڪنھن جهجهڪ جي سندس پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ ٻن ڄاڻ سڃاڻ وارن جي گهر جا دروازا ٺڙڪايا ۽ ٻارڙي جي تيار ڪيل فن جي قدردان جي تلاش ڪئي.
سانگهڙ ۾ سسٽر نسرين مسيح خاتون سان ھيڻن ماڻھن کي حق ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندي سائين عورت دوست بڻيو.
سائين کي عام ماڻھن مان بيزاري تمام گهٽ ٿيندي ھئي. انھن جا مسئلا، ڪچھريون ۽ قصا ٻڌڻ جي سگه تمام گهڻي ھئس. ڳالھير ڪير ڪيڏو بہ وڏو ھجي، پر اسحاق مڱريي جو صحافتي جن بوتل ۾ لاھڻ لاءِ سِڪندو ئي رھيو ھوندو. سائينءَ کي ڳالھيون ڇاڻيءَ مان گذارڻ لاءِ پنھنجي پروڻ ھئي، جنھن کي اڄوڪي ٻوليءَ ۾ تنقيدي شعور ٿا چون. ڏوھاري ۽ ڪرپٽ سرگرمين ۾ ملوث سياست جا اھڙا ڪئين بدنامِ زمانہ ڪردار جن سان ڪير ويھڻ پسند نہ ڪندو ھو، سائين انھن کي بہ ملاقات جو وقت ڏيندو ھو. سائين تعلقاتن جي خشڪيءَ کي صحافت جو موت سمجهندو ھو. انھن کي زندھ رکڻ لاءِ رابطي ۽ ميل ملاقات جو پاڻي ڏيندو ايندو ھو. سياستدانن ۽ مافيائن وٽ سدائين ايجنڊائون ھونديون آھن، سائين انھن جي ايجنڊا کان باخبر ضرور ٿيندو ھو، پر انھن جي ايجنڊا تي ڪجهہ لکي اھو ممڪن ئي ڪونہ هو. ايوان صدر ۾ ڪچھري زرادري سان ھجي، رھاڻ ڄام سان ھجي يا پليجي جي محفل ھجي، سائين انھن کي ٻڌي ايندو، پر کيس ڪير ايجنڊا کڻائي اھا اڻ ٿيڻي ھئي.
ايم ايڇ پنھور، رسول بخش پليجي، عطا محمد ڀنڀري، خورشيد قائخاني، فيض محمد شيدي، محمد علي شاھ، عبدالواحد آريسر، انيس ھاشمي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي تي ايندڙ اڪيلي عورت فقيرياڻي سان سائينءَ جون ھر ملاقات دوران اڌ ۾ رھجي ويل ڪچھريون جاري رھيون. سائين کي ٻڌڻ، سکڻ ۽ نئين سر سکڻ جو ڄڻ تہ جنون ھو. بٽئي، ھارپي جو نظام ۽ ٽيننسي ايڪٽ سائين جا پسنديدہ موضوع ھئا.
سوئر کان وٺي پکين ۽ پکين کان وٺي مڇي جي شڪارين جون وڏيون خبرون ھئس. چئي ”امين فھيم انڊس ھوٽل ۾ ھڪڙي ڪتاب جي مھورت ۾ آيل ھو، تقرير ۾ چيائين ’مون سياست ۾ صبر شڪار مان سکيو آھي.‘“ سوئر جي شڪار تي سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ ڊاڪيومينٽري ڪيائين، ڪيترن ئي مشھور شڪارين جا انٽرويوز شامل ھئا، انھن ۾ پير آف راڻيپور سائين عبدالقادر شاھ جيلاني جو انٽرويو پڻ شامل ھو. پير جو انٽرويو ۽ ڊاڪيومينٽري نشر ٿيڻ وقت تي سائين کلندي ٻڌائيندو ھو ”ٽي وي وارن اھا ڊاڪيومينٽري رمضان شريف ۾ نشر ڪري پيرن جي مريدن کان فون تي مونکي ڏاڍيون گاريون کارايون. ائين حلال محنت حرام ٿي وئي.“
چئي ھڪ ڀيري ٿر وياسين، کيکڙي ۾ ويھڻ لاءِ بيٺا ھئاسين، ويھڻ لاءِ جڳھ نظر نہ پئي اچي، مڪمل ڀريل ھو. کيکڙي وارو چئي ”ويھو.“ چيوسين ”جاءِ ڪانھي، ڪٿي ويھون.“ کيکڙي واري چيو ”پھريون دفعو ٿا چڙھو ڇا؟ کيکڙي ۾ چڙھندا، ھلندو لوڏن ۾ جاءِ پاڻيھي ٺھي ويندي.“
سنڌ ٽي وي جي نشريات ھلڻ کان اڳ بدين ۾ رڪارڊنگ پئي ڪئي، چئي ”ھڪڙو سِول ڪپڙن ۾ ھمراھ آيو، اچي ٻانھن ۾ ھٿ وڌائين ’ڪنھن جي اجازت سان وڊيو رڪارڊ پيا ڪريو، توھان کي خبر ناھي انڊيا پاڪستان جي سرحد وارو ھي حساس ضلعو آھي؟‘ انھي ھمراھ ايس ايس پي بدين حوالي ڪيو، جيڪو جوڻيجو ھو، سڃاڻو نڪتو ۽ ٻڌايائين تہ اھو ھمراھ ڳجهي اداري جو اھلڪار ھو.“
گڏھ تي افغانستان وڃڻ جو قصو ھجي، بلوچن سان دوستي ۽ اڳتي ھلي انھن جي سرگرمين جو انڪشاف ھجي. سي ايس ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ عبداللھ بروھي جي ڪٿا ھجي، دوستن جي عشق ۾ ناڪامين جا قصا ھجن. سائين کان پنھنجا پروفائل لکرائڻ جي خواھشمندن جون خبرون ھجن، سائين ٻڌائيندو ھو ۽ ھي حقير انھن ۾ جياپو ڳوليندو ھو. راڳ بابت ڄاڻڻ جو سائين کي شوق ٿيو. استاد امير علي ۽ سائين ذوالفقار قريشيءَ سان وڏيون ويهڪون ڪيائين. انھن سان ڳالھين ڳالھين ۾ ھڪڙي باجائي ۽ طبلي نواز جو ذڪر نڪتو، جنھن جون پڇائون ڪرائي وڃي سري گهاٽ ۾ کيس ڳولي لڌائين. استاد کي ڪاوڙ ھجي تہ ’اسان سري گهاٽ وارن کي ڪير سٺو ئي ڪونہ ٿو سمجهي تہ اسانجي ڳالھ ڪيئن ٻڌندو.‘
حمل ڍنڍ ڪٿي واقع آھي، ڪوھ سليمان جو انھي سان ڪھڙو تعلق آھي. منڇر ۽ حمل ڍنڍ جو لاڳاپو ڪيئن آھي. منڇر ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس رھندڙ ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ’پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مُورک اڃ مرن‘ ڪيئن بڻيو. شڪور ڍنڍ نوحو ڪيئن بڻي، بقار ڍنڍ چوٽياريون ڊيم ڪيئن ٿي، مکي ڪھڙو علائقو آھي. سنڌ ۾ ڪھڙن ڪھڙن صاحب حيثيت ماڻھن جون پنھنجون رکون آھن.
’ھندستان جي دلت تحريڪ ڇا آھي‘، ’برطانيا جو ھِپي ڪلچر ڪيئن آھي‘، ’افغانستان جو معاملو ڪيئن آھي‘، ’ايٽمي ھٿيارن جي ڊوڙ ڇا آھي‘، ’ورلڊ سوشل فورم جا موضوع ڪٿان ٿا اچن‘ کان وٺي محمد خان لنڊ ۽ رڻ شاخ تائين جي قصن جون ڪڙيون اسحاق ائين ملائيندو ھو ڄڻ تازو اُتان ٿي آيو ھجي.
ڊائو اسپتال ڪراچي جي نگھداشت واري وارڊ ۾ سورنھن جون تي سائين اسحاق ڪچھري اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ويو آھي. سندس شفقت ڀري ياد ھر محفل ۾ گلاس ڳوڙھن سان ڀريو وڃي. سائين اسحاق کي ھڪڙي ڪنھن لفظ ۾ سمائجي تہ ٿيندو ”ڍوليا“. ڳالھ کي وڌائجي تہ ٿيندو ”سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.“
سائين، جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم، تنھنجون ڳالھيون پيو ڳائيندس، انھي رمز ۾ روح ريجهائيندس. ڪينجهر تي ڪچھري رھيل آھي. ٻيھار ملبو ٽيھار ملبو....