هو اسان ۾ حيات آهي: يوسف لغاري
اسحاق مڱريي سان منھنجي خاص دوستي، واقفيت ۽ واسطو رهيو. پوءِ بہ مان ڪافي دير کان هتي سوچيندو رهيس تہ ’هي ڳالھائيندس، هي ڳالھائيندس‘؛ دماغ ۾ ڪيترائي خيال ايندا ۽ ويندا رهيا ۽ انھن خيالن تي شايد مان نہ بيھي سگهان، پر هڪڙي ڳالھہ اسحاق صاحب جي ڪندس تہ ٿر ۾، هرڻ کي جهلبو آهي، هرڻ ڇڏي ناهي ڏبو، هرڻ کي ڊوڙائي ڊوڙائي جهلبو آهي يا گولي هڻبي اٿس. اسحاق مڱريو هڪڙو شعور جو هرڻ هو، جنھن کي ڪو سياسي شڪاري، واپاري شڪاري ۽ ٻيا جنھن بہ قسم جا شڪاري هيا، اهي هن جو شڪار نہ ڪري سگهيا. هي آزاد هرڻ هو، آزاد جيئندو هو. جيئن هرڻ خوبصورت هوندو آهي ائين اسحاق بہ صحافت جو هڪڙو هرڻ هو، هو آزاد خيال هو. هن جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪري ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن.
1939ع ۾ ڀڳت ڪنور رام کي شھيد ڪيو ويو، اها سنڌ جي پھرين مذهبي منافرت هئي. وري اهڙو وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي تہ اسحاق اهو ماڻھو هو جنھن ٿڏي تي تحقيق ڪئي ۽ ان کي اتي ئي ناڪام بنايو. هن ڀڳت ڪنور رام بابت بہ اتي وڃي وڃي تحقيق ڪئي، سڀني ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ رپورٽ ڏني. سندس دوست هن کي چوندا هئا تہ اهو مذهبي نفرت جو معاملو آهي، ان ۾ نہ پئه. پر هن هميشہ انسانيت سان پيار ڪيو، ماڻھن سان پيار ڪيو. اهڙي طرح هو سياسي ڪارڪن هيو تہ سياست ۾ بہ ترقي پسند ماڻھو، آزاد ذهن وارو ماڻھو هو. وري ڏسنداسين تہ هن زندگيءَ کي ڪيئن گذاريو؟ زندگيءَ کي گذارڻ جا مختلف طريقا هوندا آهن. مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن ڪنھن اڳتي ڪو ميسيج ڏنو تہ زندگي ڪيئن گذارجي تہ منھنجي خيال ۾ اهو اسحاق مڱري جي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار بابت چوندو. هو صوفي منش هو، هر وقت پنھنجي رنگ ۾ هوندو هو، سدائين صوفياڻيون ڳالھيون ڪندو هو. توهان آمريڪا جو چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف انڊيپينڊنٽس پڙهو ۽ اسحاق مڱريي کي ڏسو، آزادي ۽ تقرير جي آزادي. چوندو هو تہ آزاد صحافت هجي، ڳالھائڻ جي آزادي هجي تہ پوءِ خوشي ٻي ڪھڙي کپي. زندگي گذارڻ لاءِ، زندگيءَ جو مقصد آهي؛ نھايت خوش رهڻ، وڌ کان وڌ خوش رهڻ. صحافت ڇا آهي؟ خوشي ڇا آهي؟ اها اسان کي اسحاق جي گذاريل زندگيءَ مان سکڻ گهرجي.
اسحاق مائي جندوءَ سان ڪيئي ڪچھريون هن تي لکيو. ڏسو تہ هن ڪھڙو نہ سٺو لکيو. مون سان بہ هن ڪيتريون ئي ڪچھريون ڪيون؛ ٽوڙهي ڦاٽڪ تي، چوٿين مارچ تي، گهانگهرا موريءَ جي ڪيسن، مذهبي حوالي سان ڪيسن تي هو مون سان ڪچھريون ڪندو هو.
اسحاق مڱريي جو جيڪو سڀ کان وڏو ڪردار هيو، جنھن کي اسان چاهيون ٿا تہ شايد نڀائي سگهون، ۽ منھنجو خيال هوندو هو تہ جيڪر سنڌ جا ماڻھو ان ڪردار کي نڀائين، اهو آهي خودداري. هو ڪنھنجي اڳيان نہ جهڪيو، نہ ڪنھنجي اڳيان هٿ ٽنگيائين ۽ نہ ڪڏهن ڪوڙو لکيائين. جنھن خودداريءَ سان هن پنھنجي زندگي گذاري، ايڏي خودداري مون کي ڪنھن صحافيءَ ۾ نظر نٿي اچي، صحافي تہ ڇا ڪنھن انسان دوست ۾ نظر نٿي اچي. اسان چاهيون ٿا تہ سندس صحافي دوست بہ هن جي خودداريءَ مان سکن. هن کي ياد ڪرڻ جو طريقو اهو آهي تہ هن جي خودداريءَ کي ڏسي پاڻ بہ اهڙا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون.
هن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون ياد اچن ٿيون، ڪييئي ڀيرا اسان جون ڪچھريون ٿيون هيون، جيڪي اسان لکي نہ سگهياسين. هن هڪ ڀيري مون کان پاڻ پڇيو هو تہ موت ڇا آهي؟ حياتي ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ درد ڇا آهي؟ سندس خيالن کي ٻڌڻ کان پوءِ چئبو هو تہ هن کي زندگيءَ سان پيار آهي. هو موت کي ڪا حقيقت ڪو نہ سمجهندو هو، چوندو هو ”مرڻ کان پوءِ بہ زندگي آهي.“ اُها اِها ئي زندگي آهي، ماڻھن کي جيارجي. هو اسان کان ويو هليو آهي، پر هو اسان ۾ زندہ آهي، اسان کي ياد آهي ۽ اسان هن کي اڃان حيات سمجهون ٿا.
(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)