شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

سنڌ جي يگاني صحافي اسحاق مڱريي جو وڇوڙو: نور سنڌي

فيس بوڪ تي سنڌ جي يگاني صحافي اسحاق مڱريي جي لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي آئون نيڻن جا نير روڪي نہ سگهيس. مٿو چڪرائجي ويو دل ٻڏڻ لڳي. اسحاق مڱريو اسان جو پيارو دوست ۽ يگانو صحافي هو. هو سنڌ جي انھن چند صحافين ۾ شامل هو، جن سنڌي اخبارن ۾ اسٽورين جي شروعات ڪئي. هن سان واسطو ان وقت ٿيو، جڏهن هو شاگرد سياست ۾ سرگرم هو. ساڻس پھرين ملاقات 1986ع ۾ اڀپور ۾ هاري ڪانفرنس ۾ ٿي هئي، جنھن ۾ سڄي ملڪ جي هاري اڳواڻن کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ هارين شرڪت ڪئي هئي. هارين جي اهڙي شاندار ڪانفرنس مون اڄ تائين نہ ڏٺي آهي. ان بعد ساڻس دعا سلام ٿي جيڪا دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ جڏهن بہ سانگهڙ اچڻ ٿيندو هو تہ ساڻس ملاقات ضرور ڪبي هئي. محبتي انسان، مھمان نواز. اسحاق مڱريو پنھنجي وڏن کان وٺي، بنيادي طور حر جماعت سان واسطو رکندڙ هو. پر حر جماعت ۾ هوندي بہ ان ۾ فٽ نہ هو. شاگرديءَ واري دور کان قومپرست تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پڙهندو بہ هو تہ هارپو ۽ محنت مزدوري بہ ڪندو هو. ڇو جو سندس والد جي لاڏاڻي بعد ٻن ننڍن ڀائرن جي ڪفالت بہ هن جي ذمي هئي.
مونکي ياد آهي تہ هن جڏهن پنھنجي روشن خيال مائٽن ۽ دوستن مير حسن سريوال، الاهي بخش سريوال ۽ ٻين سان سان گڏجي پنھنجي خاندان، ڳوٺ ۽ علائقي جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مھم هلائي تہ علائقي جا ڪيترائي ڀوتار هنن تي ناراض ٿي پيا ۽ مھم جي رستا روڪ ڪئي. ان دوران اسحاق مڱريو سندس مائٽن ۽ دوستن کي مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو، پر همٿ نہ هاري، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو تہ سندس خاندان، ڳوٺ توڙي علائقي جي نياڻين پڙهڻ شروع ڪيو، جن مان ڪيترين ئي نياڻين اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، ڪيتريون ئي نياڻيون سرڪاري نوڪرين ۾ ويون. خود اسحاق مڱريي جي هڪ نياڻي پوليس ۾ ڀرتي ٿي.
اسحاق مڱريو تي مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن عسڪريءَ جو اثر هو. انھيءَ جي تربيت هن کي ترقي پسند سياست ڏانھن آندو ۽ هن ان سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. ساڳئي وقت مٿس مشھور قوم پرست ۽ هاري اڳواڻ ۽ صحافي تاج مريءَ جو بہ اثر هو. ان دور ۾ تاج مري سانگهڙ مان فقير عبدالرحيم مھر جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ ’الفقراء‘ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر هو. ۽ ان اخبار جي آفيس ترقي پسند سياست ۽ هارين جي حقن جي حاصلات، مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ جو مرڪز بڻيل هئي، جتي تاج مري نوجوانن جي تربيت ڪندو هو. ۽ اسحاق مڱريي جي تربيت حسن عسڪري ۽ تاج مري ڪئي ۽ انھن جي صحبت ۾ رهي اسحاق مڱريو بہ رچي لال ٿيو. ان دور ۾ اسحاق مڱريو هارين ۽ مزدورن جي حقن واري جدوجھد ۾ بہ سرگرم رهيو. بعد ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو حصو رهيو. ان پليٽ فارم تان هارين لاءِ جدوجھد ڪئي. هي اهو دور هو جڏهن ڀوتار، هارين سان ظلم ڪندا هئا ۽ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل نہ ڪندا هئا. ڪافي ڀوتار، هارين جون بيگار ڪئمپون قائم ڪريو ويٺا هئا. اسحاق مڱريو هارين سان ظلم زيادتين خلاف پنھنجي دوستن سان گڏجي محاذ کڙو ڪيو. ٽيننسي ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ ۽ ڀوتارن جي ظلم جو شڪار ٿيندڙ هارين کي انصاف ڏيارڻ جي ڀرپور جدوجھد ڪئي. ان ڪري مٿس ڏکيا ڏينھن بہ آيا. اسحاق مڱريو سياست جي شروعات 1978ع کان معصوم سانگهڙائيءَ سان گڏ تنظيم’ٻارڙن جي ٻاري‘کان ڪئي ۽ علائقي جي ٻارن ۾ ادب جو شوق پئدا ڪيو. هن جي صحافي دوستن سان وڌيڪ گھرائپ، وٽن گهڻي اچ وڃ ڪري کيس صحافت ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ روزاني برسات کان صحافت جي شروعات ڪئي. 1992ع ۾ فقير محمد لاشاريءَ جاڳو اخبار لاءِ نمآئندہ مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سانگهڙ ۾ ميٽنگ رکرائي، تڏهن اسحاق مڱريي جاڳو اخبار جو ضلعي رپورٽر مقرر ٿيو. جڏهن هن سچ حق جي صحافت ڪئي تہ هن لاءِ صحافت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو. ان جي باوجود هن 1995ع تائين يعني ٽي سال ”جاڳو“ اخبار لاءِ سانگهڙ ۾ ضلع رپورٽر طور ڪم ڪيو. 1995ع ۾ جڏهن ڪامريڊن گڏجي سنڌ اخبار ڪڍي تہ اسحاق مڱريو سنڌ اخبار ۾ حيدرآباد مان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اسحاق مڱريي جاڳو ۾ ۽ بعد ۾ سنڌ اخبار ۾ اسٽوريون لکيون.
اسحاق مڱريي جو شمار سنڌي اخبارن ۾ اسٽوريون لکڻ وارن ۾ ٿئي ٿو. هو تقريبن 1999ع تائين روزاني سنڌ ۾ رهيو، 1999ع کان 2004ع تائين ڪاوش گروپ ۾ ڪم ڪيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن تہ 2007ع کان 2008ع دوران سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جي انچارج طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هن حسن درس سان گڏجي لاتعداد ڊاڪيومينٽريون ٺاهيون. هن روزاني عبرت ۽ افيئر مئگزين ۾ فري لانس ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور بہ ڪم ڪيو آهي. جڏهن تہ هن سنڌ ايڪسپريس ۾ بہ ڪم ڪيو. هو انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عالمي پائي جون رپورٽون ۽ فيچر لکيا. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.
اسحاق مڱرئي حر تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنھنجي قلم وسيلي عام ماڻھن تائين پھچايو. سنڌ يا پنجاب ۾ جڏهن بہ ڪنھن شھر ۾ ڪا هاري ڪانفرنس ٿيندي هئي تہ هي سانگهڙ مان هارين ۽ روشن خيال دوستن جون بسون ڀرائي ان ۾ نہ صرف شرڪت ڪندو هو، پر اتي رضاڪار طور ڪم بہ ڪندو هو. سياسي طور پاڻ سوشلسٽ پارٽيءَ سان بہ رهيو ۽ ان بعد عابد منٽوءَ جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، آخري گهڙيءَ تائين سندس پارٽي ۾ سرگرم رهيو. سانگهڙ ۾ سگا جو يونٽ قائم ڪرڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. صحافتي حوالي سان پنھنجي رنگ ڍنگ جي انتھائي منفرد ۽ صحافت ۾ ائنٿراپالاجي جي نگاھہ شامل ڪندڙ هڪ نرالي ليکاري هو. هو سدائين ڪلھي ۾ گودڙي نما ٿيهلي کي سنڀاليندي، پراڻي فٽفٽيءَ تي بي پرواهيءَ سان هلندو هو. صحافتي شعبي ۾ لغت ۽ موضوعن جون نيون دريون کوليندڙ، سنڌي صحافت جي زوال واري دور ۾، اسحاق مڱريي جو وڃڻ، اسان سڀني جي زندگين ۾ هڪ وڌيڪ ڏک جو واڌارو آهي. سنڌي صحافت جو روشن تارو اسان سڀن کي ڇڏي اتي هليو ويو، جتان ڪوبہ موٽڻو نہ آهي. اسان سندس سوڳوار خاندان، سندس فرزند محمد صالح مڱريو، ڀائرن ميرمحمد مڱريو ۽ ميرحسن مڱريو توڙي پوري صحافتي برادريءَ سان ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪريون ٿا.

(عبرت اخبار ۾ شايع ٿيل)