شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

ماحول ۽ مسڪين دوست صحافي: ذوالفقار هاليپوٽو

پنھنجي اولاد سان گڏ پنھنجي ڪم وسيلي جنم ڏنل پروفيشنل صحافتي اولاد کي بہ ڇورو ڇنو ڪري ويو. ھو عيد کان هڪ ڏينھن اڳ موڪلائي ويو. ھن جي اھا مرڪ سگنيچر موڪلائي وئي، جنھن جي ڪري ھو مشھور ھو. ھيل ان مرڪ سان تہ ھن کي عيد تي ڀاڪر پائڻا ھئا. ’فادرز ڊي‘ تي ۽ عيد تي تہ ھن کي گهر اچڻو ھو، تندرست ۽ صحتياب ٿي. ھن جي صحتياب ٿي حيدرآباد اچڻ تي هن جي آجيان ڪرڻي ھئي. پر ھو ھن دنيا ۾ جوڙيل پنھنجي عارضي گهر موٽڻ بدران پنھنجي مستقل گهر ڏانھن روانو ٿي ويو.

”اُھائي آجيان ٿي ھئي،
اُھا ئي الوداع ٿي وئي.
ادي ھي آجيان ڪھڙي،
وئي جا موڪلاڻي ٿي“
(حسن درس)

درد کي بہ سوايو ٿيڻو ھو شايد. عجيب اتفاق ڏسو تہ عشق جي لازوال شاعر، سنڌ جي رومانوي اينٿراپالاجسٽ حسن درس جي درد ڀرئي وڇوڙي واري ڏينھن تي ئي سنڌ جو ڪلچرل اينٿراپالاجسٽ ۽ تحقيقي صحافت جو وڏو نالو اسحاق مڱريو اسان کان هميشہ لاءِ موڪلائي ويو آھي.
مون ٽي ڏھاڪا ھن کي ڏٺو، غور سان ڏٺو. وقت پوڙھو ٿيندو ويو، پر ھن جي تحقيقي تنقيدي اک، ھن جي خبر، ماڳ، ڪردار کي ڳولڻ جو عقابي جذبو، ھن جي قلم جي تلواري تکي نب، ھن جي طرزِ تحرير، ٻولي، سڀڪجهہ سندس لکيل آخري فيچر تائين جوان رھيو. ھو گهڻ - ڪاريو روح ھو، ان ڪري اڳ ھر ھڪ ھن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي، پنھنجي پنھنجي پسند تحت اھڙو ئي لقب ڏئي رھيو آھي.
ھو بنيادي طور فيچر اسٽوري رائيٽر ھو. جيتوڻڪ ھن فيچر رائيٽنگ تي نہ ڪا ڊگري ورتي ھئي، نہ ئي کيس ان ڄاڻ ۾ دلچسپي ھئي تہ فيچر رائيٽنگ جديد دنيا ۾ نان فڪشن صحافتي تخليق جو اھم مورچو آھي. پر ھو جينياتي طور، ڄائي ڄم کان ان شاندار صلاحيت تي دسترس رکندڙ ھو. فيچر رائيٽنگ معنيٰ تہ ڪنھن ھڪ ڳالھہ، ڪردار، سرگرمي، آبجيڪٽ کي کڻي تفصيلي تحقيقي اسٽوري ڪجي. ميڊيا جي باني کنڊن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان صنف کي خاص اھميت حاصل آھي، جنھن ۾ اڻلڀ ٿيندڙ شين بابت تفصيل سان لکڻ ڪري پڙھندڙن جو خاص ڌيان ڇڪبو آھي. مثال طور اھا خبر آھي تہ فلاڻي سياستدان، آرٽسٽ يا رانديگر فلاڻي علائقي ۾ محل ورتو آھي، پر فيچر اھو آھي تہ ان گهر جي ٻاھران لڳل فلاڻو وڻ ھيترا سال پراڻو آھي، يا ان محل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺي يا فانوس فلاڻي صديءَ جو آھي. يا ان محل جي رڌڻي ۾ پيل ٿانوَ ڪٿان جا آھن، وغيرہ وغيرہ.
اسحاق ان خاص صحافتي بيٽ بابت ڪا ڊگري نہ ھوندي بہ ان جو بادشاھ ڪاريگر ھو. ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گمنام تاريخي ماڳن، مڪانن، شخصيتن، آبجيڪٽس جي اھڙي ڪرانالاجي پيش ڪئي جو سنڌي صحافت ۾ ھن فيچر رائيٽنگ کي عاليشان درجي تائين پھچائي ڇڏيو. ھن ۾ بنيادي طور فطري محبتي روح ھو. ان ڪري چرند پرند، ماحوليات، آبي جيوت، قدرتي وسيلا ھن جي لکڻين جو ترجيحي پاسو ھئا. ھو سيلاني ھو. ھن جي طبيعت ۾ کوجنا جي عجيب بي چيني ھئي. الائي ڇا پيو ڳوليندو ھو؟ ڄڻ ڪي ڳجها راز، ھن کي حسن درس جي ھنن سٽن بہ اطمينان نہ ڏنو:
“ھن پٽ کي وڇائي ويڙي سگهان ٿو آئون
ھر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون“
ھو انھن سٽن تي مڌ پيئندي جهومندي بہ سوچيندو رھيو تہ اڃا منزل اڳيان آھي. ھن کي ھڪ ئي ماڳ مڪان، ماڻھوءَ، خيال بابت ڏھ ڀيرا سڏبو تہ ڏھ ئي ڀيرا ائين سنجيدگي ۽ تحقيقي اک سان پنھنجا نوٽس ائين مرتب ڪندو ھو، ڄڻ پھريون دفعو آيو ھجي. اھا ’اک الٽي ڌار‘ دل ھن کي ھر موضوع تي فيچر رائيٽنگ جو بادشاھ ڪري ڇڏيو ھو.
سمنڊ جو پائڻ، درياھ، مھاڻا، منڇر، تمر جا ٻيلا، ڪچي جي اقتصاديات، ڍنڍون، ڍورا، ڇر، آبي جيوت، طوفان، سيلاب، تاريخي ماڳ، گم ٿي ويل ماڻھو – هن جي صحافتي منفرد نگاھہ ۽ قلم کان ڪھڙي شيءِ هئي، جيڪا رهجي وئي هجي!... لڳندو ھو ڄڻ ھو تہ پاڻ کي پيو ڳولھي، پنھنجي ئي اسٽوري ۾. ھو رومي جي چوڻي ’تون جنھن کي ڳولھين پيو، دراصل اهو ئي توکي بہ ڳولھي پيو‘ جو عڪس ھو. هو جيڪو ڳولڻ ويندو ھو، اتي پاڻ وڃائي ايندو ھو. پوءِ ان ھنڌ ڪو ٻيو ويندو ھو تہ پري کان پچار پوندي ھئي تہ اسحاق ھتان اسٽوري ڪري ويو آھي. اسحاق ڪيترن ئي نسلن جو استاد ھو. سنڌ ۾ ماحولياتي صحافت جي بانين مان هو. ھن جي بيٽ سنڌي اخبار ھئي، تنھن ڪري ھن جا موضوع کڻي جيڪي نوجوان اردو انگريزي پريس ۾ ويا ۽ ماحولياتي مامرن تي لکندي لکندي اڌ دنيا گهمي آيا. ھو بنيادي طور فطرت سان پيار ڪندڙ شخص هو. ھن جي اندر ۾ ھڪ دوربين ھئي، جيڪا ننڍين ننڍين خوبصورتين کي محسوس ڪندي ۽ لقائن کي فوڪس ڪري ڏيکاريندي هئي. نہ صرف فوڪس ڪندي هئي، پر هو تيز شاعراڻي نگاھہ وارو صحافي Beauty کي Beautify بہ ڪندو هو. ھن گمنام ڪردارن کي مڃتا ڏياري. ھن زبردست انٽرويوز ڪيا، ھن فيلڊ اسٽوريز ڪيون. ھن جي درياھ سان ياري ھئي. ھن جي ندين جي وھڪرن سان شناسائي ھئي. ھن جي مھاڻن جي ڄار سان دوستي ھئي. ھن جي من اندر ۾ دريائي ٻيلن جا گهاٽا وڻ ھئا. ھن جي اندر ۾ منڇر ۽ ڪينجهر سان نينھن جا ناتا ھئا.
”سونھن نوري ھئي ذات ڇا نام ڇا
عشق ڪينجهر ھيو ڄار ڇا ڄام ڇا“
(ساجد سومرو)
ھو گهڻو ڪري هر پروگرام اٽينڊ ڪندو ھو. ھو ڪڏھن ڪڏھن پروگرامن ۾ ميزبانن سان اھڙي ڪندو ھو، جو لڳندو ھو تہ هو جنھن اخبار ۾ ڪم ڪري ٿو، ان ۾ پروگرام بابت کلون لاهي ڇڏيندو، وري ٻئي ڏينھن ڏسبو تہ سموري پروگرام جي تفصيلي سنجيدہ رپورٽنگ. ھن ڪڏھن بہ ڪنھن بہ ايونٽ/سرگرميءَ بابت پنھنجي ذاتي راءِ کي ڪوريج جي ميرٽ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏنو. اھو ئي ھن جو پيشه ورانا اخلاقي پاسو ھو. ھن ايتري تہ ساک ٺاھي جو خبر نہ بہ ھلي تہ بہ ھر ڪو اھو ئي چوندو ھو تہ ڊيسڪ وارن گڙٻڙ ڪئي ھوندي، باقي اسحاق ضرور تفصيلي خبر فائيل ڪئي ھوندي. ھن ناليواري صحافي مرحوم فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي اخبار ’جاڳو‘ ۾ ڇپجندڙ شاندار فيچر اسٽوريز ۾ نالو ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾، ھو جتي بہ ھو، ھن جون اسٽوريز ۽ فيچرز اخبار جي سڃاڻپ بڻجي ويا. ھن نوي واري ڏھاڪي کان وٺي زندگيءَ جي آخري اسٽوري تائين سنڌ جي سياست، سماجيات، معيشت جي سمورن رنگن کي صحافيءَ جي اک سان ڏٺو.
ھن جي بيباڪي، بھادريءَ پويان قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ۽ ھاري تحريڪ جي تربيت ھئي. ھن جي استادن ۽ دوستن ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، دادا علي بخش، ڪامريڊ بادل ٿري، سائين الھہ ورايو اداسي، سائين رسول بخش ملاح ۽ ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل ھئا. ھو کلندي کلندي درد لڪائيندو ھو، پر نوجوان فرزند جي وڇوڙي ھن کي اندر مان کائي ڇڏيو ھو. تڏي تي جيڪي بہ دوست ساٿي سانگي احباب دعا لاءِ وڃي رھيا ھئا، انھن سان مرڪي تہ ملي رھيو ھو، پر ھن جي اندر جي درد جا اولڙا ھن جي اکين مان رڳو انھن وٽ ظاھر ھئا، جن جوان شھزاده وڃايا آھن. مون دعا مھل سندس اکين ۾ اوتجي آيل درد ان کان اڳ پنھنجي وڏي ڀيڻ تسنيم ھاليپوٽو جي اکين ۾ ڏٺو، جنھن ھڪ نوجوان شھزادو پٽ ھٿن سان لحد ۾ لاٿو ھو.
نيٺ ھر ھڪ جي پڄاڻي آھي. ھي انتھائي موڊي، پر پيارو شخص، ماحول ۽ مسڪين دوست، جاکوڙي، سدائين مرڪندڙ ۽ مرڪون ورھائيندڙ اسحاق مڱريو موڪلائي ويو. سندس وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳوار آھي.

”اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس
سج جي لھي وڃڻ کان وٺي
سج جي اڀري اچڻ تائين
سمنڊ ۾ غرق ٿيل ٻيڙن کان وٺي
اميد جي آخري ڳولا تائين
هڪ درياھ جي سُڪي وڃڻ کان وٺي
ٻِئي درياھ جي وهي اچڻ تائين
مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي“
(اياز امر شيخ)