آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

منھنجو جنم

ڏکڻ ايشيا جو وچ ۽ پاڪستان جي گيٽ وي جي حيثيت رکندڙ پشاور منھنجي جنم ڀومي آھي، آئون پنھنجي والدين محمد سرور خان ۽ عائشہ بيبي جو چوٿون نمبر اولاد آھيان. انھي زماني ۾ منھنجي شھر پشاور کي باغن ۽ گلن جو شھر سڏيو ويندو هو. قلبِ شھر يعني قصہ خواني بازار ۾ منھنجو گهر ھو. ھن بازار تي قصہ خواني نالو ڪيئن پيو؟ قديم روايتن مطابق پري کان ايندڙ تاجر جڏھن ھتي اچي رھندا ھئا تہ پنھنجون سفري ڪھاڻيون ھڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا، تاجر مقامي ماڻھن کان بہ ڪھاڻيون ٻڌندا هئا، چون ٿا تہ ھڪٻئي کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جي ڪري ھن جڳھ تي ’قصہ خواني‘ نالو مشھور ٿي ويو. منھنجو ننڍپڻ ھن بازار ۾ کيڏندي گذريو، ’مسجد مھابت‘ ھر وقت اسان جي اکين اڳيان ھوندي ھئي. ننڍپڻ ۾ انگريزن کي گلن جا مختلف قسم خريد ڪندي ڏسي وڏو سڪون ملندو ھو. اسان جا بزرگ ٻڌائيندا هئا تہ انگريز گل خريد ڪري پنھنجن ماين کي پيش ڪندا آهن. ھتي جون سرديون ۽ گرميون تمام گهڻيون سخت ۽ ناقابل برداشت ھونديون ھيون، موسم جي سختي ھتان جي ماڻھن کي سخت جان بڻائي ڇڏيو هو.
ننڍپڻ ۾ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ جڏھن مسجد ۾ ويندا ھئاسين، وضو خاني ۾ پاڻي تمام گهڻو ٿڌو ھوندو ھو، برف جھڙي ٿڌي پاڻي ۾ وضو ڪرڻ مون کي اڄ بہ ياد آهي. ٻئي طرف گرم ڏينھن جون لڪون ۽ جهولا ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي وساري نہ سگهيو آھيان. اسان سڀ پنھنجي پيءُ کي ’آغاجِي‘ چوندا ھئاسين، آغاجِي جو ھڪ سؤٽ، چاچو عمر اسان جي گهر جي ويجهو رھندو ھو، بلڪہ ان جو گهڻو وقت اسان جي گهر ۾ گذرندو هو. اسان جي گهر جا ڪم ۽ آغاجِي، جي باغن جي سنڀال چاچي عمر جي ذمي ھوندي ھئي. چاچو عمر ھڪ خوفناڪ قصو اڪثر ورجائيندو رھندو ھو، جيڪو منھنجي ڄمڻ کان اڳ جو هو.
قصہ خواني بازار جي ھڪ حصي ۾ سونارن جا ڪيترائي دڪان ۽ بَٺيون ھيون، 17 ڊسمبر 1922ع جي ھڪ سرد رات ۾ صرافہ بازار جي ھڪ دڪان ۾ باھ لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي باھ سڄي بازار کي وڪوڙي وئي، ھر طرف ڀڄ ڀڄان ٿي وئي، اسان جي گهر جا سڀ مرد باھ وسائڻ ۾ مصروف ھئا، فقط چاچو عمر گهر ۾ ھيو، ان دوران منھنجي امان کي تڪليف ٿي، چاچا عمر دائيءَ کي وٺي آيو، چاچو ٻڌائيندو ھو تہ، ”ڪجهہ ئي منٽ گذريا هئا تہ تنھنجي روئڻ جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو ھو. ان رات بازار ۾ لڳل باھ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر تنھنجي ڄمڻ جي جڏهن خبر پَيَن تہ پريشاني خوشيءَ ۾ بدلجي وئي.“ صرافہ بازار ۾ لڳل باھ ۽ منھنجي ڄمڻ وارو قصو مون پنھنجي ڏاڏيءَ کان بہ ٻڌو ھو. ھڪ رات ڏاڏي منھنجو ڄمڻ وارو قصو مخصوص انداز سان ٻڌائي رھي ھئي، ڏاڏيءَ جا خاص لفظ ھي ھيا تہ ”ايتري دير ۾ منھنجو يوسف پيدا ٿيو.“ ڏاڏي اڪثر چوندي ھئي تہ باھ لڳڻ واري ان خوفناڪ واقعي دوران، يوسف جو ڄمڻ خاص ۽ ھڪ غيرمعمولي واقعو ھو، مگر ڏاڏيءَ جي انھي ڳالھ تي منھنجي والدين ڪڏھن بہ ڪو خاص ڌيان ڪونہ ڏنو.
جڏھن آئون پنجن سالن جو ھيس تہ ھڪ ڏينھن اسان جي دروازي تي ھڪ فقير آيو، فقير تہ ھونئن گهڻا ئي ايندا ھئا، پر ھُو ھڪ خاص فقير ھو، جيڪو گهڻي وقت کان پوءِ آيو ۽ ھُو خيرات لاءِ خاص صدا ھڻندو ھو، ان وقت اسان سڀ ٻار اتي موجود ھئاسين، پر فقير مون ڏي غور سان ڏٺو ۽ وڏي آواز ۾ ڏاڏيءَ کي چيائين، ”انھي ٻار کي منھنجي ويجهو وٺي اچ.“ ڏاڏي ٿوري پريشان ٿي پر فقير جي چوڻ تي مون کي ان جي ويجهو وٺي آئي. فقيرَ، ڏاڏيءَ کي چيو، ”منھنجي ڳالھ غور سان ٻڌ، ھي معمولي ٻار ناھي، ھن کي مستقبل ۾ تمام گهڻي شھرت ملڻي آھي ۽ ھي بي مثال ڪارناما سرانجام ڏيندو. دنيا جي بدنظر کان بچائڻ لاءِ ھن تي توھان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. ھن کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ نرڙ تي ڪارو ٽڪو لڳائي ڇڏيو. مالڪ سائينءَ جو نُور ھن جي چھري کي ھميشہ روشن رکندو ۽ ھي پيرسنيءَ ۾ بہ تمام خوبصورت ھوندو.“ فقير جي پيشگوئي ۽ نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ ڏاڏيءَ مون کي گنجو ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينھن تي آغاجِي ۽ امان جي منع ڪرڻ باوجود پيشانيءَ تي ڪارو ٽڪو بہ لڳائي ڇڏيو. اسڪول ويس تہ ٻار مون تي کِلڻ لڳا، ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گهر پھچي امان کي ٻڌايم، ھُو مون کي ڏاڏي وٽ وٺي آئي ۽ چيائينس تہ، ”امان توھان ھاڻ يوسف سان ايئن نہ ڪنديون، ڏسو يوسف ڪيڏو خراب ٿو لڳي، ٻار بہ ھن تي کِلن ٿا.“ اھو ٻڌي ڏاڏي گوڙ ڪيو، فقير جي سامھون ٻيا ٻار بہ بيٺا هئا، ھن صرف يوسف کي ڏسي ان جي حفاظت لاءِ خاص تاڪيد ڪئي، عائشہ اھو تو بہ ٻڌو ھو. ڏاڏي پيار ڪرڻ لاءِ مون کي پاڻ ڏي ڇڪيو پر مون ان کي ڌڪو ڏنو ۽ امان کي ڀاڪر پاتم.
ٻئي ڏينھن منھنجي پيشاني تي لڳل ڪارو ٽڪو ڪجهہ ڊھي چڪو هو پر مٿو ڪوڙڻ ۽ ڪارو ٽڪو لڳائڻ روز جو معمول بڻجي چڪو هو. پنھنجي نئين حُليي سان آئون اسڪول ۾ اڪثر اڪيلو ۽ خاموش رھڻ لڳو ھئس، ڪلاس وارن سان کيڏڻ بدران اسڪول جي لئبريريءَ ۾ تصويرن وارا ڪتاب کڻي ڏسندو رھندو ھئس. منھنجي خوبصورتيءَ جي ڪري منھنجيون پڦيون، چاچيون ۽ چاچا مون سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، امان کي تنگ بلڪل بہ نہ ڪندو ھئس، جڏھن امان گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ھوندي ھئي تہ آئون ڪنھن چاچيءَ يا پڦيءَ وٽ وڃي ويھندو ھئس. گهڻي وقت کان پوءِ مون کي اھا ڳالھ سمجهہ ۾ آئي تہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڏاڏي گهر جو سڄو ڪم ڪار امان کان ڪرائيندي آھي ۽ ان تي حڪم بہ ھلائيندي آھي، جڏھن تہ ان جون ڌيئرون سڄو ڏينھن وانديون ويٺيون آهن. مون کي ياد آهي ھڪ ڏينھن آغاجِي، امان کي چئي رهيو هو تہ، ”گهر ۾ ٻيون بہ تہ مايون آھن، تون اڪيلي سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪار ڇو ٿي ڪرين؟“ امان تمام نرم لھجي ۾ جواب ڏنو ھو تہ، ”گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ منھنجي لاءِ وڏو اعزاز آھي، گهر جي ڪابہ عورت منھنجو مقابلو نٿي ڪري سگهي.“ پڦي بيبي جان جڏھن بہ امان جي اھا ڳالھ ٻڌندي ھئي تہ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي.