آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

شاديءَ جو ڏينھن

مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ ٿيڻ واري زال کي منھنجي ڄمڻ کان وٺي هيستائين مون سان جيڪو ڪجهہ وھيو واپريو آھي، سڀ ٻڌائيندس. آغاجِي ۽ امان جي وفات کان پوءِ پنجن ڀائرن ۽ ڇھن ڀينرن جي اڳيان منھنجي حيثيت ماءُ پيءُ واري ٿي وئي ھئي. انھن جو خيال رکڻ مون تي فرض بڻجي چڪو هو. فلمي مصروفيتن باوجود ڀائرن ڀينرن لاءِ وقت ڪڍڻ، انھن لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، منھنجي لاءِ وڏو سُڪون ھوندو ھو، انھن جا ڪپڙا بہ آئون سبرائيندو ھئس. ڀينرن جي ڪپڙن ۽ شين وغيرہ جي خريداريءَ لاءِ مسز محبوب خان منھنجي مدد ڪندي ھئي. بمبئيءَ کان ھڪ سؤ ڪلوميٽر پري ھڪ جابلو علائقي لونا والا ۾ موڪلون گذاريندا ھئاسين. اتي اسان ھڪ سٺو گهر مسواڙ تي ورتو هو. جتي ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون ايترا خوش ٿيندا هئا، جو بمبئي واپس اچڻ تي دل ئي نہ چوندي هئي. مون سڀني کي سندن خواھش مطابق تعليم ڏياري. جيڪڏهن ڪنھن ٻاھرئين ملڪ وڃڻ جي خواهش ڪئي تہ ان کي بنا دير پورو ڪيم. مختصر اھو تہ مون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ سڀ سھوليتون ۽ خوشيون ميسر ڪرڻ پنھنجو نصب العين ٺاھي ڇڏيو هو.
ھڪ ڏينھن آئون ۽ سائرا سمنڊ تي ويٺا ھئاسين. مون کيس پنھنجي ڪنواري رھڻ جو سبب ڀائرن ۽ ڀينرن جي تربيت ٻڌايو. منھنجي زندگي مڪمل طور انھن جي ڪنٽرول ۾ ھئي. ھر لحاظ کان ھُو منھنجا مالڪ ھئا. ھي مون کي اڪيلو يعني غير شادي شدہ يا پاڻ سان گڏ ڏسڻ چاھيندا ھئا. آسمان کان منھنجي لاءِ ڪا حُور بہ اچي ان کي بہ قبول نہ ڪندا. ھُو مون کي پنھنجي ملڪيت سمجهن ٿا ۽ ھُو مون کي ڪنھن سان بہ گڏ ڏسڻ نٿا چاھين. تنھن ڪري توکي منھنجي زال طور قبول ڪرڻ انھن لاءِ ڏکيو ھوندو. ھتي غير شادي شدہ ڀينرون بہ رھن ٿيون ۽ ٻئي طرف شادي شدہ ڀينرن جو اچڻ وڃڻ بہ آھي. گڏ رھڻ سان ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا، شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان کي الڳ رھڻو پوندو.
سائرا، اھو سڀ ڪجهہ تحمل سان ٻڌو ۽ چيائين آئون پاڻ ھڪ ننڍڙي خاندان جو حصو آھيان. پنھنجي ماءُ، ناني، ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان پيار ڪريان ٿي ۽ اھي بہ مون سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. ان صورتحال کي سمجهان ٿي، تنھن ڪري توکي پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان الڳ نٿي ڪرڻ چاھيان. تنھنجي جدا رھڻ واري ڳالھ بلڪل غلط آھي. ھن پنھنجي ڀاءُ جي باري ۾ ٻڌايو تہ ھن ھڪ سال پھريان شادي ڪئي هئي ۽ اڃا تائين سڀ گڏ رھندا آھن. سائرا مون کي چيو تہ شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان جدا رھنداسين تہ غلط تاثر جڙندو.
سائرا منھنجي خاندان سان گڏ رھڻ جو فيصلو ٻڌايو. مون سائرا سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ صرف ناصر کي ٻڌايو ھو. مون سوچيو تہ ادي سڪينہ کي آگاھ ڪيان، پر ان جي ممڪنہ ناگوار ردعمل کان مون کي پريشاني ٿي رهي هئي، ڇو تہ ھُوءَ ناصر کي ھر وقت ھڪ اداڪارہ سان شاديءَ تي ٽوڪيندي رھندي ھئي. بھرحال ھڪ ڏينھن مون اديءَ کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيو. سائرا سان شاديءَ جي خبر ٻڌي ھُوءَ ڏاڍو مايوس ٿي. آئون اھو چوندو رھندو ھئس تہ ھڪ فلمي اداڪارہ سان ڪڏھن بہ شادي ڪونہ ڪندس. ان ڳالھ جو حوالو ڏيندي، ادي مون کي چيو تہ، ”تو ھڪ اداڪارہ سان شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو؟ جيڪا تو کان ڄمار ۾ بہ گهڻي ننڍي آھي!“
مون اديءَ کي ٻڌايو تہ، ”شاديءَ جو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو اٿم، پر منھنجن ٻين ڪيل ارادن وانگر گهڻو سوچ ويچار ڪيو اٿم، ڪنھن فلمي شخصيت سان شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ترڪ ڪيم ڇو تہ سائرا جو خاندان ھڪ سٺو خاندان ھو. ھن جو ڏاڏو خانبھادر محمد سليمان خان دھلي ميونسپل ڪارپوريشن جو چيف انجنيئر رھي چڪو هو. ھن ئي وائسراءِ ھائوس، وزيراعظم ھائوس، ڀارتي ايوانِ صدر، پارليامينٽ هائوس ۽ ٻيون عمارتون ٺاھيون ھيون. سائرا جو پيءُ محمد احسان لنڊن ۾ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙھيو ۽ پوءِ مشھور فلم پروڊيوسر ٿيو. نسيم بانو خوبصورت ۽ حسين، پھرئين درجي جي ھيروئين، وڏي شھرت جي مالڪه سائرا جي والدہ ھئي. ھن جي ناني شمشاد بيگم عبدالوحيد خان ھڪ مشھور ڪلاسيڪل گلوڪاره ھئي. ھُوءَ آل انڊيا ريڊيو تي سِڌو سنئون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي ھئي.“ سائرا ۾ اھو سڀ خوبيون موجود هيون، جن جي مون کي ڳولا ھئي. اھو ئي سبب آهي جو مون ادي سڪينہ جي اڳيان ڪابہ وضاحت ڪرڻ ضروري نہ سمجهو ۽ مون ان کي صرف ايترو چيو تہ بھتر فيصلو ڪيو اٿم ۽ ان فيصلي تي مون کي خوشي آھي. ادي سڪينہ منھنجو جواب ٻڌي خاموش ٿي وئي، ھن مون سان ڪوبہ بحث نہ ڪيو، ھن منھنجي پڪي ارادي کي سمجهي ورتو هو.
2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي جي خبر پوري انڊيا ۾ پکڙجي وئي. ميڊيا تي ڀرپور ڪوريج ڏني وئي. ريڊيو جي ھر بُليٽن ۾ اسان جي مڱڻي جي خبر شامل ھوندي ھئي. بمبئيءَ ۾ تہ ھڪ جشن جو ماحول ھو. ٻين شھرن ۾ بہ اسان جي مداحن جشن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. ھر ھنڌ لائوڊ اسپيڪرن تي اسان جي مشھور فلمن جا گيت ھلايا پئي ويا. مڌو بالا کان تعلق ٽُٽڻ کان پوءِ منھنجا مداح سمجهندا ھئا تہ آئون ڪڏھن بہ شادي نہ ڪندس. منھنجي ويجهن دوستن کي بہ منھنجي فيصلي تي حيرت ٿي. راج ڪپور، ھَتِين چوڌري، بلراج، پران، ستيش ڀالا سميت، سڀ دوست حيران ھئا تہ اھو سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو! نسيم آپا مون کي ٻڌايو ھو تہ، ”منھنجي رضامندي کان پوءِ سائرا ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ انتھائي خوشيءَ ۾ پنھنجي شاديءَ جي تيارين ۾ مصروف ھئي.“
مڱڻي جي ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڏينھن آئون فلم ’سنگهرش‘ جي لوڪيشن طئہ ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي وڃي رهيو ھئس، سائرا ۽ ان جي ماءُ نسيم آپا کي بہ فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ لاءِ اوڏانھن وڃڻو ھو. اسان گڏ وياسين. مختلف تقريبن ۽ ريلين ۾ مون ڪيترائي ماڻھو ڏٺا آهن، پر ان ڏينھن جڏھن اسان ڪلڪتہ ايئرپورٽ تي لٿاسين تہ، ماڻھن جو سمنڊ ڏسي سچ پچ حيران ٿي ويو ھئس. ڪيترائي ماڻھو ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي ھوندي بہ اسان جي جھاز جي دروازي تائين پھچي ويا هئا، ڪافي جدوجھد ۽ مشڪلاتن کان پوءِ اسان ڪار تائين پھتاسين. ماڻھن اسان سان ھڪ عجيب طريقي سان محبت جو اظھار ڪيو. اسان جي ڪار کي ماڻھن کڻي ورتو هو ۽ اسان ڪار ۾ ئي ھئاسين. ھر طرف کان مبارڪن جون صدائون اچي رھيون ھيون. اسان جي رھائش جو بندوبست ’ھوٽل گرينڊ‘ ۾ ٿيل ھو. جيئن تيئن ڪري اسان ايئرپورٽ کان ھوٽل تي پھتاسين. اتي سيڪيورٽي اهلڪارن اسان کي ڪِچن واري رستي کان ڪمرن تائين پھچايو. ٿوري ئي دير گذري تہ اسان جي ڪمري جا در کڙڪڻ لڳا ھئا. پرستار سڀ رڪاوٽون ٽوڙي ھوٽل جي اندر پھچي ويا هئا، پر انھن کي اسان جي ڪمرن جي خبر نہ ھئي. ان ڪري ھُو سڀني ڪمرن جي دروازن کي کڙڪائي رھيا ھئا. صبح جڏھن اٿياسين ۽ ڪمرن جي درين مان ٻاھر ڏٺوسين تہ ھوٽل جي سامھون وارو ميدان، جنگ جي ميدان وارو ڏيک ڏيڻ لڳو. ھر طرف جوتا، ٽوپيون، ڇٽيون، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، شايد پوليس ماڻھن تي لاٺي چارج ڪري ڀڄايو ھو. سائرا جي شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي، لوڪيشن تي پھچڻ ان جي وس ۾ نہ ھو.
اسان جي شادي جي خبر ٻڌندي ئي مداحن اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. ماڻھن کي اسان جي شاديءَ جي جلدي ھئي. منھنجي بہ اھا خواھش ھئي تہ شادي جلدي ٿئي. مون پنھنجي راءِ کان نسيم آپا کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. بمبئيءَ ۾ سائرا جي ڀاءُ سلطان کي بہ آگاھ ڪري ڇڏيو ھئم تہ اسان ھاڻي ڪلڪتي واپس اچون پيا. مون ڪجهہ ڏينھن ۾ سادگيءَ سان شادي ڪرڻ جو طئہ ڪري ڇڏيو هو. زندگيءَ جي اھم ترين فيصلي متعلق مون ادي سڪينہ، وڏي ڀاءُ نُور صاحب ۽ ان جي زال عقيلہ ڀاڄائيءَ کي آگاھ ڪيو، مون انھن سڀني کان اجازت گهري. منھنجو ھڪ ڀاءُ اسلم آمريڪا ۾ رھائش پذير ھو. ٻين ڀائرن ۾ ناصر ۽ احسن کان علاوہ ڀينرن تاج، سعيدہ ۽ فوزيہ کي بہ آگاھ ڪيم. منھنجي ڀيڻ اختر، آصف سان ڀڄي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي هئي، تنھن ڪري ان سان اچڻ وڃڻ ختم ڪري ڇڏيو ھئم. منھنجو ارادو ھو تہ قاضيءَ کي گهرائي صرف نڪاح ڪيو وڃي ۽ کارڪون ورھايون وڃن. سائرا ۽ آئون روزمره واري زندگيءَ ۾ بھترين لباس پائيندا ھئاسين. شاديءَ تي اسان فقط اھو پائي سگهياسين، جيڪو نسيم آپا ھنگامي بنيادن تي تيار ڪرائي سگهي ھئي. سائرا جي ڪپڙن جي چونڊ ان جي ماءُ ڪندي ھئي، ان لحاظ کان نسيم آپا جي چونڊ باقاعدہ فيشن ٿي ويندو هو. ماڻھن کي انتظار رهندو هو تہ سائرا پنھنجي فلمن ۾ ڪھڙا ڪپڙا پھريندي؟
سيپٽمبر 1966ع ۾ جڏھن مون ۽ سائرا شادي جو فيصلو ڪري ورتو هو تڏھن اسان جو گهڻو وقت گڏ گذرندو هو. ھڪ مھيني کان پوءِ 2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي ٿي، 11 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي نڪاح ۽ شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. اھڙي طرح شاديءَ جي مختلف رسمن جي ڪري اسان کي ھڪٻئي سان ملڻ کان منع ڪيو ويو. اسان تہ گڏ رھڻ جا عادي ٿي ويا هئاسين، اسان جي ملڻ تي بندش ڪنھن امتحان کان گهٽ نہ ھئي، جيڪڏھن نسيم آپا سان ڪو ڪم ھوندو ھو تہ ٻاھر بيھي رھندو ھئس، ان موقعي تي سائرا دريءَ مان بيھي مون کي تنگ ڪندي ھئي.
ادي سڪينہ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون مينديءَ جو ٿالھ کڻي سائرا کي ميندي ھڻڻ ويون، اھڙي طرح سائرا جي گهر مان نسيم بانو جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون مون کي ميندي ھڻڻ آيون. ماڻھو اڪثر مون کان شاديءَ جي ڏينھن بابت پڇندا آھن تہ مون کي ڪيئن لڳو؟ طويل عرصي تائين ڪنواري رھڻ کان پوءِ شاديءَ ۾ قيد ٿيڻ ۾ مون کي ڪا پريشاني تہ نہ ٿي؟ ان جو جواب آھي نہ، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ سڪون مليو ڇو تہ شاديءَ کان پوءِ ھڪ اھڙي عورت منھنجي زندگيءَ ۾ اچڻ واري ھئي، جيڪا منھنجو ھر طرح خيال رکندي، ھُوءَ منھنجا ڪپڙا، جوتا ۽ ٻيون شيون سنڀالي رکندي. گهر ۾ ڀينرون ضرور ھيون پر منھنجي روزمره جي ضروري شين تي ڪير بہ ڌيان نہ ڏيندو هو.