آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

’ديوداس‘ ۽ ’نيا دؤر‘

فلم نيا دؤر ۽ اداڪارہ وجنتي مالا بابت ڳالھائڻ کان پھرين فلم ’ديوداس‘ جو ذڪر ڪرڻ چاھيندس. وجنتي، ستن فلمن ۾ مون سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو. ديوداس نالي ھڪ مشھور بنگالي ناول بہ ھو، جنھن جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا هئا، ان نالي سان ڪي ايل سهگل 1936ع ۾ فلم بہ ٺاھي چڪو هو. مون ان وقت تائين نہ فلم ڏٺي هئي ۽ نہ ئي وري ناول پڙھيو ھو. بملدار نالي مشھور فلم ڊائريڪٽر ’بمل راءِ‘ 1954ع ۾ ھڪ ڏينھن منھنجي دوست ھتن چوڌريءَ سان گڏ اسان جي گهر آيو. ھن مون کي ’ديوداس‘ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. مون ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سوچي جواب ڏيڻ جو چيو تہ چيائين تمام سٺو، توھان جي مطالعي لاءِ ناول جو بھترين ترجمو موڪلي ڏيندس. ٻئي ڏينھن ناول جو ترجمو ملي ويو. ھڪ مايوس ۽ ڏکايل ڪردار ھو، جيڪو محبت ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ شراب واپرائڻ لڳي ٿو. مون سوچيو تہ انھي ڪردار ڪرڻ سان نوجوان نسل گمراھ ٿي سگهي ٿو، پر جڏھن فلم جي ڪھاڻيءَ تي غور ڪيم تہ سمجهہ ۾ آيو تہ ھڪ يادگار فلم ٺھي سگهي ٿي. بملدا جي ٽيم ۾ نبندو گهوش ۽ راجندر سنگهہ بيدي جھڙا بھترين ليکڪ ھئا. بملدا مون کي بہ اسڪرپٽ لکندڙن ۾ شامل ڪيو. ڇو تہ ھن کي خبر ھئي تہ اسڪرپٽ جي معاملي ۾ آئون سخت آھيان. ’ديوداس‘ جا مڪالما ’راجندر سنگهہ بيدي‘ تحرير ڪيا ھئا. مڪالما ايترا مشھور ٿيا، جو ڪيترائي نسل ورجائيندا رھيا. بملدا ھڪ سنجيدہ قسم جو بنگالي ھو. ھُو ڪڏھن بہ جذباتي نہ ٿيندو ھو. اداڪارن جي بار بار پڇڻ تي ھن ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي. ھميشہ تعاون ۽ مدد لاءِ تيار رھندو ھو. ھُو ڪم ۾ محنت ڪرڻ وارن جي ھمت افزائي ڪندو هو ۽ ھر ڪنھن جي راءِ جو احترام ڪندو هو. مسودي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هو. ھن جي ھڪ وڏي خوبي اها هئي تہ ھن ڪڏھن بہ ڪنھن جي تعريف نہ ڪئي. خوشيءَ جو اظھار ڪڏھن بہ لفظن سان يا چھري جي تاثر وسيلي نہ ڏنائين، جڏھن شاٽ مان مطئمن ٿي ويندو هو تہ فقط ايترو چوندو هو تہ ٺيڪ آ. مون وڏي ڪوشش ڪئي تہ ھن کان ڪنھن شاٽ تي داد ملي، پر ڪاميابي نہ ملي سگهي، پر ان جي باوجود مون داد وٺڻ لاءِ پنھنجي ڪوشش جاري رکي. ھُو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هو، چوندو هو تہ، ”ڪڏھن بہ ڪنھن کي ڏک نہ ڏيو.“
’ديوداس‘ فلم جو ڪم اڃا ھلي رھيو ھو تہ بملدا ’مڌومتي‘ فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ’مڌومتي‘ جو فلسفو آواگون (ھندن جو عقيدو آهي تہ بار بار مرڻ کان پوءِ ڄمڻ جو سلسلو جاري رھندو آھي.) گهڻن جو خيال ھو تہ ماڻھو ان کي سمجهي نہ سگهندا ۽ فلم ناڪام ٿيڻ جو بہ خطرو هو، پر پوري ٽيم سخت محنت ڪئي ۽ ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ فلم ڪامياب وئي، اسان جتي بہ ويندا ھئاسين اتي ’مڌومتي‘ فلم جا گيت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. وجنتي مالا ۽ مون ’ديوداس‘ کان پوءِ بہ ڇھن فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو. ھن جي ۽ منھنجي وچ ۾ ھم آھنگي وڌندي وئي. ھُوءَ ھڪ باصلاحيت اداڪارہ ثابت ٿي. ’ديوداس‘ کان پوءِ ’مڌومتي‘ ۾ اسان جڏھن گڏ ڪم ڪيو تہ، ھن جي اداڪاريءَ ۾ ڪافي بھتري اچي چڪي هئي. ھُوءَ سخت محنت ڪندڙ اداڪارہ ھئي. ساٿي اداڪارن سان ھميشہ عزت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي. ھن ڪڏھن بہ پاڻ کي وڏي اداڪارہ نہ سمجهيو. سيٽ تي ھميشہ پنھنجي ناني ’يادوگري ديوي‘ سان گڏ ايندي هئي. شوٽنگ کان پوءِ سڌو ميڪ اپ روم ۾ ھلي ويندي ھئي. وجنتيءَ جي انھيءَ عادت اسان لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪيون. وجنتي پنھنجي نانيءَ جي فرمانبردار ھئي، ھن ڪڏھن بہ پنھنجي نانيءَ جي ڳالھ کي نہ ٽاريو. ناني ھر وقت ھن کي پنھنجي اکين اڳيان رکندي هئي. ھُوءَ جڏھن سيٽ تي ويندي ھئي تہ ناني کير جو آرڊر ڏيندي ھئي ۽ وجنتي ڪيترا ئي ليٽر کير پِي ويندي ھئي. اتي موجود سڀ ساٿي اداڪارہ وجنتيءَ جي انھيءَ شوق تي حيران رھجي ويندا هئا. منھنجو ڀاءُ ناصر، ھڪ دفعي ’گنگا جمنا‘ فلم جي شوٽنگ دوران مينھن ڪاھي آيو ھو، ھُو مينھن کي وجنتي مالا جي ميڪ اپ روم جي اڳيان ٻڌي رھيو ھو. شڪر آهي جو آئون بروقت پھچي ويس، مون ناصر کي انھيءَ عمل تي دڙڪا ڏنا تہ ھي ڪھڙو ڊرامو شروع ڪيو ٿي. ’گنگا جمنا‘ فلم ۾ مون جڏھن وجنتي مالا سان گڏ ڪم ڪيو تڏهن بہ اسان جي باري ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون گهڙيون ويون.
مدراس جي ’جيميني فلم اسٽوڊيو‘ ۾ فلم ’پيغام‘ جي شوٽنگ جاري ھئي، جو اھا خبر آئي تہ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ وزيراعظم ’پنڊت جواھر لعل نھرو‘ سيٽ تي اچڻ وارو آهي. معمول جي خلاف ھڪ شام وجنتي ۽ ان جي ناني اسان جي کائڻ واري ميز تي اچي ويٺيون. ناني پنھنجي ڏوھٽيءَ کي ھڪ اھم اداڪارہ سمجهندي ھئي ۽ ھن جو خيال هو تہ ٻيا اداڪار بہ ھن کي وڏي اداڪارہ سمجهن. ڊائننگ ٽيبل تي ويھڻ کان پوءِ ناني چوڻ لڳي تہ، ”پنڊت جواھر لعل نھرو (پپا) وجنتي کي سڃاڻي ٿو.“ پوءِ ناني وري دھليءَ جي ھڪ ثقافتي پروگرام جو قصو ڇيڙيو، جنھن ۾ وجنتي خصوصي فنڪارہ طور پرفارم ڪيو ھو. ٻن ڏينھن تائين اسان اھڙن قسمن جا قصا ٻڌندا رھياسين. ٽئين ڏينھن پنڊت جواھر لعل نھروءَ کي اچڻو هو.
اسٽوڊيو جي مالڪ ’ايس ايس وسن‘ مون کي چيو تہ، ”تون پنڊت صاحب جو استقبال ڪجان.“
مون چيو تہ، ”پنڊت صاحب، وجنتيءَ کي سڃاڻي ٿو. بھتر اھو آھي تہ ھُوءَ استقبال ڪري.“ وجنتيءَ جي ناني کان پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌڻ کان پوءِ سڀني منھنجي راءِ جي حمايت ڪئي. پنڊت صاحب جي استقبال لاءِ وجنتي سڀني کان اڳيان بيٺي هئي، آئون آخر ۾ بيٺو ھئس. پنڊت صاحب جيئن ئي آيو تہ ھن وجنتيءَ کي ڏٺو بہ ڪونہ، مون تي جيئن ئي نظر پيس تہ تيزيءَ سان مون وٽ آيو. منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”يوسف، مون کي خبر پئي تون ھتي آھين تہ ھليو آيس.“
مون کي قطعي اھو اندازو نہ ھو تہ پنڊت صاحب مون کي سڃاڻي وٺندو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي تہ قوم جي ھڪ مقبول ۽ ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ آھيان. پنڊت صاحب پندرھن منٽن تائين اتي ھيو، ھُو فلمون نہ ڏسندو هو، پر ھن کي ھتان ھتان فلمن جي باري ۾ خبر پوندي رھندي ھئي. پنڊت صاحب مون کي چيو تہ، ”فلمون نہ ڏسڻ جي باوجود مون کي معلومات ملندي رھندي آھي، فلمن ذريعي سماج جي فرسودہ رسمن رواجن جي باري ۾ عوام کي آگاھي ڏني وڃي.“ پنڊت صاحب ھليو ويو، ان کان پوءِ وجنتيءَ جي ناني پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌائڻ کان بس ڪئي.
منھنجي خيال ۾ ڪامياب ترين فلمساز اھو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو قصہ گوئيءَ ۾ ڪمال رکندو ھجي. مدراس جي جيميني فلمي اسٽوڊيو جو مالڪ ’ايس ايس وسن‘ ھڪ ماھر قصہ خوان ھو. ڀارت جي فلمي صنعت ۾ ھن جو وڏو نالو ھو. ھُو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ ۽ ھڪ شفيق انسان ھو. ھن جو وسيع مطالعو ھو. ھر شئي جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندو ھو، مون سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھوس ۽ جتي بہ ويندو هو مون کي گڏ وٺي ويندو هو.
ھڪ ڏينھن ھن مون کي ھڪ ماءُ پٽ جي ڪھاڻي ٻڌائي، جيڪي تامل ناڊو جي ھڪ اسٽيشن ’چنگلپٽ‘ (ھاڻي جنھن کي ’چنگلپٽو‘ چوندا آهن) ۾ رھندا ھئا. ٻيئي ماءُ پٽ اخبارون ۽ رسالا وڪڻندا هئا. ڇوڪرو اسٽيشن جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڏي آواز ۾ ھوڪو ڏيندو ۽ ڊوڙندو رهندو هو. ڇوڪرو پاڻ بہ مختلف رسالن ۽ مئگزينن جو مطالعو ڪندو رھندو ھو. ماءُ سمھي رھندي ھئي، پر ڇوڪري کي ننڊ نہ ايندي هئي، گاڏن تان ماني وٺي کائيندا هئا... آئون اھي ڳالھيون ڌيان سان ٻڌندو ھئس، پر حيرت ٿيندي هئم تہ مون کي اھي ڳالھيون ڇو ٻڌائيندو هو؟ وسن صاحب ھڪ سٺو ليکڪ بہ ھو، ھن ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون ھيون. تامل ٻوليءَ ۾ ھڪ مئگزين پڻ ڪڍندو هو. ايس ايس وسن، علمي ادبي شخصيتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو.
فلم ’نيا دؤر‘ جي پيشڪش کڻي، جڏھن ’بي آر چوپڙا‘ مون وٽ آيو تڏهن آئون ’گيان مکرجي‘ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪري چُڪو ھئس. مون چوپڙا صاحب کي چيو تہ ھڪ ئي وقت ٻن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي. ان ڪري انتظار ڪرڻو پوندو. اھڙي طرح آئون جڏھن ’ديوداس‘ ۾ ڪم ڪري رھيو ھئس، تڏھن فلم ’پياسا‘ جي لاءِ ’گرو دت‘ جي پيشڪش بہ نہ مڃي ھئم. خير جڏهن بي آر چوپڙا فلم ’نيا دؤر‘ جي ڪھاڻي تيار ڪري ورتي تہ ھُو مشوري لاءِ ’محبوب صاحب‘ وٽ ويو. ھن مايوسيءَ مان چيو تہ اھا دستاويزي فلم ٿي سگهي ٿي. ان کي فيچر فلم چوڻ غلط ٿيندو. چوپڙا صاحب، سينيئر فلمساز جي احترام ۾ خاموش رھيو، پر ھن اھو طئہ ڪري ورتو تہ جيڪڏهن فلم ۾ دليپ ڪم ڪيو تہ ضرور ٺاھيندو. قدرت جي طرفان ڪجهہ ھيئن ٿيو تہ گيان مکرجي جي فلم مالي مسئلن جي ڪري ھلي نہ سگهي. اھڙي طرح مون ’نيا دؤر‘ فلم ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ’نيا دؤر‘ منھنجي ھڪ يادگار فلم آھي، ڇو تہ ھن فلم جي ڪري ئي ’چوپڙا خاندان‘ سان منھنجي ويجهڙائپ ٿي. وڏو ڀاءُ ’بي آر چوپڙا‘ (بلديو راج)، ’يش چوپڙا‘ ۽ ’ڌرم چوپڙا‘ سڀيئي بھترين شخصيتن جا مالڪ ھئا. وڏي ڀاءُ، يش کي منھنجي خدمت تي مقرر ڪري ڇڏيو. منھنجيون ۽ ھن جون عادتون ھڪجھڙيون ھيون. اسان ٻئي ناشتو پاڻ تيار ڪندا ھئاسين، ھڪ ئي وقت اسان ڏھن بيضن جو آمليٽ ٺاھيندا ھئاسين. اسان جي ناشتي جي خوشبو پري پري تائين پکڙجي ويندي ھئي ۽ بيضا نہ کائڻ وارا بہ اسان سان اچي ناشتو ڪندا هئا. بنا ڪنھن شڪ جي ’نيا د‍ؤر‘ فلم زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تمام سٺو پئسو ڪمايو. فلم جي ڪاميابيءَ جي تقريب ڪوٺائي وئي. محبوب صاحب تقريب جي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. محبوب صاحب تقريب ۾ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ فلم متعلق منھنجا سڀ خيال غلط ثابت ٿيا. چوپڙا صاحب جي راءِ بلڪل صحيح ھئي.
جڏھن بہ گهر ۾ ايندو ھئس تہ امان تمام گهڻي ياد ايندي هئي. گهر ۾ امان جي ڪمي سڀ کان وڌيڪ آغاجِيءَ کي محسوس ٿي رهي هئي. امان، آغاجِيءَ جي ضرورت جي ھر شئي پنھنجي پنھنجي جڳھ تي رکندي هئي. ھاڻي گهر جا معاملا ادي سڪينہ جي ھٿ ھيٺ ھئا. ھُوءَ آغاجِيءَ جي توقع تي پورو نہ لھندي ھئي. آغاجِي، ادي سڪينہ جي غرور ۽ پاڻ وڻائڻ کي ناپسند ڪندو هو ۽ ھُو ان سان تلخ ٿي ويندو هو. ادي ھڪ ڏينھن ڌوٻي، بيڪري وارين ۽ ٻين عورتن کي گهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو. آغاجِي کي ان ڳالھ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇو تہ ھُو امان وٽ اينديون رھنديون ھيون. ھُوءَ انھن جي تمام گهڻي عزت ڪندي ھئي ۽ انھن کي مانيون کارائيندي هئي. ھڪ ڏينھن ادي، منھنجي حجم سان بدتميزي ڪئي. مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ مون اديءَ کي ست سُريون ٻڌايون. حجم ويچارو ھڪ تہ منھنجي وارن جي ڪري تمام گهڻو پريشان رھندو ھو ۽ ٻيو وري اديءَ جو غير مناسب روَيو مون کي تمام خراب لڳو. منھنجا وار تيزيءَ سان وڌندا ھئا ۽ ھر پندرنھن ڏينھن کان پوءِ ٺھرائڻا پوندا هئا. ’نيا دؤر‘ فلم جو ھڪ گيت ’اڙين جب جب زلفين تيري‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو. ھي گيت ’ساحر لڌيانويءَ‘ لکيو هو، ’اوپي نيئر‘ ڪمپوز ڪيو هو، جڏھن تہ ’آشا ڀوسلي‘ ۽ ’محمد رفيع‘ ڳايو ھو. ھن گيت کان پوءِ منھنجي حجم جي ڪاروبار ۾ تيزي اچي وئي. ھڪ نوجوان ان وٽ روزانو ايندو رھيو ۽ اھو اصرار ڪندو رھيو تہ ھن جا وار دليپ جھڙا ٺاهي. ھڪ ڀيري ٻنپھرن جو مون حجم کي گهرائي چيو تہ، جيڪڏهن آئون نہ ھجان تہ منھنجو انتظار ڪندو ڪر. ھُو ويچارو ڊرائنگ روم ۾ ويھي منھنجو انتظار ڪرڻ لڳو، ادي سڪينہ ھن کي جڏهن ڏٺو تہ شروع ٿي وئي. آئون پھتس تڏھن بہ ھن جا دڙڪا جاري ھئا. ھُو ويچارو خاموش ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو هو، مون ھن کان معافي ورتي.
خواھش جي باوجود آئون آغاجِيءَ کي وقت نہ پئي ڏيئي سگهيس. کيس اعصابي تڪليف ٿيڻ لڳي هئي. ڪار ۾ چڙهڻ يا لھڻ وقت سھاري جي ضرورت ٿيندي ھئس، گوڏن ۾ تڪليف باوجود ھُو ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو مارڪيٽ ضرور ويندو هو. پيادو ھلڻ واري عادت اڃا بہ ھئس ۽ اکين جي بينائيءَ تي ڪو فرق نہ پيو ھئس. منھنجي خيال ۾ امان جي وفات کان پوءِ ھن جي جيئڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي هئي. نوشاد ميان، آغاجِيءَ جو بھترين دوست ٿي ويو ھو. ھُو جڏھن بہ ايندو هو تہ آغاجِي ان سان ڪچھري ڪندو هو. نوشاد ميان، آغاجِيءَ کي غزل ٻڌائيندو هو. دير تائين ٻئي ڪچھريءَ ۾ مصروف رھندا ھئا.
ميوي جي ڪاروبار ۾ آغاجِيءَ جي دلچسپي ختم ٿي چڪي هئي، سندس ڪيترائي دوست ريٽائرڊ ٿي چڪا هئا، انھن جا اولاد ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا. منھنجي خواھش ھئي تہ وڏي پٽ جي حيثيت ۾ نُور صاحب کي خانداني ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ خانداني ڪاروبار جي شھرت برقرار ھجي، ناصر بہ مون وانگر اداڪاري ڪرڻ لڳو ھو. اسان وٽ وقت نہ ھو. چاچو عمر بيماريءَ جي ڪري ڪاروبار سنڀالڻ جي قابل نہ ھو. مون کي خانداني ڪاروبار متعلق تشويش ھئي. ھڪ ڏينھن مون آغاجِيءَ کي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ھڪ پراڻي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويس. ڪاليج جي زماني ۾ اڪثر ھتي دوستن سان ايندو رھندو ھئس. اھو الھندي بمبئيءَ ۾ واقع ’جارج ريسٽورنٽ‘ ھو. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي پاڻ کي ظاھر نہ ڪندو ھئس. ان ڏينھن مداحن جو ھڪ وڏو تعداد ھوٽل جي ٻاھران جمع ٿي ويو. مينيجر مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”توھان سان ماڻھو ملڻ چاھين ٿا.“
آغاجِي پڇيو تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“
ٻڌايم تہ ٻاھر بيٺل ماڻھو مون سان ملڻ چاھين ٿا تہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”جلدي وڃ ۽ انھن سان وڃي مل.“ آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، ان ڳالھ تي نہ، تہ ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، پر ان ڳالھ تي تہ ان وقت آغاجِيءَ کي مون تي فخر محسوس ٿيو ھو. واپس ايندي حسبِ معمول آغاجِي خاموش ھو، پر جڏھن گهر پھتاسين تہ آغاجِي وڏي فخر سان چاچا عمر کي اھو واقعو ٻڌايو ھو. آغاجِي ڏاڍو خوشي ٿيو ھو، حالانڪہ منھنجي نالي سان آفيسر آف برٽش ايمپائر نہ لڳي سگهيو ھو، پر آغاجِيءَ منھنجي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو. چاچا عمر مون کي ٻڌائيندو هو تہ آغاجِي اخبارن ۾ ڇپيل تنھنجين تصويرن کي غور سان ڏسندو رھندو آھي ۽ پوءِ اخبارن کي ويڙهي پنھنجي وھاڻي جي ھيٺيان رکي ڇڏيندو آهي. مون کي حيرت انھي ڳالھ تي آھي تہ دليپ ڪمار سڏائڻ سبب آغاجِي مون کي ڪجهہ نہ چيو، ھُو وڏو دور انديش ھو. دليپ ڪمار سڏائڻ پٺيان ڪھڙي حڪمت رکيل آهي، ھُو سمجهي ويو هو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀائرن ڀينرن جي تعليم منھنجي پھرين ترجيح آهي. ھاڻي مون کي اھو ڄاڻي خوشي ٿيندي آهي تہ آغاجِيءَ جي اميدن تي پورو لٿو آھيان. آغاجِي مطئمن ھو تہ ھن جي پوڙھي ٿيڻ کان پوءِ يوسف گهر جون سڀ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار آھي. ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھُو تمام گهڻو خوش هو. ھن ڪڏھن چيو تہ نہ ھو پر سمجهندو ھو تہ جيڪڏهن ادي سڪينہ تعليم حاصل ڪري ھا تہ ايتري بدمزاج نہ ھجي ھا. وڏي ڀاءُ نُور صاحب سميت ڪنھن کي بہ اھو احساس نہ ھو تہ گهر جي خرچن لاءِ پئسو ڪمائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. آغاجِي، گهر ۾ مون سان ملڻ ايندڙ پروڊيوسرن سان نہ ملندو هو، البت راج ڪپور جڏھن بہ ايندو هو تہ ان سان ضرور ملندو هو. راج ڪپور کان سندس والد ’پرٿوي راج‘ جي باري ۾ ضرور پڇندو هو.
چاليھ جي ڏھاڪي جي ڳالھ آهي، ھڪ ڏينھن ھڪ پروڊيوسر نوٽن سان ڀريل ھڪ بريف ڪيس منھنجي گهر کڻي آيو. ھُو ھڪ فلم ٺاهڻ پيو چاھي. ھن اسڪرپٽ ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ ھڪ جڳھ تي ھيرو مينھن تي چڙهي پوري ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو آهي. مون پڇيو، ”ھي ڇو، ان جو ڇا مطلب آھي؟“
چيائين تہ، ”ھڪ مزاحيہ سين بہ فلم ۾ ھجڻ گهرجي.“
اسڪرپٽ ۾ تبديليءَ جي سوال تي ھن چيو تہ، ”ھا توھان ڪري سگهو ٿا، پر مينھن وارو منظر ساڳيو ئي رھندو.“
مون کي ان وقت پئسن جي سخت ضرورت هئي، پر مون اھڙي سين جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ماڻھوءَ کي بہ حيرت ٿي تہ ايڏي وڏي رقم عيوض بہ ڪم نٿو ڪريان. ان انڪار کان پوءِ منھنجي خوداعتماديءَ ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو. امان کان پوءِ فقط آئون ئي آغاجِيءَ جي ڏک ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري سگهندو ھئس. پھرين ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ امان جي وفات کان پوءِ آغاجِي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. انھي ئي اڪيلائيءَ ۽ ڏک ۾ ھُو 5 مارچ 1950ع تي اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي هليو ويو. مون فلم انڊسٽريءَ جي سڀني دوستن کي اطلاع نہ ڏنو ھو. مصروف ۽ مادي پرست ماڻھن کان مون تعزيت وصول ڪرڻ نٿي گهري. اھڙا ماڻھو، جيڪي آغاجِيءَ کي سڃاڻندا بہ نہ ھئا، انھن کي ڪھڙي خبر تہ آغاجِي اسان لاءِ ڪيڏي وڏي شئي ھو. راج ڪپور، نوشاد ميان، محبوب صاحب، اشوڪ ڀاءُ، بملدا، نتندا، ايس مکرجي صاحب، فيملي ڊاڪٽر، ويجهن دوستن ۽ مائٽن مون کي حوصلو ڏنو ۽ منھنجي ڏک ۾ شريڪ ٿيا.
آغاجِيءَ جو وڇوڙو منھنجي لاءِ ڇا ھو؟ بس ائين ئي سمجهو تہ آءٌ ھڪ ڇپر ڇانوَ کان محروم ٿي چُڪو ھئس. آغاجِيءَ جي خواھش مطابق ’ديولالي‘ ۾ ان جي زال ۽ ماءُ جي ڀرسان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.