مڌُو بالا
مون مڌوءَ کي چيو تہ، ”تنھنجو والد مون کي نٿو سمجهي سگهي، ان ڪري اسان جي ڀلائي انھيءَ ۾ آھي تہ اسان پنھنجي پيشي ۽ ذاتي زندگيءَ کي الڳ الڳ رکون.“
مڌوءَ مون کي چيو تہ شاديءَ کان پوءِ اھي سڀ معاملا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. مون محسوس ڪيو تہ شاديءَ کان پوءِ مڪمل طور ڦاسي ويندس، بس اھو ئي سوچي مون مڌوءَ سان شادي نہ ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. ڇو تہ اھا شادي نہ مڌوءَ لاءِ صحيح ھئي نہ ئي مون لاءِ. جڏھن اسان ھڪ ٻئي کان الڳ ٿياسين تہ آئون ڏاڍو مطمئن ٿيس. ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ سان زندگي گذارڻ، جنھن جون خواهشون، منھنجين خواھشن کان مختلف ھجن، تمام گهڻي ڏکي آهي. اھو بہ خيال ايندو هو تہ شاديءَ کان پوءِ مڌو ٻين اداڪارن جي ويجهو ٿي ويندي ۽ پوءِ اڳتي هلي منھنجو اھو خيال درست ثابت ٿيو. ان وقت آئون فلم ’نديا ڪي پار‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس. ھڪ ڏينھن آئون آصف جي گهر ويس. ان جي زال ستارہ ديوي مون سان ملي، چانھ ۽ بسڪيٽن جي خاطر تواضع ڪرڻ کان پوءِ ھن مون کي چيو تہ، ”آئون توھان کي ادا چئي سگهان ٿي؟“ آصف اسان ٻنھي ڀاءُ ڀيڻ جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ چيائين تہ، ”اڪبرِ اعظم جي پٽ شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ تنھنجي عمر مناسب ناھي، ان لاءِ مون کي وڏي ڄمار جو ماڻھو گهرجي، مستقبل ۾ مون جڏھن بہ سليم ۽ انارڪلي تي فلم ٺاهي تہ شھزادي سليم جو ڪردار توکي ڏيندس.“ ڪجهہ سالن کان پوءِ ھن ’مغلِ اعظم‘ ٺاھڻ چاھي تہ مون سان رابطو ڪيائين، ان وقت تائين آئون مشھور ٿي چڪو ھئس، آصف سان دوستي ۽ ان جي زال سان ڀيڻ جو رشتو برقرار رھيو. آصف، شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ مون سان رابطو ڪيو، جيڪو مون خوشيءَ سان قبول ڪيو. مون شھزادي سليم جي باري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ھن جي ڪردار جو عڪس پنھنجي ذھن ۾ ٺاهڻ شروع ڪيم. ان لاءِ منھنجي اداڪار محمد عمر مڪري بہ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪيترائي ڪتاب مون کي آڻي ڏنائين. منھنجي خيال ۾ ڪافي محنت ڪرڻ کان پوءِ شھزادي سليم جي شخصيت جو مڪمل عڪس پردي تي پيش ڪري سگهيس.
منھنجي ۽ مڌو بالا جو هڪٻئي کان جدا ٿيڻ جون خبرون اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏي شد مد سان لڳي رھيون ھيون. صحافي حضرات ان وقت بہ ڳالھ مان ڳالھڙو ڪرڻ جا ماھر ھئا، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن اھو لکيو تہ مڌو بالا شادي نہ ٿيڻ جي ڪري صدمي ۾ ھلي وئي آهي. ھن ھميشہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ٻيون بہ منھنجي ۽ مڌو بالا متعلق ڪيتريون ئي ڪھاڻيون گهڙيون پئي ويون. پڙھندڙن جي ان قسم جي ڪھاڻين ۾ وڏي دلچسپي ھوندي ھئي. آئون پنھنجي ذاتي ڪمن ۽ فلمن جي مصروفيتن سبب انھن نام نھاد ڪھاڻين جي ڪابہ ترديد نہ ڪري سگهيس. انھن ڪھاڻين جو ٻيو رخ اھو بہ ھو تہ پيار ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ دليپ دل جو مريض ٿي ويو آهي، ۽ ايتري قدر جو انھن منھنجي مرڻ جي خبر بہ ھلائي ڇڏي. اخبارن لکيو تہ، ’ھن کي دل جي بيماري ننڍپڻ کان ھئي، پر پيار ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ مرض شدت اختيار ڪري ويو، بيماريءَ جي ڪري ھن پروڊيوسرن سان ڪيل معاھدا بہ ختم ڪري ڇڏيا.‘ اھو سچ آھي تہ مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو، ان جو سبب اهو هو تہ پھرين منھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جون شاديون ٿين. امان جي بيماري بہ شدت اختيار ڪري وئي ھئي، آغاجِي تہ پنھنجي مرضي وارو ھوندو ھو. گهر جون ڏاڪڻيون چڙهندي لھندي يا گاڏيءَ ۾ ويھڻ وقت بہ ڪنھن کان مدد نہ وٺندو هو، پر حقيقت اها آهي تہ ھُو تمام گهڻو ضعيف ٿي چڪو هو. گهر جون سڀ ذميواريون منھنجي مٿان اچي ويون هيون، امان ۽ آغاجِيءَ کي مون مان اميدون وابستہ ھيون. وڏو ڀاءُ نُور صاحب شادي ڪرڻ کان پوءِ الڳ رھڻ لڳو ھو. ادي سڪينہ جي بہ شادي نہ ٿي سگهي ھئي. ھن جي طبيعت ۾ ڪا بہ تبديلي نہ آئي ھئي. امان کي اديءَ جي باري ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿيندي ھئي تہ ايڏي زندگي اڪيلي سر ڪيئن گذاري سگهندي؟ اھي ئي ڳالھيون ھيون، جن جي ڪري مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جڏھن تہ ڳالھيون اھي ڪيون پئي ويون تہ مڌو بالا جي عشق ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ دليپ ڪمار مڪمل طور مايوس ٿي ويو آهي ۽ ھن ڪڏھن بہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
تعلقات خراب ٿيندي ئي عطاءُ ﷲ خان پنھنجي ڌيءُ مڌو بالا جي ذريعي پروڊيوسر بي آر چوپڙا تي ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ اھو چيو ويو تہ، ’نيا دؤر‘ فلم جي آئوٽ ڊور شوٽنگ ٿيڻ جي ڪري اداڪارہ کي دل ۾ تڪليف ٿي آھي، حالانڪہ اھو سڀ ڪجهہ پھرين طئہ ٿيو ھو تہ فلم جي شوٽنگ آئوٽ ڊور ٿيندي. جيڪا ڀوپال ۽ پونا جي مختلف جڳھن تي ڪئي ويندي. بي آر چوپڙا پاڻ وڪيل بہ ھيو، لاھور ۾ صحافت بہ ڪري چُڪو هو. ھن ڪيس جي پيروي ڪئي، مون معاملي کي سلجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيس. مڌو بالا سان جڏھن ڳالھ نہ ٺھي تہ مون ان جي جڳھ تي وجنتي مالا کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. پوءِ ڳالھيون وري اھي ڪيون ويون تہ مون مڌو کي فلم مان ڪڍرايو آھي. حقيقت ۾ انھيءَ سڄي روئداد جو ذميوار ھن جو پيءُ ھو. فلم ’نيا دؤر‘ جي مڌو بالا سان گڏ ڪيل شوٽنگ ضايع ڪئي وئي، اھڙي طرح چوپڙا صاحب کي مالي نقصان الڳ ٿيو ۽ وقت الڳ ضايع ٿيو. پيءَ جي حد کان وڌيڪ تعبيداري مڌو بالا کي پروفيشنل طور متاثر ڪيو ۽ ھن جي صحت تي بہ تمام ناڪاري اثر پئجي ويا. ان جو مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ڪم جي حوالي کان پيءُ جي دٻاءُ ۾ تہ نہ اچي ھا! وجنتي مالا محنتي اداڪارہ ھئي، ھُو مون سان ’ديوداس‘ ۾ ڪم ڪري چڪي هئي، ھن جي ڪم کي چوپڙا صاحب بہ پسند ڪندو ھو.