آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

منھنجو ننڍپڻ

آئون پڙھاڪو ٻار نہ ھئس، ھا اھو آھي تہ مون ۾ مشاھدي جي قوت ڪجهہ وڌيڪ ھوندي ھئي. منھنجي سؤٽن سان گهڻي نہ لڳندي هئي، آئون انھن سان ڪچھري بہ تمام گهٽ ڪندو ھئس. مون کي ياد آهي تہ آئون ڏاڏي کان مختلف سوال ڪندو ھئس. گهر جي ويجهو چشمو مسلسل ڇو وھندو رھندو آھي؟ ان ۾ پاڻي ڪٿان ايندو آهي؟ ۽ ڪيڏانھن ويندو آهي؟ منھنجا سوال ٻڌي ڏاڏو اڪثر کلي پوندو هو. ھُو مون کي ڪلھي تي ويھاري چشمي تي کڻي ويندو هو. اسان ڏاڏو پوٽو ڪيتري ئي دير تائين چشمي مان وھندڙ پاڻيءَ کي غور سان ڏسندا رھندا ھئاسين. آئون ڏاڏي جي جواب جو منتظر ھوندو ھئس، پر مون کي ان وٽان جواب نہ مليا. ھڪ دفعي مون ٻڌو ڏاڏو آغاجِي کي چئي رهيو هو تہ يوسف، خاندان جي ٻين ٻارن کان مختلف آهي. ٻيا ٻار مختلف منظر ڏسي حيران ناھن ٿيندا ۽ اھي يوسف وانگر سوال بہ ناھن ڪندا.
سخت گرمين ۾ ٻنپھرن کان پوءِ مون کي کليل ميدان تي ھلڻ ۾ مزو ايندو هو. ماني کائڻ بعد ڏاڏي پنھنجي ڪمري ۾ آرام ڪندي ھئي، انھن ڏينھن ۾ بجليءَ جا پنکا نہ ھوندا ھئا. گَتَي ۽ ٿُلھي ڪپڙي سان ٺھيل پنکا گهرن ۾ لڳل ھوندا ھئا، جن کي ھٿن سان ڇڪي ھلايو ويندو هو، حالانڪه اھو ڏکيو ڪم ھوندو ھو، پر ھلائڻ وارا بخوبي ڄاڻندا ھئا. خاندان جي سڀني ٻارن کي انھن پنکن جي ھوا ۾ سمھاريو ويندو هو. جڏھن سڀ سمھي رھندا ھئا، تڏھن آئون گهر کان ٻاهر نڪري ويندو ھئس. ٻيرن جا وڻ ھوندا ھئا پر ان مان ڪير بہ ٻير نہ پٽيندو هو. اسان کي اھو ٻڌايو ويندو هو تہ ٻير انسانن لاءِ نہ پر ڪيڙن ۽ جيتن لاءِ آھن، آئون ھڪ وڻ تي چڙهي ويس، کيسا مس ڀريم تہ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. اسان جي خانداني باغن جي سنڀال ڪندڙ غني، ھڪ شخص کي پڪڙي ورتو، جيڪو گودام مان خشڪ ميون جي چوري ڪرڻ لاءِ آيو ھو. معافي گهرڻ تي غني ان شخص کي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ٻئي ھليا ويا. اھڙي طرح آئون بہ وڻ تان لھي گهر ھليو ويس.
خاندان جا سڀ ٻار غنيءَ کان ڊڄندا ھئا. ڏاڏي بہ غنيءَ جو احترام ڪندي ھئي. ھُو ان کي پئسا ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ڏيندي رھندي ھئي. غني ھڪ طاقتور شخص ھو. ھن جي شخصيت جو ھڪ پھلو اھو بہ ھو تہ چانڊوڪي راتين ۾ ھن کي دؤرو پوندو هو. ان ڪيفيت ۾ جڏھن باغ جي سنڀال تي ھوندو ھو تہ ان وقت ھُو بگهڙن جو آواز ڪڍندو هو. جڏھن ھن کي دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪير بہ چپ نہ ڪرائي سگهندو ھو. ان حالت ۾ ھن کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو. ڪجهہ وقت ان حالت ۾ رھڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويندو هو. جھڙو ھن کي ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھجي. ڪڏهن ڪڏهن تہ دؤرو پوڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھن جي طبيعت ۾ سڌارو نہ ايندو هو. ان حالت ۾ زنجيرن ۾ ٻَڌل ھوندو ھو. سڪتي جي عالم ۾ ھُو پُرتشدد ٿي ويندو هو. ان حالت ۾ ڪير بہ ھن جي ويجهو نہ ويندو هو، سڀ ڊڄندا ھئا. سچي ڳالھ اھا آھي تہ غنيءَ سان سڀ ھمدردي ڪندا هئا، ڪجهہ ماڻھو چوندا ھئا تہ چانڊوڪي راتين ۾ ڪو جن ھن تي اچي واسو ڪندو آهي. ڪجهہ ماڻھن جو خيال ھو تہ غنيءَ کي چريائپ جو دورو پوندو آهي. ھن جو علاج ڪرائڻ گهرجي. ھڪ دفعي غنيءَ کي شديد دورو پيو ھو ۽ ھن کي کٽ سان ٻڌو ويو هو ۽ ان ئي حالت ۾ ھُو گذاري ويو هو. غنيءَ متعلق ڳالھيون تہ سڀ ڪندا هئا، ساڻس ھمدردي بہ ڪندا هئا پر غنيءَ جي علاج لاءِ ڪنھن بہ عملي ڪم نہ ڪيو. باغن جي آسپاس رھندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو تہ غني جي وفات کان پوءِ چانڊوڪي راتين ۾ بہ ھنن، ان کي باغن ۾ گهمندي ڏٺو ھو.
غنيءَ متعلق خوفناڪ ڪھاڻيون ٻڌڻ کان پوءِ بہ مون تي ڪوبہ فرق نہ پيو ۽ منھنجيون سرگرميون جاري رهيون. حسبِ معمول ھڪ دفعي ٻنپھرن جو گهر کان ٻاهر نڪري گودام ڏي ويس، بادامين ۽ پستن سان کيسا مس ڀريم تہ ھڪ گاڏي گودام طرف ايندي نظر آئي. انگريز سپاهي بہ ھيا جيڪي قبائلي پٺاڻن جي پويان ھئا، مون يڪدم گودام جو شٽر ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پيٽ ڀر ليٽي ٻاھر ٿيندڙ فائرنگ کي ڏسڻ لڳس. ان وقت مون ڪيترن ئي قبائلين کي گولين جو کاڄ ٿيندي ڏٺو ھو. آئون تمام گهڻو ڊڄي ويو ھئس، ڇاڪاڻ تہ انگريزن جي بندوقن جو رخ گودام طرف ھو، انھن جو شايد اھو خيال ھو تہ قبائلي پٺاڻ گودام طرف لڪل آھن. ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ انگريز سپاهي توپ گاڏي سميت واپس ھليا ويا، پر مون کي قبائلي پٺاڻن جي ممڪنہ موجودگيءَ جو ڊپ ورائي ويو. اھي قبائلي پٺاڻ پيشور خطرناڪ قسم جا ماڻھو ھئا، جن جو ڪم ئي لُٽ مار ڪرڻ ھو. مون ھمت ڪئي تيزيءَ سان شٽر مٿي ڪري تيز رفتاريءَ سان ڀڄي نڪتس. گهر پھتس تہ جسم ۾ سَتُ ئي نہ رھيو ھو، سڌو وڃي امان کي ڀاڪر پاتم. فائرنگ جو آواز منھنجي گهر وارن ٻڌو ھو، انھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون ٻاھر آھيان. امان ۽ ڏاڏي منھنجي خيريت لاءِ دعائون ڪري رھيون ھيون ۽ ڪجهہ ماڻھن کي مون کي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو هو. جڏھن مون اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو ھو تہ سڀ ڊڄي ويا ۽ مون کي دڙڪا ڏنائون، پر انھن کي اھو اطمينان ٿيو تہ آئون سلامتيءَ سان واپس گهر پھچي ويو آھيان.
آغاجِي وڏي قد ڪاٺ وارو شخص هو. هُن جون مُڇون خوبصورت ھونديون ھيون. مٿي جا وار گهاٽا ھوندا ھئس. ڏاڏي جا بہ مٿي جا وار گهاٽا ھوندا ھئا. اھڙي طرح منھنجي مٿي جا گهاٽا وار بہ موروثي آھن. آغاجِي اڪثر ڪري پاجامو ۽ ڪڙتو پھريندو ھو، جيڪو ھڪ ماھر درزيءَ کان سبرائيندو ھو. آغاجِي منھنجي والدہ سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھو. ھُو امان کي خوشبودار پائوڊر ۽ ٻيون شيون آڻي ڏيندو هو. امان اھي شيون الماڙيءَ ۾ لڪائي رکندي هئي، جيئن ڏاڏيءَ کي خبر نہ پوي.
امان، قد بُت جي سنھي ھڪ ننڍي قد جي عورت ھئي. مون کان پوءِ منھنجو ڀاءُ ناصر پيدا ٿيو. ھر ڀاءُ ڀيڻ جي ڄمڻ کان پوءِ آئون انھن کي حسد وارين نظرن سان ڏسندو ھئس. نئين ڄاول ٻار کي امان سان گڏ ستل ڏسندو ھئس تہ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. امان سان رات جو گڏ سمھڻ پنھنجو بنيادي حق سمجهندو ھئس. گرميون ھجن يا سرديون امان سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ جڏھن بستري تي آرامي ٿيندي ھئي تہ جلدي گهاٽي ننڊ اچي ويندي ھئس. ٻي طرف گهر جي ڪم ڪار کان آزاد منھنجون غير شادي شده پڦيون، پاڻ سان گڏ ايراني ٻليون سمھارينديون ھيون جيئن سياري ۾ بسترا گرم رھن.
گرمين ۾ سڀ گهر ڀاتي مٿي چبوتري تي سمھندا ھئاسين. چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن امان جي منھن تي نظر پوندي هئي تہ امان جي خوبصورتيءَ تي حيران رھجي ويندو ھئس. سردين ۾ اسان ٻارن لاءِ مزا ھوندا ھئا، وسيع ۽ عريض چبوتري تي باھ جو مچ ٻاريو ويندو هو، جتي لوئيون ۽ شالون ويڙهي خاندان جا سڀ ڀاتي گڏ ٿيندا هئا. مچ تي ھٿ سيڪيندي ڏاڍو مزو ايندو هو. گهر جي ھر فرد لاءِ ڪا ڪھاڻي، شاعري يا ڪو لطيفو ٻڌائڻ لازمي ھوندو ھو. ڪھاڻي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ان جو اخلاقي پھلو ٻڌائڻ بہ لازمي ھوندو ھو. ٻارن جي موجودگيءَ جي ڪري مواد جي چونڊ ۽ معيار جو خاص خيال رکيو ويندو هو. غير معياري ۽ اخلاق کان وانجهيل ڪھاڻيءَ تي ڏاڏي فورن مداخلت ڪندي ھئي. اسان جي ھڪ ماسڙ کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو، پر هن جون ڪھاڻيون غير سنجيدہ ۽ غير معياري ھونديون ھيون. ھڪ ڏينھن ڪھاڻي ٻڌائيندي ڏاڏي ان کي روڪي ڇڏيو ۽ ڪچھريءَ مان بہ اٿاري ڇڏيائين، نہ رڳو اھو پر ڪچھريءَ ۾ اچڻ تي بہ تاحيات پابندي ھڻي ڇڏيائين. ڏاڏي کي بھادري ۽ شرافت واريون ڪھاڻيون تمام گهڻيون پسند ھونديون ھيون. گيتن ۽ غزلن ۾ بہ اخلاقي معيار کي مدِنظر رکيو ويندو هو. علم ۽ ادب واري اھا ڪچھري رات دير تائين جاري رهندي ھئي. جيڪڏهن ڪھاڻيون دلچسپ ھونديون ھيون تہ آئون ٻڌندو ھئس نہ تہ ڪنھن جي ھنج ۾ سمھي پوندو ھئس. ڪچھريءَ دوران ئي ايراني ٻلين کي بسترن ۾ سمھاريو ويندو هو، جيئن ڪچھري ختم ڪرڻ کان پوءِ سمھجي تہ بسترا گرم ھجن.
منھنجي خيال ۾ فلمي دنيا ۾ مون کي جيڪا مڪالمي بازيءَ جي صلاحيت ھئي، اھا مون کي اصل ۾ پشاور جي انھن ڪچھرين ۾ ويھڻ جي ڪري حاصل ٿي ھئي. انھن ڏينھن ۾ قصہ خواني بازار چوڪ تي ڪھاڻيون ۽ قصہ ٻڌائڻ جو سلسلو باقاعدي ھلندو ھو. سج لٿي جي نماز کان پوءِ واپاري ۽ دڪاندار گڏ ٿيندا هئا. آئون بہ آغاجِيءَ جي آڱر پڪڙي قصہ خواني چوڪ ويندو ھئس. اتي ڪنھن مُتقي يا عالم کي ٻڌندو ھئس. قصا بيحد دلچسپ ھوندا ھئا، جيڪي وقفي سان تمام سريلي آواز ۾ ٻڌائيندا هئا. گهر وڃي مان عالمن جي اندازِ بيان جو نقل ڪندو ھئس. اھا ڪنھن کي خبر ھئي تہ سالن پڄاڻان مان ايندڙ وقت سينيمائن ۾ قصہ گوئي ۽ ڪھاڻين جي مشق ڪري رھيو ھوندس. ھڪ ٻيو مشغلو جيڪو مون اڪيلائيءَ ۾ اپنايو ھو، اھو ھي ھيو تہ گهر ۾ ايندڙ عورتن جا نقل ڪندو ھئس. ھڪ ڏينھن امان مون کي ماسي مريم جو نقل ڪندي ڏسي ورتو، امان کي اھو نہ ٻڌائي سگهيس تہ آئون ماسي مريم جو نقل نہ پر ان جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڇو تہ اسان جي ھيءَ ماسي ھڪ حيران ڪُن ڪردار جي مالڪ هئي، امان مون کي وڏن جي نقل ڪڍڻ کان سخت منع ڪئي ۽ چيائين تہ اھا تمام خراب ڳالھ آھي. امڪان اھو ھو تہ آئون لاشعوري طور اھڙي ڪم لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس، جيڪو ايندڙ وقت ۾ مون کي سرانجام ڏيڻو ھو.
ماسي مريم اسان جي خاندان جي بُلبل ھزار داستان ھئي، ھُوءَ امان سان تمام گهڻي محبت ڪندي ھئي، ھن جو آواز ڏاڍو سريلو ھوندو ھو. خاندان جا سڀ ٻار ان جون لوليون ٻڌي وڏا ٿيا هئا. ھيءَ ماسي، ان شخص جي زال ھئي، جنھن تي گهر ۾ ٿيندڙ ڪھاڻيون ٻڌائڻ واري ڪچھريءَ ۾ اچڻ تي تاحيات پابندي مڙهي وئي ھئي. اسان جو ھي ماسڙ خاندان ۾ بنھ منفرد ھو، ڏاڏا سان صرف ھي بحث مباحثو ڪندو هو. جڏھن سڀ مرد حقو پِي رھيا ھوندا ھئا، تڏھن ھي ڪٿان آندل سگار جا ڪش ھڻي رھيو ھوندو ھو.
ماسي مريم انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھُوءَ سگريٽ پيئندي هئي ۽ مڙس سان ھميشہ اختلاف رکندي ھئي. ھي زال مڙس فقط ان وقت ڳالھائيندا ھئا، جڏھن انھن کي پاڻ ۾ وڙھڻو ھوندو ھو. ماسي پنھنجي مڙس کي اھو طعنو ڏيندي ھئي تہ تون ناڻي تي نانگ بڻجي ويٺو آھين. مون کي ڪجهہ بہ نٿو ڏين، اھو سڀ ڪجهہ قبر ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وڃجان. ماسي مريم تي جنات جو اثر هو، جڏھن ان کي دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو. دوري دوران سندس آواز مرداڻو ٿي ويندو هو ۽ پنھنجا وارَ پَٽيندي هئي. ھڪ ڏينھن آئون ھن جي ڪمري ۾ گهڙي ويس. امان ڀڄندي آئي ۽ مون کي کڻي ورتائين. ماسي، امان کي چيو تہ عائشہ ننڍڙي کي اتي ڇڏ تہ کيڏي، پر امان اتان مون کي کڻي ڀُڻ ڀُڻ ڪندي ٻاھر ھلي آئي.
جمعي جي ڏينھن عورتون مارڪيٽ وينديون هيون. ان ڏينھن رش بہ تمام گهڻي ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تہ مرد جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ خريداريءَ لاءِ مارڪيٽ ايندا هئا. بازار وڃڻ وقت ماسي تيار ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳائيندي ھئي. امان جلدي تيار ٿي وٺندي هئي. ھُو وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پھريندي ھئي ۽ ٻاھر وڃڻ لاءِ پردو ڪندي ھئي. ايتري تائين جو آئون امان کي سڃاڻي بہ نہ سگهندو ھئس. وڏين ۽ مردانہ شڪل شبيھ عورتن جي وچ ۾ امان کي ننڍي قد جي ڪري سڃاڻيندو ھئس. بازار ۾ امان سان ويندو ھئس تہ گڏ گڏ ھوندو ھئس تہ ڪٿي گم نہ ٿي وڃان. ماسي مريم ۽ پڦي بيبي جان، امان سان تمام گهڻي محبت ڪنديون هيون، پر عجيب ڳالھ اھا آھي تہ اھي ٻيئي ھڪٻئي سان نہ ٺھنديون ھيون. ھي ٻئي ريشمي ڪپڙا پھرينديون ھيون، جڏهن تہ امان سادا ڪپڙا پھريندي ھئي.
مارڪيٽ جي ھڪ طرف کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان ھئا، جتي ڪواب، پڪوڙا ۽ سموسا تيار ٿي رھيا ھوندا ھئا. ڏسڻ سان ئي بک لڳي ويندي ھئي. پاسي کان گذرندڙ ماڻھو کائڻ کان سواءِ رھي نہ سگهندا ھئا. ريشم ڪپھ، پوتين ۽ سڳين جي دڪان تي عورتن جي رش ھوندي ھئي. ھندو عورتن جو بہ وڏو تعداد مارڪيٽ ۾ ايندو هو.
آزاديءَ کان اڳ ھندو ۽ مسلمان ھڪٻئي سان فرق رکڻ کان سواءِ محبت ۽ ڀائيچاري سان رھندا ھئا. آغاجِي جا ڪيترائي دوست ھندو ھئا. انھن دوستن ۾ ھڪ وڏو آفيسر ’بشيشور ناٿ‘ بہ ھيو، جيڪو اسان جي گهر ۾ ايندو رھندو ھو. ھڪ دفعي ان جو وڏو پٽ ساڻس گڏ آيو، جيڪو بيحد خوبصورت ھيو. اھو نوجوان پرٿوي راج ڪپور ھو، جيڪو پوءِ ھڪ وڏو اداڪار ٿيو. پرٿوي راج ڪپور جي والد بشيشور ناٿ ۽ آغاجِيءَ جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ھوندي ھئي. ان وقت ٻي جنگِ عظيم شروع ٿي چڪي هئي. اھي ٻئي اڪثر جنگ ۽ پشاور جي ڪاروبار متعلق ڪچھري ڪندا هئا. آئون انھن جي ڪچھري غور سان ٻڌندو ھئس، پر مون کي سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ ايندو هو. ھڪڙي ڏينھن ھُو بمبئيءَ ۾ ڪاروبار بابت ڳالھائي رھيا ھئا. ھُو چئي رھيا ھئا تہ بمبئيءَ ۾ ھتان کان بھتر ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن آغاجِي، ڏاڏيءَ کي چئي رهيو هو تہ ھُو ڪاروبار جي سلسلي ۾ بمبئي ويندو. عالمي جنگ شروع ٿي چڪي هئي، جنگ واري انھي ماحول ۾ ڪاروبار جو متاثر ٿيڻ اڻٽر ھو، ڪاروبار خاطر آغاجِي بمبئي ھليو ويو.
آغاجِيءَ جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ مون سان ھڪ عجيب واقعو رونما ٿيو. ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو منھنجي ھڪ سؤٽ کي باغ مان انب پٽيندي اک ۾ ڌڪ لڳو، ملازم ان کي گهر کڻي آيا، سڀ چاچيون گڏ ٿي ويون ۽ اھو طئہ ڪيو ويو تہ ھن جو ھُو پاڻ ديسي علاج ڪنديون. ان وقت آئون اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هئس، ھڪ چاچي ڪمري ۾ داخل ٿي سندس ھٿ ۾ مٽيءَ جو ھڪ ٿانءُ ھو، چاچي مون کي ٻانھن کان وٺي چبوتري تي آئي ۽ مون کي حڪم ڪيائين تہ شلوار لاھ ۽ ھن ۾ پيشاب ڪر، مون فورن ايئن ڪيو. چاچي اھو پيشاب کڻي سؤٽ جي ڪمري ۾ آئي ۽ ان جو زخم ڌوتائين، گهڻي عرصي تائين آئون ھن واقعي کي وساري نہ سگهيس. آغاجِيءَ جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ ان جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي. امان کان گهڻا سوال نہ ڪندو ھئس ڇو تہ ھُوءَ اڳيئي گهر جي ڪم ڪار جي ڪري پريشان رھندي ھئي، ويتر مون پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو. آئون ڪڏھن امان کان آغاجِيءَ جي باري ۾ پڇندو ھئس تہ ھُوءَ مختصر اھو ٻڌائيندي هئي تہ ھُو ڪم جي سلسلي ۾ بمبئي ويو آهي، جلدي واپس اچي ويندو، اھو ٻڌي خاموش ٿي ويندو ھئس.