گهرُو معاملا
ادي ھڪڙي ڏينھن ڌوٻي، بيڪري وارين ۽ ٻين عورتن کي گهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو. آغاجِي کي ان ڳالھ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇو تہ ھُو امان وٽ اينديون رھنديون ھيون. ھُو انھن جي تمام گهڻي عزت ڪندي ھئي ۽ انھن کي مانيون کارائيندي هئي. ھڪ ڏينھن ادي منھنجي حجم سان بدتميزي ڪئي، مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ مون اديءَ کي سَت سُريون ٻڌايون. حجم ويچارو ھڪ تہ منھنجي وارن جي ڪري تمام گهڻو پريشان رھندو ھو ۽ ٻيو وري اديءَ جو غير مناسب رويو، مون کي تمام خراب لڳو. منھنجا وار تيزيءَ سان وڌندا ھئا ۽ ھر پندرنھن ڏينھن کان پوءِ ٺھرائڻا پوندا هئا. فلم ’نيا دؤر‘ جو ھڪ گيت ’اُڙَين جب جب زلفين تيري‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو. ھي گيت ’ساحر لڌيانوي‘ لکيو، ’اوپي نيَّر‘ ڪمپوز ڪيو، جڏھن تہ ’آشا ڀوسلي‘ ۽ ’محمد رفيع‘ ڳايو ھو. ھن گيت کان پوءِ منھنجي حجم جي ڪاروبار ۾ تيزي اچي وئي. ھڪ نوجوان ان وٽ روزانو ايندو رھيو ۽ اھو اصرار ڪندو رھيو تہ سندس وارَ دليپ جھڙا ٺاھ.. ھڪ دفعي ٻنپھرن جو مون حجم کي گهرائي چيو تہ جيڪڏهن آئون نہ ھجان تہ منھنجو انتظار ڪندو ڪر. ھُو ويچارو ڊرائنگ روم ۾ ويھي، منھنجو انتظار ڪرڻ لڳو. ادي سڪينہ ھن کي جڏهن ڏٺو تہ شروع ٿي وئي، آئون پھتس تڏھن بہ ھن جا دڙڪا جاري ھئا. ھُو ويچارو خاموش ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو هو، مون ھن کان معافي ورتي.
خواھش جي باوجود آئون آغاجِيءَ کي وقت نہ پئي ڏيئي سگهيس. کيس اعصابي تڪليف ٿيڻ لڳي هئي، ڪار ۾ چڙهڻ ۽ لھڻ وقت سھاري جي ضرورت پوندي ھئس، گوڏن ۾ تڪليف باوجود ھُو ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو. پيادو ھلڻ واري عادت اڃا بہ ھئس ۽ اکين جي بينائيءَ تي ڪو فرق نہ پيو ھوس. منھنجي خيال ۾ امان جي وفات کان پوءِ ھن جي جيئڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي هئي. نوشاد ميان، آغاجِي جو بھترين دوست ٿي ويو ھو. ھُو جڏھن بہ ايندو هو تہ آغاجِي ان سان ڪچھري ڪندو هو. نوشاد ميان، آغاجِي کي غزل ٻڌائيندو هو، دير تائين ٻئي ڪچھريءَ ۾ مصروف رھندا ھئا.
ميوي جي ڪاروبار ۾ آغاجِي جي دلچسپي ختم ٿي چڪي هئي، سندس ڪيترائي دوست ريٽارئرڊ ٿي چڪا هئا. انھن جا اولاد ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا. منھنجي خواھش ھئي تہ وڏي پٽ جي حيثيت ۾ نُور صاحب کي خانداني ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ خانداني ڪاروبار جي شھرت برقرار ھجي، ناصر بہ مون وانگر اداڪاري ڪرڻ لڳو ھو، اسان وٽ وقت نہ ھو. چاچا عمر، بيماريءَ جي ڪري ڪاروبار سنڀالڻ جي قابل نہ ھو. مون کي خانداني ڪاروبار متعلق تشويش ھئي.
ھڪ ڏينھن مون آغاجِيءَ کي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ھڪ پراڻي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويس، ڪاليج جي زماني ۾ اڪثر ھتي دوستن سان ايندو رھندو ھئس. اھو الھندي بمبئيءَ ۾ واقع جارج ريسٽورنٽ ھو. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي پاڻ کي ظاھر نہ ڪندو ھئس، ان ڏينھن مداحن جو ھڪ وڏو تعداد ھوٽل جي ٻاھران گڏ ٿي ويو. مينيجر مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”توھان سان ماڻھو ملڻ چاھين ٿا.“ آغاجِيءَ پڇيو تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“ ٻڌايم تہ، ”ٻاھر بيٺل ماڻھو مون سان ملڻ چاھين ٿا“ ان تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”جلدي وڃ ۽ انھن سان وڃي مل.“ آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، ان ڳالھ تي نہ، تہ ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، پر ان ڳالھ تي تہ ان وقت آغاجِيءَ کي مون تي فخر محسوس ٿيو ھو. واپس ايندي حسبِ معمول آغاجِي خاموش ھو، پر جڏھن گهر پھتاسين تہ آغاجِي وڏي فخر سان چاچا عمر کي اھو واقعو ٻڌايو ھو. آغاجِي کي ڏاڍي خوشي ٿي ھئي، حالانڪہ منھنجي نالي سان آفيسر آف برٽش ايمپائر نہ لڳي سگهيو ھو، پر آغاجِيءَ منھنجي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو. چاچا عمر مون کي ٻڌائيندو هو تہ، ”آغاجِي اخبارن ۾ ڇپيل تنھنجي تصويرن کي غور سان ڏسندو رھندو آھي ۽ پوءِ اخبارن کي ويڙهي پنھنجي وھاڻي جي ھيٺيان رکي ڇڏيندو آهي.“
مون کي حيرت انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ دليپ ڪمار سڏائڻ سبب آغاجِي مون کي ڪجهہ نہ چيو، ھُو وڏو دور انديش ھو، دليپ ڪمار سڏائڻ پٺيان ڪھڙي حڪمت رکيل آهي، ھُو سمجهي ويو هو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀائرن ڀينرن جي تعليم منھنجي پھرين ترجيح آهي. ھاڻي مون کي اھو ڄاڻي خوشي ٿيندي آهي تہ آغاجِي جي اميدن تي پورو لٿو آھيان. آغاجِي مطمئن ھو تہ ھن جي پوڙھي ٿيڻ کان پوءِ يوسف گهر جون سڀ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار آھي. ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھُو تمام گهڻو خوش هو، ھن ڪڏھن چيو تہ نہ ھو پر سمجهندو ھو تہ جيڪڏهن ادي سڪينہ تعليم حاصل ڪري ھا تہ ايتري بدمزاج نہ ھجي ھا. وڏي ڀاءُ نُور صاحب سميت ڪنھن کي بہ اھو احساس نہ ھو تہ گهر جي خرچن لاءِ پئسو ڪمائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. آغاجِي گهر ۾ مون سان ملڻ ايندڙ پروڊيوسرن سان نہ ملندو هو، البت راج ڪپور جڏھن بہ ايندو هو، ان سان ضرور ملندو هو.
راج ڪپور کان سندس والد پرٿوي راج جي باري ۾ ضرور پڇندو هو. چاليھ واري ڏھاڪي جي ڳالھ آهي، ھڪ ڏينھن ھڪ پروڊيوسر نوٽن سان ڀريل ھڪ بريف ڪيس منھنجي گهر کڻي آيو، ھُو ھڪ فلم ٺاهڻ پيو چاھي. ھن اسڪرپٽ ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ ھڪ جڳھ تي ھيرو مَينھِن تي چڙهي پوري ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو آهي. مون پڇيو، ”ھي ڇو؟ ان جو ڇا مطلب آھي؟“
چيائين تہ، ”ھڪ مزاحيہ سين بہ فلم ۾ ھجڻ گهرجي.“ اسڪرپٽ ۾ تبديليءَ جي سوال تي ھن چيو تہ، ”ھا توھان ڪري سگهو ٿا، پر مينھن وارو منظر ساڳيو ئي رھندو.“ مون کي ان وقت پئسن جي سخت ضرورت هئي، پر مون اھڙي سين جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ماڻھوءَ کي بہ حيرت ٿي تہ ايڏي وڏي رقم عيوض بہ ڪم نٿو ڪريان. ان انڪار کان پوءِ منھنجي خوداعتماديءَ ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو.
امان کان پوءِ فقط آئون ئي آغاجِيءَ جي ڏک ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري سگهندو ھئس. پھرين ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ امان جي وفات کان پوءِ آغاجِي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. انھيءَ اڪيلائي ۽ ڏک ۾ ھُو 5 مارچ 1950ع تي اسان کان سدائين لاءِ موڪلائي هليو ويو. مون فلم انڊسٽريءَ جي سڀني دوستن کي اطلاع نہ ڏنو. مصروف ۽ مادي پرست ماڻھن کان مون تعزيت وصول ڪرڻ نٿي گهري. اھڙا ماڻھو، جيڪي آغاجِيءَ کي سڃاڻندا بہ نہ ھئا، انھن کي ڪھڙي خبر تہ آغاجِي اسان لاءِ ڪيڏي وڏي شئي ھو. راج ڪپور، نوشاد ميان، محبوب صاحب، اشوڪ ڀاءُ، بِملدا، نِتندا، ايس مکرجي صاحب، فيملي ڊاڪٽر، ويجهن دوستن ۽ رشتيدارن مون کي حوصلو ڏنو ۽ منھنجي ڏک ۾ شريڪ ٿيا. آغاجِيءَ جو موت منھنجي لاءِ ڇا ھو؟ بس ائين ئي سمجهو تہ آئون ھڪ ڇپرڇانوَ کان محروم ٿي چُڪو ھئس. آغاجِيءَ جي خواھش مطابق ’ديولالي‘ ۾ ان جي زال ۽ ماءُ جي ڀرسان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.