آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

خاندان جي سربراھ عورت

منھنجي ڏاڏيءَ کي خاندان جي دلير عورت چيو ويندو هو. ان جو وڏو رعب ۽ دٻدٻو ھوندو ھو. ڏاڏيءَ جو قد وڏو ۽ ڪلھا ويڪرا ھيس، ھُوءَ پٺاڻن واري شلوار ۽ وڏي قميص پھريندي ھئي. قد بت جي حساب سان عورت کان وڌيڪ مرد لڳندي هئي، ھُوءَ مٿي تي پوتي پائيندي ھئي ۽ سڄي جسم کي ھڪ وڏي شال سان ڍڪيندي ھئي. جڏھن ڪا شرارت ڪرڻ کان پوءِ لڪڻو ھوندو ھو تہ ڏاڏيءَ جي شال ۾ لڪندو ھئس. ڏاڏيءَ جي شال مون لاءِ پناھگاھ ھئي، گهر وارا پيا ڳوليندا ھئا ۽ آئون ڏاڏيءَ جي شال ۾ لڪي پيو گدگد ٿيندو ھئس، اھو مرحلو دلچسپ ھوندو ھو، جڏھن امان ۽ پڦي بيبي جان مون کي مسلسل ڳولينديون رھنديون ھيون. ڏاڏي اھو سڄو لقاءُ اکيون بند ڪري خاموشيءَ سان ويٺي ڏسندي ھئي، ڄڻ تہ ھن کي ڪا خبر ئي ناھي. ڏاڏي ڪيترن ئي حوالن کان مون سان پيار ڪندي ھئي. ھڪ حوالو فقير جي پيشگوئيءَ وارو ھو، ٻيو اھم حوالو اھو ھو تہ آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ نُور صاحب کان بنھ مختلف ھئس، نُور ڀاءُ جهيڙاڪ ھو. پاڙي جي ٻارن سان اڪثر جهيڙو ڪندو رھندو ھو، ڏاڏيءَ وٽ ڀاءُ جون شڪايتون اينديون هيون، شڪايتون ٻڌي ڏاڏي کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. منھنجي وڏي ڀيڻ سڪينہ امان کان بنھ مختلف ھئي، خوبصورت ۽ پرڪشش ھئڻ باوجود امان جھڙي حسين نہ ھئي، ھُوءَ وڏي ضدي ھئي، امان سان ڪڏھن بہ نہ ٺھي. آغاجِي، ماءُ ڌيءُ جي جهيڙي ۾ دلچسپي نہ وٺندو ھو. آغاجِي جو شايد اھو خيال ھوندو ھو تہ ٻہ عورتون وڙھي پاڻھي سرچي پونديون. سڪينہ، ڏاڏيءَ سان گهڻي مشابھت رکندي ھئي، ادي ۽ گهر جي ٻين عورتن ۾ ڪو بحث مباحثو ٿي پوندو ھو تہ ڏاڏي وچ ۾ نہ پوندي هئي، ڇاڪاڻ تہ کيس خبر هئي تہ سڪينہ ضد ۾ ان تي وئي آھي.
بازار کان ايندي آغاجِي مغرب کان پوءِ سڌو پنھنجي ماءُ جي ڪمري ۾ ويندو هو. ھُوءَ بہ سندس انتظار ۾ ھوندي ھئي. ان وقت ڏاڏي پنھنجي مخصوص ڪرسيءَ تي ويٺي تسبيح پڙھندي ھئي. ادا نُور مون کان پنج سال وڏو هو، مون کان اھا توقع ڪئي ويندي ھئي تہ کيس نُور صاحب چوان. نُور صاحب ھڪ رنگين ڪردار ھو. ھُو پنھنجي حرڪتن جي ڪري آغاجِي کان اڪثر مار کائيندو هو، پر ھن تي ڪوبہ اثر نہ ٿيندو ھو. ڪجهہ وقت کان پوءِ ھن جون شرارتون وڌي وينديون هيون، ادا نُور، امان کي بہ تنگ ڪندو ھو. وڏو ھجڻ ڪري ھُو پنھنجي پاڻ کي ڀائرن ۽ ڀينرن جو باس سمجهندو ھو ۽ سڀني تي حڪم ھلائيندو ھو. منھنجو ڀاءُ ايوب مون کان ڏيڍ سال وڏو هو، منھنجي ساڻس گهڻي لڳندي هئي. ھُو خاموش طبيعت جو مالڪ هو، ھن جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو ھو، جڏھن اسان کيڏندا ھئاسين. ھُو اسڪول نہ ويندو ھو، بلڪہ گهر ۾ ئي ٽيوشن وٺندو هو، ڇاڪاڻ تہ ھو صحتمند نہ ھو، پر قدرت کيس اعليٰ ذھن ۽ تمام گهڻي سمجهہ ڏني ھئي. ايوب منھنجو ھمراز بہ ھيو، ھن منھنجي ھڪ راز کي گهڻي وقت تائين لڪائي رکيو. اھو راز ھي ھيو تہ ننڍپڻ ۾ ھڪ دفعي منھنجي ڏاڏا مون کي چيو تہ گهر جي ڏاڪڻين جي ھيٺيان جيڪو سوراخ آھي ان ۾ جنن جو سايو آھي، ان سوراخ ۾ جيڪڏھن پئسا رکجن تہ اھي جادوئي قوت سان ٻيڻا چوڻا ٿيندا وڌندا ويندا، پر شرط اھو آھي تہ پئسا رکڻ وارو اھو راز ظاھر نہ ڪري ۽ سوراخ کي بار بار بہ نہ ڏسي. مون ۽ ايوب ان سوراخ ۾ ڪجهہ سِڪا لڪايا، ڪجهہ وقت کان پوءِ اسان بمبئي ھليا وياسين. ڪافي وقت کان پوءِ اسان جو پشاور وڃڻ ٿيو تہ ايوب مون کي سڪن واري ڳالھ ياد ڏياري پر ان وقت تائين اسان جي گهر جو نقشو ئي بدلجي چڪو هو، اسان جتي سڪا لڪايا ھئا اتي ڪاٺ جو انبار لڳل ھو. وڏي جدوجھد ۽ مشڪلات کان پوءِ اسان ٻنھي جڳھ ڳولي ورتي پر اتي ڪجهہ نہ ھو پر افسوس ان ڳالھ جو ٿيو تہ ڏاڏو وفات ڪري چڪو هو، جي حياتي ھجي ھا تہ اسان جي بي عقليءَ تي ڏاڍو کِلي ھا.
ڏاڏي پنھنجي مخصوص انداز ۽ حاڪماڻا رويي رکڻ باوجود بہ ڪنھن حد تائين خوفزدہ هئي. ھن ڄاڻي ٻُجهي ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ھو تہ سندس ڌيئرون گهر جي ڪم ڪار ۾ حصو نہ وٺن. پڦي بيبي جان خاندان ۾ امان جي واحد ھمدرد ھئي. ھُوءَ حقيقي طور پنھنجي ڀاءُ جي پياري زال کي دل سان پسند ڪندي ھئي. ھُوءَ اسان جي گهر جي پٺيان رھندي ھئي. بيبي جان جي امان سان بي انتھا محبت ھئي، ان ڳالھ کان ڏاڏي واقف ھئي. ڪيترائي اھڙا موقعا آيا جو بيبي جان، امان جي پاران ڏاڏيءَ سان وڙھي پوندي هئي. اسان جي گهر جي ويجهو چشمو وھندو ھو، ان ۾ تمام گهڻو پاڻي ھوندو ھو. چاچي عمر جو گهر بہ چشمي جي پاسي ۾ ھوندو ھو، ان چشمي کي جڏھن پري کان ڏسبو هو تہ ھڪ ڍنڍ وانگر نظر ايندو هو، چاچي عمر ۽ بيبي جان جا گهر ھڪٻئي جي ويجهو ھوندا ھئا، پر ھنن جو گهڻو وقت اسان جي گهر ۾ گذرندو هو.
اھا ڳالھ مون کي ٻڌائڻ وسري وئي تہ گنج ۽ ڪاري ٽڪي جي ڪري اسڪول ۾ اڪيلو ٿي ويو ھئس، پر ان جي باوجود گهر ۾ منھنجين سرگرمين تي ڪو بہ فرق ڪونہ پيو. ادي سڪينہ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندي ھئي، ھُوءَ امان سان گهر جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي. ھن جو گهڻو وقت امان سان يا پڦين سان گذرندو هو. وڏي ھجڻ ڪري ھُوءَ بہ نُور صاحب وانگر ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن تي حڪم ھلائيندي ھئي. نُور ۽ ايوب، ادي سڪينہ خلاف شرارتن جا منصوبا ٺاھيندا ھئا. ھي ٻئي ڀائر ڪوريئڙي، ڪيڙيِن ۽ ماڪوڙين کي هٿ ۾ جهلي، اديءَ کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ھئا، جن کان اڪثر ڇوڪريون ڊڄنديون آھن، پر ادي ٻارنھن سالن جي ڄمار ۾ اھڙين شين کان ڊڄڻ واري نہ ھئي. منھنجا ڀائر ۽ سؤٽ اديءَ کي ڪڏھن بہ ڪيڙيِن ۽ ماڪوڙين کان ڊيڄاري نہ سگهيا. جڏھن بہ اھڙي قسم جي شرارت ڪندا هئا تہ ادي انھن کي پڪڙي ڏاڏيءَ جي حوالي ڪندي ھئي. ھن جو مون سان رويو بھتر ھوندو ھو، ڇاڪاڻ تہ ھڪ تہ آئون گهر وارن جو دادلو ٻار ھئس، ٻيو تہ ادي خلاف ڪيل شرارتن ۾ حصو نہ وٺندو ھئس.
اسان جي گهر ۾ ٽِي پارٽيءَ وارو چانھ جو دور ڏاڍو اھم ۽ خصوصي ھوندو ھو. ڏاڏو، ڏاڏي، بابا، چاچا، چاچيون، پڦيون ۽ سڀ ٻار پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا ھئا. ھن موقعي تي ڏاڏو گهوڙو ٿيندو ھو ۽ ٻارن کي پٺيءَ تي ويھاري سواري ڪرائيندو هو. دادلو ھئڻ ڪري مون کي سواريءَ جو وقت وڌيڪ ملندو هو. ھيڏانھن ھوڏانھن موڙڻ لاءِ ٻيئي ھٿ ڏاڏي جي ڏاڙهيءَ ۾ وجهندو ھئس، انھي عمل تي ڏاڏي ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي. ھاءِ ٽِي ۾ پڪوڙا، سموسا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون.
امان جي پوتي جهلي پويان ھلڻ ۾ وڏو سڪون ملندو هو. امان پنھنجن ڪمن جي سلسلي ۾ تيزيءَ سان ھڪ کان ٻئي ڪمري ۾ پئي ايندي ويندي ھئي ۽ آئون ان جي پٺيان پٺيان ھوندو ھئس. امان ڪڏھن بہ ڏاڏيءَ جي ڪنھن ڳالھ يا سوال جو پري کان جواب نہ ڏنو، ڏاڏيءَ سان ھميشہ ويجهو وڃي ڳالھائيندي ھئي يا پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ھئي. ھڪ دفعي اھي ٻيئي پاڙي ۾ ٿيل ھڪ اھم واقعي تي گفتگو ڪري رھيون ھيون. ھنن کي منھنجي موجودگي جو احساس نہ ٿيو، ڏاڏي، امان کي انتھائي رازداريءَ ۾ چئي رھي ھئي تہ، ”جلدي وڃ لاش اڃا موجود آهن، وري پوليس اچي ويندي.“ ڏاڏيءَ جي اھا ڳالھ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. انھن ڏينھن ۾ گهرن جون ڇتيون ھڪٻئي جي ويجهو ۽ ڳنڍيل ھونديون ھيون. جيڪڏهن پرديدار عورتن کي ڪٿي پاڙي ۾ اچڻ وڃڻ ٿئي تہ بازار جي رستن بجاءِ ڇتين وارو رستو استعمال ڪيو ويندو هو. آئون بہ امان جي پٺيان ھلندو رھيس، امان ۽ آئون ھڪ گهر ۾ پھتاسين، اتي ڏٺم تہ ھڪ ڪمري ۾ قطار ۾ ٽي لاش پيا آھن. ھڪ عورت روئي رھي ھئي، امان ان کي دلاسو ڏنو. لاشن مان ٿوري ڌپ بہ اچي رھي ھئي، ماڻھن جي تمام گهڻي رش هئي. امان کي اھا خبر نہ ھئي تہ آئون بہ ان سان گڏ آيو آھيان. پوليس وارا گهر جي فردن کان معلومات وٺي رھيا ھئا، انھي دوران مون کي خبر ئي نہ پئي امان گهر ھلي وئي. آئون ھڪ ميز جي پويان ھئس ۽ ڪنھن کي نظر بہ ڪونہ آيس. اچانڪ سڀ ماڻھو ڪمري مان ھليا ويا ۽ دروازو ٻاھريان بند ڪيو ويو. ڪمري ۾ اڪيلو رھجي ويس. خوف جي ھڪ لھر منھنجي جسم ۾ ڊوڙي وئي تہ ھاڻ خبر ناھي دروازو ڪيڏي مھل کُلندو؟ دعائون گهرڻ لڳس. ڏٺم تہ ھڪ دري کليل ھئي، جيئن ئي زوردار ھوا لڳي تہ ھڪ لاش جي منھن تان ڪفن ھٽي ويو، مون کي زوردار جهٽڪو لڳو. ڇو تہ لاش ان نوجوان جو ھو جنھن کي مان روز بازار ۾ ڏسندو ھئس. لاش کي غور سان ڏٺم محسوس ٿيو تہ ھُو مون کي غور سان ڏسي رھيو آھي ۽ ان جون اکيون بہ حرڪت ڪري رھيون آھن. خوف جي ڪري منھنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو، مون کي لڳو تہ مون زوردار رڙ ڪئي آھي، ذھن ۾ ڪيترائي خيال اچي رھيا ھئا، ھڪ خيال اھو بہ آيو تہ گهر ۾ سڀ ڀاتي ٽِي پارٽي تي گڏ ھوندا، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي منھنجي غير موجودگي جو ضرور احساس ٿيندو ۽ اھي مون کي ڳوليندا، ٿي سگهي ٿو مون کي ڳوليندا ڳوليندا ھتي اچي نڪرن، ھن مصيبت مان ڇوٽڪاري جي ڪا راھ نڪري پوي. ان وقت اھا ڳالھ بہ ذھن ۾ آئي تہ امان تہ رڌپچاءُ ۾ مصروف ھوندي، ان کي تہ خبر ئي نہ ھوندي تہ مان ڪٿي آھيان. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ ھڪ انگريز پوليس آفيسر تفتيش جي سلسلي ۾ ڪمري ۾ داخل ٿيو، ھن کي لاش ڏيکاريا ويا، ڪمري ۾ مون کي موجود ڏسي ھن سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڪير آهي ھي ٻار، ھتي ڇا ٿو ڪري؟ آئون وڌيڪ پريشان ٿي ويس، اتي موجود ڪجهہ ماڻھن مون کي سڃاتو، انھن آفيسر کي ٻڌايو تہ ھي سرور خان جو پٽ آھي. ايتري ۾ مون ۾ ڪجهہ ھمت پيدا ٿي، ٻڌايم تہ امان سان گڏ آيو ھئس، پر حادثاتي طور ڪمري ۾ بند ٿي ويس. اتي موجود سڀني ماڻھن منھنجي ڳالھ تي اعتبار ڪيو ۽ آئون لاشن واري گهر مان نڪري پوري رفتار سان ڀڄندو اچي گهر پھتس. گهر ۾ اڃا ھاءِ ٽِي پارٽي شروع نہ ٿي ھئي، ڏاڏي منھنجي منھن ۾ ڏسي سمجهي وئي تہ ڪو غيرمعمولي واقعو پيش آيو آھي. مون جڏھن سڄي روئداد ٻڌائي تہ ڏاڏي، امان کي تمام گهڻو ڳالھايو ۽ چيائينس تہ، ”تون ھن جو خيال ڇو نٿي رکين.“ خوشقسمتيءَ سان ان وقت آغاجِي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ گفتگوءَ جو موضوع ٻي طرف ھليو ويو. چانھ پيئڻ دوران گفتگو ھڪ دفعو وري انھن ٽن ڀائرن جي لاشن متعلق ٿيڻ لڳي، جيڪي ھڪ قبائلي دشمنيءَ ۾ ماريا ويا هئا. ڪنھن بہ پٺاڻ گهر ۾ انھن ۾ عام طور ڊزن کن ٻار ضرور ھوندا ھئا، پٽن جو ھجڻ اھم سمجهيو ويندو هو، ڇو تہ پٽ خوني جهيڙن ۾ ڪم ايندا ھئا، قتل ٿيڻ باوجود پٺاڻ مطمئن ھوندا ھئا تہ بدلي وٺڻ لاءِ ٻيا پٽ ويٺا آهن. اھو ئي سبب آهي پٺاڻ خاندانن ۾ ٻارن جي پيدائش دوران وقفو نہ ھجڻ جي برابر هو.
چانھ پيئڻ دوران عورتون ۽ مرد پنھنجين پنھنجين ڳالھين ۾ مصروف ھوندا ھئا. عورتن جي گفتگو اڪثر ڪري بي معنيٰ ھوندي ھئي، جڏهن تہ مردن جي گفتگو سنجيدہ قسم جي ھوندي ھئي. ڏاڏي ان موقعي تي مختلف معاملن متعلق پنھنجا حُڪم صادر ڪندي ھئي. ڪير بہ کانئس سوال نہ ڪري سگهندو ھو. مون کي ان ڳالھ جو شدت سان احساس ٿيندو ھو تہ ٻيا سڀ ڪچھرين ۾ مَحَوِ ھوندا ھئا، جڏھن تہ امان اڪيلي رڌڻي ۾ کاڌا تيار ڪرڻ ۾ مصروف ھوندي ھئي. چلھ تي ڪم ڪرڻ وڏي تڪليف وارو ڪم ھوندو آھي، دونھين تي امان جو ساھ بند ٿيڻ لڳندو هو، پر پوءِ ب ھُوءَ ڪم ڪندي رھندي ھئي. امان جي پچايل کاڌن جي سڀ گهر ڀاتي تعريف ڪندا هئا، ڪڏھن ڪڏھن بيبي جان رڌڻي ۾ امان سان ھٿ ونڊائيندي ھئي. گهر جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر پڻ ھوندا ھئا، پر امان پنھنجا ڪم پاڻ ڪندي هئي، ھُوءَ ھر وقت پُرسڪون ۽ مطمئن رھندي ھئي، امان جي انھن خوبين آغاجِي جي زندگيءَ کي بھتر بنائي ڇڏيو هو. کيس گهر جي ڪنھن ڀاتي ڪڏھن بہ امان جي شڪايت نہ ڪئي، جڏھن تہ گڏيل خاندانن ۾ مسئلن جو ھجڻ اڻٽر ھوندو آھي.
امان جو تعلق نجيب الطرفين خاندان سان هو. منھنجو نانو، ناني يا ماسيون جڏھن بہ اسان جي گهر ايندا هئا، تڏھن اھي قيمتي لباس ۾ ملبوس ھوندا ھئا، ھڪ ٻہ نوڪر بہ ساڻ ھوندا ھئن، جيڪي مٺايون ۽ ٻيون شيون کڻي ايندا هئا، حالانڪ انھن کي پتو ھو تہ اسان وٽ ڪنھن بہ شئي جي ڪا بہ ڪمي ناھي. امان وقت ڪڍي نانا وارن سان ڪچھري ڪندي ھئي. منھنجيون ماسيون تمام گهڻيون خوبصورت ھيون. مون کي ياد آهي ھڪ دفعي امان کي گهر جي ڪمن کان مڪمل ڇوٽڪارو مليو ھو، اھا ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اسان ماسيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ ناني جي گهر ويا هئاسين، ان وقت منھنجي ڄمار پنج سال ھئي. ڏاڏي، آغاجِيءَ کي منھنجي متعلق خاص طور تاڪيد ڪندي فقير جي ڳالھ ياد ڏياري ھئي ۽ چيو ھئائين تہ يوسف کي اڪيلو نہ ڇڏجو. مون کي پنھنجي گنج ۽ پيشاني تي لڳل ڪاري ٽڪي سخت پريشان ڪيو ھو، پر ان موقعي تي منھنجي پڦي بيبي جان مدد ڪئي ھئي امان کي چيائين پنھنجي مائٽن جي گهر ۾ ننڍڙي سان مٿي ڪوڙڻ ۽ ڪاري ٽڪي لڳائڻ واري تعدي نہ ڪجو. منھنجي ناناڻن جي گهر ۾ امان کي خاص توجھہ ملي، امان کي اتي خوش ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڏاڏاڻي ڪھول ۾ امان کي ايترو مان ۽ عزت نہ ملندي هئي. ماسيءَ جي شاديءَ کان پوءِ اسان واپس پنھنجي گهر اچي وياسين، حسبِ معمول مون سان ٺوڙھ ۽ ڪاري ٽڪي واري تعدي جاري رھي. گهر ايندي ئي امان پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وئي. منھنجي خواھش ھوندي ھئي تہ امان ڪوبہ ڪم نہ ڪري پر اھا خواھش پوري نہ ٿي سگهي.
مٿو ڪوڙائڻ ۽ پيشانيءَ تي ڪارو ٽڪو لڳائڻ کان پوءِ آئون اسڪول تہ ويندو رھيس پر امان ۽ آغا جي سميت ڪنھن بہ ان ڳالھ تي ڌيان نہ ڏنو تہ آئون سوچن ۾ گم رھڻ لڳو آھيان. دراصل مون کي اڪيلائي ۽ ناقدريءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ھو. اسڪول مان گهر پھچڻ جي جلدي ھوندي ھئي، جيئن امان وٽ پھچي ان جي ھنج ۾ پناھ وٺي سگهان. ھاڻي مان جڏهن سوچان ٿو تہ ڏاڏي، فقير جي پيشگوئيءَ کي مان ڇو ڏنو ۽ ان انڌي تقليد ۾ ڪھڙي حڪمت ھئي؟ ڇا مون کي گنجي ڪرڻ ۽ پيشانيءَ تي ڪاري ٽڪي لڳائڻ جي پٺيان وڏي حڪمت لڪل ھئي؟ بگڙيل صورت جي ڪري اسڪول ۾ ڏاڍو پريشان رھندو ھئس، پر خيال ايندو آهي تہ ننڍپڻ جي انھي پريشانيءَ کان پوءِ زندگيءَ ۾ ڪيترائي حيران ڪُن نتيجا مليا. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾، منھنجي تحت الشعور ۾ دٻيل اسڪول ۾ گذاريل احساسِ محروميءَ وارو اھو زمانو نروار ٿيو، ننڍپڻ جي انھي درد ۽ ڪرب منھنجي اداڪاريءَ ۾ نوان رنگ پيدا ڪيا. ھاڻ سوچيان ٿو تہ ڏاڏيءَ جي ان حڪمت مان مون کي ڪيڏو فائدو مليو.