منھنجا دوستَ ۽ ساٿي
حقيقي زندگيءَ ۾ پران، انتھائي شريف النفس انسان ھو. فلمن ۾ ھن کي اڪثر ڪري دوکيباز ۽ ٺڳ جا ڪردار ملندا هئا. اھي ڪردار سندس فطرت جي خلاف ھئا، پر ھن ملندڙ ڪردارن کي بخوبي نڀايو. فلم ’آزاد‘ ۾ آئون جڏھن مزاحيہ ڪردار ڪري رھيو ھئس تہ ھڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ھئس. خبر ناھي ماڻھن کي منھنجو اھو ڪردار پسند ايندو يا نہ، پر پران منھنجي ھمت افزائي ڪئي ۽ چيائين، ”لالا ڏسجان تنھنجو اھو ڪردار واڄٽ وڄائي ڇڏيندو، فلم ڪامياب ويندي ۽ ڏسندڙ اھو اصرار ڪندا تہ دليپ ڪمار اھڙي قسم جا مزاحيہ ڪردار ادا ڪري.“ پران جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، فلم تمام گهڻي ڪامياب وئي.
محمد عمر مڪري منھنجو سٺو دوست ھو. ھُو ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ مون سان گڏ پڙھندو ھو، اسڪول ۾ اسان جي دوستي تہ پري ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا بہ ڪونہ ھئاسين. ’بمبئي ٽاڪيز‘ ۾ منھنجي ملازمت کان اڳ ھن اداڪاري شروع ڪري ڇڏي هئي. آئون جڏھن ان کي اھميت نہ ڏيندو ھئس تہ ھُو مون کي چوندو هو تہ، ”توکان سينيئر آھيان.“ 1945ع ۾ جڏھن فلم ’پريتما‘ بمبئي ٽاڪيز ۾ ٺھي رھي ھئي تہ خبر پئي اسان ٻئي گڏ پڙھيا آھيون. ’پريتما‘ فلم کان اسان جي دوستي جي شروعات ٿي ۽ ’انوکا پيار‘ فلم تائين اسان جي دوستي پڪي ٿي وئي. ھُو کِلمک ۽ دوستن جو خيال رکندڙ هو، جنھن ڪم جو ذمو کڻندو هو، اھو ھر حال ۾ پورو ڪندو هو.
ھڪ دفعي مھاراشٽر جي علائقي ’اگتپوري‘ ۾ فلم ’آن‘ جي شوٽنگ ٿي رھي ھئي. ھڪ سٺي ۽ معياري ھوٽل ۾ ’محبوب صاحب‘ رھائش جو بندوبست ڪيو ھو. مڪري، ھوٽل جي رسيپشن تي وڃي چيو تہ ھن لاءِ الڳ ڪمري جو بندوبست نہ ڪيو وڃي. ھن جو ڪمرو تہ الڳ ھو، پر ان جي منع ڪرڻ تي بسترو نہ رکيو ويو. ڇو تہ ھن چيو تہ هُو دليپ ڪمار سان ھڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رھندو. مون کي ھن اھو نہ ٻڌايو ھو تہ ھوٽل انتظاميہ کي ائين چئي چڪو آهي. رات جو ھُو دروازو کڙڪائڻ بنا منھنجو ڪمرو سمجهي ٻئي ڪمري ۾ ھليو ويو. اھو ڪمرو خوبصورت، نوجوان ۽ نئين اداڪارہ نادرہ جو ھو، ھن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. مڪري، نادرہ کان معافي ورتي ۽ پوءِ منھنجي ڪمري ۾ آيو. محبوب صاحب جي زال اڳ ۾ ئي پنھنجي مڙس ۽ نادرہ جي معاملي ۾ شڪ ۾ مبتلا ھئي. ھُو پاڻ مون کي پنھنجن شڪن بابت آگاھ ڪري چڪي هئي. ھن جو چوڻ ھو تہ محبوب صاحب، نادرہ لاءِ نرم گوشو رکي ٿو. صبح جڏھن رات واري ڪھاڻي کُلي تہ مسز محبوب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي وئي. ھن سوال ڪيو تہ، ”نادرہ ڪمري جو دروازو ڇو کولي سُتي ھئي؟“ گمان ھو تہ زال ۽ مڙس جو ھڪ زبردست جهيڙو ٿئي ھا، پر مون وچ ۾ پئي معاملي کي سُلجهايو. ھن واقعي کان پوءِ آئون گهڻو محتاط ٿي ويس. مون مڪري کي جهلي ڇڏيو تہ ھُو ھوٽل جي اندر ڪمري ۾ يا ميڪ اپ روم ۾ منھنجي پٺيان نہ اچي. مڪري تمام گهڻو شراپ واپرائيندو ھو، شوٽنگ دوران ھڪ طرف کسڪي پيگ ھڻي ايندو هو. مون ھن تي ڪم دوران پيئڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي. ڇو تہ ھُو ڪيترائي ڀيرا شراب جي نشي ۾ بدمزگي ڪري چڪو هو.
ھڪ دفعي ٻنپھرن جو ھُو ’ايس يوسني‘ جي فلم جي شوٽنگ دوران نشي ۾ ڌُت ٿي مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”تون پنھنجي پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين، تو منھنجي باري ۾ عملي کي چيو آهي تہ ھن کي شراب پيئڻ نہ ڏيو، تون ڇا ٿو سمجهين تہ آئون پنھنجي لاءِ ھڪ بوتل بہ خريد نٿو ڪري سگهان؟“
ان صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ ناممڪن ھو، مون عملي کي چيو تہ، ”سامان پيڪ ڪيو ۽ وڃو. آئون بہ ڪار ۾ چڙهي ھليو ويَس. مڪري کي سگهو ئي پنھنجي غلط ھجڻ ۽ منھنجي درست ھجڻ جو احساس ٿيو. جيئن اڪثر دوستن ۾ ٿيندو آهي اھا ڳالھ مون کان وسري وئي، ھن واعدو ڪيو تہ اڳتي ھُو ائين نہ ڪندو. فلم ’ڪوھنور‘ مون کي خاص طور ياد رھندي، ڇو تہ ھن فلم جي ھڪ سِينَ لاءِ مون سارنگي وڄائڻ سکي ھئي. ان لاءِ مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي. ان فلم جو ڊائريڪٽر ’ايس يو سني‘ ڪنھن بہ سِينَ ڪرڻ کان پھرين سِينَ کي ڀرپور نموني سمجهڻ جو موقعو ڏيندو هو. ھُو منھنجي عادت کي سمجهي ويو هو تہ آئون سخت محنتي آھيان. ’ڪوھنور‘ فلم جي ٻي خاص ڳالھ اھا ھئي تہ ھن فلم ۾ مون کي ۽ مينا ڪماريءَ کي گڏ ڪم ڪرڻو ھو. آئون ۽ مينا ڪماري ٽريجڊي ڪردارن جي ڪري مشھور ھئاسون، پر ’ڪوھنور‘ فلم ۾ ٿورا گهڻا مزاحيہ سِينَ ادا ڪرڻا ھئا. فلم جي تياري جي سلسلي ۾ ھڪ سنسني خيز واقعو پيش آيو، ان واقعي کي آئون اڄ ڏينھن تائين وساري ڪونہ سگهيو آھيان.
ايس يو سني جي زال ھڪ پراسرار عورت ھئي، ھن کي عجيب و غريب شين سان دلچسپي ھوندي ھئي، ھُوءَ عجيب سوال ڪندي رھندي ھئي. ھُوءَ ڪارو جادو بہ ڪندي ھئي. پر سني اھي سڀ ڳالھيون اسان کان لڪايون ھيون. ھڪ ڏينھن ھڪ عجيب واقعو پيش آيو. فلم جي شوٽنگ لاءِ اسان لوڪيشن ڳولي رھيا ھئاسين، خيال آيو تہ بمبئيءَ کان ٻہ سؤ ڪلوميٽر پري ’ناسيڪ‘ جي علائقي ۾ ڪجهہ اھڙيون جايون آھن، اسان پروگرام طئہ ڪيو تہ شام جو نڪرنداسين. ضروري سامان ۽ ڪپڙا کڻڻ لاءِ سڀ پنھنجي پنھنجي گهر ھليا ويا، سني گهر ويو تہ سندس زال زور ڀريو تہ ھُوءَ بہ ھلندي. سني ھن کي وٺي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ ضروري شيون کڻي مون وٽ آيو، مون کي سندس زال جي ھلڻ جي ضد بابت نہ ٻڌايائين. سني، آئون، ڪئميرامين ۽ ڊرائيور اسان چار ماڻھو ڪار ۾ سوار ٿي ناسيڪ طرف روانا ٿي وياسين، اسان ڪجهہ ميلَ سفر ڪيو ھو تہ سج لھي ويو ۽ موسم ۾ غير متوقع طور تبديلي اچي وئي. طوفاني ھوائن سان تيز برسات شروع ٿي وئي. گاڏيءَ کان ٻاھران ڪابہ شئي نظر نہ پئي آئي. سني ۽ ڪئميرامين صلاح ڏني تہ برسات جهڪي ٿئي تہ پوءِ ھلجي. روڊ بلڪل ويران ھو، پري پري تائين آباديءَ جا آثار ڪو نہ ھئا، ٿورڙو ئي پريان اسان کي ھڪ جهوپڙي نظر آئي. ڪار مان لھي آئون ۽ سني جهوپڙيءَ طرف وياسين، جهوپڙيءَ جي دروازي تي ڳوڻ ٽنگيل ھئي، پاسي ۾ ھڪ ٻڪري ٻڌل ھئي. ٻڪري اسان ڏي رحم وارين نظرن سان ڏسي رھي ھئي. جهوپڙيءَ ۾ ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان پيو ھو. آئون ھڪ ٽُٽل بينچ تي ويھي رھيس. سني ٻڪريءَ کي کولي جهوپڙيءَ جي اندر ڪاھي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھو، پر ھن کان ٻڪري پنھنجي جڳھ تان چُري بہ ڪونہ، ھُو جيئن ئي جهوپڙيءَ جي اندر اچي رھيو ھو تہ اوچتو زوردار ھوا سان کنوڻ ٿي، ڳوڻ دروازي کان ھٽي وئي، ڪير يقين ڪري يا نہ اسان کِنوَڻ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو تہ سنيءَ جي زال ڪاوڙ واري انداز ۾ اسان جي سامھون بيٺي هئي. ھُوءَ مسلسل اسان ڏي ڏسي رھي ھئي. ھن پنھنجي منھن تي ھٿ ڦيرائي ڳاڙهي رنگ جي ڪنھن شئي سان چَپَ اگهيا. ھڪ عورت جيڪا جسماني طور اسان کان ڪيترائي ميل پري ھجڻ باوجود اسان جي اڳيان بيٺي هئي. سچي ڳالھ اھا آھي تہ مون کي ذرو بہ ڊپ نہ ٿيو پر اسان جو ڪئميرامين خوف کان ڏڪي رهيو هو. سني ھڪ ھنڌ ڄمي بيھي رھيو، سندس اکيون ۽ وات پٽجي ويا هئا!
برسات بند ٿي، اسان ٻيھر سفر جو آغاز ڪيو. اسان جو ڊرائيور گاڏيءَ ۾ ئي ويٺل ھو، ھن کي ڪابہ خبر ڪونہ ھئي. ڪئميرامين جي زبان تي تالو لڳي چڪو هو. سني بہ خاموش ھو. مون ماحول کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ پشتو ۾ ھڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. ناسيڪ ۾ لوڪيشن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اسان ٻئي ڏينھن بمبئي واپس آياسين. آئون گهر وارن کي رات وارو قصو پيرائتو ٻڌائي رھيو ھئس، سڀ گهر ڀاتي وڏي تجسس سان ٻڌي رھيا ھئا. انھي وقت اسان جي گهر جي مين گيٽ کان ھڪ ڪار داخل ٿي، ھارن وڳو تہ سڀ ڇوڪريون گيٽ طرف ڊوڙڻ لڳيون، ڏسون تہ ڪير آيو آهي؟ ننڍين ڇوڪرين جون رڙيون نڪري ويون، ھُو خوف کان ڏڪي رھيون ھيون. آئون پريشان ٿي ٻاھر نڪتس، سوچيم تہ اوچتو ڇا ٿيو آهي؟ ٻاھر جيئن ئي ڏٺم تہ ايس يوسني ۽ ان جي زال ڪار مان لھي رھيا ھئا.