آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

ديولاليءَ ۾ رھائش

منھنجي ڀاءُ ايوب کي دم جو مرض ٿي پيو، ڊاڪٽرن جي مشوري تي آبھوا جي تبديلي لاءِ بمبئي کان 180 ڪلوميٽر پري جابلو علائقي ديولالي منتقل ٿي وياسين، اتي بھتر علاج جي سھوليت ۽ بھترين آبھوا ايوب جي صحتيابي لاءِ ٻڌائي وئي ھئي. ديولالي خوبصورت ۽ سرسبز علائقو ھو، ھر طرف وڻ ئي وڻ ھئا، اسان اتي ڪرائي تي ھڪ وڏو گهر ورتو، گهر ۾ بہ ڪيترائي وڻ ھئا.
ھتي جي ساوڪ، جبل، ميدان ۽ واديون ڏسي مون کي پشاور ياد اچي ويندو هو. ھتي جا ماڻھو يُو پي لھجي ۾ ڳالھائيندا ھئا، ان وقت خبر نہ ھئي تہ اھا ڪھڙي ٻولي ۽ لھجو آھي، پر پوءِ مون بہ سکي ورتي ۽ روانيءَ سان ڳالھائڻ لڳس، ڪافي وقت کان پوءِ مون جڏھن ’گنگا جمنا‘ فلم ٺاھي تہ اھو لھجو منھنجي ڪم آيو. ان فلم ۾ ندي، نالن، جبلن ۽ جهنگن جا جيڪي خوبصورت منظر آھن. اھي دراصل اسان جي ديولالي جي رھائش واري ڏينھن جا ئي عڪس آھن. بيشڪ ننڍپڻ جا ماحولياتي منظر ذھن ۾ ويھي ويندا آهن ۽ پوءِ اھي زندگي ۾ ڪڏھن ڪڏھن ياد ايندا رھندا آھن.
فلم ’گنگا جمنا‘ جي منظرن جو بنيادي تصور بہ منھنجي پشاور ۽ ديولالي ۾ گذاريل ڏينھن مان ورتل آهي. 1961ع ۾ جڏھن گنگا جمنا فلم جي منظرن جي عڪس بنديءَ لاءِ ديولالي ويس تہ اتي ننڍپڻ جو گذاريل وقت ياد اچي ويو. ننڍپڻ جي گذاريل ڏينھن جون ڪيتريون ئي يادون ذھن ۾ اينديون رھيون. ھتي ئي مون ڪجهہ منفرد ماڻھو ڏٺا ھئا، بعد ۾ خبر پئي تہ اھي ترڪ فوجي آھن، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ قيدي ٿي آيا.
يونيفارم پاتل انگريز فوجين کي حيرت سان ڏسندو ھئس. انھن جو گهوڙي تي چڙھڻ ۽ ڦڙتي منھنجي لاءِ وڏي حيرانگي ھوندي ھئي. انگريز فوجي آفيسر وڏي پراعتماد طريقي سان گهوڙي تي سواري ڪندا هئا، انگريزن جا گهر صاف سٿرا ھوندا ھئا، انھن جي گهرن جي لان ۾ ٻوٽا انتھائي بھترين طريقي سان لڳل ھوندا ھئا. انگريز عورتون گهرن جي ورانڊي ۾ ويھي سوئيٽر اُڻينديون رھنديون ھيون، اسان جو پنھنجو گهر بہ وڏو ھو، گهر ۾ موجود باغ جي سنڀال لاءِ ھڪ مالھي ۽ ان جي زال ھوندي ھئي. منھنجي امان ۽ ڀينرن جو اس ۾ ويھڻ، وارن ۾ ڪيس لڳائڻ... اھي سڀ منظر دماغ ۾ ڦرڻ لڳا، ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ننڍپڻ جا اھي منظر تازا ٿي ويا.
ٻئي دفعي ھتي اچڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو. ھتي فوجي ڇانوڻي ھجڻ ڪري تعليمي معيار تمام بھتر ھيو، ’بارنس‘ نالي اسڪول ۾ مون کي داخل ڪرايو ويو، انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ ھتي جو ماحول مفيد ثابت ٿيو، مون انگريزي ڳالھائڻ ھتان ئي سکي. فٽبال کيڏڻ جي دلچسپي بہ ھتان پيدا ٿي.
آغاجِي، ايوب جي بيماريءَ سبب فڪرمند رھندو ھو، ڪاروبار جي ڪري ان جي مستقل رھائش تہ بمبئي ۾ ھئي، پر ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھُو ديولالي ايندو هو. آغاجِي منھنجي انگريزيءَ ۾ دلچسپي ھجڻ جي ڪري ڏاڍو خوش ھو. مون ھڪ انگريزي نظم ياد ڪيو ھو، جڏھن بہ اھو نظم ٻڌائيندو ھئس تہ خوش ٿيندو ھو ۽ آغاجِي کي جتي بہ موقعو ملندو هو تہ پنھنجي دوستن کي نظم ٻڌائڻ لاءِ مون کي چوندو هو، اھو نظم ھي ھيو:
I have two eyes
And I can see the door
The seiling, the wall
And the big blue sky
Bent over all.
(منھنجون ٻہ اکيون آھن
آئون دروازي کي ڏسي سگهان ٿو
ڇت کي، ديوار کي
۽ وڏي نيري آسمان کي
جيڪو سڀني جي مٿان جهڪيل آھي
آئون انھن سڀني کي ڏسي سگهان ٿو.)

آغاجِي پنھنجي سڀني پڙھيل لکيل دوستن کي ٻڌائيندو هو تہ منھنجو يوسف ھاڻي انگريزي ڳالھائي ويندو آھي. سچي ڳالھ اھا تہ آغاجِي کي منھنجي صلاحيتن تي فخر ٿيڻ لڳو ھو. آغاجِي جي پٺاڻ دوستن کي بہ انھي ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي.
ديولالي ۾ اسڪولن جون موڪلون ٿيون تہ آغاجِي پشاور وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو. ياد ڪيل انگريزي نظم پشاور ۾ ھر تقريب جو لازمي حصو بڻجي ويو. مشاعري ۾ جڏهن ڪنھن شاعر جو شعر وڻندو آهي تہ اھو بار بار ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، مون سان بہ ڪجهہ ائين ٿي رهيو هو، نظم ٻڌائي بس ڪندو ھئس تہ واھ واھ جون صدائون بلند ٿي وينديون ھيون. تقريب ۾ جيڪڏهن ڪو انگريز ھوندو ھو تہ صورتحال وڌيڪ دلچسپ ٿي ويندي ھئي. بھرحال تقريبن ۾ نظم ٻڌائي ٻڌائي بيزار ٿي پيو ھئس. ننڍپڻ ۾ شرميلو ھجڻ باوجود نظم رواني ۽ خوداعتماديءَ سان ٻڌائيندو ھئس. اھا ڳالھ منھنجي لاءِ حيرانگيءَ جو سبب ھئي، پر ھاڻ جڏھن سوچيان ٿو تہ اھا قدرت ئي ھئي، جيڪا مستقبل ۾ منھنجي لاءِ فلمي ڪيريئر جي راھ ھموار ڪري رھي ھئي.
بستري تائين محدود، ايوب ٻيو تہ ڪجهہ نہ ڪري سگهندو ھو پر ھن مطالعي کي وڌائي ڇڏيو، اخباري مضمون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ ناول پڙهڻ لڳو ھو. ھن جو چوڻ هو تہ مطالعي سان کيس دلي سڪون ملي ٿو. انگريزي ۾ ذاتي دلچسپي جي ڪري آئون ھن کي انگريزي ناولن جا ترجما ٻڌائڻ لڳس، مشھور فرانسيسي ليکڪ موپاسان جا ڪتاب بہ پڙھي ٻڌايا. اھڙي طرح ھو پاڻ بہ عالمي ادب کان متعارف ٿيڻ لڳو.
ھتي ديولاليءَ ۾ منھنجو ھڪ ھم ڪلاسي، جيڪو قد بت جو وڏو ۽ صحتمند ھوندو ھو، ھُو غير سنجيدہ ۽ بدمعاش قسم جو ڇوڪرو ھو. ھن جو ڪلاس ۾ رعب ھوندو ھو، مون کي ۽ منھنجي دوستن کي ڊيڄاريندو رھندو ھو، ھن جي پيءُ جي شھر ۾ بيڪري ھوندي ھئي. آئون اسڪول ڪڏھن پيادل تہ ڪڏھن سائيڪل تي ويندو ھئس، اسڪول وڃڻ وقت ھڪ ميدان مان گذرڻو پوندو هو، ھڪ ڏينھن ان بدمعاش ھمڪلاسي مون کي ان ميدان تي مار ڏني. آئون خاموشيءَ سان برداشت ڪري ويس پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون ڪجهہ دوستن سان گڏجي بدلي ۾ ھن کي سٺي ڦيھ ڪڍي، پر مزي جي ڳالھ اھا تہ ھن جي مار جي اسان ٻن کان سواءِ ٻي ڪنھن کي بہ خبر نہ ھئي، جڏھن تہ اسان جي مار جي سڀني کي خبر پئجي وئي ھئي. ٻن ڏينھن کان پوءِ آئون آغاجِي کي وٺڻ لاءِ اسٽيشن تي بيٺو ھئس، اتفاق تہ اھو بدمعاش ڇوڪرو بہ پنھنجي پيءُ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو. اسان ٻنھي جا پيءُ ھڪ ئي ريل مان لٿا، منھنجو پيءُ قدآور جڏھن تہ ھن جو پيءُ سنھو سيپڪڙو ھو. ان ڏينھن جي مار کان پوءِ اھو بدمعاش ڇوڪرو مون کان پري ڀڄڻ لڳو هو، سڀني ھم ڪلاسين ھن ۾ اھا تبديلي نوٽ ڪئي. ٻي ڏينھن اسان ان کي ٻي مار ڏني، گهر پھتس تہ پنھنجي پاڻ کي وڏو فاتح سمجهي رھيو ھئس، پر معمول خلاف ڪجهہ وڌيڪ خاموشي اختيار ڪئي ھئم.
آغاجِي بہ منھنجي خاموشي ڏسي، امان کان پڇيو تہ، ”ھن کي ڇا ٿيو آهي؟“ امان مون کان پڇا ڪئي تہ، يوسف ڇا ٿيو آهي؟ ڪا اھڙي حرڪت تہ ڪانہ ڪئي اٿئي، جيڪا اسان کان لڪائين پيو؟“
مون چيو، ”نہ نہ اھڙي ڪا ڳالھ ناهي.“ مون کي اھو فڪر ٿي پيو تہ ھاڻي منھنجي شڪايت پرنسپال وٽ ويندي ۽ سخت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ مون کي پنھنجو ضمير بہ ملامت ڪري رھيو ھو تہ ڪيترن ئي ڄڻن ملي ھڪ ڄڻي کي مار ڏني آهي. اھا ڪٿان جي بھادري آھي؟ صبح جو مون ڏٺو تہ اھو بدمعاش ڇوڪرو پنھنجي پيءُ سان پرنسپال جي آفيس ۾ وڃي رهيو هو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ ڪلاس ۾ اچي ويٺو. ڪجهہ ئي گهڙيون گذريون هيون، جو آغاجِي کي پرنسپال جي آفيس ۾ ويندي ڏٺم. ڪجهہ دير کان پوءِ ٽيئي آفيس کان ٻاهر نڪري بيٺي پير ڪچھري ڪرڻ لڳا. ان وقت ڏاڍو پريشان ٿيس، جڏھن ڏٺم تہ بيڪري وارو آغاجِي سان انتھائي ادب ۽ احترام مان ڳالھائي رھيو آھي. آغاجِي بيڪري واري جا پُٺا ٺپيا ۽ کيس ڪجهہ چيائين ۽ پوءِ ھُو ھليو ويو.
ڪلاس ۾ منھنجا دوست خوش ٿي رھيا ھئا، مون ان ڇوڪري طرف ڏٺو تہ ھُو کِليو، آئون بہ کِلي پيس. موڪل کان پوءِ اسان گڏ پنھنجي پنھنجي گهرن ڏي ھليا وياسين، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو.
ايوب جي طبيعت ۾ سڌارو آيو تہ ڊاڪٽرن جي مشوري سان بمبئي واپس موٽي آياسين. ’ڪرافورڊ مارڪيٽ‘ واري پراڻي گهر ۾ آياسين تہ امان صفائي ڪرڻ ۾ لڳي وئي، ھاڻي منھنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اضافو ٿي چڪو هو، منھنجا ۽ ڀائرن ڀينرن جا تعليمي خرچ بہ وڌي ويا هئا ۽ ڏينھون ڏينھن گهر جا خرچ بہ وڌندا پئي ويا، جڏھن تہ آغاجِي اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو ۽ ان جي ڪمائيءَ ۾ ٻاڙائي اچي وئي. منھنجو اسڪول گهر جي ويجهو ھو ان ڪري پيادل ويندو ھئس. جڏھن ’خالصا ڪاليج‘ ۾ داخلا ورتم تہ مون کي اليڪٽرڪ ٽرام ذريعي اچڻو وڃڻو پوندو هو، اسان جي ڪاليج جا ڪيترائي شاگرد بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪري خوش ٿيندا هئا ڄڻ ھنن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، مون ڪڏھن بہ ايئن نہ ڪيو. بس جو ڪنڊيڪٽر مسافرن جي سيٽ تي وڃي ڀاڙو وٺندو هو، جڏھن تہ ٽرام جو ڪنڊيڪٽر ھڪ ئي ھنڌ ويٺل ھوندو ھو. مسافر پاڻ وڃي ٽڪيٽ وٺندا هئا. باضمير ۽ ايماندار مسافر بغير ٽڪيٽ جي سفر نہ ڪندا هئا. تفريح خاطر ڪيترائي دفعا آئون ٽرام سان گڏ ڀڄندو ھئس ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي ٽپ ڏيئي ٽرام ۾ چڙھي ويندو ھئس. ٽرام جي سفر جون اھي خوبصورت يادون ھيون... ۽ پوءِ مارچ 1964ع ۾ حڪومت ھن سروس کي بند ڪري ڇڏيو. ھن سروس جي بند ٿيڻ تي ھزارين ماڻھن وانگر مون کي بہ تمام گهڻو ڏک ٿيو ھو. بندش جي آخري ڏينھن تي ڪيترن ئي ماڻھن ھن ٽرام کي پٽڙي تي بيھي الوداع ڪيو ھو. ٽرام جي ان آخري سفر کي الوداع چوڻ آئون بہ لازمي وڃان ھا پر ’اسٽار دليپ ڪمار‘ ھئڻ ڪري، ماڻھن جي وچ ۾ نہ وڃي سگهيس.
آغاجِي کي مون مان وڏيون اميدون هيون، ھو مون کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جو خواهشمند هو. ھُو مون کي OBE يعني ’آفيسر آف برٽش ايمپائر‘ ڏسڻ پيو چاھي. ھڪ دفعي مون پنھنجن ڪنن سان اھو ٻڌو ھو، آغاجِي امان کي چئي رهيو هو تہ، ”تون يوسف کان ڪاروبار نہ ڪرائي، يوسف تنھنجي سوچ کان بہ وڌيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ ھن کي ٻاھرين ملڪ وڃڻ گهرجي.“
آغاجِي جون مون ۾ وڏيون اميدون رکڻ ڪري، آئون ڪنھن حد تائين پريشان ٿي ويو ھئس. خيال ايندو هو تہ آغاجِي جون اميدون پوريون ڪري سگهندس الاءِ نہ! آئون فطرتي طور محنتي ھئس ۽ مون ۾ اعتماد بہ ھو تہ منھنجي حوصلا افزائي ڪئي وئي تہ فٽبال جو وڏو رانديگر ٿي سگهان ٿو، پر آغاجِي مون کي آفيسر آف برٽش ايمپائر ڏسڻ پيو چاھي. اھو ڪيئن ٿي سگهندو؟
بمبئي ۾ اسان جي گهر ۾ آغاجِي جي دوستن ۽ امان جي ساھيڙين جو مستقل طور اچڻ وڃڻ جاري رھيو، اسان جي گهر جي ويجهو ميمڻ ۽ بوھري مسلمان رھندا ھئا، انھن جون عورتون امان ۽ ادي سڪينہ جون ساھيڙيون ھيون. امان جي ھڪ گهاٽي ساھيڙي ميمڻ عورت ’بيسا ٻائي‘ نالي ھئي. ھُوءَ روز ٻنپھرن جو اسان جي گهر ايندي هئي. امان سان دير تائين ڪچھري ڪندي رھندي ھئي ۽ ٻئي ٽھڪ ڏينديون رهنديون هيون. بيسا ٻائي منھنجي خوبصورتيءَ جي بہ تعريف ڪندي رھندي ھئي.
منھنجو پورو ڌيان فٽبال تي ھئو، دراصل مون پروفيشنل فٽبالر ٿيڻ پئي چاھيو. پئسا گڏ ڪري مون اسپورٽس شُوز ورتا، حالانڪه اسپورٽ جون شيون وٺڻ تي آغاجِي ڪڏھن بہ اعتراض نہ ڪيو ھو، ھن کي اھو اطمينان ھو تہ آئون فٽبال کيڏڻ سان گڏوگڏ پنھنجي پڙھائيءَ تي بہ ڌيان ڏيندو آھيان. انھن ڏينھن ۾ لغڙ اڏارڻ جو بہ شوق ھوندو ھو، شام جو ٻار پنھنجن گهرن جي ڇتين تي چڙهي لغڙ اڏاريندا ھئا. لغڙ ڪاٽا ٿيڻ تي نعرا هڻندا هئا ۽ گوڙ ڪندا هئا.
اداڪاري ۾ مشھور ٿيڻ کان پوءِ بہ منھنجو لغڙ اڏارڻ وارو شوق ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رھيو. مون وٽ اڃا تائين راجستان ۽ ھندستان جي مختلف شھرن مان خريد ڪيل لغڙ محفوظ پيل آھن. ھتي ھڪ دفعو وري راج ڪپور سان بھتر تعلقات قائم ٿي ويا هئا، پشاور ۾ راج ڪپور جي خاندان سان سٺا تعلقات قائم ھئا. آئون ھن جي گهر ويندو رھندو ھئس، ھن جي ماءُ ۽ پيءُ پرٿوي راج مون سان محبت ۽ شفقت سان ملندا هئا. راج ڪپور، خالصه ڪاليج ۾ مشھور ھوندو ھو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھن کي پسند ڪندا هئا، ھُو ڪرڪيٽ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو پر منھنجي دوستيءَ ۾ ھُو فٽبال بہ کيڏڻ لڳو ھو. ھُو ڇوڪرين سان بي ڌڙڪ ڳالھائيندو ھو، ٻئي طرف مون کي ڇوڪرين سان ڳالھائڻ مھل گهٻراھٽ ٿيندي ھئي. راج ڪپور مون ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. چوندو هو تہ، ”ڏس ڀاءُ، پُراعتماد ٿيڻ سِکُ، شرميلو پڻ ختم ڪر.“
ھڪ دفعي راج مون کي چيو تہ، ”ھڪ ڇوڪري توسان ڳالھائڻ چاھي ٿي، ھُوءَ سامھون بيٺي آهي، وڃي ان سان ڳالھائي.“ راج مون بابت ڇوڪريءَ کي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. آئون ڇوڪريءَ سان ملڻ جي ھمٿ نہ ڪري سگهيس، راج، ڇوڪريءَ کي وري ڪينٽين تي گهرائي ورتو. اسان ٻئي ھن سان وڃي ٽيبل تي ويٺاسين. آئون اتي بہ ڇوڪريءَ سان نہ ڳالھائي سگهيس ۽ ھُوءَ ھلي وئي، ھن سمجهيو ھوندو تہ اھڙي بيڪار سان ڳالھائڻ ئي فضول آھي.
ھڪ دفعي راج ڪپور منھنجي گهر آيو، ڪجهہ دير ويھڻ کان پوءِ چيائين تہ، ”اٿ ٻاھر گهمڻ ٿا ھلون.“ ھن جو خيال هو تہ ’تاج محل ھوٽل‘ وٽ ھلي چھل قدمي ٿا ڪيون. انڊيا گيٽ وي وٽ اسان ڀاڙي تي ٽانگو ورتو، ٽانگو مس ھليو ئي ھو تہ راج ان کي روڪي ورتو، روڊ جي پاسي ۾ ٻہ پارسي ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالھائي رھيون ھيون، راج، انتھائي مھذب انداز ۾ ھنن کي چيو تہ، ”اچو اسان توهان کي ڇڏيون ٿا.“ ھتي پارسين جي ٻولي گجراتي ھئي، اڪثريت گجراتي ڳالھائيندا ھئا، راج کي گجراتي بہ ايندي هئي. راج جي گفتگوءَ جي انداز ۽ خود اعتماديءَ مان ڇوڪرين سمجهيو ھوندو تہ ھي بہ پارسي آھي. راج شڪل صورت ۾ سھڻو ۽ رنگ جو اڇو ھوندو ھو ۽ پارسين سان گهڻي مشابھت رکندو هو. ان وقت منھنجي حالت عجيب و غريب ٿي چڪي هئي ۽ راج جي خود اعتماديءَ تي حيران ھئس. ھڪ ڇوڪري، راج سان جڏهن تہ ٻي ڇوڪري مون سان گڏ ويٺل ھئي، آئون تہ رڙھي ڪُنڊ ۾ وڃي ويٺس، جڏھن تہ راج ڇوڪريءَ سان لڳي ويٺو هو ۽ پنھنجي ٻانھن ڇوڪريءَ جي ڪلھي تي رکي ھئائين ۽ جلدي ۾ ئي ان سان فري ٿي ويو ھو، ڄڻ تہ اڳ ۾ ئي ھڪٻئي کي سڃاڻيندا ھجن. آئون بلڪل خاموش ويٺو ھئس، ڪجهہ دير کان پوءِ اھي لھي ھليون ويون. راج اھو سڀ ڪجهہ مون ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو هو.
ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ راج ۾ وڏي خود اعتمادي ھئي، سٺي ڳالھ اھا تہ ھُو اھڙي قسم جون حرڪتون شرارت ۾ ڪندو ھو، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ھلڪڙائپ نہ ھوندي ھئي. راج ڪپور، فلمي ڪيريئر جي چونڊ ڪئي ھئي، ھن کي خبر ھئي تہ ھن پيشي ۾ خود اعتمادي انتھائي اھم آھي، پر منھنجي نصيب ۾ ڇا لکيل ھو؟! ڪا خبر نہ ھئي. جڏهن تہ آئون شعوري طور فٽبال جو وڏو رانديگر ٿيڻ چاھيندو ھئس، ان لاءِ سنجيدہ بہ ھئس ۽ روز کيڏندو بہ ھئس، کيڏندو تہ ڪرڪيٽ بہ ھئس، پر فٽبال جو جنون ھو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بھترين ايٿليٽ رھيس، ٻہ سؤ ڪلوميٽر جي ھر ريس مون کٽي. آغاجِي، راندين جي معاملي ۾ ھميشہ منھنجي ھمت افزائي ڪئي. جڏھن بہ گهر ۾ کٽيل ٽرافي يا تعريفي سرٽيفڪيٽ آڻيندو ھئس تہ ھُو مون کي شاباس ڏيندو ھو.
آغاجِي مون کي سول سرونٽ ٿيندي ڏسڻ پيو چاھي، ان جا خواب ڪجهہ ٻيا ھئا ۽ آئون ڪجهہ ٻيو سوچي رھيو ھئس. آغاجِي جا خواب ئي ھئا جنھن ڪري مون پنھنجي دل جي ڳالھ ان کان لڪائي رکي، يعني اھو تہ آئون فٽبال جو چيمپيئن ٿيندس يا تہ ڪرڪيٽ جو وڏو رانديگر ٿيندس.