آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

نئون ڪردار

نقادن جو چوڻ هو تہ فلم ’سگينا مھاتو‘ ھڪ سياسي فلم ھئي، ھن فلم کان پوءِ صحافي مون کان اڪثر سوال پڇندا هئا تہ، ”ڇا آئون ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت ۾ دلچسپي رکان ٿو؟“
”ھا بلڪل.“ منھنجو جواب ھوندو ھو، ”پر سياست ۾ منھنجي شموليت صرف چونڊ مھم تائين محدود ھوندي.“
آئون وڏي ايوان (راجيہ سڀا)، ننڍي ايوان (لوڪ سڀا) ۾ وڃڻ ۾ دلچسپي نہ رکندو ھئس. وزيراعظم پنڊت جواھر لعل نھروءَ جي چوڻ تي آئون 1962ع ۾ بمبئي ۾ وي ڪي ڪرشنا جي چونڊ مھم ھلائي چڪو ھئس. پنڊت جِي، مون کي دھليءَ مان فون ڪري چيو ھو تہ ڪرشنا جي چونڊ مھم ۾ حصو وٺان. ڪرشنا جي مقابلي ۾ آچاريہ جي بي ڪرپلاڻي اليڪشن ۾ بيٺل ھو. ڪرپلاڻي، ’انڊين نيشنل ڪانگريس‘ جو صدر رھي چڪو هو، اختلافن جي ڪري الڳ ٿيو ھو ۽ ’ڪسان مزدور پَرجا پارٽي‘ جي نالي سان نئين پارٽي ٺاھيائين، بعد ۾ ھن پنھنجي پارٽي کي ’سوشلسٽ پارٽي آف انڊيا‘ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. مون پنڊت جِي جَي حڪم جي تعميل ڪئي. آئون پنھنجي پيءُ آغاجِيءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ عزت پنڊت جِي جي ڪندو ھئس. ڪرشنا سان ملڻ لاءِ ڪانگريس جي آفيس جوھُو ھليو ويس، ڪرشنا آفيس ۾ نہ پھتو ھو، آئون ان کي سڃاڻندو بہ ڪونہ ھئس، پر سندس نالو گهڻو ٻڌو ھئم، خاص طور اقوامِ متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪيل ان جي تقرير جيڪا اٺن ڪلاڪن تي مشتمل ھئي، جو وڏو چرچو ھو. جنوري 1957ع ۾ ڪيل ان تقرير ۾ ھن ڪشمير متعلق ڀارت جو موقف پيش ڪيو ھو. آئون ڪانگريس جي آفيس ۾ اڪيلو ويٺو ھئس تہ منھنجي ڀرسان ھڪ ماڻھو اچي ويھي رھيو.
ھن پنھنجو نالو رجني ٻڌايو ۽ چيائين تہ، ”گذر سفر لاءِ وڪالت ڪندو آھيان.“ مون کيس ھٿ ڏيندي چيو تہ، ”منھنجو نالو يوسف آھي پر آئون ڪجهہ ڪونہ ڪندو آھيان.“ ھُو منھنجو جواب ٻڌي حيران ٿيو، اھو رجني پٽيل ھو، جيڪو بعد ۾ منھنجو بھترين دوست ٿي ويو.
ڪرشنا، ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي مون سان ايڏي محبت ۽ گرمجوشيءَ سان مليو، ڄڻ اسان ھڪ ٻئي کي سالن کان سڃاڻندا ھجون. ڪرشنا، رجنيءَ سان منھنجو تعارف ڪرايو. مون کي نہ سڃاڻڻ تي رجني مون کان معافي ورتي. ھن مون کي ٻڌايو تہ فلمون ڪونہ ڏسندو آھيان. ھڪ دفعي سئنيما ويو ھئس. آفيس جا ٻيا ماڻھو بہ ان وقت اسان جي ڪمري ۾ اچي ويا، ڪرشنا مرڪندي انھن کي چيو تہ توھان سڀ دليپ ڪمار جو ديدار ڪرڻ آيا آھيو. ڪرشنا جلدي ڪم جي ڳالھ تي اچي ويو، ھُن چاھيو ٿي تہ آئون ھن جي اليڪشن مھم ھلايان، ڇو تہ مقابلو سخت ھو، ھن مون کان پڇيو، ”توھان اردوءَ کان سواءِ ھندي ۽ مراٺي بہ رواني سان ڳالھائي ويندا آھيو؟ پنڊت جِي مون کي اھو ئي ٻڌايو آھي.“
پنڊت جِي، ڪرشنا کي ٻڌايو ھو تہ يوسف ڳالھائڻ ۽ ٻئي کي قائل ڪرڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو. ھُو مختلف موضوعن تي روانيءَ سان ڳالھائي سگهي ٿو، مون ڪرشنا کي ٻڌايو تہ ڪڏھن ڪنھن مجموعي سان مخاطب نہ ٿيو آھيان، توھان جي چونڊ مھم لاءِ جلسن ۾ خطاب ڪرڻ منھنجي لاءِ نئون تجربو ھوندو.
مون کي خبر آهي تہ پنڊت جِي منھنجي ڳالھائڻ واري انداز مان ڪيئن متاثر ٿيو ھو، ان جو پسمنظر ھيئن آھي. 60ع واري ڏھاڪي جي آخر ۾ فلم سينسر بورڊ منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ کي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اھا سراسر ناانصافي ھئي ڇو تہ ٽي ڏينھن پھرين ئي بورڊ راج ڪپور جي فلم ’جس ديش مين گنگا بھتي ھي‘ کي اين او سي جاري ڪيو هو. جڏھن تہ انھيءَ فلم جي ڪھاڻي چورن جي چؤگرد ڦري ٿي ۽ فلم ۾ تشدد بہ ڏيکاريو ويو هو. انھيءَ ئي الزام ۾ منھنجي فلم کي روڪيو ويو هو. ان وقت جي وزيرِ اطلاعات ’ڊاڪٽر بي وي ڪيسڪر‘ کي مون نظرثاني جي اپيل ڪئي، جيڪا ھن رد ڪري ڇڏي. اخلاقيات متعلق ھن جا پنھنجا خيال ھئا، ھن منھنجي ڳالھ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مايوس ٿي آئون پنڊت جواھر لعل نھروءَ سان مليو ھئس. مون پنڊت سان نہ رڳو پنھنجي فلم بابت پر ٻين روڪيل فلمن بابت بہ ڳالھايو. پنڊت جِي، ’گنگا جمنا‘ فلم جو ٻيھر جائزي وٺڻ جو حڪم ڏنو. بورڊ اعلان ڪيل رليز واري تاريخ کان ڪجهہ ڏينھن پھرين ڪليئرنس ڏيئي ڇڏيو. ’گنگا جمنا‘ سان گڏ ٻين روڪيل فلمن کي بہ اين او سي جاري ڪيو ويو.
رجني پٽيل ۽ آئون ويجها دوست ٿي ويا ھئاسين. ھُو ذھين ۽ اصول پسند ھو. ھن سان باقاعدگيءَ سان بامقصد ملاقاتون ٿينديون رهيون. 1962ع ۾ اتر بمبئيءَ جي لوڪ سڀا جي ھن سيٽ تي چونڊ ڊرامائي صورتحال اختيار ڪري چڪي هئي، رجني مون کي جتي بہ وٺي ويندو هو، ھن جي عادت ھوندي ھئي تہ مون کي آخر ۾ ايجنڊا ٻڌائيندو هو. سڀ کان پھرين وڏو جلسو، جنھن ۾ مون کي خطاب ڪرڻو ھو، اھو ڪوپريج گرائونڊ ڏکڻ بمبئي ۾ ھيو، اسان ڪار ۾ وڃي رھيا ھئاسين، رجني مون کي چيو توھان کي اڄ وڏي مجموعي سان مخاطب ٿيڻو آھي. مون کي ڪاوڙ اچي وئي، رجنيءَ کي چيم، ”توکي مذاق ٿو لڳي، آئون ڪو سياستدان آھيان جو ڪنھن بہ موضوع تي ماڻھن کي پنھنجي ڳالھ تي قائل ڪري وٺندس.“
رجنيءَ پيار مان منھنجي ھٿ تي پنھنجو ھٿ رکي چيو، ”۽ اسان ڪڏھن ٿا چئون تہ توھان سياستدانن وانگر تقرير ڪيو. سياسي تقرير توھان سياستدانن تي ڇڏيو، توھان ماڻھن سان صرف دليپ ڪمار ٿي ڳالھايو.“
آئون ھن جي ڳالھ سمجهي نہ سگهيس، اسان جلسي ۾ پھچي وياسين، ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ مون کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيو ھو. رجني مون کي وڏي ڏکيائيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، صورتحال جي سنگينيءَ سبب ھُو مون سان اکيون بہ نہ ملائي رھيو ھو. جلسي ۾ پھچڻ شرط ماڻھن ’دليپ ڪمار زندہ باد‘ جا نعرا ھڻڻ شروع ڪيا، ھاڻي اسٽيج تي وڃي تقرير ڪرڻ لازمي ٿي ويو ھو. نعرن ۾ شدت اچي وئي ھئي. ذھن ۾ اھو منظر اچي ويو، جڏھن آئون پشاور ۾ مجموعي ۾ انگريزي نظم ٻڌائيندو ھئس، اسٽيج تي بيھي مون ھڪ وڏو ساھ کنيو، تقرير جي شروعات ڪيم، آئون ڏھن منٽن تائين تقرير ڪندو رھيس. ماڻھن منھنجي تقرير کي ساراهيو، ايتريون تہ تاڙيون وڄايون، جو ٻوڙو ٿي ويس، جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ بہ ماڻھو وڃڻ لاءِ تيار نہ ھئا. رجني فاتحانہ مرڪ سان مون ڏي ڏسي رھي ھو.
ھاڻي آئون جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو ھئس، چونڊ جلسن ۾ ڪيل منھنجين تقريرن تي تعريفون ٿي رھيون ھيون، رشتيدار ۽ دوست ھمت افزائي ڪري رھيا ھئا. جلسن ۾ مون کي مائڪروفون ھٿ ۾ ڏيئي چوندا ھئا تہ ھاڻ شروع ٿيو. آئون شروع کان مطالعي جو شوقين رھيو آھيان، ڪنھن بہ موضوع تي جيڪو بہ ڪتاب ملندو هو، پڙھي وٺندو ھئس. منھنجي ڀاءُ، ڀينرن ۽ دوستن کي خبر ھئي تہ مون کي ڪتابن سان عشق آھي. ھنن کي خبر ھئي تہ مون کي ڪتاب جي تحفي تي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. ڪتابن ۾ پڙھيل شيون اڄ چونڊ مھم جي جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ ۾ ڪم اچي رھيون ھيون. ڪرشنا، اليڪشن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪانگريس جي چونڊ مھم ھلائڻ منھنجو معمول بڻجي ويو. رجني پٽيل سان منھنجا تعلقات وڌيڪ گهرا ٿي ويا، ھُو بنيادي طور ھڪ وڪيل ھو، پر سياست بہ ڪرڻ لڳو ھو، ڪيترائي وڪيل اسان ٻنھي جا گڏيل دوست ھئا.
ھڪ ڏينھن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ مون رجني پٽيل کي چيو، ”بمبئي ھڪ ڪاسموپوليٽن شھر آھي، اتي ھڪ اھڙي جڳھ ھجڻ گهرجي، جتي ڪلاسيڪل ڊانس، ميوزڪ ۽ ادبي محفل منعقد ٿئي، وڏن اديبن ۽ شاعرن جي ڪچھري ٿئي. ھڪ سائنس مرڪز ھجڻ گهرجي، جتي سائنسي گڏجاڻيون ٿين، جيئن ايندڙ نسل کي ترغيب ملي.“
انھن ڏينھن ۾ اسان وٽ اسپيس ٽيڪنالاجي تي ڪم ٿي رهيو هو، پروفيسر وڪرم جي قيادت ۾ خلائي سائنس ۾ اھم پيش رفت ٿي چڪي هئي. رجني منھنجي مشوري تي سھمت ٿيو، ھن سائنس، فائن آرٽس ۽ ثقافتي مرڪز جي قيام لاءِ سفارشون تيار ڪيون، اھا 1970ع جي شروعات جي ڳالھ آهي. ملڪ جي وزيراعظم ھاڻ پنڊت جواھر لعل نھرو جي ڌيءُ اندرا گانڌي ھئي. ذڪر ڪيل سفارشون ان کي پيش ڪيون ويون. پنھنجي والد صاحب وانگر اندرا بہ فيصلا سٺا ڪندي ھئي. اسان جي ڏنل تجويزن تي ڪم ڪيو ويو. وَرلي ۾ ’نھرو سينٽر‘ قائم ڪيو ويو، اسان جي تجويز ڪيل ’نھرو سينٽر‘ جو پيڙھ جو پٿر 2 نومبر 1972ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي رکيو. منھنجي ۽ رجني پٽيل جي نظر ۾ سياست جو مطلب عوام جي خدمت ڪرڻ ھو. اسان اليڪشن ۾ بيھي کٽي سگهون پيا، پر اسان ان ڳالھ ۾ خوش ھئاسين تہ ٻوڏ، ڏڪار، زلزلا ۽ ٻين آفتن ۾ چندو گڏ ڪري حڪومت جي حوالي ڪيون. ڪنھن بہ قدرتي آفت کان پوءِ بمبئيءَ ۾ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ فنڊ ريزنگ جلوس ڪڍيو ويندو هو. ماڻھو امدادي سامان کڻي ايندا هئا ۽ بدلي ۾ پنھنجي پسنديدہ فلم اسٽار سان ھٿ ملائيندا هئا. ان ڪري اسان ماڻھن سان انتھائي شائستگيءَ سان پيش ايندا ھئاسين. ٻئي پاسي اداڪارن جي حفاظت لاءِ بندوبست بہ ڪرڻو پوندو هو، خاص طور ان وقت جڏھن ماڻھن کي پنھنجي پسنديدہ ادڪار سان ھٿ ملائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو تہ ماڻھو بدتميزي بہ ڪندا هئا. عورت اداڪارائن جي حفاظت لاءِ ٽرڪ تي موجود اسان مردن کي محتاط رھڻو پوندو هو. ماڻھن طرفان وڏي محبت ملندي هئي، اھو سڀ ڏاڍو بھتر لڳندو هو، شام تائين امدادي سامان جو ڍير ڏسي دل کي وڏو سڪون ملندو هو. اسان سمجهندا ھئاسين تہ اسان پنھنجي حيثيت آھر پنھنجو فرض نڀايو آهي.
1980 ۾ اسان مھاراشٽر جي تفريحي علائقي ’مھابليشور‘ ۾ موڪلون گذاري رھيا ھئاسين. رجني مون کي ننڊ مان اٿاري چيو تہ، ”مون ۽ رياست مھاراشٽر جي وزيرِاعليٰ شرد چندر گوندراءِ توکي بمبئيءَ جو شيرف مقرر ڪيو آھي.“ مون ان کي مذاق سمجهيو، آئون ڪجهہ چوڻ وارو ھئس تہ رجني چيو، ”ڏس انڪار جي گنجائش ناھي، تنھنجي اجازت کان پھرين حڪومت خبر نشر ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن توکي تصديق ڪرڻي آهي تہ ھاڻ ئي ريڍيو کول ۽ خبر ٻڌ.“ واقعي ئي ھر خبر ۾ ٻڌايو پئي ويو تہ دليپ ڪمار کي بمبئيءَ جو شيرف مقرر ڪيو ويو آهي. رجني چيو تہ، ”ھاڻ تون جيڪڏهن انڪار ڪندين تہ منھنجي ۽ منھنجي وزيرِاعليٰ دوست جي بيعزتي ٿيندي.“ ھا رجني يقين ڏياريو تہ نئين ملازمت ھڪ غير سياسي عھدو آھي، ان لاءِ آفيس ۾ روز اچڻ ضروري نہ آهي، سڀ کان اھم ڳالھ تہ ملازمت تنھنجي فلمي سرگرمين ۾ رڪاوٽ نہ بڻبي. رجني اھي سڀ ڳالھيون ۽ يقين ان ڪري ڏياري رھيو ھو، ڇاڪاڻ تہ آئون ڪيترائي دفعا شيرف ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪو ھئ س. ڇو تہ ان وقت آئون منوج ڪمار جي فلم ’ڪرانتي‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس. ان کان سواءِ ذاتي مصروفيتون بہ تمام گهڻيون ھيون.
شيرف مقرر ٿيڻ جي خبر ٻڌي سڀ کان پھرين منوج ڪمار مبارڪون ڏنيون ھيون. منھنجي مقرريءَ تي ھُو ڏاڍو خوش ھو. هن جي خوشيءَ تي مون کي حيراني ٿي، ڇو تہ آئون سندس اھم ترين فلم ’ڪرانتي‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس، ان جو سڄو شيڊيول طئہ ٿيل ھو. منھنجي شيرف مقرر ٿيڻ جي ڪري شيڊيول متاثر ٿي پئي سگهيو، پوءِ بہ ھُو خوش ھو. ھن جي خواھش ھئي تہ آئون شيرف جو حلف کڻان تہ اھو منظر فلمبند ڪيو وڃي. ھن جو چوڻ هو تہ ان جي فلمبنديءَ لاءِ راج ڀَوَن کان باقاعدي اجازت وٺان، مھاراشٽر جي گورنر مون کان حلف کڻايو هو. ڪنھن اداڪار کي پھريون ڀيرو ڪنھن شھر جو ’شيرف‘ مقرر ڪيو ويو ھو، توقع مطابق ان خبر وڏو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. شيرف جو عھدو منھنجي لاءِ انتھائي مصروف ثابت ٿيو. حلف کڻڻ کان وٺي آخري ڏينھن تائين آئون تمام گهڻو مصروف رھيس. ھر تقريب ۾ شيرف کي گهرايو ويندو هو. تقريبن جو سلسلو صبح ڏھين کان رات جي ٻارھين تائين جاري رهندو هو. منھنجو عھدو ايڏو مصروف ثابت ٿيو، جو ڪپڙن بدلائڻ جو بہ ٽائم نہ ملندو هو. سائرا، ان جو حل ڪڍي ورتو هو، ھن مستقل طور ھڪ سُوٽ ڪيس گاڏيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو هو، جيڪو منھنجن ڪپڙن سان ڀريل ھوندو ھو، جيئن تقريبن ۾ انھن کي استعمال ڪري سگهان، ڇو تہ گهر واپس اچڻ ۽ ڪپڙا تبديل ڪرڻ جو وقت ئي نہ ملندو هو.
ھڪ سال تائين آئون شيرف رھيس. ان دوران آئون وڏن وڏن اجتماعن سان مخاطب ٿيس. ماڻھن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھئي تہ فلمي ماڻھو ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪري سگهن. آئون ان غلطفھميءَ کي دور ڪرڻ چاھيندو ھئس. ان دوران مون دل جي بيمارين جي ماھرن، باغباني، پولٽري فارمنگ، فارماسيوٽيڪلز جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون. فلم ’ڪرانتي‘ جي شوٽنگ تمام گهڻي متاثر ٿي، پر ان لاءِ بہ ٿورو گهڻو وقت ڪڍي وٺندو ھئس. مکڻ وڪڻڻ واري ھڪ ڪمپني ’اَمُل‘ منھنجي پسمنظر ۾ پنھنجو ھڪ اشتھار ھيئن ترتيب ڏنو، ”سوري پارٽنر شيرف شوٽنگ تي ويو آھي.“
پھرين شيرف پوءِ 2000ع کان 2006ع تائين راجيہ سڀا جو ميمبر ھوندي، مون سدائين اھا ڪوشش ڪئي تہ پنھنجن اختيارن ذريعي وڌ کان وڌ ماڻھن جي مدد ۽ ڀلائي جا ڪم ڪيان. فنڊن جو ھميشہ بھترين استعمال ڪيم، مستحق سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي عطيو ڏنم. بمبئي، ناسڪ، نندا ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ روڊ ٺھرايا، سڀ کان وڌيڪ خوشي مون کي ان ڳالھ تي ٿي تہ مون بمبئيءَ جي ڪچين آبادين ۾ صاف سٿرا ۽ جديد طرز جا واش رومز تعمير ڪرايا. مون کي ياد ڪونھي تہ ڪنھن اسڪول جي قيام لاءِ رقم گهري ھجي ۽ مون انڪار ڪيو ھجي. اھا بدقسمتي آھي جو منھنجي ڪيل سٺن ڪمن جو نتيجو برو نڪتو، ھڪ سرگرم سياستدان دوست مون کان زبردستي گهر جي ويجهو ھڪ قيمتي پلاٽ ورتو، ھن واعدو ڪيو بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن اتي ھڪ زبردست پارڪ ٺھرائيندي، پر افسوس جو ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اتي ڪجهہ نہ ٺھي سگهيو آھي.
معاشرو جنھن کي عزت، احترام ۽ وڏو مقام ڏئي، ھن جو بہ فرض ٿئي ٿو تہ ھُو بہ معاشري کي ڪجهہ نہ ڪجهہ واپس ڪري. ساٿي اداڪارن کي بہ مون ھميشہ اھو ئي چيو آھي تہ پنھنجي سماج جي بھتريءَ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪجي. آئون پنھنجي لاءِ ان ڳالھ کي ﷲ جي رحمت سمجهان ٿو تہ آئون نابينن جي قومي انجمن جو چيئرمين رھيس ۽ انجمن جي مدد ڪيم. ھن ڪم ۾ مون کي شرڪت جي دعوت منھنجي پياري دوست ’وجئہ مرچنٽ‘ ڏني ھئي، ھي وجئہ مرچنٽ اھو ئي ھو، جيڪو ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رھي چڪو آھي.
نيتن بوس 1951ع ۾ پنھنجي ھڪ فلم ’ديدار‘ ۾ مون کان ھڪ نابين شخص جو ڪردار ڪرائڻ چاھيندو ھو، ڪردار کي فلم جي شروعات ۾ ئي انڌو ٿيڻو ھو، مون کي عجيب لڳو تہ نابين شخص ڪئميرا ۽ پنھنجن ساٿي اداڪارن کي ڪيئن ڏسندو؟ مون ان سلسلي ۾ محبوب صاحب سان مشورو ڪيو تہ ھن چيو تہ بمبئيءَ جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ويٺل ھڪ نابين فقير سان وڃي مل. محبوب صاحب چيو تہ ان انڌي فقير جو ويجهڙائيءَ کان مشاھدو ڪر، ان جي حرڪتن تي غور ڪر، پوءِ ان کان سندس اونداهي واري زندگيءَ بابت ڳالھ ٻولھ ڪر، مون محبوب صاحب جي مشوري تي عمل ڪيو، مون ان مشاھدي مان گهڻو ڪجهہ سکيو. مان ان وقت اسٽيشن تي ويندو ھئس، جڏھن ٿوري اونداهي ھوندي ھئي يا ريل ڇُٽڻ وقت ويندو ھئس، ان وقت ماڻھن کي جلدي ھوندي ھئي. فقير کي ٻيو ڪو ماڻھو غور سان نہ ڏسندو هو تہ فقير وٽ ڪير ويٺو آھي. ھڪ ڏينھن جڏھن ان وٽ ويس تہ ٻيو فقير بہ ويٺو هو، مون جڏھن ان سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ ٻيو فقير حيران ٿيو ۽ مون کان پڇيائين، ”تون ڪير آهين؟ تنھنجو آواز ان اداڪار سان ملي ٿو، جنھن جي مون ويجهڙ ۾ فلم ڏٺي آهي.“
آئون حيران ٿي ويس، ”تو ڪيئن فلم ڏٺي، جڏھن تہ تون انڌو آھين!“
ھن جواب ڏنو تہ، ”فلم ڏسڻ جي نہ پر ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ھوندي آھي، ھا البت محسوس ڪرڻ واري دل ھجي. اسان بہ عام ماڻھن وانگر سوچڻ، روئڻ، کِلڻ سميت سڀ حواس رکندا آھيون. بس ڏسڻ واري صلاحيت کان محروم آھيون.“ فقير ٻڌايو تہ ھن منھنجي ھڪ فلم ورائي ورائي ڏٺي آهي، ڇو تہ کيس فلم جا مڪالما ۽ گيت بيحد پسند آھن، ان نابين شخص جي ھمت ۽ حوصلي مون کي بيحد متاثر ڪيو.
نابينن سان ملڻ کان پوءِ ھڪ دفعي وجئہ مرچنٽ ’نيشنل ايسوسيئيشن آف دي بلائينڊز‘ جو خيال منھنجي اڳيان رکيو، اھڙي طرح ان انڌي فقير جو چھرو منھنجي اڳيان اچي ويو. مون طئہ ڪري ڇڏيو تہ ان راھ ۾ جيڪي بہ ڏکيائيون آيون، برداشت ڪندس، پر نابينن جي مدد ضرور ڪندس. منھنجي دل ۾ ھڪڙو خيال آيو تہ جيڪڏھن محنت ڪئي وڃي تہ نابينن جي ايسوسيئيشن کي مالي لحاظ کان پنھنجن پيرن تي بيھاري سگهجي ٿو. اھڙي طرح ڏسڻ کان محروم ماڻھن کي عزت ۽ وقار جي زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. خوشقسمتيءَ سان ان سلسلي ۾ منھنجي ’ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز‘ مان سٺن نمبرن سان پاس ٿيندڙ ھڪ نوجوان عورت ’ويرا رائو‘ مدد ڪئي. ھي عورت فنڊ ريزنگ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ۾ ماھر ھئي، ھن وٽ بي شمار آئيڊياز ھئا، ھن ھڪ تجويز ڏني تہ نابينن جي مدد لاءِ سال ۾ ھڪ دفعو بمبئيءَ کان پونا تائين ھڪ خصوصي ريل ھلائي وڃي، ’خصوصي امدادي ٽڪيٽ جي خريدار دليپ ڪمار سان گڏ سفر ڪيو، تصويرون ڪڍرايو ۽ ڪچھري ڪيو.‘
1960ع ۾ اسان نابينن جي مدد لاءِ پھرين خصوصي ريل ھلائي، سڀ کان پھرين مون پنھنجي طرفان 50 ھزار روپين جي امداد جو اعلان ڪيو، مون کي ريل جي سفر دوران گارڊ ڪيبن کان ريل جي ٻئي ڇيڙي تائين ھلڻ جو چيو ويو. ان دوران مون کي ماڻھن سان ملڻو ۽ ڪجهہ ڳالھ ٻولھ بہ ڪرڻي ھئي، ھر سال ھلڻ واري ھن اسپيشل ٽرين ۾ اھو معمول مطابق جاري رھيو. ريل ۾ سائرا بہ مون سان گڏ ھوندي ھئي، ھر ڳالھ ۾ ڪاٽُو پھلو سوچڻ وارن پروپگينڊا ڪئي، پر ھي سفر ڪامياب رھيو. اسان گهڻا پئسا گڏ ڪري ورتا ۽ ان قابل ٿي وياسين تہ عالمي مارڪيٽ مان نابين شاگردن لاءِ بھترين ’بِريل بُڪس‘ گهرائي پيا سگهون. مون کي ان خصوصي ريل جو انتظار ھوندو ھو.
ڏھن سالن تائين اسان ريل ھلائيندا رھياسين. سفر دوران ماڻھن سان ويھڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ماڻھو گهران کاڌو تيار ڪري ايندا هئا. ھڪ زبردست تفريح وارو ماحول ٺھي ويندو هو. آئون ماڻھن سان انھن جي ٻولين ۾ ڳالھائيندو ھئس. ھُو خوش ٿيندا هئا، انھن سادن ماڻھن منھنجيون فلمون ڏٺيون ھونديون ھيون. شروع ۾ ماڻھو مون سان ۽ سائرا سان ڳالھائڻ مھل شرمائيندا ھئا. آئون جڏھن انھن سان پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھئس تہ انھن جي گهٻراھٽ ختم ٿي ويندي ھئي. اھي سمجهندا ھئا تہ دليپ ڪمار انتھائي سادي طبيعت وارو آھي. ھُو سمجهندا ھئا تہ دليپ جي زال بہ ان وانگر سادي آھي ۽ سدائين ان جي پويان ھلندي آھي. آئون پنھنجن فلمي دوستن کي بہ ريل جي سفر جي دعوت ڏيندو ھئس، جيتري قدر مون کي ياد آهي ’جوني واڪر‘ ريل جي سفر جو سڀ کان وڌيڪ مشھور مھمان ثابت ٿيو.
سٺن ڪمن ۾ شريڪ ٿيڻ تي مون کي خوشي ملندي هئي، خبر ناھي اھا خوبي مون کي ورثي ۾ ملي ھئي يا ان ماحول مان ملي ھئي، جتي آئون وڏو ٿيو ھئس. 1988ع جي ڳالھ آهي، مون کي پنھنجي اباڻي شھر مان ڪنھن خط لکيو، پشاور ھونئن تہ گهڻي ترقي ڪئي آھي پر اڃا تائين ھتي ڪا بلڊ بئنڪ ناھي. ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻھو وڏي تڪليف ۾ آھن. ’فاطميد فائونڊيشن‘ نالي ھڪ تنظيم بلڊ بئنڪ جو مرڪز قائم ڪري رھي آھي، اسان جي خواهش آھي تہ توھان بلڊ بئنڪ جو افتتاح ڪيو، ڇا توھان ان نيڪ ڪم لاءِ اچي سگهو ٿا؟ مون کي جڏھن خط مليو. ان وقت پشاور ۽ اتي گذاريل وقت کي وساري چڪو ھئس. البت راج ڪپور ۽ آئون جڏھن ملندا ھئاسين پشاور ۾ گذاريل ڏينھن بابت ڪچھري ضرور ڪندا ھئاسين. نيڪ مقصد لاءِ مليل دعوت کي نظرانداز نہ پيو ڪري سگهان، مون سائرا سان صلاح ڪئي، سائرا چيو، ”ان نيڪ ڪم لاءِ جيترو ٿي سگهي اھو گهٽ آھي.“ اسان پشاور جي دوري ۽ اتي بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي دعوت قبول ڪري ورتي. ان وقت جنرل ضياء پاڪستان جو صدر ھو، ان کي جڏھن منھنجي پشاور اچڻ جي خبر پئي تہ ھن مون کي سرڪاري مھمان طور گهرائي ورتو. ھڪ ذاتي دورو ۽ بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي ھڪ سادي دعوت ھاڻي اسٽيٽ وزٽ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي، پاڪستان جي صدر طرفان ڪنھن ڀارتي شخص کي ايڏو مقام ڏيڻ وڏو اعزاز ھو. باوجود ان جي اھو تاثر ڏنو ويو تہ آئون رياست جو سربراھ يا ڪو نمائندو ھجان، سچي ڳالھ اھا تہ ھڪ محنتي اداڪار کان سواءِ آئون ڪجهہ بہ ناھيان، اھو اداڪار، جنھن محنت ۽ سٺي نصيب جي ڪري وڏو مقام حاصل ڪيو هو.
تصور ڪري سگهجي ٿو تہ ان دوري جي تياريءَ لاءِ مون ڪيڏي وڏي پئماني تي تياري ڪئي ھوندي. مون سان گڏ منھنجا ملازم، رشتيدار، گهر وارا ۽ صحافين جو ھڪ وڏو تعداد پشاور لاءِ نڪرڻو ھو. تياري دوران مون کي اھو خيال ايندو هو تہ پشاور منھنجو جنم ڀومي آھي، جيڪو ڪنھن وقت ھندوستان جو حصو ھو، اھو ھندوستان جنھن کي آئون فخر سان پنھنجو ملڪ سمجهان ٿو. آگسٽ 1947ع ۾ آغاجِي کي جڏھن خبر پئي تہ ان جي زمين ۽ ملڪيت ھاڻ پاڪستان ۾ آھي، يقينن کيس پريشاني ٿي ھوندي. ماڻھن جڏھن آغاجِي کي چيو تہ پاڪستان وڃي پنھنجي ملڪيت سنڀال، تڏھن ھن چيو ھو ھاڻ اسان ڀارت ۾ رھنداسين ۽ اتي ئي دفن ٿينداسين. پشاور جي وزٽ جون تياريون بہ جاري ھيون ۽ مون کي اتي گذاريل ننڍپڻ جو وقت بہ ياد اچي رھيو ھو. مون کي ويجهن مائٽن، دوستن ۽ پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھن جا چھرا تصور ۾ اچي رھيا ھئا. آغاجِي، امان، ڏاڏو، ڏاڏي، گهر جون محفلون، مندر جون گهنٽيون، مسجد ۾ ايندڙ آذان جو آواز، ھر شئي منھنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳي. ھڪ حسرت دل ۾ رھجي وئي، آغاجِي زندہ ھجي ھا تہ پنھنجي پٽ کي ھڪ سربراھ جيترو پروٽوڪول ملندي ڏسي ھا تہ ڪيڏو خوش ٿئي ھا.
دوري کان پھرين مون کي خبر پئي تہ ’پي آئي اي‘ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ھر پائليٽ جي اھا خواھش ھئي تہ ھُو دليپ ڪمار جي فلائيٽ کڻي اچي. اسان 2 اپريل 1988ع تي بمبئيءَ کان روانا ٿياسين. جھاز ۾ مون سان گڏ سائرا کان علاوہ ملازم، رشتيدار، ويجها دوست، صحافي ۽ ڪئميرامين گڏ ھئا، جڏھن جھاز مٿي اڏاڻو تہ پائليٽ اسان کي دل جي گھراين سان ڀليڪار ڪئي. روَيَن مان معلوم ٿيو تہ جھاز جو سڄو عملو بيحد خوش ھو. پاڪستان جي ھڪ حصي پشاور سان منھنجو اباڻو تعلق ھجڻ ڪري پاڪستانين کي منھنجي دوري جي تمام گهڻي خوشي ٿي. ان جو اندازو پائليٽ جي گفتگو مان لڳايم.
1930ع جي ڏھاڪي جو ھڪ گنجو ڇوڪرو يوسف جيڪو بمبئيءَ ويو هو، اڄ اڌ صديءَ کان پوءِ دليپ ڪمار بڻجي پنھنجي شھر پشاور ۾ واپس اچي رھيو ھو. اسان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿاسين، اسان جو قافلو جتي بہ ويندو هو، ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿي ويندو هو. مون کي ڏسندڙن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪنھن جڳھ تي پھچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا هئا.
پاڪستانين طرفان تمام گهڻي محبت ملي، مون سان گڏ منھنجي ڀاءُ احسن سميت سڀني کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اسان جو پاڪستان وارو دورو انتھائي مصروف ۽ ٿڪائيندڙ ھو. جنرل ضياءَ ڪيترين ئي سرڪاري تقريبن جو اهتمام ڪيو ھو. ناشتا، مانجهاندا، رات جي مانيُن ۽ چانھ جي دعوتن جو تہ ڪو ڪاٿو ئي ڪونہ ھو، ڪيترين ئي ڏٺل جڳھين تي گهمڻ ويس، جيڪي ڪافي بدلجي چڪيون هيون. ’قصہ خواني بازار‘ کان علاوہ پنھنجي اباڻي گهر، اسڪول، ويجهن مائٽن سان ملاقاتون، ننڍپڻ جي دوستن سان ڪچھري، اھو سڀ ڪجهہ ڏاڍو مزو ڏيندڙ هيو. منھنجي اسڪول جي زماني جي دوستن کي اھو ڄاڻي حيرت ٿي تہ مون کي انھن جا نالا ياد ھئا ۽ انھن جون شرارتون بہ مون کي ياد ھيون. بلڊنگ جي افتتاح جي موقعي تي مون جڏھن خطاب ڪيو تہ ماڻھن انتھائي گرمجوشيءَ جو مظاهرو ڪيو. ماڻھن جي محبت ڏسي منھنجي ذھن ۾ اھو خيال آيو تہ جڏھن ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقات قائم ٿيندا، تڏھن ٻنھي ملڪن جي معيشت بھتر ٿيندي.
پشاور ۾ مون کي ڪا خاص تبديلي نظر نہ آئي، اسان جو گهر، گهٽيون ۽ ٻيا گهر بلڪل اھڙا ئي ھئا جھڙا اسان ڇڏيا هئا، قصہ خواني بازار ۾ چپلي ڪباب جي خوشبو ھئي. مون سان گڏ ھلڻ وارا ماڻھو ھڪ چانھ جي ھوٽل تي بيھي رھيا، جيئن اتي آئون چانھ پِي سگهان. چانھ وارو نوجوان بااخلاق ھو، جيئن ان جا وڏا ھوندا ھئا. انھن ھوٽلن ۾ چانھ کير واري ھوندي ھئي يا سليماني، آئون جتان جتان گذريس ڏٺم تہ ڪجهہ بہ نہ بدليو ھو. شھر جي ڪجهہ علائقن ۾ جديد طرز جون عمارتون تعمير ٿي ويون هيون، رات جو گذرڻ مھل ڏٺم تہ روڊن تي خوبصورت فانوس ٻري رھيا ھئا، روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيترائي ماڻھو بيٺل ھئا، ڪيترائي ماڻھو پوليس جو گهيرو ٽوڙي منھنجي ڪار جي اڳيان اچي بيٺا. اھي ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، بيشڪ اھو ھڪ خواب جھڙو منظر ھو. مون پنھنجي مالڪ جو شڪر ادا ڪيو، جنھن مون کي ايڏي عزت ڏني ھئي.
بمبئي واپسيءَ تي مون کي ڏک واري خبر پئي تہ منھنجو پيارو دوست راج ڪپور سخت بيمار آهي ۽ دھليءَ جي ’اپالو اسپتال‘ ۾ داخل آھي، جڏھن پشاور ويو ھئس تڏھن راج سان تفصيلي ڪچھري ڪئي ھئم، پوءِ ڪراچي وڃڻ کان پھرين فون تي ڳالھايو ھيم، دھليءَ ۾ آئون ھن سان ملڻ ويس. آخرڪار 2 جون 1988ع تي راج پنھنجي پالڻھار ڏي ھليو ويو، پياري دوست جي وڇوڙي مون کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو.
مارچ 1989ع ۾ آئون ٻيھر پاڪستان ويس، حڪومتِ پاڪستان مون کي سويلين ايوارڊ ’نشانِ امتياز‘ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. ھي پاڪستاني ايوارڊ برطانيہ جي آرڊر آف برٽش ايمپائر (OBE) جي برابر ھوندو آھي. آئون ھي ايوارڊ اڃا وٺڻ ئي نہ ويو ھئس تہ ان کان پھرين پاڪستان جي مخالف ’شوِ سينا‘ جي سربراھ ’بال ٺاڪري‘ مسئلو کڙو ڪري ڇڏيو. ھن جو مطالبو ھو تہ آئون اھو ايوارڊ نہ وٺان، بال ٺاڪري منھنجي حب الوطنيءَ کي بہ چئلينج ڪيو، ان جو مون کي تمام گهڻو ڏک پھتو. مون وزيرِاعظم ’اٽل بھاري واجپائي‘ سان ڳالھايو. وزيرِاعظم مون کي چيو تہ، ”توھان کي ايوارڊ وٺڻ گهرجي، فنڪار ۽ اداڪار جاگرافيائي حدن کان مٿي ھوندا آھن. ھاڻي آئون سوچان ٿو تہ جيڪڏھن آئون اھو ايوارڊ نہ وٺان ھا تہ پاڪ ڀارت تعلقات وڌيڪ خراب ٿين ھا. ھڪ طرف بال ٺاڪري جو اھو روَيو ھو، ٻئي طرف منھنجي دوست مشھور اداڪار، پارليامينٽ جي ميمبر ’سنيل دت‘ جو بہ روَيو ڏسو، ھو مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”تنھنجي ايوارڊ واري تقريب ۾ آئون بہ شريڪ ٿيڻ چاھيان ٿو، مون کي لاھور ۾ عمران خان جي ’شوڪت خانم ڪينسر اسپتال‘ جو افتتاح ڪرڻو آهي.“ طئہ ڪيوسين تہ ٻئي گڏ وينداسين ۽ اتان آئون پنھنجي جنم ڀومي پشاور ھليو ويندس. جڏھن تہ سنيل دت پنھنجي اباڻي شھر ’چوٽالا‘ ھليو ويندو.
بال ٺاڪري ھن وقت دنيا ۾ ناھي، ھُو 17 نومبر 2012ع تي وفات ڪري ويو. آنجھاني بال ٺاڪري ۾ وڏيون خوبيون ھيون، اسان جي 1966ع ۾ دوستي ٿي ھئي. ان وقت ھن وٽ شوِ سينا جو ڪو بہ عھدو نہ ھو. ھُو بنيادي طور ھڪ بھترين ڪارٽونسٽ ھو. اسان ھڪٻئي جي ڪم جو قدر ڪندا ھئاسين. جڏھن بمبئيءَ ۾ مون ھن سان پنھنجي گهر ۾ ملاقات ڪئي تہ ھن سڀ اختلاف ختم ڪري ڇڏيا. بال ٺاڪري سياسي عروج حاصل ڪيو هو، پر ھن جي سادگيءَ ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو. بال ٺاڪري ۽ ان جي زال ’مينا طائي‘ زبردست مھمان نواز ھئا. مينا طائي، ھڪ عظيم عورت ھئي، ھُو اسان سان مسلسل رابطي ۾ رھندي ھئي، پنھنجائپ جي ڪري ھُو اڪثر اسان کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي زبردست کاڌا کارائيندي هئي. ٻنھي زال مڙسن پنھنجي پٽ ’اڌيو‘ جي بھترين تربيت ڪئي آھي. ھڪ دفعي آئون ۽ سائرا ڪنھن دوست جي گهر ۾ دعوت تي ھئاسين، چيلھ جي تڪليف جي ڪري سائرا پريشان ھئي، مينا طائي کي خبر پئجي وئي، ھُوءَ سڌي رڌڻي ۾ وئي، پاڻي گرم ڪري شيشي جي بوتل ۾ وجهي، سائرا کي اچي ڏنائين ۽ چيائين تہ بوتل کي تڪليف واري جڳھ تي رک. سندس نُنھن بہ اتي موجود ھئي، ھن ٻڌايو تہ بابا بہ امان ۽ منھنجي طبيعت خراب ٿيڻ تي ايئن فڪرمند ٿي ويندو آهي. بال ٺاڪري جي خوبي اسان کي ان وقت نظر آئي، جڏھن اپريل 1993ع ۾ سنيل دت جو پٽ سنجي دت گرفتار ٿيو ھو. ان مشڪل گهڙيءَ ۾ سنيل جا اھي نام نھاد دوست جن کي ھُو پنھنجو سمجهندو ھو، سڀ پري ٿي ويا هئا، ان ڏکئي وقت ۾ سنيل دت کي بال ٺاڪري حوصلو ڏنو ھو. سنجي دت کي 12 مارچ 1993ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ ملوث ڄاڻايو ويو هو.