پشاور کان بمبئيءَ لڏپلاڻ
اسان جي بمبئيءَ وڃڻ لاءِ ڏاڏي راضي نہ ھئي، اھو فقط ڏاڏو ئي ھو، جنھن چيو ھو تہ بمبئيءَ ۾ منھنجي نُنھن کي پنھنجي مڙس سان گڏ رھڻ جو پورو پورو حق آهي. ان وقت آئون ننڍو ھئس، ان ڪري مون کي بمبئي وڃڻ واري تاريخ ياد نہ آهي، پر سمجهان ٿو تہ اھي 1930ع واري ڏھاڪي جا سال هئا. انھن ڏينھن ۾ پشاور کان بمبئيءَ لاءِ فرنٽيئر ميل ريل ھلندي ھئي، ماڻھن لاءِ سفر ڪرڻ آسان ھو. اسان بڪنگ نہ ڪرائي ھئي فقط ٽڪيٽ خريد ڪري سوار ٿياسين.
اسان ٻارن لاءِ ريل جو اھو پھريون سفر ھو. سڀ ٻار جذباتي ۽ خوش ٿي رھيا ھئاسين. سفر دوران مختلف اسٽيشنن تي منھنجي والد جا دوست اسان سان ملڻ آيا، اھي اسان لاءِ ڪيتريون ئي شيون وٺي آيا، انھن ملڻ وارن ۾ ڪيترائي ھندو بہ ھئا. فرنٽيئر ميل ريل مختلف ندين نالن، جبلن، سرسبز ۽ شاداب ميدانن ۽ وادين مان گذرندي اڳتي وڌندي رھي. ريل جڏھن ڪنھن اسٽيشن تي بيٺِي ٿي تہ مسلم پاڻي، مسلم چانھ ۽ ھندو پاڻي، ھندو چانھ جا آواز بلند ٿي ويندا هئا. ريل سان ھڪ ڊائننگ ڪار بہ ڳنڍيل ھوندي ھئي، مگر اھا سھوليت فقط انگريز آفيسرن ۽ انھن جي خاندانن لاءِ ھوندي ھئي.
ريل صبح سوير بمبئي جي ڪولابا اسٽيشن تي پھتي ھئي. ان وقت منھنجا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ ننڊ پيل ھئا. آغاجِي، ھڪ ٽانگو ڀاڙي تي ڪرايو ۽ اسان ھڪ گهر وٽ اچي لٿاسين، جيڪو آغاجِي اڳ ۾ ئي مسواڙ تي وٺي ڇڏيو ھو. اسان جو اپارٽمينٽ چار منزلہ عبدﷲ بلڊنگ ۾ ھو، جيڪو پُررونق علائقي ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ واقع ھو. اسان جو گهر چوٿين منزل تي ھو، ھي نئون گهر پشاور جي گهر وانگر گهڻو وڏو نہ ھو، پر پوءِ بہ وڏو ۽ آرامدہ ضرور ھو.
اسان جي گهر جي ويجهو ئي آغاجِي فروٽ جو هڪ دڪان کوليو هو. ھتي امان لاءِ ھڪ مسئلو اھو ھو تہ ھن کي ھندي نہ ايندي هئي، پر ان جي باوجود امان پاڙيسري عورتن سان جلدي رِلي مِلي وئي ھئي. اصل ۾ امان خوبصورت ۽ ھڪ سٺي اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ هئي، امان سان ملڻ واريون عورتون، ھن جي خوبين مان جلدي متاثر ٿي وينديون ھيون. اسان جي اچڻ کان پوءِ پاڙيسرين جو اسان جي باري ۾ ھڪ بھترين تاثر جڙيو تہ ھڪ سٺو پٺاڻ خاندان ھتي آيو آھي. جڏھن تہ آغاجِي اڳ ۾ ئي ھتي ھڪ شريف النفس ۽ صاحبِ ڪردار طور مشھور ٿي چڪو هو. ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ ٻہ عورتون، امان جون ساھيڙيون ٿي ويون هيون، ان مان ھڪ جو پٽ منھنجي وڏي ڀاءُ نُور صاحب سان رِلي مِلي ويو هو. نُور صاحب، پنھنجي شوخ طبيعت جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ ناگ اسٽريٽ ۾ مقبول ٿي ويو. ھن جا ھمعمر ٻار سگريٽ پيئندا هئا تہ ھن بہ سگريٽ ڇِڪڻ شروع ڪري ڏنا. ھڪ ڏينھن اھا اڀاڳي خبر پئي تہ امان جي ھڪ ساھيڙيءَ جي پٽ جو قتل ٿي ويو آهي. ھن کي پنھنجي ئي ڪمري ۾ ڪنھن منھن تي وھاڻو رکي گهٽي ماريو ھو.
ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ اسان خوش ھئاسين، ڇو تہ آغاجِي جو ڪاروبار بھتر ھلي رھيو ھو ۽ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رھيو ھو. آغاجِي ڪم جي گهڻائيءَ جي ڪري دڪان تي ملازم بہ رکي ڇڏيا هئا، ھُو پاڻ منڊي نہ ويندو هو، دڪان تي ڏينھن ۾ صرف ھڪ چڪر لڳائيندو هو. اھو ڏسڻ تہ سڀ ڪجهہ بھتر ھلي رھيو آھي يا نہ. ھاڻي آغاجِي کي گهر وارن سان گڏ گذارڻ جو گهڻو وقت ملي ويندو هو. آغاجِي جا دوست اسان جي گهر ۾ باقاعدگيءَ سان ايندا رھندا ھئا ۽ اھي ڪچھرين ۾ محو ٿي ويندا هئا. ھڪ ڏينھن آغاجِي، ايوب لاءِ دوائون وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو، آئون بہ ان سان گڏ ڪلينڪ تي ويس. ڊاڪٽر قد بت جو ڀريل ۽ نوجوان ھو، ان سان آغاجِي جا سٺا واسطا ھئا. ھي اسان جو فيملي ڊاڪٽر بہ ھو، منھنجي ھٿ ۾ بال ھو ۽ آئون کيڏي رھيو ھئس، کيڏندي کيڏندي بال اچانڪ منھنجي ھٿ مان ڇڏائجي ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ھليو ويو. آئون بال کڻڻ لاءِ جڏھن ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ويس تہ ڏٺم تہ ڊاڪٽر ۽ ھڪ خوبصورت نرس ھڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ ھيا. مون کي انھن جي حرڪت تي تمام گهڻي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ تہ ڪلينڪ تي مريضن جو رش ھو، ھڪ ننڍو دروازو جيڪو ٿوري ڌڪي ڏيڻ سان بہ کُلي پئي سگهيو ۽ ڪير بہ اندر وڃي پئي سگهيو، مون کي ڊاڪٽر ۽ نرس نہ ڏٺو، ھي اکين ڏٺو واقعو مون گهر اچي ايوب کي ٻڌايو ھو.
بمبئيءَ ۾ امان کي گهر جو ڪم ڪار گهڻو نہ ڪرڻو پوندو هو. ھتي ھُوءَ صرف پنھنجن ٻارن ۽ مڙس جي خدمت ڪندي ھئي، ان ڪري ھُوءَ خوش ۽ صحتمند رهڻ لڳي ھئي. امان کي ڪڏهن ڪڏهن پشاور ڏاڍو ياد ايندو هو.
1937ع ۾ مون کي ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ داخل ڪرايو ويو. ھتي مون کي گنجو نہ ڪيو ويندو هو. گهر ۾ امان سان ملڻ لاءِ ايندڙ عورتون منھنجي ڪپڙن جي تعريف ڪنديون هيون. امان پنھنجين ساھيڙين کان منھنجي تعريف ٻڌندي ھئي تہ بيچين ٿي ويندي ھئي ۽ انھن جي وڃڻ جو انتظار ڪندي ھئي. جيئن اھي وڃن تہ مون کي نظرجڻ کان بچائڻ لاءِ گنجو ڪري سگهي. ھاڻي جڏھن عمر جون 92 بھارون ڏسي چڪو آھيان تہ بہ مون کي نظر کان بچائڻ لاءِ مختلف رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون. ھاڻي اھو ڪم منھنجي زال سائرا بانو سرانجام ڏيندي آھي.
آئون پيار واري ماحول ۾ وڏو ٿيس. ننڍپڻ ۾ شرميلو ھوندو ھئس. نُور صاحب جا علائقي ۾ ڪيترائي دوست ھوندا ھئا، جيڪي نُور صاحب سان ملڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا رھندا ھئا، ھُو انھن کي چبوتري تي وٺي ويندو هو، جتي امان ۽ ادي سڪينہ کان سواءِ ڪوبہ نہ ويندو هو. پنھنجي دوستن جي خاطر تواضع لاءِ نُور صاحب مون کي سگريٽ ۽ ٻيون شيون آڻڻ لاءِ چوندو هو. اسان جي اپارٽمينٽ جي سامھون واري بلڊنگ ۾ ھڪ بوھري مسلمان واپاري رھندو ھو، ان واپاري جي ھڪ خوبصورت ڌيءَ ھوندي ھئي، نُور صاحب کي ان ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. سڄو سڄو ڏينھن اھي ھڪٻئي کي ڏسندا رھندا ھئا ۽ اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندا رھندا ھئا، ڇوڪري سلائي مشين کڻي ڪمري جي دري وٽ ويٺي ھوندي ھئي ۽ ٻئي طرف نُور صاحب چبوتري تي ويٺو هوندو هو. ايئن ٻئي پريمي ھڪٻئي کي پيا ڏسندا ھئا... پوءِ نُور صاحب مون کي ڇوڪريءَ وٽ پيغام لاءِ موڪليندو هو، نُور صاحب جا پريم پتر ڇوڪري کي پھچائڻ لڳس، ان جي بدلي ڇوڪري مون کي ٽافيون، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون ڏيندي ھئي. ڇوڪري مون کي پيار وارين نظرن سان ڏسندي هئي، ڳلن تي ٿڦڪيون ھڻندي ھئي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ھئي، پر ھن مون سان ڪڏھن بہ ھڪ لفظ نہ ڳالھايو. نُور صاحب جو ان ڇوڪريءَ سان ڪيترن ئي ڏينھن تائين عشق ھلندو رھيو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن ڪجهہ ايئن ٿيو جو امان مون کي ڳولي رھي ھئي ۽ ڳوليندي ڳوليندي چبوتري تي آئي، جتي آئون ٽافيون کائي رهيو ھئس ۽ منھنجو کيسو شين سان ڀريل ھو. امان مون کان پڇا ڪئي، ”ھي سڀ شيون ڪٿان آنديون اٿئي؟“ مون امان کي پيرائتي ڳالھ ٻڌائي، بس پوءِ ان ڏينھن کان اھا ڇوڪري گهر ۾ ڪٿي بہ نظر نہ آئي. ڇوڪريءَ جي نظر نہ اچڻ ڪري نُور صاحب ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ پريشان رھڻ لڳو. ھن کي امان ۽ منھنجي ڳالھ ٻولھ جي خبر پئجي وئي ھئي. ھن مون تي ذري بہ ڪاوڙ نہ ڪئي، ڇو تہ نُور صاحب کي منھنجي سادگي ۽ معصوميت جي خبر ھئي. نُور صاحب سمجهي ويو تہ عشقيہ داستانن جي پڄاڻي عام طور ڏکن جي صورت ۾ ٿيندي آھي. ڇوڪريءَ جي مائٽن کيس سورت (ھاڻ گجرات) موڪلي ڇڏيو ھو، اتي ئي ويجهن مائٽن ۾ ان جي شادي بہ ڪرائي ڇڏيائون. اھم ڳالھ اھا تہ انھيءَ واقعي کان پوءِ بہ بوھري خاندان جا اسان سان ساڳيا ئي پيار ۽ محبت وارا تعلقات قائم رھيا، ڪو بہ فرق نہ پيو.