آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

ڀوٽان ۾ سائرا جو بيھوش ٿيڻ

سائرا کي منھنجي پسند ۽ ناپسند بابت خبر پئجي وئي ھئي، ھو ڄاڻي چڪي هئي تہ آئون گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آھيان ۽ انھن جڳھين تي ويندو آھيان، جتي مشھور ماڻھن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ھوندو آھي. شادي کان پھرين آئون ڊرائيور عمر ۽ ذاتي ملازم جمعي سان، ڪار جي ڊگيءَ ۾ بيضا، بصر، پٽاٽا ۽ ٻيون ضروري شيون کڻي، تفريح لاءِ قدرتي منظر پَسڻ لاءِ پري پري تائين نڪري ويندو ھئس، ڪتاب بہ کڻندو ھئس، ٻئي طرف سائرا ۽ ان جا والدين سيون اسٽار ھوٽلن جا عادي ھئا. سائرا ننڍپڻ ۾ پنھنجي والدين سان گڏ سڄي دنيا گهمي چڪي هئي. شادي جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ جڏھن اسان يورپ وياسين تہ، ڪيترن ئي جڳھين تي گهمڻ دوران خبر پئي تہ ھُوءَ اڳ بہ اتان چڪر هڻي وئي هئي.
ھڪڙي ڏينھن سائرا پنھنجي فلم جي شوٽنگ تي وئي، آئون بہ پنھنجي لگزري ليموزين ڪار ۾ اتي ھليو ويس، ھُوءَ مون کي ڏسندي ئي خوشيءَ مان جبل تان ھيٺ لھي آئي. شاديءَ جون واڌايون ڏيندي، ڀوٽان جي شاھي خاندان اسان کي موڪلون گذارڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي. اسان ھني مون ملھائڻ ڀوٽان وياسين. سائرا جي خاص نوڪرياڻي نورجھان بہ گڏ ھئي، ڀوٽان جي جبلن جا منظر ۽ رستا انتھائي خوبصورت آھن. اتي جا ڪيترائي جهنگل ۽ بھڻ جي ڪاٺ سان ٺھيل گهر تمام وڻندڙ آھن. اسان ھڪ ھوٽل ۾ رھائش اختيار ڪئي. سِيءُ تمام گهڻو ھو، نورجھان پاسي واري ڪمري ۾ سمھي پئي، اسان زال مڙس ھڪ ڪمري ۾ ھئاسين. ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، سيءُ تمام گهڻو ھو، دريون ۽ روشندان بند ڪري، اسان ڪمبل وجهي سمھي پياسين، اوچتو مون کي محسوس ٿيو تہ سائرا بستري تي ناھي، ڪمري ۾ ڏسڻ کان پوءِ باٿروم ويس، ڏٺم تہ سائرا باٿ روم ۾ بيھوش پئي آھي. مون کي تمام تڪليف ٿي، مالڪ کي ٻاڏايم، ’ياﷲ سائرا کي پنھنجي امان ۾ رک.‘ جلدي ڊاڪٽر کي گهرايم، ان ٻڌايو تہ ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، آڪسيجن گهٽجڻ ڪري ڪاربان مونو آڪسائيڊ ڪمري ۾ پکڙجي وئي، خدانخواستہ موت بہ واقع ٿي پئي سگهيو. ھڪ ڀيرو وري جوتشيءَ جون ڳالھيون منھنجي ڌيان ۾ اچي ويون.
ڀوٽان ۾ اڳيان وڃڻ بدران اسان واپس بمبئي ھليا آياسين. اسان جي گهر ۾ وري جهيڙو شروع ٿي ويو. منھنجيون ڀينرون ۽ ڀائرَ، سائرا کي خوش آمديد چوڻ تہ پري، برداشت ڪرڻ لاءِ بہ تيار نہ ھئا، ھُو سائرا جي مقبوليت جي ڪري ان سان ساڙ ڪندا هئا. سائرا جي پرورش تہ راڻين وانگر ٿي ھئي. ھُوءَ پنھنجي خاندان جي اکين جو ٺار ھئي. منھنجو گهر جو نظام گڏيل خاندان تي ھو، جنھن جي سربراھ ادي سڪينہ ھئي، ان سان گڏ رھڻ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر هو. ٻيو تہ منھنجي شادي شدہ ڀينرن جو گهر ۾ اچڻ وڃڻ ھو. اسان جي شاديءَ کان پوءِ منھنجي ڀيڻ فوزيہ مستقل طور اسان وٽ رھڻ لڳي ھئي. سائرا وٽ وقت جي وڏي اھميت ھئي. ھن کي تيار ٿي شوٽنگ تي پھچڻو ھوندو ھو. جڏھن سائرا واش روم ۾ ھوندي ھئي تہ ان وقت ئي فوزيہ کي بہ ضرورت محسوس ٿيندي هئي. اھا وڏي بدمزگي جي ڳالھ ھئي. پنھنجي خانداني پسمنظر ۽ وڏي فلمي شخصيت ھجڻ باوجود سائرا کي ھڪ الڳ واش روم جي سھوليت بہ ميسر ڪونہ ھئي، پر ان ھوندي بہ سائرا مون سان ڪا شڪايت ڪونہ ڪئي. سائرا ان جو حل بہ ڳولي ورتو. ھُوءَ پنھنجي مائٽن جي گهر ھلي ويندي ھئي. اتان وھنجي سھنجي تيار ٿي ايندي هئي، پوءِ شوٽنگ تي ويندي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ سائرا منھنجي ڀينرن سان محبت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي ۽ ھن تعلق بھتر بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ڀينرن جو روَيو بھتر نہ ٿيو. ٻيو تہ ٺھيو پر اسان جو خانداني نوڪر انور ۽ نوڪرياڻي رابعہ بہ سائرا سان بدتميزي ڪرڻ لڳا ھئا. اھي سائرا جي ملازمہ نورجھان کي ناشتو بہ تيار ڪرڻ نہ ڏيندا هئا. سندن اھو چوڻ ھوندو ھو تہ ناشتو سڀني لاءِ ھڪجھڙو تيار ٿيندو، جيڪو ھُو تيار ڪندا. اھا تمام گهڻي ناقابلِ برداشت صورتحال ھئي.
آئون سڀ ڪجهہ خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھئس، نہ چاھڻ جي باوجود بہ ڀينرن جي حمايت ڪري رھيو ھئس. ان ڪري تہ متان ھُو اھو نہ سمجهن تہ آئون شاديءَ کان پوءِ بدلجي ويو آھيان. سائرا جو ننڍي ڄمار ۾ اھو سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو حيران ڪندڙ ھو. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ھر وقت واري جهيڙي سائرا جي صحت تي ڪاٽُو اثر پيا. ھن کي معدي جو السر ٿي ويو. ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ گهرو معاملن جي ڪري سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي برعڪس سائرا ۽ ان جي ماءُ جو روَيو بھتر ھو. ھُن اھو بھانو گهڙيو تہ خراب بيضا کائڻ جي ڪري، سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي. ڊاڪٽرن جڏھن پرھيز جو ٻڌايو تہ نسيم آپا ھن جي ۽ منھنجي ناشتي جو ذمو پاڻ تي کنيو. ناشتي سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن لنچ ۽ ڊنر جو انتظام بہ ھُوءَ ڪندي ھئي. کائڻ پيئڻ جي پرھيز ۽ مسلسل علاج ڪرائڻ باوجود معدي جي بيماري شدت اختيار ڪري ورتي. اسان بمبئي جي ’سينٽ ايلزبيٿ نرسنگ ھوم‘ مان سائرا جو علاج ڪرايو. علاج ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهہ فائدو تہ ٿيو، پر فزيشنس مشورو ڏنو تہ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ برطانيہ جي مشھور ’لنڊن ڪلينڪ‘ مان علاج ڪرائڻو پوندو، جتي برطانيہ جي راڻيءَ جو ڊاڪٽر گيسٽرو انٽرولاجسٽ سر فرانس ايوري جونز جي نگرانيءَ ۾ سائرا جو علاج ٿيندو.
امان جِي (سائرا جي ناني)، ھن جو ڀاءُ سلطان ۽ ھن جي ڀاڄائي راحت ڀڄِي ڊُڪِي سائرا، ھن جي ماءُ ۽ مون کي لنڊن موڪلڻ جا انتظام ڪري ورتا. يش چوپڙا، ستيش ڀالا، ڀلراج ڪوھلي ۽ ٻيا دوست ان ڏُکي گهڙيءَ ۾ مون سان گڏ ھئا ۽ اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ بہ آيا.
لنڊن ڪلينڪ جا قائدا ۽ قانون سخت ھئا. مريض سان ان جي وارثن کي گڏ رھڻ جي اجازت نہ ھئي. سر فرانس جي ڪوششن سان نسيم آپا کي سائرا سان گڏ رھڻ جي اجازت ملي وئي. نسيم آپا پاڻ بہ چيلھ جي تڪليف ۾ ورتل ھئي. ان ڳالھ کان خود سر فرانس بہ واقف ھو. ھُوءَ ڌيءَ جي ڪري سڄو ڏينھن ڪرسيءَ تي ويٺي ھوندي ھئي. سر فرانس ان عمل تي خوش ٿيو، ھن چيو تہ، ”مون اڄ تائين ڪنھن ماءُ ۽ مڙس کي ائين پرگهور ڪندي نہ ڏٺو آھي.“ ھن اھو بہ چيو تہ، ”اھڙيون خوبيون صرف مشرقي ماڻھن ۾ ھونديون آھن.“
اسپتال ۾ جڏھن سائرا سان گڏ ھوندو ھئس تہ ھُوءَ تڪليف جي باوجود بہ مُرڪندي رھندي ھئي. مون کي ان ڳالھ جي وڌيڪ خوشي ھئي، جو آئون سائرا سان گڏ آيو ھئس. مالڪ جي ڪرم ۽ اسان جي گڏيل ڪوششن سان سائرا صحتياب ٿي وئي. ھڪ مھيني تائين ھُوءَ اسپتال ۾ ھئي.
اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ ھن فلم ’پورب ۽ پڇم‘ ۾ ڪم ڪيو. ھيءَ فلم 1970ع کان پوءِ ريليز ٿي. فلم ’پورب ۽ پڇم‘ جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر منوج ڪمار، سائرا جي صحتيابي تائين شوٽنگ جو ڪم روڪي ڇڏيو. سندن اھو عمل تعريف لائق آهي. منوج جو اھو احسان مون ھيئن لاٿو، جڏھن ھن مون کي چيو تہ، ”’ڪرانتي‘ فلم ۾ ڪم ڪر.“ تڏھن مون بنا اسڪرپٽ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري. ٻئي پاسي سوبدہ مکرجي ھو. ان کي سائرا جي خاندان جو حصو سمجهو ويندو هو، پر ان جي روَيي تي اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي. ھن ئي سائرا کي پنھنجي فلم ’شرميلي‘ ۾ متعارف ڪرايو ھو. ان سان گڏ سائرا ٽن فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ھاڻي فلم ’شرميلي‘ تي ڪم ٿي رهيو هو تہ سائرا بيمار ٿي پئي، ھن جي بيماريءَ جي ڪري ٻي اداڪارہ کي فلم ۾ کنيو ويو. سائرا کي ٻڌايو بہ نہ ويو، جڏھن تہ ذڪر ڪيل فلم شرميلي جي ڪھاڻي سائرا پنھنجي ليکي گلشن نندا کان لکرائي ھئي.
لنڊن ۾ اسان لانگ ڊرائيو تي نڪري ويندا ھئاسين، سائرا جو ننڍپڻ ۽ جواني لنڊن ۾ ئي گذري ھئي، ڏٺل جاين جڳھين تي وري وڃڻ سان سائرا کي خوشي ٿيندي هئي. ان سان گڏوگڏ آئون بہ ڏاڍو انجواءِ ڪري رھيو ھئس. ھڪ ڀيري اسان ’ويسٽ منسٽر‘ مان لنگهي رھيا ھئاسين، سائرا چيو، ”ڪاش گاڏي ’بڪنگهم پيلس‘ جي اندر ھلي وڃي ۽ اسان ملڪہ عاليہ سان ملي سگهون!“
قدرت جو ڪرشمو اھو ٿيو جو انھيءَ ھفتي ئي مون کي برطانيہ جي راڻي طرفان دعوت ڏني وئي، ھيءَ سالياني تقريب ھئي، جنھن ۾ اھم برطانوي شھرين، سفارتڪارن، غير ملڪي اھم شخصيتن کي دعوت ڏني وئي ھئي. مون سائرا کي سرپرائز ڏيڻ چاھيو ٿي، ملڪہ جي دعوت جو کيس نہ ٻڌايم، صرف ايترو ٻڌايم تہ ڪنھن سٺيءَ جڳھ تي چانھ پيئڻ ٿا ھلون.
ھُوءَ خوش ٿي پر مون کي رسمي لباس ۾ ڏسي حيران ٿي، پر پڇيائين ڪجهہ بہ نہ. بيماريءَ مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ھُوءَ وڌيڪ خوبصورت لڳي رھي ھئي. ڊرائيور رولز رائيس ڪار کي بڪنگهم پيلس جي رستي تي آندو، محل جا گيٽ اڳ ۾ ئي کُليل ھئا. گاڏي محل ۾ داخل ٿي تہ سائرا حيران ٿي وئي. مون کيس ٻڌايو تہ اسان ملڪہ عاليہ سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آھيون. اسان کي شاھي محل جي باغ ۾ چانھ پياري ويندي، سائرا کي حيرت تہ پھريائين بہ ھئي، پر ھن کي منھنجين ڳالھين تي يقين بہ نہ پئي آيو. مختلف ھالن ۽ رستن کان ٿيندا، اسان گارڊن ۾ پھتاسين، جتي ملڪہ ايلزبيٿ، شھزادو فلپ، ڪوئين مدر، شھزادو چارلس، شھزادي ايني مھمانن سان ملي رھيا ھئا.
اسان جڏھن ملڪہ جي ويجهو پھتاسين تہ ڪيترائي ڀارتي ۽ ايشيائي ملڪن جا سفارتڪار اسان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. اھي اسان کان آٽوگراف وٺڻ لڳا. ان تي ملڪہ عاليہ کي حيرت ٿي. ملڪہ اسان سان ھٿ ملايو ۽ چيائين تہ، ”توھان تہ وڏا مشھور ماڻھو آھيو، تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آهي، توھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.“
سائرا جو علاج ڪرائي جڏھن اسان بمبئي واپس آياسين تہ مون سائرا جي بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ھڪ تہ سائرا کي پرھيز جي سخت ضرورت هئي ۽ ان جي پرگهور ڪرڻ بہ ضروري ھئي. ٻيو تہ گهرو مسئلن جي ڪري سائرا کي ٻيھر السر ٿي پئي سگهيو. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون طبيعت جا تيز ھئا، ننڍين ننڍين ڳالھين تي وڏا مسئلا کڙا ڪري ڇڏيندا هئا. اھو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھندو ھئس. پر ھاڻي معاملو ٻيو ھو، سائرا بہ منھنجي ذميداري ھئي.
منھنجي ذاتي گهريلو زندگي بابت ماڻھن گهڻا سوال ڪيا آهن، آئون چاھيان ٿو تہ ان بابت بہ ڪجهہ ڳالھايان. لنڊن مان واپسيءَ تي ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا. ان جو اظھار ھتي تہ نٿو ڪري سگهان، پر آئون ڏاڍو مايوس ٿيس. ڪيترائي دوست ۽ ساٿي مون سان ملڻ لاءِ گهر ايندا هئا. منوج ڪمار پنھنجي زال شاشي سميت ملڻ آيو، عورتون اندر ھيون، ان دوران منھنجي ھڪ ڀيڻ شاشي سان بدتميزي ڪئي، ڀيڻ جي ان عمل تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مون اھا ڳالھ پنھنجي سڀ کان محبوب ڀاءُ ناصر کي ٻڌائي. مون ناصر کي چيو تہ، ”رھائش لاءِ آئون ’سن اينڊ سينڊ‘ ھوٽل ۾ منتقل ٿيڻ چاھيان ٿو يا تنھنجي فليٽ ۾ رھائش اختيار ٿو ڪريان.“ جيڪو ان وقت خالي پيل ھو. ڇو تہ ناصر ۽ ان جي زال پارہ جي رھائش ان وقت ناسيڪ فارم تي ھئي. سائرا لاڏ ڪوڏ ۾ نپني ۽ جوان ٿي ھئي. شاديءَ کان پوءِ ھن جي اڳيان ڪيترائي مسئلا ھئا. ان جي باوجود سائرا مون کي مشورو ڏنو تہ ڪو مسئلو ڪونھي، ھتي ئي تنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ رھنداسين.
سائرا منھنجي زندگيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ھڪدم پنھنجي پاڻ کي بدلائي ڇڏيو هو. ھُوءَ مڪمل طور مون وانگر زندگي گذارڻ لڳي ھئي. ھُوءَ شروع ۾ ماڻھن سان ملڻ وقت ٿورو پنھنجو اسٽينڊر رکندي هئي. ھن کي ھر ڪنھن سان ملڻ پسند نہ ھوندو ھو. ھُوءَ مون وانگر نہ ھئي تہ ڪابہ وڏي شخصيت ھجي يا ڪو عام ماڻھو ٽائيم وٺڻ بنا اچي گهر ۾ ملي. منھنجي دوستن جي آمدورفت کي ڏسندي نسيم آپا ۽ امان جِي ٽن ڊيپ فريزرن جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اھي کائڻ پيئڻ جي شين سان ھر وقت ڀريل رھندا ھئا. اچڻ وارن مھمانن جي خاطر تواضع ٿيندي رھندي ھئي. منھنجي وڏن مون کي ٻڌايو ھو تہ منھنجي پيرن ۾ سفر جا ڦيٿا لڳل آھن. سائرا منھنجي انھيءَ شوق کي وڌيڪ تقويت ڏني. لفظ سائرا جي معنيٰ سير ڪرڻ واري آھي. شادي، ھڪ مشڪل جوڙ آھي، ڪنھن بہ جوڙي جو صرف واعدن جي بنياد تي سفر طئہ نٿو ڪري سگهجي. اِن ۾ بي شمار لاھا چاڙھا ايندا آھن. ڪنھن بہ جوڙي کي ھڪٻئي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. آئون شرارتون بہ ڏاڍيون ڪندو ھئس، ڪيترائي ڀيرا سائرا سان شرارتون ڪري لطف اندوز ٿيندو ھئس.
1967ع ۾ جڏھن اسان مھاراشٽر جي علائقي ’پنھالا‘ ۾ ھئاسين تہ اتي بہ مون ڪيترائي ڀيرا سائرا کي ڊيڄارڻ واريون شرارتون ڪيون. جڏھن بجلي ھلي ويندي ھئي تہ چُپ چُپات ۾ ڪمري مان ٻاھر نڪري ويندو ھئس ۽ ننڍا پٿر کڻي درين کي ھڻندو ھئس. ٺڙڪي تي سائرا ۽ ان جو اسٽاف ڊڄي ويندو هو. 1968ع ۾ ھڪ دفعي اسان بينگلور جي ھڪ ھوٽل ۾ ترسيل ھئاسين، سائرا جي ملازمہ نورجھان بہ اسان سان گڏ ھئي. آئون ڪمري ۾ ھڪ الماڙيءَ ۾ لڪي ويھي رھيس. سائرا ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ۽ سمجهائين تہ آئون ٻاھر نڪري ويو آھيان. ٿوري دير ۾ نورجھان بيگ رکڻ لاءِ جيئن ئي الماڙي کولي تہ مون وڏي دانھن ڪئي، نورجھان خوف کان پري وڃي ڪرِي ۽ سائرا بہ ڊڄي ڏڪي وئي.
اسان بمبئي واپس آياسين تہ آپا نسيم مون کي سمجهايو تہ، ”يوسف پٽ ھيءَ سائرا ڏاڍي ڊڄڻي اٿئي. تنھنجين اھڙين حرڪتن جي ڪري ڪٿي دل جو دورو نہ پويس.“ پر منھنجين شرارتن جي ڪري نازڪ ۽ نفيس سائرا ٿورن ئي ڏينھن ۾ دلير ٿي وئي ھئي. ايتري تائين جو ھُوءَ ھاڻ مون کي بہ شرارتن سان ڊيڄاري رھي ھئي. شاديءَ کان پوءِ بہ منھنجا دوست ستيش ڀالا، بلراج ڪوھلي رات جو ٻين وڳي گهر جي ھيٺيان بيھي ھارن وڄائيندا هئا. انھن جي خيال ۾ آئون بہ انھن سان گهمڻ لاءِ ھلان. شاديءَ کان پھرين رات جو دير تائين گهمڻ اسان جو معمول ھوندو ھو، اسان گڏجي رات جو دير تائين رُلندا ۽ ھوٽلنگ ڪندا هئاسين. پران ۽ ستيش کي اردو شاعريءَ تي دسترس هئي. مير، غالب ۽ فيض جي شاعري ياد ھوندي ھئن. محفلن ۾ اسان کي ڪيترائي غزل ۽ گيت ٻڌائيندا هئا. گليمر سان ڀرپور نوجوان عورت جو ڪجهہ منٽن ۾ تيار ٿيڻ ايڏو سوَلو ڪونھي، ھڪ شام اسان کي ڪيڏانھن وڃڻو ھو. سائرا تياريءَ ۾ ھڪ ڪلاڪ لڳائي ڇڏيو، تيار ٿيڻ کان پوءِ زيورن ۾ ٺھي ٺُڪي منھنجي اڳيان اچي بيٺي. ھُوءَ تمام گهڻي خوبصورت لڳي رھي ھئي. مون کان پڇيائين، ”ڪيئن ٿي لڳان؟“
مون چيو، ”تمام گهڻي خوبصورت، پر تون ھاڻ ھيئن ڪر ھي سڀ زيور ڪنھن ٽوڪريءَ ۾ وجهي کڻي ھل، جيئن ماڻھن کي خبر پوي تہ تو وٽ ڪيترو سونُ آھي.“ ھُوءَ منھنجي لڪل طنز کي سمجهي وئي، ان کان پوءِ ھن گهڻا زيور پائڻ ڇڏي ڏنا ۽ پوءِ ھن جو معمول بڻجي ويو، جيڏانھن بہ ويندا ھئاسين، مختصر ھيرن جي مالا ۽ والين کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ پائيندي هئي. ڪجهہ عرصو پھرين مالڪ جي مھربانيءَ سان اسان کي دائمي جوڙي جو لقب ڏنو ويو. ماڻھن کي وڏو تجسس ٿيندو آهي تہ اڌ صديءَ کان اھو تعلق ڪيئن برقرار رھيو آھي. اسان جي اعزاز ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، پر آئون ۽ سائرا اتي نہ وڃي سگهاسين. اميتاڀ بچن اسان کي گهر اچي شيلڊ ڏني. چوڻ جو مقصد تہ لازوال تعلق نڀائڻ خاطر جوڙي کي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. ھار سينگار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائيندڙ سائرا منھنجي خوشيءَ خاطر پنھنجيون عادتون بدلائي ڇڏيون. ان ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ شاديءَ کان پوءِ مون ۾ بہ ڪافي تبديليون آيون هيون، پر سائرا جنھن طريقي سان پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪيو ھو، سو ساراهڻ لائق آهي. مالڪ جي مھربانيءَ سان اسان ھڪ طويل تعلق نڀائڻ ۾ ڪامياب وياسين.
سچي ڳالھ اھا آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خودغرضيءَ جي فريب ۾ نہ آياسين. شادي شدہ جوڙا معمولي ڳالھين تي وڙھندا آھن تہ ان تي تڪليف ٿيندي آهي. بيشڪ ھار سينگار ڪرڻ عورت جو حق آهي، پر پنھنجي حق جي حصول لاءِ ٻين جا حق غضب ڪرڻ، مسئلا کڙا ڪرڻ بہ سٺي ڳالھ نہ آھي. مون سائرا جي باري ۾ ٻڌايو آھي تہ ھُو شروع ۾ ميڪ اپ تي وڏو وقت لڳائيندي ھئي، پر جڏھن ان کي محسوس ٿيو تہ اھا ڳالھ مون کي خراب ٿي لڳي تہ ھن پنھنجي عادت مَٽائي ڇڏي. ان حد تائين جو مٿي تي ميندي لڳل ھوندي ھئس تہ ان حالت ۾ بہ مون سان گڏ ھلي ھلندي ھئي.
ھڪ دفعي مون کي بمبئيءَ کان ٻاھر ڪنھن شاديءَ ۾ وڃڻو ھو. سائرا مون سان ايئرپورٽ تائين ھلي، اتي ايئرپورٽ تي ئي ان کي خبر پئي تہ سندس شوٽنگ ملتوي ٿي چڪي آهي، اھو معلوم ڪرڻ بنا تہ جھاز ۾ سيٽون خالي آھن يا نہ، سائرا وٽ ٽائم آھي يا نہ، مون ھن کي پاڻ سان گڏ ھلڻ جي صلاح ڪئي. ھن جي محبت ۽ سادگي ڏسو، انھيءَ سادي لباس ۾ ھُوءَ مون سان ھلڻ لاءِ راضي ٿي وئي. ساادي شلوار قميص ۾ ھن وڏي اطمينان ۽ خوداعتماديءَ سان شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
سائرا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آھن، ھُوءَ تمام گهڻي نرم مزاج آھي، ڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي انا جو مسئلو ڪونھي ٺاھيندي. بردباريءَ جو مظاهرو ڪندي معذرت ڪري ڇڏيندي آهي. ڪاوڙ کان ھن کي بيزاري ٿيندي آهي، جيستائين معاملي کي ختم نہ ڪندي، تيستائين بيچين رھندي آھي. منھنجي ڀيڻ اختر سڀني کان وڌيڪ ھوشيار ۽ چالاڪ ھئي. ھن گهر وارن جي اجازت کان سواءِ فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر آصف سان شادي ڪئي هئي، جنھن جي ڪري مون ھن سان سدائين لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيو هو. ھڪ ڏينھن اسان جي گهر ۾ بمبئيءَ جي ’بريچ ڪينڊي اسپتال‘ مان فون آئي، فون سائرا کنئي ٻڌايو ويو تہ اختر شديد بيمار آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪري رھي آھي. ان وقت تائين ھن جو مڙس آصف وفات ڪري چڪو هو. منھنجي ڀيڻ اختر پنھنجين ڌيئرن ساڻ رھندي ھئي. اختر جي شادي مون کي سڄي دنيا ۾ خوار ڪيو ھو. مون چيو، ”مرڻَي مرِي وڃي، پر ان جي شڪل ڪونہ ڏسندس. ان سان ملڻ ڪڏھن بہ ڪونہ ويندس.“ مون سائرا کي ٻڌايو ھو، پر سائرا ھمٿ ڪونہ ھارِي. مون کي منٿون ڪندي رھي ۽ نيٺ مون کي مڃائي ورتائين. ھُوءَ مون کي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ وٺي وئي، جتي ڪيترن ئي سالن کان وڇڙيل ڀاءُ ڀيڻ مليا. منھنجي سائرا سان شاديءَ تي اختر سخت اعتراض ڪيو ھو. ھن جڏھن سائرا کي سمجهيو تہ سندس مداح بڻجي وئي. ھاڻي بہ منھنجي ڀينرن ۾ سائرا کي سڀ کان ويجهي اختر آھي.
سائرا جي طبيعت ۾ قناعت پسندي گهڻي آھي، مالڪ جي ڪرم سان مون ۾ بہ اھا خوبي آهي. عاجزي ۽ انڪساري اسان ٻنھي ۾ گهڻي آھي. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو ھو جو سائرا کي چوندو ھئس تہ، ”تيار ٿي ڪٿي فنڪشن ۾ ھلڻو آھي.“ ھُو تيار ٿي منھنجو انتظار ڪندي ھئي ۽ آئون ٻئي ڪنھن ڪم ۾ مصروف ٿي ڳالھ وساري ڇڏيندو ھئس. تيستائين فنڪشن بہ ختم ٿي ويندو هو. گهر ايندو ھئس تہ سائرا طرفان ڪابہ شڪايت نہ ھوندي ھئي، صرف ويسارو چئي ڳالھ اتي ختم ڪري ڇڏيندي هئي.
سائرا جي وڏي خوبي اھا آھي تہ ھُوءَ ماضيءَ جي تلخين کي وساري حال ۾ جيئڻ جي قائل آھي. سچي ڳالھ اھا آھي تہ ھن جون اھي خوبيون ڏسي، مون ۾ اھي خوبيون پيدا ٿيون آهن. سڀني کي خبر آهي تہ مڌوبالا سان منھنجو تعلق تلخين تي ختم ٿيو ھو. سائرا سان شاديءَ کان پوءِ ملڻ جو سوچي بہ نہ سگهندو ھئس، پر سائرا ئي ھئي جنھن جي زور ڀرڻ تي مڌو سان ملڻ ويو هوس. ٿيو ھيئن جو اسان جي شاديءَ جي ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ آئون ۽ سائرا مدراس ۾ ھئاسون. مڌوءَ جو نياپو مليو تہ ھُوءَ مون سان ھنگامي طور جلدي ملڻ چاھي ٿي. مدراس ۾ مون اھا ڳالھ لڪائي، بمبئي واپسيءَ تي سائرا کي مڌوءَ جي نياپي بابت ٻڌايم. سائرا مون کي چيو، ”توکي جلدي ھن سان ملڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ھن کي ڪا پريشاني ھجي.“
آئون مڌوبالا جي گهر ويس، ھُوءَ سخت بيمار ھئي ۽ تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي. رنگ ھيڊو ٿي چڪو ھئس. مڌوءَ جي اھا حالت ڏسي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ھُوءَ مون کي ڏسي خوش ٿي ۽ چيائين، ”اسان جي شھزادَي کي ان جي شھزادِي ملي وئي آھي، آئون تمام گهڻي خوش آھيان.“
ھُوءَ پنھنجن ذاتي معاملن ۾ الجهيل ھئي ۽ مون کان صلاح وٺڻ چاھيندي ھئي، ڪافي معاملن متعلق گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ھُوءَ مطئمن ٿي وئي. اھا مڌوبالا سان منھنجي آخري ملاقات ھئي. مڌو بالا 23 فيبروري 1969ع تي ھن دنيا کان سدائين لاءِ موڪلائي وئي.