مختلف موضوع

چِٺيون چَندَن واسُ

”چِٺيون چَندَن واسُ“ محترم علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو مجموعو آهي. علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن.
”چٺيون چَندن واس“ ۾ آيل خط، ڪشمش، زبانن تي تالا بندي، ظلم و جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا، سزائون قيد ۽ بند جو عقوبتون ڏيڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بلند حوصله ۽ ڪارونجهر جهڙي اڏولتا وغيره جي ڀرپور عڪاسي ڪري پڙهندڙ کي اڄ جي ٽڪي، ٽڪي تي وڪامندڙ دور ۾ حوصلو، همت، اڏولتا ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو درس ڏين ٿا.
Title Cover of book چِٺيون چَندَن واسُ

زبانن تي تالا

مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري مهراڻ ڪاليج مورو ۾ فرسٽ يئر ۾ داخلا ورتي هُئي ته انهيءَ دوران سنڌ جي سڄڻ ۽ املهه انسان راشد مورائي سان واقفيت ٿي. جيڪا پوءِ برادريءَ ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ اڄ تائين برقرار آهي. انهيءَ مونکي هڪ ته ٻاٽ اونداهه مان ڪڍي روشن دنيا جو درشن ڪرائيو. ٻيو ته مونکي هن اها صلاح ڏني ته ”جيڪو به خط اچي يا چٺي چڦاٽي اچي ته اها ضايع نه ڪجان، ۽ اها ساهه سان سانڍهي رکجان“ ۽ پوءِ مون ائين ئي ڪيو، جيڪي به خط يا چٺيون پهتيون اُهي مون سانڍي رکيون ۽ مونکي سائين جي ايم سيد جي شهر سن ۽ جي ايم سيد جي زيارت ۽ انهيءَ سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ به آءٌ ٿورائتو آهيان راشد مورائي جو. انهيءَ کانسواءِ ٻيو جيڪو مونکي فائدو ٿيو ته سنڌ جي ناموَر اديبن سان منهنجي شناسائي به راشد جي ڪري ٿي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جي چڻنگ منهنجي دل ۾ راشد، ئي دکائي. جيڪا هيئنر ڀنڀٽ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.
اهوئي سبب آهي، جو جڏهن آءٌ ۽ ستار موريو کي انٽر نيشنل هاسٽل جي روم نمبر 63 تان رات جي اونداهيءَ ۾ ايس ڊي ايم قلي بخش رند، ايس پي لالا اعظم ۽ ايم ايس پي قربان علي شاهه گمبٽ واري گرفتار ڪيو، ۽ پوءِ 18 فيبروري 1980ع کان 14 ڊسمبر 1982ع تائين جو اٽڪل ٽن ورهين جو عرصو جيل ۾ گذريو ۽ جيل ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو احوال ته جيل ڊائري ”ڪايا منجهه ڪڙن“ ۾ ڇپجي ويو آهي. ليڪن جيل ۾ جيڪي خط ۽ چٺيون اينديون هيون، اهي سانڍي رکندو هوس، ۽ پوءِ اهي جڏهن به مارشلا ڪورٽ ۾ شنوائي ٿيندي هئي ته، اتي ڪنهن ذميوار دوست يا پنهنجي ننڍي ڀاءُ ارباب علي شاهه جي حوالي ڪندو هوس.
جيل جي به عجيب دنيا آهي، ۽ مارشلا جي فوجي دور ۾ جيل جي شڪل، صورت ۽ آفيسرن جو رعب تاب ۽ دٻدٻو به عجيب هوندو هئو. انهيءَ دور ۾ نارا جيل حيدرآباد ۾ سيد محبوب حسين، جيل سپرنٽينڊنٽ هئو ۽ روزاني انهيءَ لاءِ مشهور هئو ته آفيم جو روڙو کائيندو هئو ۽ سڄو ڏينهن پنڪيون کائيندو وتندو هئو ۽ نارا جيل ۾ ستار موريو، آءٌ ۽ منظور پنهور دادو جو، سڄي وارڊ جي ٽن ڌار – ڌار کولين ۾ بند هوندا هئاسين ۽ اسان جي مسلسل ڇهن مهينن تائين حيدرآباد جي مارشلا ايڊمنسٽريٽر قاضي سعيد الدين جي حڪم تي ملاقات به بند هئي ۽ کولين مان به ٻاهر ڪڍڻ جي مهرباني ڪندا هئا، ته ڪڏهن وري 24 ڪلاڪ جيل ۾ بند هوندا هئاسين. جيل جي قانون موجب هڪ باريڪ ۾ قيدي اِڪي ۾ رکڻا هوندا آهن. ۽ اسان به ٽي ڄڻا هوندا هئاسين. پوءِ به اسان کي گڏ نه رکندا هئا ۽ ڇهن مهينن تائين اسان کي جيل جي دال ۽ ٻيون ڀاڄيون ڀانءَ پئجي ويون، ۽ جيل عملي سان به عليڪ سليڪ ٿي وئي، ته جيل جو هڪ سپاهي محمد بخش چانڊيو جيڪو ليٽ ننگر خان چانڊيو مٽياڻي جي ڀرسان ويٺل هئو، انهيءَ کي مون پهريون خط سڪرنڊ جي ساٿي ولڻ ملاح لاءِ لکي ڏنو ته اهو پوسٽ ڪري ڇڏي، پر انهيءَ چانڊيي سپاهي خط ٽپال ۾ موڪلڻ بجاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ سيد محبوب حسين کي وڃي ڏنو ۽ اهو خط مارشلا اختيارين جي حوالي ٿي ويو ۽ پوءِ منهنجي مٿان سختي وڌي وئي ۽ انهيءَ خط ۾ مون ولڻ ملاح کي لکيو هئو ته ”جڏهن هٿ جي تريءَ تي وار ڄمي ايندا ۽ سج اولهه کان اڀرڻ شروع ڪندو ته پوءِ آءٌ پنهنجي ساٿين جي باري ۾ مارشلا جي فوجي سپاهين جي پادرن کان خوف کائي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندس ۽ تون يقين ڪر ته آءٌ پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي سگهان ٿو، پر دوستن جي باري ۾ فوجين کي ڪابه معلومات نه ڏيندس“ ۽ جڏهن مونکي اها خبر پئي ته چانڊيي سپاهي ويساهه گهاتي ڪئي آهي، ته مون سندس وڏي ڀاءُ، چڪر جمعدار علي نواز چانڊيي کي دانهن ڏني ته هي تنهنجي ڀاءُ جا ڪم آهن ته انهيءَ چيو ته ”اسان جيل جا ملازم آهيون ۽ اسان کي جيڪو خط ملندو يا ٻي معلومات ملندي ته اها جيل انتظاميه کي ٻڌائينداسون ۽ پوءِ مونکي خبر ناهي ته ولڻ ملاح سان ڇا ٿيو يا نه ٿيو پر منهنجي خطن ۽ چٺين چپاٺين جي چوڪي گهڻي ٿيڻ لڳي. بهرحال آهستي آهستي جيل جا عملدار ڪجهه تبديل ٿيا، ٻيا نوان آئيا ۽ اسان به جيل جا قيدي پراڻن قيدين ۾ شمار ٿيڻ لڳاسون ۽ ملاقاتون به جيل جي ماڙيءَ ۾ ٿينديون هيون ۽ پوءِ خط، چٺيون چڦاٽيون دوستن جي هٿان موڪليندا هئاسون.
جيل جيئن ته هڪ محدود دنيا آهي، جنهن جا ڪمرا، ڀتيون، ساڳيا ماڻهو روز، روز ڏسڻ جي ڪري دل ڀرجي ايندي هئي ۽ جيڪڏهن نئون قيدي ايندو هئو ته انهيءَ سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ انهيءَ کي تشدد جو نشانو بنائيو ويندو هئو، ۽ بند وارڊ ۾ بند ڪيو ويندو هئو، ته جيئن اسان پنهنجون من جون مرادون انهيءَ قيديءَ مان پوريون ڪري سگهون ۽ جيل انتظاميه جي اها پرئڪٽس هوندي هئي ۽ پوءِ اهو قيدي مجبور ٿي جيل انتظاميه جو کيسو گرم ڪندو هئو. پوءِ اسان سان ملاقات به ٿيندي هيس ۽ ليپا پارٽيءَ مان به جان ڇٽي پوندي هيس. اهڙي صورتحال ۾ اسان قومپرست دوستن پنهنجي مٽن مائٽن دوستن احبابن کي شنوائي تي يا جيل تي ملاقات دوران عرض ڪري ڇڏيو هئو ته خط ۾ سوچي سمجهي لکندا ڪيو، ائين نه ٿئي جو اسان ۽ توهان ڏچي ۾ اچي وڃون ۽ ضياء الحق جي مارشلا جا پادر اسان ته کاڌا آهن پر توهان ٻاهر وارن بچيل دوستن کي به نه لڳن ۽ ڪافي دوست خط علامتي انداز ۾ غلط نالن ۽ فرضي شهر جا نالا ۽ دوستن جا نالا لکي موڪليندا هئا.
انهن خطن موڪليندڙن مان عبدالواحد آريسر جا سڀ خط اڪثر ڪري هٿو هٿ ملندا هئا، ۽ ٽپال ۾ نه ملندا هئا ۽ جيڪي مونکي چٺيون ۽ خط دوست لکندا هئا انهن مان ڪجهه ته منهنجي جيءَ جا جيارا، پرين، پيارا اسان کي هميشھ لاءِ وڇوڙو ڏئي، جدائي جو داغ ڏئي ويا آهن. انهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي نوان جتوئي جو، غلام نبي سومرو شهداد ڪوٽ جو، شهيد غلام رسول مستانو، سن جي ڀرسان ڳوٺ قبي جو، شيخ مجيب الرحمان جيڪي منهنجو هاسٽل تي روم ميٽ هئو، محمد صديق پرهيار مورو جو ۽ ولڻ ملاح سڪرنڊ جو هئو. شامل آهن. ۽ انهن جي هن ”چٺيون چندن واسُ“ خطن جي ڪتاب ۾ خطن جي صورت ۾ خوشبوءِ شامل آهي.
جيل ۾ آءٌ قيدي جي حيثيت ۾ نارا جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رهيو آهيان، ۽ مونکي خط سڄي سنڌ مان ۽ جيل مان دوستن لکيا آهن، انهن جو تعداد ته تمام گهڻو آهي، پر خرچ جي گهٽتائي ۽ دير ٿي وڃڻ ڪري سپ پبليڪيشن جي ساٿين بخشل باغي ۽ ستار سندر جي فرمائش تي چونڊ خط شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 26 دوستن کي شامل ڪيو ويو آهي. حقيقت اُها آهي ته آءٌ نارا جيل حيدرآباد مان 14 ڊسمبر 1982ع تي آزاد ٿيو آهيان. ۽ هينئر 5 مارچ 2011ع آهي، ۽ انهيءَ عرصي دوران 29 ورهيه گذري ويا آهن. ۽ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ مونکي جيڪي اولاد ٿيو اُهو به شادي شده ٿي ويو آهي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيل جي ڊائري جيڪا مختلف ڌوٻين ڌوتل ڪپڙن جي ويڙهيل خاڪي پنن ۽ ٻين ڪاغذن تي لکيل هئي اها مون اتاري ڇڏي هئي، ۽ جيڪي خط پهتل هئا اهي به مون سانڍي رکيا هئا. ۽ مونکي سپ پبليڪيشن وارن دوستن بخشل باغي ۽ ستار سندر چيو ته اهو جيل ڊائري جو ڪتاب اسان ڇپرايون ٿا. اسان کي ڏيو ۽ مون انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ڳالهيون جيل ۾ روزمره جون هيون، هاڻي اُهي تاريخ محسوس ٿي رهيون آهن ۽ اسان قومپرست قيدي ساٿين رسول بخش ٿيٻو، غلام نبي سومرو، قمر ڀٽي، عبدالواحد آريسر، صمد ڪانڌڙو، شيخ مجيب ۽ ٻين کي اها هدايت مليل هئي ته سائين جي ايم سيد کي سن خط لکو ٿا ته انهيءَ تي خط جي مٿان لفافي تي سائين جي ايم سيد جو نالو نه لکو، بلڪ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو جو نالو لکي موڪليو ته پوءِ اهو خط سائين جي ايم سيد کي ملي ويندو هو ۽ اڪثر ڪري انهن خطن جو جواب سائين جي ايم سيد اعتماد جوڳن ڪارڪنن کي زباني ٻڌائيندو هئو ۽ اهو جواب اسان کي سينه به سينه واپس ملندو هئو ۽ اهو سڄو ڪرشمو ضياء الحق جي مارشلا جو هئو.
زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا،
لکڻ کان به وياسين، ڪُڇڻ کان به وياسين،
مليو جي ڪڏهن ڪو به همدم اسان کي،
پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسون.
(ارشد)

هي شعر انهيءَ مارشلا جي دور ۾ قابل احترام سائين عبدالحڪيم ارشد جو چيل آهي ۽ انهيءَ دور جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اها صورتحال هوندي هئي ته متان لکيت ۾ ڪا شيءَ ظاهر نه ٿي پئي. ۽ پوءِ ڇهه وال ڳچيءَ ۾ ڇڪ ڇڪان شروع ٿي وڃي.

جيل ۾ جيڪي خط مون وٽ ايندا هئا، ته اسان خوش ٿي خط ڏسڻ سان قيدي ساٿي گڏجي ويندا هئاسين ته ڪنهن جو خط آئيو آهي ۽ پوءِ اڪثر ڪري گڏجي پڙهندا هئاسون، ۽ شاعر رحيم بخش قمر جو ريڊيو تي هلندڙ اُن وقت جو مشهور ڪلام ”خط تنهنجو پُهتو، تنهنجي مهرباني“ قيدي دوست گڏجي خوشيءَ ۾ ڳائيندا هئاسون. ۽ افسوس تڏهن ٿيندو هئو جڏهن جيل جي ماڙيءَ تان سپاهي لکيل حالت ۾ خط کڻي وارڊ جي ڪنهن غير ذميوار قيدي دوست کي ڏئي ويندو هئو ۽ اهو خط ايئن گم ٿي ويندو هئو، ۽ انهيءَ خط جا ڦاٽل ٽڪرا وارڊ ۾ اڏامندي حالت ۾ ڏسي منهنجا هوش حواس به ڏک ۾ اڏامڻ شروع ڪندا هئا. انهن ۾ جيڪي مونکي ياد ٿو اچي ته حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ مٺل حيدري جا خط ملندا هئا، باقي سائين راشد مورائي مونکي جيڪو به خط لکندو هئو اهو پوسٽ ڪارڊ تي لکيل هوندو هئو.

هاڻي تازو آءٌ نوابشاهه ۾ فقير جي ايم ڏاهري جي 21 تاريخ تي ٿيندڙ امير المومينين جي شان ۾ ماهوار صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ مچ تي ويٺو هوس ته شاگردي واري زماني جو قومپرست ساٿي مختيار چارڻ (جيڪو هينئر ماني مڇيءَ وارو آهي) انهيءَ خطن ۽ جيل جي ڊائري جو پڇيو. مون کيس ٻڌائيو ته خطن جو ڪتاب تيار آهي. ڪو دوست ڇپائڻ وارو هجي ته حاضر آهي، جنهن تي مختيار چارڻ ڪتاب ڇپرائڻ جو وزن پاڻ تي کنيو. جنهن لاءِ سندس وڏا احسان ۽ ٿورا، ڇاڪاڻ ته پاڻ به ساڳئي رستي جو پانڌيئڙو آهي، جنهن جا اسين آهيون. ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ سپ پبليڪيشن نواب شاهه جي مهربان دوستن بخشل باغي ۽ ستار سندر معمول مطابق منهنجي هر ڏک ۽ سک ۾ ساٿ نڀائيو آهي ۽ هينئر به هي ڪتاب ”چٺيون چندن واسُ“ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. آءٌ سڀني انهن دوستن جو وار وڇائي اکين سان پنڌ ڪري، ٿورا مڃي رهيو آهيان، ۽ مومنن جو مولا اميرالمومنين علي عليھ الصلوات والسلام انهن کي خوش ۽ آباد رکندو ۽ انهن جو جهوليون سدائين سايون هونديون.

راتيان ڏينهان ڏور، جا ڏي رضا رب جي،
اِني تارِ ڪم في ڪُم ثقلين، ڪتاب الله واترتِھ، تارازيءَ ۾ تور،
ويٺي سڳو سُور، عليءَ جي اولاد جو.
(شاهه)

علي محمد شاهه لڪياري
پريس ڪلب نوابشاهه سنڌ
Cel: 03003215629
03337206774