عبدالواحد آريسر
[/b]
جيئي سنڌ:
سڄڻ سائين علڻ شاهه!
اوهانجا ٻئي خط مليا، جواب ۾ ان ڪري دير ٿي جو سوچيم ته ٿيٻي صاحب وارن جي حاضريءَ جي تاريخ تي جواب ڏيندس، جيڪو يقيني طرح پهچي ويندو، ٻي صورت ۾ خط گم ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو.
پيارا، خطن ۾ اوهان جن خوبصورت لفظن ۾ نج ۽ نبار خلوص جو اظهار ڪيو آهي، تنهن جي موٽ لفظن ۾ ڏيڻ ته مون جهڙي ماڻهو لاءِ ممڪن ئي ڪونهي.
اسان ماڻهو هن سماج ۽ ماحول جا مايوس ۽ ذهني مونجهارن جا ماريل، تن کي هڪ مٺو ٻول، ڪو پُرخلوص جملو ۽ ڪا محبت هاڻي ڳالهه جهوري ۽ ڀوري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي شاهراهه تي اسان پنهنجي عمر جا بهترين ڏينهن پٿرائين رستي تي، ٻاٻرن ڪنڊن تي هلندا رهيا آهيون،جتي چئني طرفن کان حقارت ۽ نفرت جي نظرن جا تير اسانکي لڳندا رهيا آهن، اُتي جيڪڏهن اوهان پارن پيارن ماڻهن طرفان ايڏي محبت ملندي رهندي ته هر مشڪل مرحلي تان کلندي گذري وينداسون.
اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته اُنجو پورو مفهوم ادا ڪرڻ لاءِ ڊڪشنريءَ ۾ ڪو لفظ شايد ئي هجي، اسان سنڌ جي تاريخ جي سڏ جو جواب آهيون، ۽ سنڌي قوم جي هن موقعي تي ضرورت پڻ، ماڻهن کي وقت جي اٿل پٿل وڏي جستجو ۽ ڳولا کان پوءِ ڳولي لڌو آهي، ان لاءِ ته اسان هن سرزمين تي نه صرف نئين سنڌ تشڪيل ڏيون، پر هڪ نئين ۽ نڪور سنڌي قوم ۽ هڪ تاريخ ساز سنڌي ماڻهو ٺاهيون ۽ پنهنجي هن ننڍڙي ڪائنات جا خالق بنجي وڃون.
توهانجي هتي جي يارن ڪا گرم جوشي ڪا نه ڏيکاري، پوءِ به کين سلام پهچائيندو رهيو آهيان. صرف ”جان من“ (ايوب شورو) جوابي سلام لکڻ لاءِ چيو، ان ڪري سندس ۽ رحمت الله، اقبال ۽ پرويز جا سلام قبول ڪندا، اتي اشرف، اختر، عمر، ملباري، جمعي، مٺل کي سلام چوندا،جمالي ته گهڻو ڪري ڇٽي ويو هوندو.
پياري صمد ڪانڌڙي کي سلام، چئجوس ته ڏاڍو ياد ايندو آهين، ڇو ته هتي گنجن بندن ۽ ٽيڏن جا ڀنڊار لڳا پيا آهن.
سائين راشد، ۽ پياري مٺل حيدريءَ ڏانهن خط ۾ منهنجا سلام نياز ۽ حق موجود لکندا.
نياز مند
عبدالواحد آريسر
ناراجيل
[b][2]
[/b]
پيارا سائين علڻ لڪياري!
جيئي سنڌ! توهان ڏانهن هڪ خط موڪلي چڪو آهيان، اميد ته ملي ويو هوندو.
پيارا سائين! آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجي اندر ۾ ڪائي ازل جي اُڃ آهي، جيڪا ڪيترين ئي صورتن ۽ مورتن ڏسڻ سان به نه ٿي اُجهامي، انهيءَ اُڃ اُجهائڻ لاءِ مون اَجهاڳ سفر ڪيو آهي، ايترو اجهاڳ جو هن وقت جڏهن پوئتي مڙي ڏسان ٿو ته مونکي سندم سمورو پيچرو رت هاڻو ٿو نظر اچي، ۽ اهو سمورو رت منهنجي پيرن جي ڦٽن ۽ ڦلوڪڻن جو آهي. اها اُڃ ۽ تئونس صرف اوهان دوستن جي ويجهڙائي ۽ رفاقت سان ئي اجهامي سگهندي آهي، پر افسوس رڳو اهواٿم ته جيل ۾ رهندي به آءٌ توهان جهڙن دوستن جي رفاقت جي آب حيات مان ٻه ٽي سرڪيون ئي مس ڀريندو آهيان، ته وقت جو ظالم وهڪرو اسانکي جسماني طرح هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندو آهي. جيل جون سختيون منهجي لاءِ نئين ڳالهه نه آهن، سچ پڇو ته جيل جو حقيقي لطف ئي هاڻي اچي رهيو آهي، مونکي انتهائي فخر آهي ته هن دؤر ۾ يعني ان وقت جڏهن هي سرزمين پنهنجي فرزندن لاءِ صنوبر جي بدران ڪوڙا پيدا ڪري رهي آهي. سنڌ ۽ بنگال جي انسانن سان محبت جي جُرم ۾ آءٌ ڪوڙن لاءِ منتخب ٿيو آهيان، جيتوڻيڪ اتي ڪجهه ماڻهو پروپيگنڊا پيا ڪن ته آريسر ڏاڍو ڊنل هوندو. پر مونکي ان ماءُ جي هنج جو قسم جنهن ۾ مخدوم بلاول کيڏيو،ته سزا ٻڌڻ وقت توڻي مونکي اڄ، تر جيترو به فرق ناهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي آءٌ پاڻ حيران آهيان.
سلام شيخ صاحب،ٿيٻي صاحب ۽ ٻي سڄي سنگت کي چوندا.
نياز مند
عبدالواحد آريسر
نارا جيل
نوٽ: (هڪڙي ليٽرپيڊ، بليڊ،۽ منهنجا ڪي خط آيا هجن ته موڪليندا.)
[b][3]
[/b]
نارا جيل
1980-12-3
پيارا سائين علڻ شاهه صاحب! سدا خوش هجو.
جيئ سنڌ !
توهانجو ۽ صمد جو گڏيل خط مليو، آءٌ توهانجو انتهائي شُڪرگُذار آهيان، جو وقت بوقت مونکي ياد ڪندا رهو ٿا. هڪ فارسي شعر آهي ته:
دور افتادگان قسمت راياد کردن همت است،
ورنه هرتحل بپاء خود ثمري افگند.
يعني: مردانگي ته پري رهيل دوستن کي ياد ڪرڻ آهي، نه ته هرڪا کجور پنهنجي پيرن ۾ ميوو ته اڇلائيندي رهندي آهي.
اوهان جيڪا ڪيفيت پنهنجي والد صاحب جي اچڻ جي لکي آهي، سا پڙهي مونکي ته سچ پچ روئڻ اچي ويو. هڪ ته اهو روئڻهارڪو منظر ۽ ٻيو وري اوهان جهڙي پياري ۽ پنهنجي ماڻهوءَ سان. توهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا، ته منهنجي ڪهڙي ڪيفيت ٿي هوندي. اها ڪيفيت ۽ حالت ڏسي هڪ اديب سٺي ڪهاڻي يا شعر لکي سگهي ٿو، پر انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ منجهس حوصلو ۽ ولولو پيدا نه ٿيندو آهي. ان ڪري آءٌ چوندو آهيان، ته هڪ انقلابي ڪارڪن دنيا جو حساس ترين انسان هوندو آهي، سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل ۾ گندي ماحول کي ساڙڻ لاءِ ٽانڊا هوندا آهن، اهڙو ماڻهو جڏهن قلم کڻندو آهي ته گورڪي، ناظم حڪمت، ٽالسٽاءِ، هيمنگوي، لورڪا ۽ ماياڪو وسڪي ٿي ويندو آهي. يا اسانجي مستقبل جا لورڪا ۽ مايا ڪو وسڪي راشد مورائي ۽ تاج جويو جهڙا اديب ۽ شاعر ثابت ٿيندا.
سچ پچ هن دور ۾ اوهان جنهن عزم ۽ استقلال سان گُهگُهه اونداهيءَ ۾ روشن ۽ شاندار مستقبل لاءِ حالتن جو مقابلو ڪري رهيا آهيو.ان کي ڏسندي مون جهڙو ڪمزور ماڻهو به پنهنجي اندر ۾ شينهن جي دل محسوس ڪندو آهي. پيارا! فرق صرف سوچ جو آهي، جڏهن هڪ انسان پنهنجي هيڻي حالت تي نظر وجهندو آهي، ان وقت کيس رڳو اهو سوچڻ گهرجي ته هن ملڪ ۽ ديس ۾ اهڙي حالت لکن ڪروڙن ماڻهن جي آهي، ۽ اها حالت تبديل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي تاريخ اسانجي مٿان هڪ اهم ذميواري ۽ فرض عائد ڪيو آهي، ۽ اسانکي اهو فرض هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي، جڏهن سوچ جي رخ ۾ اها تبديلي آئي، ته ان ماڻهوءَ جي وفاداريءَ جي سرحد تمام وسيع ٿي ويندي، ۽ هو پوري قوم سان اهڙو وفادار ٿي پوندو جهڙو پنهنجي پيءُ زال ۽ ٻار سان.
نياز مند
عبدالواحد آريسر
[b][4]
[/b]
نارا جيل
1980-12-17
سدا باغ و بهار هجو.
پيارا سائين علي محمد شاهه لڪياري!
خط مليو ڏاڍي مهرباني، ۽ ڪروڙين قرب.
جڏهن به توهانجو خط ملندو آهي، تڏهن آءٌ ائين محسوس ڪندو آهيان، ته ڄڻ شينهن جي گوشت سان نيرن ڪئي اٿم، خبر ناهي اهو توهانجي محبت جو اثر هوندو آهي، يا اوهانجي بي پناهه محبت، قرب ۽ قومي جذبي جي طاقتور تاثير جو گڏيل معجزو.
توهانکي ۽ اسانکي وقت اهڙين حالتن ۾ گڏ ڪيو آهي، جڏهن ۽ جنهن وقت ۾ واقعي سچن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ڏڍ جي سخت ضرورت هوندي آهي. سچ پڇو ته اسانجي وچ ۾ جيڪو رشتو، جيڪو لاڳاپو، جيڪو ڳانڍاپو آهي، تنهن کي دنيا جي ڪنهن به لغت جو ڪوبه لفظ ادا ڪري نه ٿو سگهي. دوستي، پيار ۽ محبت کان اهو رشتو، تعلق، لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو، وڌيڪ اُچو، وڌيڪ گهرو، وڌيڪ پائدار، وڌيڪ مٺو ۽ دل ۽ دماغ جي بي پناهه قوت سان جاءِ وٺندڙ آهي. جنهن کي زماني جي ڪابه گردش ڪو به لوڏو ۽ ڪوبه طوفان پنهنجي جاءِ تان لوڏي يا ڌوڏي نه ٿو سگهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو ڌاڳو صفا ڪچو به ثابت ٿيندو آهي، پر اهو با مقصد ۽ سچن ماڻهن کي، جيڪي بيغرض هوندا آهن، تن جي وچ ۾ فولادي زنج^ير ثابت ٿيندو آهي. مون مٿي لفظ ”بيغرض“ استعمال ڪيو آهي، مولانا آزاد لکيو آهي، ته بيغرض اهو ماڻهو آهي جنهن کي ڪابه تلوار وڍي نه سگهي. پر ان معنيٰ کي اهوئي سمجهي سگهندو. جيڪو خودغرض ۽ لالچ کان مٿاهون هوندو آهي. اهڙن مخلص ۽ بيغرض ماڻهن جي لاڳاپي لاءِ هڪ شاعر چيو آهي.
تَزُوْل الجِبَالِ الرّاسِياتُ وَ قَلبُهُمˆ،
عَنِ الحُبِّ لَايَخلُو وَلا يَتَزَلزَلُ.
يعني: مضبوط پهاڙ پنهنجي جاءِ ڇڏي سگهن ٿا، پر انهن ماڻهن جون دليون پريم کان ڪڏهن به خالي ٿي نه ٿيون سگهن.
سو پيارا سائين علڻ شاهه! پنهنجي وچ ۾ به اهڙو ئي تعلق آهي.
ٻيو عرض ته اوهانجي ائڊريس تي منهنجو جيڪڏهن ڪو خط آيو هجي، ته موڪليندا، خالق چيو هو ته مون علي محمد شاهه جي ائڊريس تي خط موڪليو آهي. توهان وٽ منهنجي لکيل ڊائري ۽ ٻن فقيرن تي مضمون آهن، سي ڪنهن طريقي سان موڪليندا ته آءٌ سلسلو اڳتي وڌايان.
سلام، سليم، جان من، مشتاق، نظام،پرويز جا قبول ڪندا.
اهو ٻڌائيندا ته آءِ ــ جي جيلز رائونڊ وقت ڪيتري معافي ڏني.
نيازمند
عبدالواحد آريسر
[b][5]
[/b]
1981-10-3
محترم سائين علي محمّدشاهه!
جيئي سنڌ:
سائين، مونکي افسوس آهي، جو آءٌ توهانجي ملاقات تي اچي نه سگهيو آهيان. حقيقت هي آهي ته هتي آءٌ 24 ڪلاڪ نظر هيٺ آهيان، جيڪڏهن ڪيڏانهن نڪران ٿو ته اطلاع ڪري ۽ واپسيءَ تي ٻڌائڻو ٿو پويم. سخت ذهني ۽ نفسياتي پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيان. مون سان ملندڙ جلندڙ هر ماڻهوءَ کي پريشان ڪيو ٿو وڃي. ان جي باوجود اوهانجي يادگيريءَ کان غافل نه آهيان.
اوهانجي والد جي وفات جي خبر مونکي دير سان سائين نربادشاهه ٻڌائي، مون اهو به ٻڌو هئو ته اوهانکي آزاد پيا ڪن، جنهن لاءِ اوهانکي گهرايو به ويو هئو. ان جي باوجود مون اوهانکي خط لکيو هو، خبر ناهي ڇو نه مليو.
اوهانجي والد صاحب جي وفات جو جيڪو صدمو مونکي ٿيو. تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهان. آءٌ اڄڪلهه شهرن کان پرڀرو ٿو رهان. جيئن ڪجهه وقت ٻاهر رهي سگهان، شهري دوست ڪانه ڪا آزادي کي خطري ۾ وجهندڙ ڳالهه ٻڌائيندا رهن ٿا.
شيخ مجيب الرحمٰن صاحب جي ڪوڙن جي خبر ٻُڌي، منهنجا خدشا صحيح ثابت ٿيا.
سلام. شيخ مجيب، نورل، استاد، قمر راڄپر، ميان امان الله شاهاڻي، لاشاري صاحب، مشتاق نظام، جان من کي چوندا.
نيازمند
عبدالواحد آريسر
[b] [6]
[/b]
1982-1-12
سدا خوش هجو.
پيارا سائين علي محمد شاهه لڪياري!
جيئي سنڌ:
توهانجو جو2-1-1982 تي لکيل خط مونکي 7 جنوريءَ تي مليو. حال احوال معلوم ٿيو.
پيارا سائين علڻ شاهه! آءٌ ڏاڍو شرمسار آهيان، جو توهانجي ملاقات تي نه اچي سگهيو آهيان، ۽ ان نه اچڻ جا ڪيترائي معقول سبب ڏيئي سگهان ٿو، پر پوءِ به دل مُطمئن نه ٿي ٿئي. وڏي ڳالهه ته ٻاهر رهي توهانجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهيان، اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي سگهو ٿا.
منهنجي طبيعت سخت خراب آهي، ايڪسري مان خبر پئي ته مثاني ۽ گڙدي جي وچ واري نَليءَ ۾ ٻه پٿريون آهن،۽ ساڄي پاسي واري بُڪيءَ جي سائيز وڌي وئي آهي، ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏنو پر اهو مشورو مون قبول نه ڪيو، جو سمجهيم ته آپريشن مان ڪوبه فائدو ڪونهي، پٿري وري وري پئي ٿئي. هاڻي هندستاني گوريون جيڪي عام طرح ”پٿري ٽوڙ“ گورين جي نالي سان بازار ۾ ملن ٿيون سي کائيندو رهان ٿو.
توهانجي لاءِ ڪپڙن جي ٻن جوڙن لاءِ مون اديب انقلابيءَ کي چيو هو، سي توهانکي مليا يا نه؟ باقي 17 تاريخ کانپوءِ توهانکي بوٽ ملندو، ان لاءِ اوهانجي پيرن جي ماپ لاءِ راشد مورائي کي چيو ويو هو، ان تي عمل ٿيو يا نه؟
آءٌ 17 يا 18 تاريخ سائين ارباب علي شاهه وٽ ويندس، جيڪڏهن ٻيو ڪو واقعو يا حادثو پيش نه آيو ته. شيخ مجيب کي نياز. منهنجي لاءِ منٺارن جو ملڪ ممنوع علائقو بنجي ويو آهي، نه ته شيخ صاحب لاءِ ڪجهه ڪوشش ڪريان ها.
نيازمند
عبدالواحد آريسر
[b][7]
[/b]
حيدرآباد
1982-12-13
محترم علي محمد شاهه صاحب!
حق موجود:
توهانجي آزاد ٿيڻ جي خبر سان ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اڄ توهانجي پڇا لاءِ محترم قربان علي شاهه لڪياري ايڊووڪيٽ جي آفيس تي آياسون، ته خبر پئي ته توهان صبحاڻي آزاد ٿيندؤ.
اميد ته صُبحاڻي ملنداسون.
خدا ڪري خيريت سان آزاد ٿي ڳوٺ جي پرفضا ماحول ۾ صحت کي وڌيڪ سڌاريو.
نيازمند
عبدالواحد آريسر